20/12/2014

پَانڌِي چَئِجُ پِرينءَ کَي، جَورِ هَڻِي جَانَا


پَانڌِي چَئِجُ پِرينءَ کَي، جَورِ هَڻِي جَانَا
پَيڪِڙَا پَيرَنِ ۾، ڪَرَايُن ڪَانَا
آن رِءَ اَمَانَا، گَهنگَهرِ گَهارِيَان ڏِينهَڙَا

سُرُ مَارُئي

پَانڌي = پنڌ وارا، مسافر
جَور = زور سان
هَڻي جَانَا = سڄي هٿ جي اشهد آڱر نڪ تي هڻي توبهه ڪري - اڪثر توبهه ڪرڻ مهل ماڻهون پنهنجي نڪ تي زور سان آڱر هڻندا آهن جنهن سان ڳالهه جي شدت جو احساس ٿيندو آهي.
پَيڪڙَا = پير ڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون
ڪَرَايُن ڪَانَا = ٻَانهُن جي ڪراين ۾ لوهه جا نال
اَمَانَا = بي مانا، بي عزتا، ذلت ڀريا
گهنگهر = پريشانيءَ ۾، اذيت ۾، مصيبت ۾

بيت جو پس منظر

~ مارئي پنهنجي قيد جي حالت ٻڌائيندي مارن ڏي نياپي ڏيڻ واري کي چئي ٿي ته نڪ تي آڱر هڻي توبهه ڪري ٻڌائجان.

~ ته مون کي پيرن ۾ پير ڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ٻانهُن ۾ لوهه جا نال لڳل آهن.

~ توهان کان سواءِ منهنجا ڏينهن بي عزتي ۽ اذيت سان ٿا گذرن.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن علامتي بيت ۾ مارئيءَ جي قيد جي اندرئين ڪربناڪ حالت جي عڪاسي ڪئي آهي. مارئي رڳو ڪنهن ڪوٺيءَ ۾ قيد ناهي پر سندس پيرن ۾ ڏنڊا ٻيڙيون ۽ ٻانهُن ۾ لوهه جا نال لڳل آهن. پنهنجي مارن کان پري عمر جي قيد ۾ رهڻ جَي ذلت جَي احساس ۽ اذيت، پيڙائن ۽ ڀوڳنائن ۾ سندس ڏينهَن پي گذريا. هن بيت جو گهرائيءَ سان جائزو وٺجي ته اڄوڪي سنڌ جي ڪيترن ئي عمر جهڙن ظالم وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ بدمعاشن جي قيد ۾ ڪيتريون ئي ماريون قيد ملنديون.
ٻئي طرف الائي ڪيترا ڪونڌر پٽ ۽ ڳڀرو نوجوان ڏنڊا ٻيڙين ۽ پير ڪڙين ۾ جيل جي اوچين ديوارن اندر ڪوٺين ۽ کولين ۾ قيد ڪيل آهن.
سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ ڏنل فڪر تي غور ڪيون، سوچون ۽ لوچون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

مَ ڪِي رَوءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هَارِ



مَ ڪِي رَوءُ، مَ رَڙُ ڪِي، هَنجُون هَڏِ مَ هَارِ
تَوتَان بَندُ بِدَا ٿِيَو، ٻَيڙِيُون نَيئِي ٻَارِ
پَهُچَندَينءَ پَنوَهارِ، سِگهِي سَنگَهارَن کَي

سُرُ مَارُئي

مَ = نه
هَنجُون = ڳوڙها، لڙڪ
هَڏ = هرگز
هَار= وهاءِ، ڳاڙ
بَندُ = قيد
بدَا = معاف، ختم
ٻَيڙيُون = لوهه جون ڪڙيون، ڏنڊا ٻيڙيون، پيرن جا زنجير
نَيئي = کي
ٻَار = ساڙ، جلائي ڇڏ
پَنوَهار= پنوهارڻ، ماروئڙي، ٿرياڻي
سگهي = جلد
سَنگَهارَن = مارو ماڻهن

بيت جو پس منظر
~ او مارئي !! تون هاڻي رو رڙُ نه ۽ وري اکين مان ڳوڙها نه ڳاڙ.

~ تو تان قيد معاف ٿيو هاڻي انهن زنجيرن ۽ قيد ڪڙن کي باهه ڏئيساڙي ڇڏ.

~ او ماروئڙي !! تون پنهنجي مارن ڏي جلد پهچي ويندينءَ.

سمجهاڻي

مارئيءَ جي مستقل مزاجي، commitment،عزم ۽ حوصلي عمر جهڙي ظالم حڪمران کي نيٺ جهڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. مارئيءَ کي عمر زنجيرن ۾ قيد ڪيو. کيس بادشاهي پَٽَ ۽ ريشمي ويس وڳن، زيورن، مال ملڪيتن، محلن ۽ ماڙين جون لالچون آڇيون پر مارئيءَ هنن سڀني شين کي ٿڏي ڇڏيو.عمر جا قيد ڪڙا ڀڃي ڀورا ڪري ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين. مارئيءَ جو پنهنجي وطن ملير سان سڪ، اُڪيرَ، پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه ايڏو پڪو، پختو ۽ شديد هيو جو عمر کي نيٺ ناڪامي نصيب ٿي.
سو اچو ته ڀٽائيءَ جي هن بيت مان پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ اتساهه، اٿاهه پيار ۽ محبت جو درس حاصل ڪيون.مارئيءَ جي پهاڙ جيڏي عزم ۽ حوصلي جيان هر ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف مڙس ماڻهون ٿيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل