25/10/2014

سَندَو ڏَمَ ڏَهَڪَارُ، هَڏهِين ڪَونهَي هِنَ کَي



سَندَو ڏَمَ ڏَهَڪَارُ، هَڏهِين ڪَونهَي هِنَ کَي
هِيءَ پَاڻيءَ سِين پَانهجَو، پُسَائي نَه سِينگارُ
ڪَارَڻِ مُنڌ مَيهَارُ، ڪَارِيءَ رَاتِ ڪُنَ تَرَي

سُرُ سُهُڻي

ڏَمُ = سهڻيءَ جي مڙس جو نالو
ڏَهَڪَارُ = ڏهڪاءُ ڏر، خوف، خطرو، ڊڄ، ڀئه، پرواهه
هڏهين = هرگز
ڪَارَڻ = جي لاءِ، جي ڪري
مُنڌَ = عورت - پر هتي معنى ٿيندي سهڻي

بيت جو پس منظر

سهڻيءَ کي پنهنجي مڙس ڏَمَ جو ذرو به ڪو ڊڄ، خوف، خطرو ۽ ڀَئه ناهي. سهڻي ڏم کان نفرت ڪندي آهي ڇو ته سهڻيءَ جي ڏم سان زبردستي شادي ڪرائي وئي هئي.
سهڻي پنهنجي مڙس ڏم سان سمهڻ ته پري جي ڳالهه کيس ويجهو اچڻ به نٿي ڏئي، هوءَ پاڻ کي ميهار جي امانت جو سمجهي ٿي.
باقي پنهنجي محبوب لاءِ اونداهي رات ۾ ڪُنَنَ مان تري به درياهه پار ڪري ميهار سان روز ملڻ ٿي وڃي.

سمجهاڻي

ڀٽائي عورت جي آزاديءَ جو علمبردار آهي، حامي آهي. ڀٽائي هن وڏيرڪي، جاگيرداري، قبائلي، سرداري ۽ جرڳائي نظام جو سخت مخالف آهي.ڀٽائيءَ سڄي رسالي ۾ عورت کي ئي ڳايو آهي ۽ اهميت ڏني اٿس ۽ عورت جا ئي درد ۽ سور ڳايا اٿس. سندس هيرا ۽ مڙس ماڻهون ڪردار ڪي مرد نه پر عورتون ئي سورميون آهن.ڀٽائي هڪ اهڙي سماج جو حامي آهي جنهن ۾ عورت ۽ مرد کي هڪ جيترا ۽ هڪ جهڙا حَقَ ۽ اختيارَ هجن. جيڪڏهن مرد پنهنجي پسند تي شادي ڪري ٿو ته اهو ساڳيو حق عورت گي به هجڻ گهرجي.جيتوڻيڪ ڏم سهڻيءَ جو مڙس هيو پر ڇو ته ميهار سان عشق ٿي وڃڻ ۽ درياهه پار ڪري ميهار سان ملڻ جي سزا طور سهڻيءَ جي ڏم سان زبردستي شادي ڪرائي وئي هئي ۽ سهڻيءَ کان پڇيو به ڪين ويو هيو.سو اچو ته اسان به پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي پنهنجو پاڻ کان پڇون ته اسان پنهنجي گهر جي نياڻين کي اها آزادي ڪڏهن ڏينداسين...!!؟هن گندي، ڌپ ڪري ويل، مدي خارج ۽ سڙيل سماج جي جاءِ تي امن، انصاف ۽ برابريءَ وارو سماج ڪڏهن اڏينداسين...!!؟ جنهن ۾ وري ڪنهن سهڻيءَ کي ميهار سان ملڻ لاءِ درياهه پار ڪرڻو نه پئي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

23/10/2014

اَديُون سَڀُ اَندَامَ، چَڙَنِ مُنهنجَا چَورِيَا



اَديُون سَڀُ اَندَامَ، چَڙَنِ مُنهنجَا چَورِيَا
لَارُون جَا لَنءُ لَائِي، سَا ڪِيئَن آڇيَان عَامَ؟
لَڳِيَسِ جَنهن جَي لَامَ، سَو دِلَاسَا دَوستُ مُنجَي

سُرُ سُهُڻي

اَندَامَ = عضوا، اَنگ، لڱ - هي فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي.
چَڙَن = چڙا، چڙيون، گهنڊ – ڀاڳيا، ڌنار پنهنجي مَينهُن جي ڳچيءَ ۾ چڙا يا چڙيون ٻڌندا آهن جنهن جي آواز تي خبر پوندي آهي ته مينهون ڪهڙي طرف آهن.
لَارُن = جمع آهي واحد لَارَ - هڏي يا ڪٺ جي ڪاٺي گهڙي تار سان چڙي اندر ٻڌبي آهي. جڏهن مينهن هلندي ته اها ٽلي ڪنارن سان ٽڪرائجي مڌر آواز پيدا ڪندي آهي. هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ لولا مان ورتل آهي.
لَنءُ = پريت، سڪ، اڪير
لَامَ = ٽاري- پر هتي معنى ٿيندي آسرو، ڏڍ، آٿت
مُنجَي = موڪلي

بيت جو پس منظر

او سرتيون ! منهنجي محبوب ميهار جي مَينهُن جي ڳچيءَ ۾ نه جيڪي چڙا ٻڌل آهن انهن جي مڌر آوازن ٻڌڻ سان جسم جو انگ انگ ۽ لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي آهي، سڄي جسم ۾ بيقراري ۽ بيچيني وڌي وئي آهي.
لَارُن جي مٺڙي ۽ مڌر آوازن منهنجي جسم ۾ باهه، سرور، تڙپ، لڇ پڇ ۽ آنڌ مانڌ پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان ڪيفيت کي مان ڀلا عام آڏو ڪيئن ۽ ڇو ظاهر ڪيان؟
مان جنهن پنهل جي آهيان، لاري لڳي آهيان، آسري ۾ آهيان سو مون ڏانهن دلاسا ۽ دلجايون پيو موڪلي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي رومانس سان ڀرپور بيت عورت جي اندر جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ٿو ڪري ۽ دل جو راز ٻين کي نه ٻڌائڻ جي تلقين ٿو ڪري.ميهار سان ملي سهڻيءَ کي ڪيڏو سرور ۽ سڪون ملندو هوندو سو ته هتي لکيل ناهي باقي مينهُن جي چڙن جو مڌر آواز ٻڌي سهڻي ڪيڏو تڙپي پئي ٿي صرف ان جو اظهار آهي.جڏهن محبوب سان پيار ٿئي ٿو ته ان سان منسوب ۽ لاڳاپيل هر شئي سان به محبت ٿي ويندي آهي. ميهار سان ته سهڻيءَ جو پيار آهي ئي پر سندس مَينهُن، چڙن ۽ چڙن جي مڌر آوازن سان به ڪيڏو بي انتها پيار آهي سهڻيءَ کي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل