31/01/2015

وَڃَان ڪِينَ وَرِي، هُوندَ رِيءَ چَئَي رَهِي رَهَان




وَڃَان ڪِينَ وَرِي، هُوندَ رِيءَ چَئَي رَهِي رَهَان
دُونهِين پَاسَي دَوسَ جَي، مَاڳَهِين پُئان مَرِي
صُورَتَ نہ سُونهَن ڪَا، ڪَيَسِ چِتَ چَرِي
وِصَالَان فِرَاقَ جَي، سُڄَي ڳَالِھ ڳَرِي
تَيلَاهِين تَرِي، مُنهُن ڳِنِيَو مَوٽِيَو وَڃَان


سُرُ سُهِڻِي

وڃَان ڪِينَ وَرِي = موٽي ئي نہ وَڃَان
هُوندَ = ڪاش، جيڪر
رِيءُ = کانسواءِ
دُونهِين = وٿاڻ جي موٽاڳي ۽ ڇيڻن کي ٻاري مڇرن کان مال کي بچائبو آهي.
دَوسُ = دوست
مَاڳَهِين = ويتر، اصل ئي
پُئَان = پوان
سُنهَن = سونهن، صورت، حُسُنُ
چِتُ = دل، نينهن، عشق، ڌيان
وِصَالَان = ميلاپ کان
فِرَاقُ = ڏک ، جدائي
سُڄَي = سجهي، ٻجهي، ٻڌجي
ڳَرِي = ڳوري، سخت، اذيت ڏيندڙ
تَيلَاهِين = تڏهن، تنهنڪري
ڳِنِيَو = وٺيون، کنيون

بيت جو پسمنظر

~ ميهار ڀلي نہ چئي پر منهنجي دل ٿي چئي جيڪر گهر موٽي نہ وڃان. هتي ئي رهي پوان.
~ جيڪا ميهار دونهين دکائي آهي ان جي ڀر ۾ دم ڏئي مران.
~ مون کي ڪو هروڀرو ميهار جي صورت يا حسن حيران ناهي ڪيو پر مون کي منهنجي مَنَ ۽ دل چريو ڪيو آهي.
~ محبوب جي ميلاپ کان وڌيڪ سندس جدائيءَ واري ڳالھ ڳوري آهي.
~ تنهنڪري ڪنڌ کنيو درياھ تريو موٽيو پئي وڃان.

سمجهاڻي

مولا پاڪ محبوب ۾ الائي ڪهڙي ڪشش ۽ چقمق رکي آهي جو دل چوندي آهي تہ پل بہ پرينءَ کان پري نہ ٿجي. بلڪہ سڄي زندگي محبوب سان ئي گڏ گذارجي. اِها ئي ڳالھ سهڻي ٿي چئي تہ ميهار مون کي پاڻ سان گڏ رهڻ لاءِ چئي يا نہ پر جيڪر گهر موٽي نہ وڃان. هتي ئي رهي پوان. سندس ئي مينهُنِ جي وٿاڻ جي پاسي ۾ دکايل دونهينءَ جي پاسي ۾دم ڏئي مران. مان ڪا ساهڙ جي صورت ۽ سونهن جي ڪري حيران ناهيان پر منهنجي دل ميهار لاءِ چري ۽ پاڳل آهي. جيڪو سُرورُ، سڪون، راحت، فرحت، بيقراري، بيچيني، لُڇ پُڇ ۽ مزو جدائيءَ ۾ آهي اُهو ميلاپ ۾ ناهي.
ميلاپ کان پوءِ سڪ گهٽجي ٿي وڃي پر منهنجي دل محبوب ميهار جي جدائي سهي نہ ٿي سگهي. تنهنڪري ئي درياھ تري موٽي وينديآهيان.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

ڀَيلَي ڀُلَائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِئِي




ڀَيلَي ڀُلَائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِئِي
ٻَرِ ٻَرِ ! ٻُڏِي سُهِڻِي !!، وِيرُنِ ۾ وَائِي
ڪَچَي ڪِيرَائِي، لَالَ لَهَرُنِ وِچَ ۾


سُرُ سُهِڻِي

ڀَيلَي = مِٽِيءَ جو ٺهيل ڪچو دلو
ڀُلَائِي = ڀُلايُسِ
پَسِي = ڏِسِي
چِٽَ = نقش، گُلَ
چَرِي = هوش وڃائي ويٺي
ٻَرِ ٻَرِ = هاءِ هاءِ، افسوس
وِيرُنِ = درياھ جون ويرُون، چاڙھ
وَائِي = آواز، آلاپ، تنوار
ڪَچَي = ڪچي دلي
ڪِيرَائِي = ٻوڙي
لَالَ = لال ڪنوار، لعل، ياقوت، هيرن، جواهرن جهڙي، عشق ۾ رَتَلَ
لَهَرُنِ = درياھ جون ڇوليون

بيت جو پس منظر

~ ڪچي دلي تي ٺهيل چِٽ ۽ گل ڏسي سهڻي ڀلجي پئي، پنهنجي مَتِ وڃائي ويٺي.
~ هاءِ هاءِ !! سهڻي ٻڏي وئي آهي. افسوس !! اهي آواز لهرن مان اچي رهيا آهن.
~ هن ڪچي دلي لعل جهڙي سندر سهڻيءَ کي لهرن اندر ٻوڙي ڇڏيو.

سمجهاڻي

دراصل سهڻيءَ هوش نہ سنڀاليو تہ هي دلو ڪچو آهي، صرف اُسَ تي پڪل آهي. اڃان آويءَ ۾ پچايو ئي نہ ويو آهي. سهڻيَ دلي تي ڪنهن ڪاريگر ڪنڀر جا سهڻا چٽ ۽ گل ڏسي موهت ٿي پئي هئي.
سهڻي ٻڏي وئي آهي، هاءِ هاءِ !!
سهڻيءَ جي موت تي نہ رڳو درياھ جي لهرن لڙڪ لاڙيا پر درياھ بہ افسوس ڪري روئي رهيو آهي. هن لعل، ياقوت، مرجان، هيرن، جواهرن جهڙي سونهن ديويءَ، ڳاڙهي ڪنوار ۽ symbol of love کي لهرن ۾ لوڙهڻ ۽ ٻوڙڻ جو ذميوار ڪچو دلو آهي.
اچو تہ هن بيت مان درس حاصل ڪيون تہ اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪندي پئي وڃي ۽ اسان اڃان هوش نہ سنڀاليو آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

29/01/2015

ڪَڍِيَا جَي ڪُلَالَ، سَي پَسِي خَالَ خُوشِ ٿِئَي





ڪَڍِيَا جَي ڪُلَالَ، سَي پَسِي خَالَ خُوشِ ٿِئَي
پَاڻِيءَ چِٽَ پُسَائِيَا، ڌَاءَ نَہ جَهلِي ڌَمَالَ
سُپَڪَ ڀَانئِيَا سُهِڻِيءَ، جَوڀَنَ جَي جَمَالَ
آڪَي جَا اَحَوَالَ، مَعَلُمُ ٿِيَا مِهِرَاڻَ ۾


سُرُ سُهِڻِي

ڪُلَالَ = ڪُنڀَرُ
پَسِي = ڏِسِي
خَالَ = چِٽَ، نقش، گُلَ
ڌَاءَ = گيڙو رنگ _ دلي مٿان چِٽَ ڪڍڻ لاءِ ڳاڙهي پٿر مان ٺهيل رنگُ
جَهلَي = سَهِي سگهي
ڌَمَالَ = چوٽَ، ڌَڪُ، سَٽَ
سُپَڪَ = سُٺا پڪل
جَوڀَنُ = ڦوھ جواني، نئين ساماڻيل
جَمَالَ = حُسُنُ، سونهَن سوڀيا، سندرتا، حسناڪي
آڪَي = ڪچي دِلَي
اَحَوَالَ = حَالَ، حالت
مَعَلُمُ = معلوم
مِهِرَاڻُ = سنڌو درياھ _ تڏهن سنڌ کي واديِ مهراڻ چوندا آهن

بيت جو پس منظر

~ ڪنڀر جيڪي دلي کي پچائڻ کان اڳ چِٽَ ۽ گُلَ ٺاهيا هئا تن کي سهڻي ڏسيخوش پئي ٿئي.
~ درياھ جي پاڻيءَ سي سڀ چٽ پسائي ڇڏيا، سڀ رنگ ۽ گل پاڻيءَ جي سَٽَ سهي نہ سگھيا.
~ سهڻيءَ پنهنجي سونهَن ۽ جوانيءَ جي نشي ۾ سمجهيو هو تہ هي پڪلدلو آهي.
~ کيس درياھ ۾ لهڻ کان پوءِ خبر پئي تہ دلو ڪچو آهي.

سمجهاڻي

جيئن مکڙيءَ مان گلاب ۽ رابيل ٽڙندا آهن، جيئن انب ٻورُ جهليندا آهن، جيئن سرنهن ڦولاربي آهي ايئين ئي هر شئي فطري ۽ ارتقائي مرحلن مان گذري پنهنجي جوڀن ۽ ڦوھ جوانيءَ کي پهچي ٿي.
اڄ سهڻي بہ پنهنجي جوڀن ۽ ڦوھ جوانيءَ کي پهچي چڪي آهي. سندس ناسي نيڻن ۽ خماريل اکڙين ۾ نينهن جا نشا نماياننظر پيا اچن.
سهڻيءَ پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ جي نشي ۾ ڪچي دلي تي ڪنڀر جا ٺاهيل چٽ ۽ گل ڏسي سرهائي محسوس ڪئي ۽ سمجهيائين تہ دلو پڪو آهي.
جڏهن دلو کڻي درياھ حوالي ٿي تہ سڀ چٽ ۽ گل پاڻيءَ پسي لڙهي لهرن حوالي ٿيا.سهڻيءَ کي پوءِ خبر پيئي تہ آئون پڪي دلي جي بجاءِ ڪچو دلو کڻي آئي آهيان.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

28/01/2015

ڪَچَي سَاڻُ ڪَهَي، پَڪَو پُڇَي نَہ سُهِڻِي



ڪَچَي سَاڻُ ڪَهَي، پَڪَو پُڇَي نَہ سُهِڻِي
لَنگَهيِو لُڙُ لَطيفُ چَئَي، وَڇَارَنِ وَهَي
سَا ڪِيئَن نِينهُن نَهَي، جَنهِن کَي نِينهَن نِڌَو ڪَيَو


سُرُ سُهِڻِي

ڪَچَي = ڪچو دِلَو _ جيڪو اڃان آويءَ مان نہ پڪو هجي
ڪَهَي = هلي، وڃي، گهڙي، تري
پَڪَو = پڪو دِلَو _ آويءَ ۾ پچايل
لُڙُ = لُڙِيَو پاڻي، ميرو پاڻي، درياھ جو ميرو پاڻي ٿيندو آهي
وَڇَارَنِ وَهَي = ڌنارن ڏانهُن وڃي، ميهار ڪچي ۾ مينهون چاريندو هئو
نِينهُن = عشق، پيار، مجبت
نَهَي = ٻڌي، قابو ڪري
نِڌَو = ٻڌي ڇڏيو، قابو ڪري ڇڏيو

بيت جو پس منظر

~ سهڻي ڪچو دلو ڪڇ تي کڻي درياھ ترڻ ٿي وڃي، پڪي جي پڇا ئي نٿي ڪري.
~ هوءَ درياھ جي ميري پاڻيءَ مان تري ميهار ڏانهن پئي وڃي.
~ جيڪا پاڻ ئي عشق ۾ قابو ٿي چڪي آهي سا وري عشق کي قابو ڪيئن ڪندي.

سمجهاڻي

سهڻي ميهار جي محبت ۾ ايتري محو ٿي چڪي آهي جو ڪچو دلو ڪڇ تي کڻي درياھ ۾ ڪاهي پئي آهي. پڪي دلي جي ڪاڻ ئي ڪونہ ٿي ڪڍي.هوءَ درياھ جي ميري پاڻيءَ مان تريو پنهنجي محبوب ميهار ڏانهن پئي وڃي. سهڻي تہ پاڻ ئي ميهار جي عشق ۾ قابو ٿي وئي آهي ان کي ڀلا ايترو هوش ڪٿي آهي جو پاڻ تي ڪنٽرول ڪري.
عشق ماڻهونءَ جا هوش حواس خطا ڪري ڇڏيندو آهي. پوءِ هو اهڙا ڪم ڪندو آهي جيڪي هوند عقل، هوش، سوچ، سمجھ ۽ ساڃاھ رکندڙ ماڻهون سوچي بہ نٿو سگهي. سو سهڻي بہ جيڪا ميهار جي محبت ۾ پاڻ ئي گرفتار ٿي وئي آهي ان کي ايترو هوش ڪاٿي آهي جو پاڻ سنڀالي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

27/01/2015

ڪَارِي رَاتِ ڪَچَو گَهڙَو، مَٿَان وَسَي مِينهُن




ڪَارِي رَاتِ ڪَچَو گَهڙَو، مَٿَان وَسَي مِينهُن
هِڪَو ڀَئو بَيرَاھَ جَو، ٻِيَو سَانڀَارَا سِينهُن
شَالَ مَ ڇِڄَي نِينهُن، گِهڙَان گَهورِيَو جِندُڙَو

سُرُ سُهِڻِي

هِڪَو = هڪ
ڀَئو = خوف، خطرو
بَيرَاھَ = رستي کان پري، اوجهڙ، جهنگ
سَانڀَارَا = سامهون
سِينهُن = شينهن _ سنڌو درياھ کي شينهن درياھ بہ چيو ويندو آهي
مَ = نہ
ڇِڄَي = ٽُٽَي، ڌار ٿئي، وڇوڙو ٿئي
نِينهُن = عشق، پيار، محبت
گَهورِيَو = صدقي ٿيو
جِندُڙَو = جان، جسم

بيت جو پس منظر

~ ڪاري رات ۾ ڪچو گهڙو کڻي سهڻي وسندڙ مينهن ۾ درياھ پار ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي.
~ کيس ٻٽو خوف آهي، هڪ هن پار ميهار جي وٿاڻ جو ۽ ٻيو خوفناڪ درياھ جو.
~ پر سهڻي پنهنجي اٽل ارادي تي قائم رهندي چئي ٿي گهڙنديس ضرور پوءِ صدقي ٿيان محبوب ميهار تان.

سمجهاڻي

راتيون تہ سڀ ڪاريون ۽ اونداهيون هونديون آهن پر هتي ڪاري رات جو مطلب چانڊوڪيءَ جو نہ هجڻ آهي. سهڻي ميهار جي عشق ۾ ايڏي مست آهي جو اها سنڀال ئي ڪونہ لڌائين تہ مٿان مينهن پيو وسي ۽ سندس ڪڇ تي ڪچو گهڙو آهي.
خوف رڳو هڪڙو هن پار ميهار جي وٿاڻ جو ناهي، جيڪو جهنگ ۾ آهي، پر ٻيو خطرو درياھ جي دهشت جو بہ آهي. سهڻيءَ جو عزم ۽ حوصلو بلند آهي. تڏهن تہ چئي ٿي درياھ تري ميهار سان ملڻ ضرور وينديس. جيئن محبوب سان محبتون سدائين قائم رهن جي ٻڏي مري ويس تہ صدقي ٿيس ميهار تان.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل


26/01/2015

کَامَان، پَچَان، پَڄِرَان، لُڇَان ۽ لَوچَان



کَامَان، پَچَان، پَڄِرَان، لُڇَان ۽ لَوچَان
تَنَ ۾ تَونسَ پِرِينءَ جِي، پِيَان نَہ ڍَاپَان
جَي سَمِنڊِ مُنهُن ڪَيَان، تَوءِ سَرِڪِيَائِي نَہ ٿِئَي


سُرُ سُهِڻِي

کَامَان = سڙان، پچان، اندر سڙان _ آلي ڪاٺيءَ جيان مسلسل سڙندو رهڻ
پَچَان = سڙان
پَڄِرَان = اندران سڙان _ گوشت کي ٽانڊن تي رکڻ سان ” سُو سُو “ جو آواز اچڻ
لُڇَان = ڦٿڪان، پاسا ورايان
لَوچَان = ڳوليان، تلاش ڪيان، ڀوڳيان
تَنَ ۾ = جسم ۾
تَونسَ = دونس، اڃ، اُساٽَ
ڍَاپَان = ڍئو ڪيان
مُنهُن ڪَيَان = پيان، وات ۾ اوتيان
تَوءِ = تہ بہ، جيڪر
سُرِڪِيَائِي = سُرِڪَ، ڍڪ جو ننڍڙو حصو جيڪو سِپِيءَ سان پيئجي.

بيت جو پس منظر

~ مان سڙان، پچان، ڦٿڪان پيئي ۽ پنهنجي محبوب کي ڳوليان بہ پيئي.
~ منهنجي اندر ۾ پرينءَ جي ايڏي سڪ، اڃ ۽ اُساٽَ آهي جو هن پاڻيءَ سان لهيئي نٿي.
~ اڃ جي شدت ايڏي آهي جو جيڪر سمنڊ وات ۾ اوتيان تہ هڪ سُرِڪِي بہ نہ ٿئي.

سمجهاڻي

چيو ويندو آهي تہ هنڌ اُهو سڙندو آهي جتي باھ لڳل هوندي آهي. باھ ڪيئن ساڙيندي آهي اُها خبر ان کي هوندي جنهن کي باھ ساڙيندي آهي يا جنهن کي تَئُہ ايندو آهي. ڀٽائي ميهار جي عشق ۾ سڙندڙ سهڻيءَ جي اندر ٻرندڙ لاوي جي ڪيفيت بيان ڪئي آهي. سهڻيءَ جي اندر ۾ عشق جا اُلا ۽ کورا ٿا ٻرن جن سندس سڄي بدن کي باھ لڳائي آهي.
هن تپش ۽ آتش فشان کي ٿڌو ڪرڻ لاء جيڪا سهڻيءَ جي اندر ۾ اڃ ۽ اُساٽ آهي تنهن کي دلا ۽ مٽ ٿڌو ناهن ڪري سگهيا.
سهڻي چئي ٿي جيڪر سمنڊ سڄو پنهنجي وات ۾ اوتي ڇڏيان تہ هڪ ڍُڪُ بہ نہ ٿئي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

24/01/2015

اَلَستُ اَرِوَاحَنِ کَي، جَڏَهِن چَيَائُون




اَلَستُ اَرِوَاحَنِ کَي، جَڏَهِن چَيَائُون
مِيثَاقَان مَيهَارَ سِين، لَڌِيُون مُون لَانئُون
سَو مَوٽَي ڪِيئَن پَانهُون، جَو مَحفُوظَان مَعَافُ ٿِيَو

سُرُ سُهِڻِي

اَلَستُ = ڇا _ مولا پاڪ جو فرمان، سڄي آيت هينئن آهي _ اَلَستُ بِرَبِڪُم ؛ ڇا نہ آهيان مان توهان جو رب
اَرِوَاحَنِ = روحن، روح جو جمع
چَيَائُون = فرمايو ويو
مِيثَاقَان = ازل کان، واعدي واري ڏينهن
لَانئُون = شادي، سَڱُ، رشتو
پَانهُون = موٽي
مَحَفُوظَان = لوح محفوظ کان، ازل کان
مَعَافُ ٿِيَو = اَمُرُ ٿيو

بيت جو پس منظر

~ مولا پاڪ جڏهن سڀني روحن کي سڏي چيو ؛ ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب !!؟
~ سهڻي ٿي چئي ؛ ان ميثاق واري ڏينهن ئي مون ميهار سان شادي ڪئي هئي.
~سو جيڪي منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل هيو اُهو، پٺتي ڪيئن هٽندو!!؟

سمجهاڻي

اڃا هن ڪائنات جي تخليق ئي نہ ٿي هئي ۽ نہ وري لوح قلم ۽ فرشتا وجود ۾آيا هيا. زمين، آسمان، سج، چنڊ، سمنڊ، درياھ، هوا، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، گل ۽ ٻيون دلڪشيون ۽ حسناڪيون اڃان وجود ۾ نہآيون هيون. تڏهن مولا پاڪ سمورن روحن کي پاڻ وٽ گهرايو هو جنهن کي ميثاق جو ڏينهن يا واعدي وارو ڏينهن چئجي ٿو.مولا پاڪ سڀني روحن سان مخاطب ٿيو تہ ؛ ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب؟سڀني چيو ؛ ها تون ئي اسان جو رب آهين.
سهڻي چئي ٿي ان واعدي واري ڏينهن مون ميهار سان لانئون لڌيون هيون ۽ اسان گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا واعدا ڪيا هئا.
مون کي چڱي طرح ياد آهي تہ ميهار سان ان ڏينهن ئي منهنجو سُٻَنڌُ ٿيو هو.سو جيڪو واعدو ان وڏي واعدي واري ڏينهن ڪيو هيوسين ان تان ڪيئن ٿا ڦري سگهئون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

23/01/2015

جَا هَڙَ اَندَر جِي، سَاهَڙ ڏِنِي سَاھَ کَي




جَا هَڙَ اَندَر جِي، سَاهَڙ ڏِنِي سَاھَ کَي
سَا هَڙَ ڇُڙَي نَہ سَاھَ جِي، سَا هَڙَ سَاهَڙَ رِي
سَاهَڙَ مَيڙِ سَمِيع !، تَہ سَا هَڙَ ڇُڙَي سَاھَ جِي


سُرُ سُهِڻِي

سَاهَڙُ = ميهار جو نالو
هَڙَ = ڳَنڍِ، پيچ، ڳانڍاپو، agreement، commitment
اَندَرِ جِي = دل ۽ جسم جي وچن جي
سَاھ = جيءَ کي، جان کي
ڇُڙَي = کُلَي _ بي وفائي ڪرڻ
مَيڙِ = مِلَاءِ
سَمِيع = ٻڌندڙ _ مولا پاڪ جو صفاتي نالو
هَڙ ڇُڙَي = مشڪلات ختم ٿئي، مونجهارو ختم ٿئي.

بيت جو پس منظر

~ جا محبت جي ڳنڍ ساهڙ منهنجي ساھ کي ڏني آهي.
~ سا جان جي ڏنل ڳنڍ ساهڙ کان سواءِ نہ کُلَندِي.
~ او مولا پاڪ !! مون کي ساهڙ سان ملاءِ تہ ساھ جي مونجھ ختم ٿئي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هر بيت فڪري ۽ معنوي حوالي سان تہ انتهائي شاندار هوندو آهي پر هي بيت فني حوالي سان نهايتشاهڪار آهي. بيت ۾ تجنيس حرفيءَ جا چِٽَ، لئہ، ردم، رواني، موسيقيت ۽ ترنم ڪمال جو آهي. سهڻي چئي ٿي:
جا محبت جي ڳنڍ منهنجي محبوب ساهڙ منهنجي ساھ کي ڏني آهي سا ساهڙ سوا ڪنهن ٻئي کان کُلَندِي ئي ڪونہ۔ جيڪي مون ۽ ميهار گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا ٻول، قول، اقرار، واعدا، وچن ۽commitments ڪيا آهن، انهن کي ميهار ۽ آئون مرندي تائين نڀائينداسين.
و مولا پاڪ !! توکي اسان ٻنهي جي پيار جي پارت هجي.شال ساهڙ سان جلد ملائين تہ هي ساھ جي مونجھ ختم ٿئي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

جَيهَرَ لَوڪُ جَهپَ ڪَرَي، ذَرَو جَاڳَ نَہ هَوءِ




جَيهَرَ لَوڪُ جَهپَ ڪَرَي، ذَرَو جَاڳَ نَہ هَوءِ
اَوهَيرَ اَچِيَو اَدِيُون، پَھُ پِرِيَان جَو پَوءِ
جَي ڪَچَو چَوَنِمِ ڪَوءِ، تَہ مَرڪُ ڀَانيَان مِهِڻَو


سُرُ سُهِڻِي

جَيهَرَ = جڏهن، جنهن پل، جنهن وقت
لَوڪُ = ماڻهون
جَهپَ = ننڊ جو گيرٽ، ننڊ، آرام
جَاڳَ = سجاڳي
هَوءِ = اٿن
اَوهَيرَ = اوڏي مهل، ان وقت
پَھُ = خيال، پُورُ
پَوءِ = پَئَي
ڪَچَو = مهڻو، عيب، گار
چَوَنِمِ = جي چون
ڪَوءِ = ڪو، ڪو ماڻهون
مَرڪُ = فخرُ

بيت جو پس منظر

~ سهڻي چئي ٿي جنهن وقت جڳ آرامي آهي ۽ ٿورڙي بہ سجاڳي نہ هوندي اٿن.
~ اوڏي مهل مون کي پنهنجي محبوب جا خيال ايندا آهن.
~ جي هن ڳالھ تي ڪير مون کي طعنا ڏيندو آهي تہ فخر محسوس ڪندي آهيان.

سمجهاڻي

رات جو جڏهن ڳپل حصو گذري ويندو آهي هر طرف سانت لڳي پئي هوندي آهي.آسمان ۾ تارا ٽمڪي ٽمڪي ٿڪجي پوندا آهن. سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪرڻ وارن پورهيتن کي ننڊ پنهنجي جهوليءَ ۾ لوليون ڏئي سمهاري ڇڏيندي آهي. تنهن ويل سهڻيءَ جي نيڻن جي ننڊ ڦٽل هوندي آهي.ميهار سان ڪيل واعدا، وچن ۽ دل جون ڳالهيون کيس سهمڻ ناهن ڏينديون. جڏهن ڪير کيس اهو طعنو هڻندو آهي تہ اڌ رات جو مڙس کي ڇڏي يار ميهار سان ملڻ ٿي وڃي تہ کيس ان ويل ميهار جي محبت تي فخرُ ٿيندو آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

22/01/2015

پَسُ پَسِڻَان پَرَي ٿِيَا، اَورَي سَندَنِ آرُ




پَسُ پَسِڻَان پَرَي ٿِيَا، اَورَي سَندَنِ آرُ
دَرِيَاھَ رِي سَهَاڙُ، ڏِسَڻُ گَهڻَو ڏِهِلَو


سُرُ سُهِڻِي

پَسُ = ڏس
پَسِڻَان = ڏسڻ کان
اَورَي = ويجهو، قريب، نزديڪ
آرُ = محبت، قرب، وصال، ميلاپ
سَهَاڙُ = ساهڙ، ميهار
ڏِهِلَو = مشڪل، ڏکيو

بيت جو پس منظر

~ جيڪي ڏسڻ کان ڏور آهن پر سندن محبتون سدائين دل ۾ رهن ٿيون.
~ درياھ کان سواءِ ساهڙ جو ملڻ مشڪل آهي.

سمجهاڻي

ڪي ڪي ماڻهون اکين کان اوجهل رهن ٿا پر سندن ساروڻيون، محبتون، يادون، پيار، پاٻوھ، عڪس، زندگيءَ جا گهاريل پل سدائين ياد رهن ٿا. ڪنهن جي يادن کي دل مان ڪڍي ڇڏڻ مشڪل، اذيت ناڪ ۽ ناممڪن پڻ آهي. رت جي رشتن کان وڌيڪ محترم، مقدس ٿين ٿا روح جا رشتا جيڪي ڪڏهن ٽٽي ناھن سگهندا. جيئن درياھ پار ڪرڻ کان سواءِ ساهڙ کي ڏسڻ ۽ سندس ملڻ مشڪل آهي ايئين ئي محبوب ۽ منزلون بہ بنا جفاڪشي، اورچائي ۽ جدوجهد جي ملڻ سولو ڪم ناهي.
ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ محبوب ۽ منزلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي ڪيترن ئي مرحلن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

21/01/2015

آڌِيءَ اُڌَاڻَو، هِنئَڙَو مُون هَٿَنِ مَان



آڌِيءَ اُڌَاڻَو، هِنئَڙَو مُون هَٿَنِ مَان
وَھِ پَئِي وَاهُڙَ تَرَي، سَاهَڙَ سَيبَاڻَو
ڀَيڄَ ڀِنِيءَ ڀَاڻَو، پِيَ جَو پَسِي آئِيَو


سُرُ سُهِڻِي

آڌِيءَ = اڌ رات جو
اُڌَاڻَو = ڀڙڪو ڏئي نڪري ويو، اڏامي ويو
هِنئَڙَو = مَنُ ، دل
وَھِ = عشق جي جذبي ۾، جوش ۾، پاڻيءَ جي وهڪري ۾
وَاهُڙَ = تيز درياھ جا وهڪرا
سَيبَاڻَو = وڻيو، پسند ڪيو، اندر ۾ گهڙي ويو
ڀَيڄَ ڀِنِيءَ = پرڀات ويل، پرھ ڦٽيءَ ويل، اسر ويل
ڀَاڻَو = وٿاڻ، آستان، ماڳ، مڪان
پِيَ = پرينءَ، پيا، محبوب

بيت جو پس منظر

~ اڌ رات ٿي هئي جو دل هٿن مان نڪري وئي.
~ هي عاشقياڻي درياھ تري وڃي پنهنجي دل گهريئي محبوب ساهڙ سان ملي.
~ پرھ ڦٽيءَ جي ويل هئي جو پنهنجي پرينءَ کي پسي آئي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي انتهائي رومانس سان ڀرپور بيت نفيس، ڪومل جذبن ۽ ريشمي احساسن جي نازڪ خيالي آهي. سهڻي ٿي چئي تہ اڌ رات ٿي هئي جو منهنجي دل جيڪا ساهڙ سوا رهي ناهي سگهندي سا سيني مان ڀڙڪو کائي نڪري وئي. کيس ساهڙ جي سڪ ۽ اڪير اهڙو تہ ماندو ڪيو هو جو درياھ تري وڃي کيس ملي. پنهنجي پرينءَ سان ڪي پل ۽ گهڙيون گهاري وري اسر ويل يا پرهه ڦٽيءَ موٽي آئي.
سو اختيار دل تي ڪنهن جو بہ ناھي. دل تہ بادشاھ ٿئي ٿي ۽ بادشاھ پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ هجن ٿا.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

20/01/2015

سِڪَڻَ وَارَنِ سُٿِرَو، جَي دَهشَتَ سَان دَرِيَاھُ



سِڪَڻَ وَارَنِ سُٿِرَو، جَي دَهشَتَ سَان دَرِيَاھُ
اَوڙَڪِ انِيَنِ جَو نہ رَهَي، آرِ بِنَا اَروَاحُ
وَيندَي سَاهَڙَ سَامُهَون، صَدِقَو ڪَندِيُون سَاھُ
جَنِ حُبَ اُنِهيَنِ جِي آھِ، سَاهَڙُ سَاڻِي تِنِ جَو

سُرُ سُهِڻِي

سُٿِرَو = آسان، سولو
دَهشَتَ = خوفناڪ، ڪنبائيندڙ
اَوڙَڪِ = آخر تائين، توڙ تائين، آخرڪار
اُنِيَنَ = انهن
آرِ = پاڻيءَ جي چاڙھ وارو وهڪرو، تِکَ، عشق، پيار
اَرِوَاحُ = روح جو جمع
سَاڻِي = واهرو

بيت جو پس منظر

~ ڀلي کڻي درياھ ڪنبائيندڙ ڇو نہ هجي تہ بہ عشق وارن لاءِ تري وڃڻ سولو آهي.
~ هنن جو روح پاڻيءَ بنا رهي سگهي ئي نٿو.
~ جن کي عشق لڳل آهي سي ساهڙ ڏانهن ويندي سر گهوري ڇڏينديون.
~ ساهڙ بہ انهن جو واهرو آهي جن کي ساهڙ جي سِڪَ آهي.

سمجهاڻي

جڏهن درياھ موج مستيءَ ۾ هجي ٿو تہ سندس دهشت کان سڄو جسم لرزجي ۽ ڪنبي ٿو وڃي. لهرن جي اوچائي ۽ ڪُنَنِ جا ڪڙڪا ڏسي ساھ مُٺِ ۾ اچيو وڃي.پر عشق وارن لاءِ اهو ترڻ ۽ پار پهچڻ نهايت سولو ۽ آسان آهي.
جن جو ساهڙ ۾ ساھ آهي سي ڀلا درياھ جي پاڻيءَ کان ڪيئن رهي سگهنديون؟ هو تہ ساهڙ ڏي ويندي پنهنجو سر ساھ صدقي ڪرڻ لاءِ آتيون ڏيکارجن ٿيون. جن کي ساهڙ جي سِڪَ ۽ اُڪِيرَ رهي ٿي، ساهڙ بہ تن لاءِ سر صدقو ڪرڻ لاءِ سدائين تيار رهي ٿو.
سو جيڪڏهن اوهان بہ دلير ۽ بهادر آهيو تہ سر جو سانگو لاهي محبوب ۽ منزلون تلاشيو، هو بہ اوهان لاءِ منتظر پسندئو.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

19/01/2015

مَيهَارَان مَهِي، پِيتَائِين پِرَيمَ جِي




مَيهَارَان مَهِي، پِيتَائِين پِرَيمَ جِي
اُرِڪَ سُرِڪَ سَيَدُ چَئَي، لَڳِيَسِ ڏَوتُ ڏَهِي
سَگِهي تَان نَہ سَهِي، مِلَي جَان نَہ مَيهَارَ کَي


سُرُ سُهِڻِي

مَيهَارَان = ميهار وٽان، ميهار کان
مَهِي = ڏڌ، لسي _ جنهن ۾ پاڻي مليل نہ ھجي
پِرَيمَ = عشق، پيار، محبت
اُرِڪَ سُرِڪَ = وات کان مٿي ٿانءُ جهلي پاڻي هاري وات ۾ وجهڻ.
ڏَوتُ = پيتائين
سَگِهي = چڱي ڀلي

بيت جو پس منظر

~ سهڻي ميهار وٽان عشق جي ڏنل مهي پي آئي آهي.
~ جيڪا ميهار پنهنجي هٿن سان پياري هيس
~ تنهن چڪيءَ اهڙو مست ڪري ڇڏيس جو جيسين ميهار سان نہ ٿي ملي تيسين سڪون ۾ ناهي.

سمجهاڻي

هڪ ڀيري سهڻي ميهار جي وٿاڻ تي ڪنهن سانگي آئي هئي. دل چيس تہ جيڪر مهي پيئان. ميهار هڪ شرط تي سهڻيءَ جي ڳالھ مڃي تہ پياريندوسانءِ آئون پنهنجي هٿن سان.سهڻيءَ وات کوليو ۽ ميهار پياريندو ويو سهڻي ڳيت ڏيندي وئي.
سهڻيءَ جيڪا ميهار جي هٿن سان مهي پيتي ان اهڙي تہ اندر ۾ اُڃَ لڳايس جو جيسين ميهار سان نہ ملندي هئي تيسين سُکُ، چين، آرام ۽ نيڻين ننڊ حرام ٿي ويس. سو جي محبوب پنهنجي هٿن سان پياري تہ ان جو خُمَارُ سڄي زندگي لهندو ئي ناهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

17/01/2015

هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هَاڪَ، سُتَي سَنڀَارَنِ جِي




هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هَاڪَ، سُتَي سَنڀَارَنِ جِي
مُحَبَتِي مَيهَارَ جَي، چَڙَنِ چَورِيَا چَاڪَ
اُنِيَنِ جِي اَوطَاقَ، وَڃَڻُ وَاجِبُ مُون پِيَو

سُرُ سُهِڻِي
ڀَرِ = پاسي، طرف، هن پاسي، درياھ پار
سُيَمِ = ٻڌم
هَاڪَ = آواز، آلاپ، سڏ
سَنڀَارَنِ = چَڙِيُنِ، ٽَلِيُنِ
چَورِيَا = اٿلي پيا، جاڳي پيا
چَاڪَ = ڦٽ، چير، زخم
اُنِيَنِ = انهن
وَاجِبُ = ضروري، فرض ٿي پيو آهي

بيت جو پس منظر
~ اڃان ستي پئي هيس تہ درياھ جي هن پاسي کان ميهار جي مَينهُنِ جَي ٽلين جا آواز ٻڌڻ ۾ پيا اچن.
~ انهن چڙن جَي آوازن منهنجي ستل سورن ۽ ڇٽل ڦٽن کي جاڳائي وڌو آهي.
~ هاڻي تہ ميهار سان ملڻ لاءِ سندس ديري تي وڃڻ ضروري ٿي پيو آهي.

سمجهاڻي

رات جو وقت آهي سهڻي ستل آهي اوچتو درياھ جي ٻئي پاسي کان ميهار جَي مَينهُنِ جَي ڳچيءَ ۾ ٻڌل چڙن ۽ ٽلين جا مڌر سر آلاپ سندس ڪنن تي پيا آهن. سهڻي ڇرڪ ڀري اٿي پئي آهي، ميهار جي سِڪَ، اُڪِيرَ ۽ جدائيءَ ۾ سندس دل جا زخم وري اٿلي پيا هن.
سو سهڻي چئي ٿي تہ محبوب ميهار سان هينئر ئي ملڻ لاءِ درياھ پار ڪري وڃڻو پوندو.
ڀٽائي هن بيت مان اسان کي اشارن ۽ اهڃاڻن کي سمجهي پاڻ ۾ discipline ۽ ضابطي پيدا ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل


جِيَارِيَسِ سَنڀَارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي؟




جِيَارِيَسِ سَنڀَارَ، ڪُھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي؟
وَيرَوُتَارَ وُجُودَ ۾، پِرِينءَ جِي پَچَارَ
سَي سَڄَڻَ هَونِ نہَ ڌَارَ، جَي هِنئَين ۾ حَلُ ٿِيَا

سُرُ سُهِڻِي

جِيَارِيَسِ = جياريو آهي، جنهن لاءِ جيئان ٿي
سَنڀَارَ = سَنڀَالَ، سَارَ، ياد
ڪُھُ = ڇا
ڪَرِيندَمِ = ڪندا، ڪري سگهندا
وَيرَوُتَارَ = هميشھ، سدائين
وُجُودَ ۾ = اندر ۾، جسم ۾، دل ۾
پَچَارَ = تات، يادگيري، تنوار
هِنئَين = دل
حَلُ ٿِيَا = سمائجي ويا

بيت جو پس منظر

~ مون کي محبوب جي ياد ئي جياريو آهي سو هو سڀ گڏجي مون کي ڇا ڪندا؟
~ مون کي اندر ۾ هميشھ پنهنجي پرينءَ جي تات رهندي آهي.
~ اُهي دلبر شال ڪڏهن جدا نہ ٿين جيڪي منهنجي دل ۾ سمايل آهن.

سمجهاڻي

چوندا آهن تہ عشق ماڻهونءَ کي بهادر بڻائي ڇڏيندو آهي. عاشق ڪنهنجي بہ پرواھ ناهن ڪندا پوءِ ڀلي سڄي دنيا مخالف ڇونہ ٿي بيهي. سهڻي علامت آهي بي ڊپائيءَ ۽ بي باڪيءَ جي. تڏهن چئي ٿي تہ مون کي منهنجي محبوب ميهار جي محبت ئي جيئڻ سيکاريو آهي. هاڻي جي ڏم ۽ ان جا گهر ڀاتي تہ ڇا سڄي دنيا دشمن ٿي وڃي تہ به مون کي پرواھ ناهي. ميهار مون کي هر پل، هر گهڙي اکين، چپن، رڳ رڳ، وار وار، دل ۽ جسم جي هر حصي ۾ سدائين موجود رهي ٿو. مون کي پل پل سندس ئي تنوار رهي ٿي. شال اُهي دلربا دلبر ڪڏهن ڪا ساعت مون کان پري نہ ٿين جيڪي منهنجي دل ۾ سمائجي ويا آهن.
سو اچو تہ سهڻيءَ جي سهڻي صلاح تي عمل ڪندي اسان بہ پنهنجي محبوب ۽ جيجل سنڌ کي دل ۾ جاءِ ڏيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

16/01/2015

وَاهُڙَ وَهِين مَ شَالَ، سُڪِي ٻَيلَاٽِيُون ٿِئَين



وَاهُڙَ وَهِين مَ شَالَ، سُڪِي ٻَيلَاٽِيُون ٿِئَين
پَسَان تُنهِنجَي پَيٽَ ۾، لَاڻَا، لُوتَ، لِيارَ
جَنهِن تَو سَڀِ ڄَمَارَ، آسَائِتِيُون ٻَوڙِيُون

سُرُ سُهِڻِي

وَاهُڙَ = ننڍا واھ، ننڍا وهڪرا_ درياءَ مان پاڻي الڳ رستو ٺاهي وهندو آهي ان کي واهڙ چئجي ٿو.
مَ = نہ
ٻَيلَاٽِيُون = ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ، ٻيٽاريون
لَاڻَا = کارا ٻوٽا
لُوتَ = هي هڪ قسم جو وڻ آهي جيڪو واھ جي ڪنارن تي ڄمندو آهي. پن ۽ ٽاريون ڪنڊن سان ڀريل، گل هيڊي رنگ جا، ٻج سنهو ۽ ڪارو ٿيندو اٿس.
لَيَارَ = هي وڻ ليسوڙي جيان ڦر جهليندو آهي. ليار ليسوڙن کان ننڍا ۽ رنگ ڳاڙهو ٿيندو اٿن.
آسَائِتِيُون = آسري واريون، اميد واريون _ جن کي محبوب جي ملڻ جي آس آهي.

بيت جو پس منظر

~ او درياھ !شال تنهنجو اهيو تيز رفتاريءَ سان وهڻ بند ٿي وڃي. تون سُڪي ننڍن ننڍن ٻيٽن ۾ ورهائجي وڃي.
~ آس اٿم تہ تنهنجي پيٽ ۾ پاڻيءَ بدران وڻ، گاھ ۽ ٻوٽا ڄمي پون.
~ ڇو تہ تون جڏهان ڪون وهڻ لڳو آهين تہ نہ ڄاڻ ڪيتريون آسائتيون ۽ عاشقياڻيون تو ٻوڙي ڇڏيون آهن.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت بظاهر تہ بد دعا، پِٽَ ۽ پاراتو آهي درياھ کي جنهن سهڻيءَ جهڙي حسين ۽ خوبصورت عورت کي ٻوڙيو ۽ نہ ڄاڻ ٻيون ڪيتريون سهڻيون ميهارن ملڻ کان اڳ ٻڏي ميون هونديون. هي بہ تہ درياھ اڄ تائين ڪيئي فصل، مال، زمينون ۽ ماڻهو لوڙهي ٻوڙي ڇڏيا آهن.
ڀٽائيءَ جهڙو مفڪر سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪندڙ عظيم شاعر سنڌو درياھ کي ڪڏهن بد دعا ڏئي نٿو سگهي، ڇو تہ سنڌو سنڌ جي سر سبزي ۽خوشحاليءَ جيضمانت آهي. ڀٽائي تہ ڌرتيءَ جي غدارن کي للڪاري ٿو. ڀٽائي هن ڌرتيءَ تي ڪوبہ غاصب، ڦورو، لٽيرو ۽ غدار ڏسڻ نٿو چاهي.ڀٽائي چاهي ٿو تہ جن بہ سنڌ ۽ سنڌين سان ويساھ گهاتيون ڪيون آهن تن جو نالو نشان بہ نہ هجي.
سو اچو تہ هن عظيم فڪر تي غور ڪيون ۽ هر ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف مزاحمت ڪيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

14/01/2015

نَڪَا جَهولَ جَهلَيسِ، نہ تَانگَو نہ تَارِ ڪِي




نَڪَا جَهولَ جَهلَيسِ، نہ تَانگَو نہ تَارِ ڪِي
ڏَمُ ڏِهَاڻِي ڪَيتِرَو، پَرِ ۾ ٿَو پَلَيسِ
تَان تَان جِيءُ جَلَيسِ، مِلَي جَان نہ مَيهَارَکَي

سُرُ سُهُڻِي

جَهولَ = پاري جهڙو سرد بيٺل پاڻي _ درياھ جي پائڻ ڪري اونهي ٿيل کڏ
تَانگَهو = ٿورو پاڻي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي
تارِ = مڙس جي قد کان وڏو پاڻي
ڏَمُ = سهڻيءَ جي مڙس جو نالو
ڏِهَاڻِي = ڏهاڙي، روزاني
پَرِ = ريت، چال
جِيءُ = دل، اندرُ،جسم
جَلَسِ = سڙيس

بيت جو پس منظر

~ سهڻيءَ جي عشق کي ٿڌو پاڻي، ننڍو پاڻي توڙي تارِ پاڻي روڪي نہ سگهيو.
~ سندس مڙس ڏم بہ پنهنجي مُنهِن گهڻو ئي پئي سمجهايس، دڙڪا، داٻا ٿي ڏنانئينس.
~ پر سهڻيءَ جي اندر ۾ باھ ٻرندي هئي جيسين ميهار سان نہ ملندي هئي.

سمجهاڻي

سهڻيءَ جي عزم ۽ حوصلي کي رات جون اونداهيون، ٿڌو پاڻي، پنيءَ ٻوڙ پاڻي توڙي درياھ جي دهشت ۽ تيز وهڪرو ڪڏهن روڪي نہ سگهيا.سندس مڙس ڏم توڙي ٻين گهر ڀاتين جون نصيحتون، داٻا، دڙڪا، دهمان ۽ ڌمڪيون درياھ پار ڪري ميهار سان ملڻ کانجهلي نہ سگهيا. سهڻيءَ جي اندر ۾ اڃ،اُساٽ، سِڪَ ۽ اُڪير تيسين باهيون لڳائي ڇڏيندي هئي جيسين پنهنجي محبوب ميهار سان نہ ملندي هئي.
سهڻي علامت آهي بهادريءَ جي، دليريءَ جي، هماليہ جي پهاڙن کان اوچن عزمن ۽ حوصلن جي. محبوب ۽ منزلن ماڻڻ جي واٽ، دڳ، گس جي. سهڻي روشنيءَ جو مينار آهي اوندھ انڌوڪار کي روشن صبح ۾ تبديل ڪرڻ جو.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

سِيَارَي سِههَ رَاتِ ۾، جَا گِهڙَي وَسَندَي مِينهُن





سِيَارَي سِههَ رَاتِ ۾، جَا گِهڙَي وَسَندَي مِينهُن
هَلَو تہ پُڇَئُون سُهُڻِي، جَا ڪَرَ ڄَاڻَي نِينهُن
جَنهِن کَي رَاتَو ڏِينهُن، مَيهَارُ ئِي مَنَ ۾

سُرُ سُهِڻِي

سِههَ = تَھُ، يخ ٿڌو _ سيءَ واري مهيني جو نالو
ڪَرَ = خبر، ڄاڻ، معلومات
نِينهُن = عشق

بيت جو پس منظر

~ جيڪا مِينهَن وسندي انتهائي سياري جي ٿڌي رات ۾ درياھ تري ٿي.
~ محبت ڪيئن ٿيندي آهي؟ هلو تہ سهڻيءَ کان سکئون جيڪا عشق ڪري ڄاڻي.
~ رات توڙي ڏينهن جنهن جي من ۾ ميهار ئي وسي ٿو.

سمجهاڻي

سياري جي انتهائي ٿڌي رات جنهن ۾ برف ڄمي پئي، سهڻي درياھ تري ميهار سان ملڻ ٿي وڃي. اچو تہ ان سهڻيءَ کي سلام ڪيون، سندس درشن ڪيون، کيس ڀيٽا پيش ڪيون.کانئس پڇئون تہ عشق ڇا کي چئبو آهي؟ ۽ عشق ڪيئن ٿيندو آهي؟ ڇو تہ سهڻيءَ جي من مندر ۾ رات توڙي ڏينهن ميهار ئي پيو پسجي.
ڀٽائي مرد جي ڀيٽ ۾ عورت کي وڌيڪ اهميت ۽ حيثيت ڏئي ٿو. کيس ئي بهادر، دلير ۽ سورمي سڏي ٿو. ميهار مرد هوندي بہ رات جي وقت درياھ تري سهڻيءَ سان ملڻ کان ڊڄي ٿو ۽ سهڻي عورت هوندي بہ عشق کي امر ڪري ڇڏيو.
سو اچو تہ سهڻيءَ جي هن لازوال جذبي مان اتساھ حاصل ڪري پنهنجي واعدن، وچنن ۽ commitment’s کي پاڙيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل