28/09/2014

چَيتَارَي چَوَنديَاسِ، ڳالهيُون سَڀَوئي سَڄَڻَين

چَيتَارَي چَوَنديَاسِ، ڳالهيُون سَڀَوئي سَڄَڻَين
جُه مُقَابِلِ ٿِيَاسِ، تَه سَڀُ وَڃَنِمِ وِسِرِي

سُرُ رِپَ

چيتاري = دل سان، مَنَ سان- چتُ جي معنى آهي دل يا مَنُ. چيتاري لفظ به چتُ مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنى ٿيندي جيڪي ڳالهيون دل ۾ سانڍيل آهن سي ڳڻي ڳڻي، هڪ هڪ ڪري.
چَوَنديَاس = چوندي مانس
جُه = جڏهن، جنهن گهڙي، جنهن پل، جنهن وقت، جنهن ويل، جنهن مهل
مُقَابل = مُنهَن تي، آمهون سامهون
ٿيَاس = ٿينديس
وَڃَنِمِ = وڃن ٿيون

بيت جو منظر

مون جيڪي ڳالهيون دل ۾ سانڍي رکيون آهن ته تون مون کي صفا وساري ڇڏيو آهي، دل تان لاهي ڇڏيو آهي، منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب نٿو ڏين، تنهنجي آڏو منهنجي ڪا حيثيت ڪانهي، اهميت ڪانهي، تون شايد ڪٿي ٻئي هنڌ لنئون لڳائي آهي ۽ اڃان ٻيون به الائي ڪيتريون ڳالهيون چوندي مانس جڏهنمحبوب ملندا.
پر جڏهن گهڻي عرصي بعد محبوب سان ملاقات ٿي ته الائي ڇو؟ ڪهڙي سبب؟ ڇا جي ڪري؟ سڀ وسري ويون، چپ رهيس، هڪ به چئي نه سگهيس.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي سا اها ته نه ڄاڻ ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهو پنهنجي محبوب جي آڏو اظهار ناهي ڪري سگهندو. سبب ته الائي ڪهڙو آهي؟ جو مان، توهان ۽ اسان سڀ هونئن ته سڀني جي سامهون پنهنجي خيالن جو ڀرپور اظهار ڪندا آهيون، پر اها هستي جيڪا محبوب جو درجو رکي ٿي ان جي سامهون الائي ڇو چپ سبيل رهجي ويندا آهن، بُتَ بڻجي ويندا آهيون.
شايد ان ڪري جو هو محبوب آهي ۽ ان جو تصور ۽ تصوير رات ڏينهن دل ۾، اکين ۾ ۽ هر شئي ۾ هر پل رهي ٿي. تنهنڪري جڏهن محبوب سامهون ٿو اچي ته سڀ وسري ٿو وڃي. اها شايد پيار جي انتها آهي.

_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

25/09/2014

ڪَو جَو قَهَرُ ڪَلَاچَ ۾، جَو گهڙي سَو نئَي

ڪَو جَو قَهَرُ ڪَلَاچَ ۾، جَو گهڙي سَو نئَي
خَبَرَ ڪَو نَه ڏئَي، رَڇَ ڪُڄَاڙي رَنڊيَا !!؟

رَڇَ = ڄَارَ
ڪُڄَاڙَي = ڇو؟ ، ڇا لاءِ؟ ، ڇا جي ڪري؟
رَنڊيَا = روڪيا ويا، ڦاسي پيا، جهلجي پيا

بيت جو منظر

اڄ ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ ڪو ته ڪيسُ, قهرُ , ظلم ٿئي پيو جو جيڪو گهڙي ٿو سو ڳوليو نٿو لڀي.
آخر ڪهڙو سبب آهي؟ نيٺ ڇو؟ ڇا لاءِ ؟ ۽ ڇا جي ڪري؟ ,اهڙو ڪو به ناهي ڇا؟ جيڪو اهيا خبر ڏئي ته هن اوڙاهه اندر ڄارَ ڇو ڦاسي ٿا پون؟ ڪو ته سبب هوندو..!!؟

سمجهاڻي

ڀٽائي هر دور جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ ايڏي وسعت آهي جيڏي هيءَ ڪائنات وشال آهي. هي بيت بظاهر ته مورڙي جي ڀائرن کي مانگر مڇَ جي کائي وڃڻ واري پس منظر ۾ لکيل آهي . جڏهن ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ رهندڙ مانگر مَڇَ مورڙي جي ڀائرن کي ڳڙڪائي ويو هو.
پر ڀٽائي اصل ۾ سنڌي قوم کي سمورن مانگر مڇن پوءِ اهي سنڌي دلال وڏيرا، پير، مير، ڪامورا ۽ وقت جا غدار حڪمران هجن يا پنجابي، پناهگير هجن انهن سڀني جي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف قوم کي خبردارڪيو آهي. اڄ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ روزاني بيگناه ماڻهن جو قتل عام جاري آهي. وري ظلم هي آهي ته جن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيوسين، سي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جا سانباهاپيا ڪن.اچو ته ڀٽائيءَ جي هن عظيم فڪر کي سمجهون، پروڙيون ۽ پوءِ ان تي عمل به ڪيون.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

گُوندَرَ هَٿ نَه پَيرَ، وِرِهُ مَنجهينِ وَهَڻَو

گُوندَرَ هَٿ نَه پَيرَ، وِرِهُ مَنجهينِ وَهَڻَو
ڪُڙِه ۾ قَطَارُون ڪَرَي، سُورَن لَايَا سَيرَ
مُون جيئَن گهارَي ڪَيرَ، هَيڪلي ريءَ سَڄَڻَين

سُرُ رپَ

گُوندَرَ = غم، ڏک، پريشانيون، اذيتون، ڀوڳنائون، پيڙائون
ورهُ = عشق
مَنجهين = اندر، اندر ۾
وَهَڻَو = جاري، سنڌوءَ جي تيز وهڪري جيان پيو وهي
ڪُڙه = قلب، ڪُک، سرير
سَيرَ = واٽون، دڳ، پيچرا، لنگهه، چارا، گس، رستا

بيت جو منظر

غمن، ڏکن، ڀوڳنائن، پيڙائن ۽ اذيتن کي ڪي هٿ ۽ پير ته ڀلا ناهن ٿيندا نه، جو ايندي ويندي، اٿندي، ويهندي، لُڇندي ڦٿڪندي، پاسا ورائيندي ڪنهن کي ڏسڻ ۾ اچن. هوڏانهن اندر ۾ محبوب جو عشق وري الڳ سنڌوءَ جي تيز وهڪري جان پيو وهي، ساهه ڪڍي، ٻوڙي ماري، چيچلائي ۽ چيڀاٽي ٿو.
قلب ۾، جيءَ ۾، ڪک ۾، سڄيءَ جان ۾، سورن ته ڄڻ دڳ، رستا، واٽون، پيچرا، ۽ لنگهه ٺاهي ڇڏيا آهن. هڪڙا اڃان ويا ئي ناهن ته مٿان وري ٻيا اچيو ٿا ڪڙڪن.
محبوبن کان سواءِ هينئن مون جيان ڪا اڪيلي ته هيڏي جبل جيڏي اذيتن واري زندگي گذاري ڏيکاري.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جا انيڪ موضوع آهن، جيترا به هن ڪائنات ۾ لقاءَ، مظهر، ڏيک، حسناڪيون، دلڪشيون، پيڙائون ۽ اذيتون آهن سي سڀ ڀٽائيءَ جا موضوع آهن. ڀٽائيءَ جي مشاهدي جو ڪو انت ناهي. هو سيلاني هيو ۽ سندس اک هر عڪس، هر اولڙي، هر منظر ۽ هر مظهر کي فلمبند پي ڪيو. سندس فوٽوگرافي ۽ منظرنگاري ڪمال جي آهي. سندس ڏات ۽ ڏانءُ بي مثال، شاندار ۽ شاهڪار آهي.
مٿئين بيت ۾ ڀٽائيءَ جنهن انداز م غمن، پيڙائن ۽ اذيتن کي اظهاريو آهي سي پڙهي جيءُ جهري ٿو پئي ۽ اکيون لڙڪ لاڙي ٿيون ويهن.

_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

24/09/2014

اَئين جَا لُڏَو لَوڏَ، اِيءُ پَرِ گهاتُوئَڙنِ جِي

اَئين جَا لُڏَو لَوڏَ، اِيءُ پَرِ گهاتُوئَڙنِ جِي
ڪُنَ ڪَلَاچيءَ ڪَوڏ، سُکِ نَه سُتَا ڪَڏِهين

سر گهاتُو

اَئين = اوهان، اوهين
لُڏَو = ناز ۽ انداز سان هلو ٿا، ٽلو ٿا، چرپر ٿا ڪيو، رٿابندي ٿا ڪيو، حڪمت عمليون ٿا جوڙيو.
لَوڏَ = چال، ڍنگ، هلت،انداز
گهاتُوئڙن = مڇي ماريندڙ مهاڻا - گهاتوئڙن جمع آهي واحد اٿس گهاتُو، گهاتُو اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو ئي لفظ آهي جنهن جي معنى آهي ماري يا شڪاري. جيئن ته هن سُرَ ۾ مڇي مارڻ جو ذڪر آهي تنهنڪري مٿس "گهاتُو" نالو رکيو ويو آهي.
ڪُنُ = وهندڙ پاڻيءَ ۾ اوچتو ڪو خال پيدا ٿئي ٿو ۽ چئني پاسن کان پاڻيءَ جو تيز وهڪرو اچي گول دائري ۾ ڦرندو آهي ۽ شين کي پاڻ ڏانهُن ڇڪي هيٺ کڻي وڃي ٿو.
ڪلاچي = دودائي بلوچن جي هڪ ذات جا ماڻهون جن کي ڪلاچي سڏيو ويندو هو. اهي ڳوٺ ٻڌي ويٺا هئا ان ڳوٺ جو نالو ڪلاچي هئو.

بيت جو منظر

ڀٽائي ڪلاچيءَ جي مهاڻن سان مخاطب ٿي چئي ٿو ته اوهين جنهن ڍنگ سان، عزم ۽ حوصلي سان، چر پر ڪيو ٿا ۽ حڪمت عمليون جوڙيو ٿا. تنهن مان لڳي ٿو ته اوهان دلير، بهادر ۽ مڙس ماڻهو آهيو.
ڪلاچيءَ جي ڪُنَ تان سر گهورڻ لاءِ توهان آتا آهيو. توهان جو عزم، همٿون، جوش، جذبا ۽ للڪارون ڏسي ڀانئجي ته اوهان ڪڏهن سک ۽ چين سان سمهيا ئي ناهيو.

سمجهاڻي

ڀٽائي هڪ عظيم شاعر علاوه هڪ تمام وڏو دانشور به آهي. دانشور جي نظر نه رڳو ماضي ۽ حال تي هوندي آهي پر هو مستقبل ۾ ايندڙ خطرن کان پنهنجي قوم کي آگاهي به ڏيندو آهي. ڀٽائيءَ جو هي بيت ساڍا ٽي سؤ سال اڳ جو لکيل آهي پر سنڌ جي اڄوڪين حالتن سان ٺهڪي ٿو.
اڄ ڪلهه منهنجي جيجل سنڌ کي ڪيترائي خوف ۽ خطرا لاحق آهن. سنڌ جي وحدت تي وار ٿي رهيا آهن، سر عام سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جا روز پيا اعلان ٿين.اڄ وري ڪلاچي مانگر مڇن جي گهيري ۾ آهي، نشاني تي آهي.
ڀٽائي اسان کي خبردار ٿو ڪري ته پنهنجي عزم، حوصلي، اورچائي، ڏاهپ، رٿابندي ۽ حڪمت عملين سان سنڌ تي ٿيندڙ خطرن کي مڙس ٿي منهُن ڏيو . هاڻي سک ۽ سڪون سان ننڊون ڪرڻ جو وقت ناهي.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

23/09/2014

ڪَو جَو ڪَامَڻُ مَي، آهي اَکَڙيُن ۾

ڪَو جَو ڪَامَڻُ مَي، آهي اَکَڙيُن ۾
تَنُ تماچيءَ ڄام جو، نَاڀُون پَايَو نَي
عشقُ ايئَن ڪري، جيئَن ڄارَو ڄام ڪُلهي ڪَيَو

سُرُ ڪاموڏ
(نوري ڄام تماچي)

ڪَامَڻُ = جادو، مَنڊُ، اسرار. ڪامڻ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ڪارمڻ مان ورتل آهي.
تَنُ = جسم بدن
نَاڀُون = نوڪون، چوٽيون، چهنبون، نيزن ۽ ڀالن جون نوڪون. لفظ ناڀون سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ نکَ ۽ فارسي ٻوليءَ جي لفظ ناخن مان ورتل آهي.
نَي = نئي،کنيو وڃي، ڇڪيو وڃي.

بيت جو منظر

نوريءَ جي نيڻن ۾ ڪو ته اهڙو اسرار آهي، جادو آهي، چقمق آهي، ڪشش آهي جو ڄام تماچيءَ جهڙي بادشاهه جَي جسم کي ڄڻ نيزن جَي نوڪن تي کنيو پاڻ ڏانهُن ڇڪيو ٿي وڃي.
عشق ته بادشاهن جي مٿان بادشاهي ٿو هلائي. عشق ماڻهونءَ جي سڄي هستي، مستي ۽ انا ختم ڪري نوايو ڇڏي. تنهنڪري ئي ته ڄام تماچيءَ جهڙا به ڄارَ ڪلهن تي کنيون وتن ٿا مڇيون ماريندا.

سمجهاڻي

هن عشق الائي ڪيترا گهر اُجاڙي ڇڏيا آهن. ڪي جنت مان تڙيا ويا، ڪي باهه ۾ ساڙيا ويا، ڪي طور تي بيهوش ٿي ڪري پيا، ڪن کي ڪرٽ سان چيريو ويو، ڪي ڪُسڻَ لاءِ تيار ته ڪي ڪربلا جي تتل واريءَ تي ڪُٺا ويا.
عشق جنهن کي لڳي ٿو تنهن جو سرور، سڪون، چين ۽ آرام کسي ٿو ڇڏي ۽ کيس موٽ ۾ ڏئي ٿو انتظار، اوسيئڙا، اوجاڳا، اذيتون، عذاب ۽ ڀوڳنائون. عشق بادشاهن کي فقير ڪري ٿو ڇڏي ۽ عشق بادشاهن کي ڄارَ ڪلهن تي کڻائي مڇيون ٿو مارائي.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

22/09/2014

نُوريءَ جَي نَوَازيَو، ٿيَو تماچي تَي

نُوريءَ جَي نَوَازيَو، ٿيَو تماچي تَي
گاڏيءَ چاڙهي گندري، مَاڙهُو ڪَيَو مَي
ڪينجُهر چُندا ڪَي، ته سَچُ سَڀائي ڳالهڙي

سُرُڪَاموڏُ
نوري ڄام تماچي

تماچي = ڄام تماچي - سَمَا جادو گهراڻي جا راجپوت هئا. ٺٽو سندن گاديءَ جو هنڌ هيو. ڄام انڙ پهريون ۽ ڄام فيروز خان آخري حڪمران رهيو. ڄام تماچي سن 1333ع ڌاري تغلق گهراڻي سان بغاوت ڪري تخت نشين ٿيو.
تَي = تڏهن، تنهنڪري
گندري = مهاڻن جي ذات - هن سُر ۾ ڀٽائيءَ مهاڻن جي ڪيترين ئي ذاتين جو ذڪر ڪيو آ انهن مان "گندرا" به هڪ ذات آهي.
مَاڙهُو = ماڻهون
مَي = مُهاڻي
چُندا = چوندا، شاهدي ڏيندا
ڪَي = ڪيترائي
سَچُ سَڀائي ڳالهڙي = ته ها اها سچي ڳالهه آهي.

بيت جو منظر

تاريخ ۾ ڄام تماچيءَ کي نوريءَ جي ڪري شُهرت، مشهوري ۽ امرتا ملي نه ته سَما گهراڻي جا ٻيا به ڪيترا حڪمران هيا. جيڪڏهن ڄام تماچيءَ نوريءَ کي نوازيو هو ته وري نوريءَ جي ڪري ڄام تماچيءَ کي سڃاڻپ ملي.
ڄام تماچيءَ پنهنجي شاهيءَ گاڏيءَ ۾ نوريءَ کي شاهي آدابن سان چاڙهي سير ڪرايو ۽ کيس مهاڻيءَ مان پَٽَ راڻي بڻائي ماڻهپو عطا ڪيو.
اڄ تائين به ڪيترائي ماڻهون ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ۽ تصديق ڪندا ته ها اهيو سچ ۽ حقيقت آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو شين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ نرالو انداز آهي. هن وٽ مرد جي حيثيت ثانوي آهي. ڀٽائي عورت جي عظمت جو حامي آهي، تڏهن ئي مرد سندس هيرا ناهن پر عورتون سُورميُون آهن جن مان نوري به هڪ آهي.
ڀٽائيءَ جو خيال آهي ته سَما گهراڻي جا ڪيترائي حاڪم ٿي گذريا آهن جن جو تاريخ ۾ ڪو ورلي نالو ملندو، پر جيڪا مڃتا ۽ مشهوري ڄام تماچيءَ کي ملي سا ٻين کي نه ۽ اها "نوريءَ" جي ڪري ملي .

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

21/09/2014

هَٿَين پَيرَين ارِکڻين، مُنهَن نهَ مُهاڻي

هَٿَين پَيرَين ارِکڻين، مُنهَن نهَ مُهاڻي
جئَن سَڳو سُرَندَڙَي، تِئَن راڻيُنِ ۾ رَاڻي
اصُلُ هُئِي اُنَ کي، اَهَلَ جَامَاڻِي
سَمَي سُڃاڻِي، ٻِيڙَو ٻَڌُسِ ٻَانهَن ۾

سُرُ ڪاموڏ

(نوري ڄام تماچي)

اَرکَڻَين = وصفين، عضوين، مُنهَن مُهانڊي، ناز انداز ۽ ادائون. هي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ارکڻن يا اَوَلَو مان ورتل آهي.
سُرَندَڙَي = سُرندو- وڄائڻ جو ساز
جئَن سَڳو وچ سُرَندَڙَي= سرندي جي تارن سان گڏ وچ ۾ هڪ وٽيل سڳو به هوندو آهي. جيڪو سڀني تارُن ۾ خاص اهميت وارو هوندو آهي ڇو ته راڳ ستن سرن مان پهريون سُرُ "سا" هن ئي سڳي مان نڪرندو آهي. ٻين سڀني تارُن جو مدار به ان سڳي تي آهي، تيئن ئي نوري به راڻين ۾ پَٽَ راڻي ۽ مها راڻي هئي.
اَهَلَ = لاڙو، ڊولُ، ڍنگ، طرز، طريقو، انداز، نمونو.
جَامَاڻي = شاهاڻي، شهزادين جيان، راڻين جيان
ٻِيڙو = نڪاح جو ڳانو، ڳاڙهو ڌاڳو- مڱڻي يا پرڻي ويل گهوٽ ڪنوار کي ڳاڙهي اُنَ يا سُٽَ جو ڌاڳو ٻڌندو آهي، جنهن سان پريت وڌندي آهي.

بيت جو منظر

نوري پنهنجي سُونهَن سوڀيا، حسن ۽ دلڪشيءَ ۽ مُنهَن مُهانڊي، هٿين پيرين، وصفين، ناز انداز ۽ ادائن ۾ مُهاڻي ته بلڪل به نه لڳندي هئي.
جيئن سرندي جي تارن سان هڪ وٽيل سڳو هوندو آهي تيئن ئي نوري راڻين ۾ پَٽَ راڻي ۽ مَهَا راڻي هئي.
نوري ڄائي ڄم کان ئي حسين ته هئي پر ڄڻ ڪا ڪوهه ڪاف جي پري ۽ اُپسرا لڳندي هئي، وينگس لڳندي هئي. سندس ادائون هيون ئي شاهاڻيون.
تڏهن ئي ته ڄام تماچيءَ کيس پرکي ٻانهَن ۾ ڳانو ٻڌو هو ۽ پنهنجي پَٽَ راڻي بڻايائينس.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت حسن،سُونهَن، سوڀيا، سندرتا، دلڪشين، حسناڪين ۽ جماليات جو مظهر آهي. نوري جيڪا هونئن ته مُهاڻي هُئي پر ڄام تماچي سندس ناسي نيڻن، ريشمي زلفن، ناز انداز ۽ ادائُن جو اَسيرُ بڻجي ويو هو. سندس نوري نالو تنهنڪري رکيائونس جو هوءَ سراپا مجسم سُونهَن ۽ نُورُ هئي.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

19/09/2014

جت کَرَڙ کَٿَا ۽ کاهيُون، پالَ، پَڪَا ۽ پَڪَ

جت کَرَڙ کَٿَا ۽ کاهيُون، پالَ، پَڪَا ۽ پَڪَ
سَرهيُون سي سرتيون، حاضُر پاسي حَق
ماروئَن سين ماڻيان، شالَ مُدائتي مَڪ
کنڪاريان خَلَق، جا ٿرَ ڄائي ٿوهرين

سُرُ مارئي

کَرَڙ = اُن جون فراسيون
کاهيُون= ڏاس جا ٺهيل ٻورا يا خرزينون
پالَ = ڪکانوان جهوپڙا
پَڪا = ڪرڙ جا پڪل ڏيلهُون، ڏؤنئرا
پَڪَ = پڪل گدرا
سَرهيُون = خوش
حَق = ڀتار، ڪانڌ
مَڪ = کٻڙ جي وڻ ۾ هڪ ڳاڙهيرو ٻاجهريءَ جي داڻي جيترو ميوو.
کنڪاريان = کيڪاريان

بيت جو منظر

او عمر ! منهنجي مارن جي ملڪ ۾ اوني فراسيون،کٿا، ڏاس، ڪکاوان جهوپڙا، لال ڏؤنئرا ۽ گدرا به ٿين.
عمر منهنجي اباڻي وطن جون ماروئڙيُون رڳو پنهنجي ئي وَرَ سان محبت ڪنديون آهن ٻئي پاسي نهارين به ڪونه.
منهنجي دل ٿي چئي ته شال ماروئڙيُن سان گڏجي کٻڙ جو ميوو ماڻيان ۽ ٿر وڃي، جيڪي ڄاوا ۽ نپنا ئي ٿوهرن ۾ آهن تن سان کليل فضا ۾ ساهه کڻان.

سمجهاڻي

ڀٽائي سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر جو محافظ آهي. هن بيت ۾ ڀٽائي ٿر جي لباس، ۽ ماروئڙيُن جي عزت، عصمت جي گواهي به ڏئي ٿو ته فخر به ڪري ٿو. ڀٽائي سنڌ جي تهذيب، تاريخ ۽ ڪلچر کي هميشه لاءِ اَمَرُ ڪري ويو آهي.


______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

18/09/2014

آڻين ڪي چاڙهين، ڏُٿُ ڏهاڙي سومرا

آڻين ڪي چاڙهين، ڏُٿُ ڏهاڙي سومرا
سَٿَا ڪيَو سيد چئي، سَائُون سُڪَائين
مَنجَهان لُنبَ لطيف چئي، چائُرَ ڪيو چاڙهين
پُلاءُ نَه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين.

سُرُ مارئي

ڏُٿُ = ٿر جي علائقي جو اهو انُ جيڪو گاهن مان حاصل ٿئي. جهڙوڪ سَائُون، مانڌاڻو، مکڻي، ڀُرٽ وغيره.
سَٿا = ڍڳ ڪري رکڻ، لڻيل پوک کي ميڙي سٿريون ٺاهي گڏا ٻڌي هڪ هنڌ ڍڳُ ڪري رکڻ.
سَائُون = هي گاهه جو قسم آهي جنهن جي سنگن مان اَن جا داڻا نڪرندا آهن مارو پيهين اٽو ڪري ماني پچائيندا آهن.
لُنبَ = هي به گاهه آهي جيڪو وسڪاري کان پوءِ ڄمي ٿو. ڊيگهه ۾ هٿ جيترو پن سنها وارن جهڙا ۽ چوٽين وٽ تکا ٿيندا آهن. سائو گاهه مال نه کائيندو آهي، سڪڻ تي ڀوري رنگ جو ٿيو پئي. هن جي کائڻ سان مال کير به جهجهو ڏئي ۽ مکڻ به سوايو نڪرندو آهي. هن مان سنهڙو اَنُ به نڪرندو آهي جيڪو مارو ڀت رڌي کائيندا آهن.
چَائُرَ = چانور
آراڙي = گاهه جو قسم جيڪو وسڪاري بعد ٿئي ٿو. پن سنها ۽ چوٽيءَ ۾ اڇا گُلَ به ٿينس. مارو گلن سوڌو وڍي ان مان ڀاڄي ٺاهين. ان کي ٽهڪائي ڏڌ ۾ وجهي ان مان رائتو به ٺاهين. آراڙي ذائقي ۾ کٽي ٿيندي آهي، ٿري ان کي ڦوگسي چون. لاڙ ۾ وري ڏئونرن جي ٻج مان ڀت رڌين جنهن کي آراڙو چون ٿا.

بيت جو منظر

او عمر جڏهن منهنجي مارن جي ملڪ تي وسڪارو ٿيندو آهي ته مارو ماڻهون ڏٿُ گڏ ڪري مال کي کارائيندا آهن. انهن گاهن مان حاصل ٿيندڙ اَن کي پيهي ماني به پچائين ۽ ڀت به رڌي کائين.
او عمر ! اهو ماروئڙن جو آراڙي پُلاءُ تنهنجي هنن ڳاڙهن ٻوڙن، ست رڇي طعامن کان وڌيڪ ٿي ڀانئيان.

سمجهاڻي

ڀٽائي دنيا جو عظيم شاعر آهي سندس عظمت جو اهڃاڻ مسڪين، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ستايل، پيڙهيل ماڻهن جي ڏکن ۽ دردن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائڻ آهي. هن بيت ۾ ڀٽائيءَ جو مشاهدو ڪمال جو آهي. لڳي ٿو نه رڳو ڀٽائي ٿر ويو هوندو پر مارن جي لباس، ٻولي، ثقافت، ريتن رسمن ۽ مارن جي وطن سان محبت ۽ کاڌي پيتي جو چڱيءَ طرح اڀياس به ڪيو اٿائين.تڏهن ته ڀٽائي مارن جي ڏُٿَ کي امير ماڻهن جي ٻوڙن ۽ پلائن تي ترجيح ڏئي ٿو.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

14/09/2014

سَوڍَا سُورَ سُڪائيُون، اکيون آبُ نه ڪَن

سَوڍَا سُورَ سُڪائيُون، اکيون آبُ نه ڪَن
رَاڻَي جي رهَاڻ کي، ورُوڻيون وَڃَن
سي ڪيئن مينڌرَا مَچَن، جي تو سُوريءَ چَاڙهيُون.

سر مومل راڻو

ڏکين لفظن جي معنى

سُڪائيُون = خشڪ ۽ سُڪي ويل اکيون جن مان گهڻي روئڻ ڪري هاڻي ته ڳوڙها ئي سُڪي ويا آهن.
آبُ = پاڻي، هتي مع نىٿيندي لُڙڪَ، ڳوڙها، هنجُون.
رهاڻ = ڪچهري، پرينءَ سان گهاريل پَلَ.
وَرُوڻيون = روئڻهارڪيون، بيچين، بيتاب.
مَچَن = کلي خوش ٿين، طاقت ڪن، باغ بهار ٿين، سَرهيون ٿين.
سُوري = ڦاهي، ڦاسي.

بيت جو منظر

او سوڍا !! تنهنجي فراق، وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ منهنجيون اکيون روئي روئي سُڪي خشڪ ٿي ويون آهن. هاڻي ته هنن اکين مان لڙڪ به وهڻ بند ٿي ويا آهن، پاڻي ئي سُڪي ويو اٿن.
او راڻا !! هي منهنجيون اکيون تنهنجي رهاڻين، ڪچهرين، توسان گڏجڻ ۽ توکي ڏسڻ لاءِ ڏاڍيون بيتاب رهن ٿيون.
او مينڌرا !! هنن اکين کي ڀلا ڪهڙو سُڪون ۽ قرار هوندو. هي نيڻ ڀلا ڪيئن خوش رهندا ۽ سَرهَا ٿيندا جن کي تو ڦاسيءَ چاڙهي ڇڏيو آهي.

سمجهاڻي

سر مومل راڻو حسناڪين، دلڪشين، سونهَن سندرتا جو سر آهي. هن سر ۾ ڀٽائيءَ محبوب جي ظاهري عضون جي سُونهَن کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي. محبوب جي رهاڻين کان جدائيءَ جي سورن صدمن، اهنجن، ايذائن، پيڙائن، ڀوڳنائن، انتظارن ۽ اوسيئڙن کي فوڪس ڪيو آهي.
جيتوڻيڪ ڦاسي ته ڪنڌ ۾ رسو وجهي ساهه گهٽي مارڻ کي چئجي ٿو پر هن بيت ۾ ڀٽائيءَ جي اکين کي ڦاسي ڏيڻ واري ڳالهه سندس شاعراڻي رس چس، نزاڪت، نفاست ۽ نازڪ خياليءَ جو اعلى نمونو ۽ شاهڪار آهي.


محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

13/09/2014

ڍَاٽي گهڻا اچن، مَنُ سَوڍَي ونگسئو

ڍَاٽي گهڻا اچن، مَنُ سَوڍَي ونگسئو
ڪا جا لائي مينڌري، لالي کي لڱن
راڻو اکَڙيَن، وساريان نه وسري.

سر مومل راڻو

ڍَاٽي : راڻي جي شهر جا ماڻهون، ڍٽ جا ماڻهو
ونگسئو : قابو ڪيو، ويڙهيو، وڪوڙيو، لپيٽيو، ونگي ڇڏيو، سوگهو ڪيو، پاڻ سان ويڙهي ڇڏيو. ونگسئو لفظ دراصل سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ وَنڪَ مان ورتو ويو آهي.
لَالي : ميندي، عشق جا خُمار- جڏهن ڪنهن سان عشق ٿئي ٿو ته ماڻهونءَ جون ادائون، انداز انوکا ڏسبا آهن. سندس Body language ڳاڙهسُرا ڳل، خماريل اکيون، بي چيني، بيقراري،ڳورو آواز، ڪنهن جي خيالن ۾ گم رهڻ هنن سڀني ڳالهين کان سواءِ اندر ۾ به عشق ٽڪي ديرو ڄمائي ٿو.
راڻو اکڙين : راڻو هر وقت اکين اڳيان ٿو رهي.

بيت جو منظر

مومل ٿي چئي ته منهنجي راڻي جي شهر ڍٽ جا هونئن ته ٻيا به ڪيترائي ماڻهون آهن، پر منهنجي دل، ساهه ۽ جسم کي سوڍي جي پيار سوگهو ڪيو آ، قابو ڪيو آ.
مان مينڌري جي محبت ۾ اهڙي ته رنگجي وئي آهيان جو هر وقت هن عشق جي مئيڪشيءَ جا خُمارَ منهنجي بدن، دل ۽ اکين ۾ نمايان آهن.
راڻو هر وقت منهنجي اکين اڳيان آهي. جيڏانهن ٿي نهاريان رڳو راڻو ئي راڻو پئي پسان. پوءِ ڀلا مان کيس ڪيئن ٿي وساري سگهان...!!؟

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي رومانس سان ڀرپور بيت ڪاڪ جي مومل ۽ ڍٽ جي راڻي جَي عشق جو لازوال داستان آهي. جيتوڻيڪ مومل ۽ راڻي جو هي عشقيه قصو ڀٽائيءَ کان اڳ ٿي گذريو آهي پر ڀٽائي ان کي ايئين ٿو بيان ڪري ڄڻ هي قصو هينئر اسان جي اکين اڳيان پيو ٿئي. هن قسم جو اظهار ته اهو ئي ڪري سگهي ٿو جيڪو پاڻ به ڪٿي قابو ٿيو هوندو.


محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل