28/02/2015

ڪِئَن اَڙَايُئِه پَاندُ، پَلَئُه پَرِڏَيهِيُنِ سِين؟




ڪِئَن اَڙَايُئِه پَاندُ، پَلَئُه پَرِڏَيهِيُنِ سِين؟
مَتِيُون مُوڙِهِيُئِه سَسُئِي، ڪَيُئِه ڪَوهِيَارَو ڪَاندُ
رُلِي! ڀَانيُئِه رَاندِ !، ٻَانڀَڻ ! عِشقُ ٻَرَوچَ جَو!


سُرُ سَسُئِي حُسَينِي
ڪِئَن = ڪِيئَن
اَڙَيُءِ = اڙايئي، اٽڪايئي
پَاندُ = پلاند
پَلَءُ = پَلَئُہ - شاديءَ وقت گهوٽ ڪنوار کي رئي جو پلئُہ ڏبو آهي.
پَرِڏَيهِيُنِ = پرديسين، ٻئي ملڪ جي ماڻهن
مَتِيُون مُوڙِهِيُءِ = عقل خطا ٿي ويئي
ڪَيُءِ = ڪيئي
ڪَوهِيَارَو = جبل جو رهاڪو _ پنهون
ڪَاندُ = ڪانڌُ، مڙس
رُلِي = اي رليل، اي ڀٽڪيل
ڀَايُنءِ = ڀانيئي، سمجهيئي
رَاندِ = کيل، تماشو
ٻَانڀَڻِ = ٻانڀڻياڻي _ سسئي ٻانڀڻ جي ڌيءُ هئي

بيت جو پس منظر
~ تو ڪيئن پرديسين سان پنهنجو پلاند اٽڪايو ۽ لانئون لڌيون؟
~ تنهنجو عقل خطا ٿي ويو هو ڇا؟ جو ڪوهيارو مڙس وڃي ڪيئي؟
~ او رُلِيَلَ! ٻانڀڻياڻي! تو ٻروچ سان عشق کي تماشو ڀانئيو هو ڇا؟

سمجهاڻي

اڄ ڀٽائي سسئيءَ تي ڪاوڙيل ٿو لڳي تڏهن تہ کيس تنبيھ ڪندي چئي ٿو او ڀٽڪيل ٻانڀڻياڻي! تو هي ڇا ڪيو؟ ڪيئن وڃي پرائي ملڪ جي ماڻهونءَ سان پلئُہ اٽڪايئي ۽ ساڻس شادي ڪيئي. تنهنجو عقل خطا ٿي ويو هو ڇا؟ جو ڳولي وڃي جابلو ماڻهونءَ سان عشق ڪيئي، شادي ڪيئي.تو ٻروچ سان عشق کي تماشو سمجهيو هو.
ڀٽائيءَ جي هن بيت مان درس ٿو ملي زندگيءَ جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ سوچجي، غور ڪجي ۽ صلاح ڪجي. خاص ڪري شاديءَ جي معاملي ۾ تڪڙ ۽ اٻهرائي سان روئڻ ۽ پڇتاءَ حاصلٿئي ٿو.
اڄ ڪلھ سنڌ ۾ پريمي جوڙن جو گهران نڪري ڪورٽن ذريعي شادي ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي.ڪجھ ئي وقت ۾ ڪنوار کي زهر ڏيئي، تيزاب هاري يا ڪاري ڪري قتل ڪرڻ جا واقعا عام ٿي ويا آهن. تنهنڪري والدين جي رضامندي بہ ضروري آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

27/02/2015

ڪِهِه پَرِ رُئَان پِرِيَ کَي؟، پَچَڻَ نَاهِه پَچَارِ



ڪِهِه پَرِ رُئَان پِرِيَ کَي؟، پَچَڻَ نَاهِه پَچَارِ
اَندَرِ ٿِي آهُون ڪَرِيَان، کَاڻِي مَنجِھ خُمَارَ
گِرِيَي جِي گُفتَارَ، ٻِيَ ڀَتِ ٻَارَوچَنِ ۾


سُرُ سَسُئِي ڪَوهِيَارِي

ڪِهِ = ڪَنهِن
پَرِ = رِيتِ، طريقي، چَالِ
پِرِيَ = پرينءَ
پَچَڻَ = سوز کي
نَاهِ = ناهي
پَچَارِ = ڍنگ، نمونو، اظهار
کَاڻِي = ڪڙهي، سڙي، جلي
خُمَارَ = نشا_ نينهن جا
گِرِيَي = غَمَ، رئڻ
گُفتَارَ = گفتگو، ڳالھ ٻولھ
ڀَتِ = ٻئي نموني، ٻي طرح، ٻئي انداز ۾

بيت جو پس منظر

~ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي پرينءَ لاءِ رئان ۽ جيڪو ڪڙهان ٿي ان کي زبان سانظاهر ڪيان.
~ منهنجي اندر ۾ عشق جا خمار آهن، تنهنڪري دانهون نڪري ٿيون وڃن.
~ پر هنن ٻروچن ۾ رئڻ جو انداز شايد ڪنهن ٻئي طريقي جو آهي الائي ڇا؟ جو رحم ئي نٿو اچينِ.

سمجهاڻي

سسئي چئي ٿي پنهنجي پرينءَ لاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح رئان ۽ ڳوڙها ڳاڙيان؟. مون کي خبر ئي ناهي تہ روئبو ڪيئن آهي؟هي جيڪو عشق ۾ اندرُ ڪڙهي، جلي ۽ سڙي ٿو ۽ هر وقت عشق جا خمارَ چڙهيل رهن ٿا، تن کي زبان سان ڪيئن ظاهر ڪيان؟
ڀٽائيءَ هن علامتي بيت ۾ اظهار جي ڳالھ ڪئي آهي، جيڪو ماڻهونءَ لاءِ سدائين مسئلو رهيو آهي.اوئلي اشتراڪي دور کان اڄ تائين انسان مختلف طريقن سان پنهنجي اندر جو اظهار ڪندو رهيو آهي.
موسيقي، مصوري، شاعري، رقص ۽ چهري جيتاثراتکان علاوه پنهنجي ڪيفيتن کي ٻين آڏو ظاهر ڪرڻ جا ٻيا بہ ڪيترائي طريقا رهيا آهن. ڳالھ جڏهن عشق جي ايندي تہ ماڻهون الائي ڇو پنهنجي محبوب جي سامهون اظهار ناهي ڪري سگهندو ۽ پوءِ سندس اکين جا بند ڀَڄِي پوندا آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

ڏَيھُ ڏَيهَائِين ڏُورِ، پَرِ ڏَيهَا پَرَي ٿِيَا




ڏَيھُ ڏَيهَائِين ڏُورِ، پَرِ ڏَيهَا پَرَي ٿِيَا
سَيڻَنِ ڪَارَڻِ سَسُئِي، پَئِي پَرَاهَين پُورِ
تُون وَڃَين هَوتَ حُضُورِ، مُهِجَو جِيَڻُ جَيلَاهِين ٿِيَي

سُرُ سَسُئِي آبِرِي

ڏَيھُ = وطن، ملڪ، ديس
ڏَيهَائِين = هن ڏيھ کان، هن وطن، ديس کان
ڏُورِ = پَرَي
پَرَڏَيهَا = پرديس کان بہ پري
ٿِئَا = ٿيا
سَيڻَنِ = مائٽن، عزيزن، محبوبن
پَرَاهَين = پري، گهڻو پري
پُورِ = ڊگهي مسافري، تهائين ڏور منزل
هَوتَ = پنهون
حُضُورِ = درٻار ۾ (آري ڄام جي)
مُهِجَو = منهنجو
جَيلَاهِين = جنهن ڪاڻ، جنهن جي خاطر

بيت جو پس منظر

~ منهنجي محبوب جو وطن، منهنجي ديس کان تہ پري آهي، پر پاڻَ پرين تہ اڃان پري آهن.
~ سسئي پنهنجي محبوب خاطر ڪنهن ڊگهي مسافريءَ تي سنبريل آهي.
~ او محبوب! تون، جنهن جي لاءِ آئون جيئان ٿي سو تہ آري ڄام جي درٻار ۾ کڄيو پيو وڃين.

سمجهاڻي

سسئي اڄ ڪنهن تمام پراهين پنڌ تي اُسِرِيَلَ ٿي ڏسجي. هي پنڌ سندس ديس جو ناهي پر سندس محبوب پنهونءَ جي مُلِڪَ جو آهي، جيڪو هتان تمام گهڻو پري آهي. سسئي پنهنجي پرينءَ لاءِ هي جيڪي جبل پئي جهاڳي ۽ ڪشالا پئي ڪري، سو هتان ڊگهي مسافري ۽ انتهائي ڏور منزل تي آهي.
سسئي پنهنجي پرينءَ سان شڪايت ڪندي ٿي چئي تہ او محبوب! آئون تہ صرف تو لاءِ ٿي جيئان، ۽ تون وري قيد ٿيو آري ڄام جي درٻار ۾ پيش ٿيڻ لاءِ پيو وڃين.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ محبوبَ ۽ منزلون ڪيتريون پري، تهائين پري ڇونہ هجن، پر مستقل مزاجي، اورچائي، جستجو ۽ لاڳيتي جدوجهد وسيلي تن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو.

24/02/2015

آءُ اَورَاهَون، سُپَرِين! ڏُکِيَ ڏَيجُ مَ ڏَاگُھ




آءُ اَورَاهَون، سُپَرِين! ڏُکِيَ ڏَيجُ مَ ڏَاگُھ
وَٽِ ڇَڏَي مُون وَاگُھ، آرِي ! وَئين عِشقَ جَو


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

اَورَاهَون = ويجهو، اورتي
مَ = نہ
ڏَاگُھ = داغ، چُٽَو، سوز، ساڙو، ڏَنڀُ، الزام
وَاگُھ = چِيتَو (عشق جو)
آرِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم جو اولاد _ پنهون

بيت جو پس منظر

~ اي پرين! منهنجي ويجهو اچ، هن ڏکويلَ کي اِهو وڇوڙي جو داغ نہ ڏي.
~ مون وٽ عشق جو چِيتَو ڇڏي پاڻَ هليو ويو آهين.

سمجهاڻي

ڪنهن وڃائجي وَيَلَ ساٿيءَ کي ڳولي ڳولي جڏهن ٿڪجي پئبو آهي تہ پوءِ کيس سَڏَ ڪبا آهن تہ شايد اِهو آواز ٻڌيموٽي اچي. ايئين ئي سسئي بہ جڏهن جبل جهاڳي پنهونءَ کي ڳولي ٿڪجي پئي آهي تہ پوءِ کيس سَڏَ ڪرڻُ شروع ڪيا اٿئين.
او پرين !! تون ڪٿي آهين؟ هلي آ، منهنجي ويجهو اچ. مون ڏکيءَ کي هي جدائيءَ جو عذاب ڏئي تون الائي ڪاڏي هليو آهين.
او آري ڄام جي اولاد، پنهون !! منهنجا محبوب، هي عشق جو شِينهُن تہ مون کي کائي ختم ڪري ڇڏيندو.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

جِيئَڻُ جَتَ ڌَارَا، مَعذُورِ جَو مَسَ ٿِئَي




جِيئَڻُ جَتَ ڌَارَا، مَعذُورِ جَو مَسَ ٿِئَي
چَانگَنِ سِرِه چَڙَهي وِئَا، سَاٿِي سَوَارَا
اَکِيُون اَوتَارَا، پَسِئَو رَونِ پُنھُوءَ جَا


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

جَتَ = اٺ چاريندڙ جي ذات _ پنهون
ڌَارَا = کان سواءِ
مَعذُورِ = هيڻي
مَسَ = هرگز نه
چَانگَنِ = اُٺن
سِرِه = تي
وِئَا = ويا
سَوَارَا = سويل ئي
اَوتَارَا = بيٺڪون، ويهڻ جون جايون
پَسِئَو = ڏِسِيَو

بيت جو پس منظر

~ مون هيڻيءَ جو جتَ پنهونءَ کان سواءِ جيئڻ هرگز نٿو ٿئي.
~ پنهونءَ جا ڀائر کيس اٺ تي چاڙهي سويل ئي هليا ويا آهن.
~ پنهونءَ جي ويهڻ جون خالي جايون ڏسي نيڻن مان نير پيا وهن.

سمجهاڻي

سسئي چئي ٿي:
پنهونءَ سوا ڪهڙو جيئڻ؟ ڪيئن گذارينديس اڪيلي، هي جبل جيڏيون اونداهيونراتيون.هي ويس وڳا ڍڪي ۽ هار سينگار ڪري ڪنهن کي ڏيکارينديس؟ ڪنهن سان رُسَنديس؟ ۽ ڪير پرچائيندو مون کي؟ ڪنهن سان ڪنديس ناز، انداز ۽ ادائون؟
پنهونءَ کي تہ اٺ تي کَنڀَي سندس ڀائر الائي ڪيڏانهن کڻي هليا ويا.هاڻي تہ هي کٽون، پلنگ ۽ خالي گهر ويرانلڳو پيو آهي. پنهونءَ پڄاڻان هن باغ جا وڻ سُڪِي ويا هن، ڪَوئِلِيُنِ بہ ڪوڪڻ ڇڏي ڏنو آهي. سمورا گل ڪومائجي ويا هن، سندن مِهڪَ اڏامي وئي آهي. سڄو سنسار اجڙي ويو آهي، اکين جا بند ڀڄي پيا هن، هي موتين مالهائون تہ وهڻ کان بس ئي نٿيون ڪن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

22/02/2015

وَوڙِيَمِ سَڀِ وَٿَاڻَ، يَارَ ڪَارَڻِ جَتَ جَي




وَوڙِيَمِ سَڀِ وَٿَاڻَ، يَارَ ڪَارَڻِ جَتَ جَي
اللهُ بِڪُلَ شَيءِ مُحِيطُ، اِيُ آرِيَاڻِي اُهڃَاڻَ
سَڀَ ۾ پُنهُون پَاڻَ، ڪَينَهي ٻِئَو ٻَرَوچَ رِي


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

وَوڙِيَمَ = ڳوليم، مون ڳوليا
وَٿَاڻَ = ماڳ، مڪان، رهڻ جون جايون
ڪَارَڻِ = لاءِ
جَتَ = اٺ چاريندڙ جي ذات
اَلَلهُ بِڪُلَ شيءِ مُحِيطُ = خدا سڀ ڪنهن شئي کي ڦريل آهي، سڀ ڪنهن شئي ۾ وسي ٿو، سندس وجود سمايل آهي.
اُهڃَاڻَ = نشان، پار پتا، سڃاڻپ

بيت جو پس منظر

~ مون پنهنجي محبوب پنهونءَ لاءِ سندس رهڻ جون سڀ جايون تلاش ڪيون.
~ اِها محبوب جي نشاني آهي تہ هو هر شئي ۾ سمايل آهي.
~ هُنَ کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪونهي، هو ئي سڀ شئي ۾ سمايل آهي.

سمجهاڻي

سسئي چئي ٿي :
مون پنهنجي محبوب پنهونءَ کي سندس رهڻ جي سڀني جاين ۾ ڳوليو آهي، پر هو تہ هر شئي ۾ ڏِسَڻَ ۾ آيو. هو پاڻ ئي سڀ شئي ۾ سمايو پيو آهي ۽ هن کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪونهي.
ڀٽائيءَ جو هي تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل علامتي بيت، محبوب حقيقي يعني خدا جي ذات جَي هر هنڌ، هر جاءِ، هر پل موجود هجڻ جو اهڃاڻ آهي. ڀٽائي اسان کي سسئيءَ جي مثال ذريعي سمجهائي ٿو تہ جيئن سسئيءَ پنهنجي محبوب پنهونءَ کي هر جاءِ ۽ هر هنڌ ڳوليو تہ کيس هر طرف، هر شئي ۾ پنهون نظر آيو.ايئين ئي محبوب حقيقي يعني خدا جي ذات زمين توڙي آسمان جي هر جاءِ، هر هنڌ، هر پل ۽ هر وقت موجود آهي.
صوفين جو خيال آهي لَا مَوجُودُ الاالله، يعني الله کان سواءِ ٻي ڪابہ شئي وجودنٿي رکي. ٻيون سڀ شيون فاني آهن، بقا صرف خدا جي ذات کي آهي جيڪو هر هنڌ، هر وقت ۽ هر شئي ۾ موجود آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

20/02/2015

مَوٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کَي ڏِهَو مَ جَيڏِيُون



مَوٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کَي ڏِهَو مَ جَيڏِيُون
نِهَارِيندِيَسِ نِڪِرِي، آرِيَاڻِي اَلِبَتِ
ڪَندِيَسِ اَوٽَ عَيبَ جَي، لَڪَنِ ڏَيئِي لَتَ
سَرِتِيُون شَرِيڪَتَ، آئُون ڪِنءَ اَگَنِ سِين ڪَرِيَان؟


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

مَصلِحَتَ = ٺَاھُ، سمجهوتو
ڏِهَو = ڏيو
مَ = نہ
آرِيَاڻِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جو اولاد _ پنهون
اَوٽَ = پردو، ڍَڪُ، تلافي
اَوٽَ عَيبَ جِي = پنهنجي خامين ۽ خطائن جي
شَرِيڪَتَ = برابري، مائٽي، همعسري
اَگَنِ = سردارن، رئيسن، آقائن _ پنهون سردار جو پٽ هو

بيت جو پس منظر

~ او جيڏيون! واپس موٽي هلڻ جي صلاح مون کي نہ ڏيو.
~ مان تہ ڀنڀور کان ٻاهر نڪري پنهنجي پنهل کي ڳولينديس.
~ لَڪَ لتاڙي پنهنجي خامين ۽ خطائن جي تلافي ڪنديس.
~ او سرتيون! منهنجي ڀلا ڪهڙي مجال جو پنهنجي آقائن سان برابري ڪيان.

سمجهاڻي

سسئيءَ جون سهيليون آسمان جيڏا اوچا پهاڙ ڏِسِي ڪنبي ويون کيس واپس هلڻ جي صلاح ڏنائون. سسئي پنهنجي حوصلي ۽ عزم تي قائم رهندي چيائين اوهين ڀلي وڃو. مان پنهنجي پنهل کي پهاڙن ۾ ڳولينديس.
پنهونءَ جي کنڀجڻ واري رات سسئي غفلت منجهان دير تائين جاڳي تہ هئي پر پوءِ کيس ننڊ نهوڙي وئي هئي. ان عيب جي تلافي ڪرڻ لاءِ هن جبل جهاڳڻ ۽ لڪن لتاڙڻ جو عزم ڪيو آهي. پنهون سردار جو اولاد ۽ سسئي ٻانڀڻ جو، تنهنڪري چئي ٿي پنهنجي آقا سان ڪهڙي برابري ڪنديس؟
پنهون سسئيءَ جو محبوب آهي سو چئي ٿي محبوب سان ڪهڙا ليکا؟ ڪهڙي همعسري؟ ۽ ڪهڙو سينو ساهينديس؟آئون تہ سندس پيرن جي خاڪ آهيان.
سو اچو تہ ڀٽائيءَ جي پيغام تي عمل ڪندي ڪنهن بہ مصلحت ۽ مفاهمت کي ترڪ ڪري ڌرتيءَ جا دودا ۽ جوڌا پٽ ٿي هر ظالم ۽ جابر خلاف مهاڏو اٽڪايون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

19/02/2015

سِجَ اُلَٿَي سَسُئِي، رَتَ وَرَڻَو رَوءِ



سِجَ اُلَٿَي سَسُئِي، رَتَ وَرَڻَو رَوءِ
پَهِي نَہ پَانڌِي ڪَو، جَنهِن ڪَرَ پُڇَي لَوءِ
مُوڙِهي وَڃَي تَوءِ، مَوٽَڻَ جِي ڪَانَہ ڪَرَي


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

اُلَٿَي = لهي وڃڻ سان
رَتَ وَرَڻَو = رت جي رنگ جهڙو، رت گاڏئون، رت جا ڳوڙها
پَهِي = واٽهڙو، مسافر
پَانڌِي = قاصد، نياپي وارو
ڪَرَ = کان، خبر
لَوءِ = ديس، وطن، ڳوٺ
مُوڙِهي = منجهيل، بي وقوف
تَوءِ = تنهن هوندي بہ

بيت جو پس منظر

~ سج لهي ويو آهي، سسئي رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙي.
~ ڪو واٽهڙو، ڪو مسافر، ڪو نياپو کڻي ويندڙ، ڪير بہ تہ ڪونهي جنهن کان پنهونءَ جي ديس جي پڇا ڪري.
~ هيءَ منجهيل پوءِ بہ واپس ورڻ جي نٿي ڪري.

سمجهاڻي

سسئيءَ کي هلندي هلندي، جبل جهاڳيندي سج لهي ويو آهي. روئي روئي اکين مان رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙي. سسئيءَ ڀلا اڳ تہ ڪڏهن هي پنڌ ڪيا ئي ڪونہ ھا۔ اڪيلي، جوان عورت، چوڌاري جبلن جون اڻ کُٽ قطارون. ڪو رستو، ڪو دڳ، ڪا واٽ ڪانهي ۽ هاڻي تہ اوندھ بہ ٿي وئي آهي.ڪير بہ تہ ڪونهي جنهن کان پنهونءَ جي پنڌ ۽ ديس جو ڏَسُ پڇي. هي اڻانگو، ورن وڪڙن وارو خطرناڪ سفر اڪيلي سر پئي ڪري. پر پوءِ بہ سسئي واپس ورڻ جو خيال لاهي اڳتي وڌنديٿي وڃي.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ منزلون ڪيتريون بہ اڻانگيون، دشوار ۽ اذيتناڪ ڇونہ هجن. هر حال، هر صورت مايوس ٿيڻو ناهي، منزل جي طرف سفر جاري رکڻو آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

18/02/2015

سَڌَائِتِي سَڀَڪَا ، بُکَ نہ بَاسَي ڪَا




سَڌَائِتِي سَڀَڪَا ، بُکَ نہ بَاسَي ڪَا
جَيهِي تَيهِي ذَاتِ جِي، جُنبَشِ ڪَانَهي جَا
مُون سِين هَلَي سَا، جَا جِيءُ مِٺَو نَہ ڪَرَي


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

سَڌَائِتِي = سَڌُنِ واري، خواهشن واري
جُنبَشِ = چرپر، هلڻ، جوش ۾ اچڻ
جَا = مَجَالَ

بيت جو پس منظر

~ هر ڪا سڌ ڪندڙ آهي، پر بک برداشت ڪرڻ لاءِ ڪا بہ تيار ناهي.
~ هن سفر ۾ ڪنهن جهڙيءَ تهڙيءَ جي هلڻ جي مجالَ ناهي.
~ مون سان تہ اُها هلي سگهندي جيڪا سر ساھ پيارو نہ ڪري.

سمجهاڻي

سَڌون ۽ خواهشون ڪرڻ انسان جي فطرت ۽ طبيعت ۾ سمايل آهي. هر ماڻهو چاهي ٿو تہ کيس هر شئي بغير ڪنهن قربانيءَ جي گهر ويٺي ئي حاصل ٿئي.خواهشون اڻ کٽ ۽ لامحدود هجن ٿيون، جيڪي سڀ جون سڀ ڪڏهن پوريون ناهن ٿيڻيون. ڀٽائيءَ جو هي بيت بظاهر تہ سسئيءَ جي انهن سهيلين جي باري ۾ آهي، جيڪي پنهونءَ تائين پهچڻ جي سفر ۾ ساڻس گڏ هليون هيون.سر ساھ صدقي ڪرڻ جي هام هڻڻ واريون بک ۽ اڃ بہ برداشت نہ ڪري سگهيون.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ لڳاتار محنت، جدوجهد ۽ جفاڪشيءَ ذريعي اوهان ڪاميابيون ماڻي سگهو ٿا.محبوب ۽ منزلون تہ ڪي ارڏا، اڏول ۽ مانجهي مڙس ماڻي سگهندا جيڪي پنهنجو سر سدائين تريءَ تي کڻي هلندا آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

16/02/2015

هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ



هَلُ هِنئَين سِين هَوتَ ڏَي، ڇَپَرِ هَڏِ مَ ڇُلُ
آرِيَاڻِي اَمُلُ، ڪَايَا ۾ ڪَانڌُ ٿِيَو


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

هَنئَين = دل
هَوتَ = پنهون
ڇَپَرِ = جبل
هَڏِ = هرگز
مَ = نہ
ڇُلُ = اُڇَلَ کاءُ، هَلُ، اڳتي وَڌُ
آرِيَاڻِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم جو اولاد _ پنهون.
اَمُلُ = بي بها، املھ ماڻڪ، هيرن، موتين، جواهرن جهڙو، انمول
ڪَايَا = بدن، وجود، جِندُ
ڪَانڌُ = مڙس، ڀتارُ، وَرُ

بيت جو پس منظر

~ جبلن ۾ رلڻ جي بجاءِ، پنهونءَ کي پنهنجي دل ۾ تلاش ڪر.
~ تنهنجو هيرن، موتين جهڙو مڙس، تنهنجي وجود ۾ آهي.

سمجهاڻي

پنڌ تہ هميشھ پيرن ساڻ ڪبو آهي پوءِ ڀٽائي سسئيءَ کي دل سان پنڌ ڪرڻ جي صلاح ڪيئن پيو ڏئي؟ کيس آگاهي بہ پيو ڏي تہ جنهن محبوب کي تون جبلن ۾ ٿي ڳولهين سو تہ تنهنجي وجود ۾، دل ۾ موجود آهي. ها محبوب جي رهڻ جي جاءِ دل ئي هوندي آهي.
دراصل ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت هدايت آهي انهن سالڪن لاءِ جيڪي حق جي ذات جا متلاشي آهن.جيڪي خدا کي رڻ پَٽَنِ، بيابانن، جهنگلن، جبلن ۽ عبادتگاهن ۾ پيا تلاش ڪن.
قران ۾ ارشاد آهي؛ وَ نَحنُ اَقِرَبُ اِلَيه مِن حَبُلُ الوَرِيد، ۽ مان اوهان کي ساھ جي رڳ کان ويجهو آهيان. سو ڀٽائي چئي ٿو تہ خدا کي پنهنجي اندر ۾، وجود ۾ ۽ دل ۾ ئي ڳوليو، هو اُتي ئيموجود آهي.

14/02/2015

جَو تُون ڏَورِين ڏُورِ، سَو سَدَا آهَي سَاڻُ تَو



جَو تُون ڏَورِين ڏُورِ، سَو سَدَا آهَي سَاڻُ تَو
لَالَنَ لَئہ لَطِيفُ چَئَي، مَنجِهي ٿِي مَعَذُورِ
مَنجَهان پَنئُن پَرُوڙِ، تَو مَنجِھ آهِسِ تَڪِيَو


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

ڏَورِين = ڳولين، تلاشين
ڏُورِ = پَرَي
لَالَنُ = پرين، محبوب
مَنجِهي = مَنجِھ ئي، اندر ۾ ئي، جهاتي پاءِ
مَنجَهان = اندران، دل اندر
پَنئُن = پاڻَ، ڍارَي جو هڪڙو داڻو، دَاءُ
پَرُوڙِ = ڄَاڻُ، سَمَاءُ لھ، ڳولِھ، تلاش ڪر
مَنجِھ = اندر ۾، دل ۾، تو ۾ ئي
تَڪِيَو = رهائش، رهڻ جي جاءِ، دَيرَو

بيت جو پس منظر

~ جنهن کي تون ٻئي هنڌ وڃي ٿي ڳولهين سو تہ توساڻ سدائين گڏ آهي.
~ او هيڻي ! تون پنهنجي اندر ۾ ئي جهاتيپائي ڏس.
~ پنهنجي پاڻ ۾ ئي کيس ڳولھ، هو تو ۾ ئي موجود آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت جيتوڻيڪ سسئيءَ کي هدايت آهي تہ پنهونءَ کي پري وڃي ڳولهڻ جي بجاءِ کيس پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪر.هو تو ۾ ئي موجود آهي، ڇو تہ محبوب هميشھ دل ۾ رهندو آهي.
دراصل تصوف ۽ وحدانيت جي گيڙو رنگ ۾ رڱيل ڀٽائيءَ جو هي بيت حق جِي ذات جو انسان جي اندر ۾ ، دل ۾، قلبَ ۾ موجود هجڻ جو اهڃاڻ آهي. صوفي چون ٿا خدا ڪنهن مسجد، مندر، گرجا گهر، چرچ، ڪليسا ۽ ڪعبي ۾ نہ، پر انسان جي پنهنجي اندر ۾ ۽ قلبَ ۾ موجود آهي.
قران شريف ۾ ارشاد آهي ؛ وَ فِي اَنِفُسِڪُم اَفَلَا تُبِصِرُون، ۽ مان انسان جي وجود ۾ آهيان پر هو ڏسي نٿو سگهي.
ڀٽائي هدايت ٿو ڪري تہ خدا کي پنهنجو پاڻ ۾ تلاشيو، هو توهان ۾ ئي موجود آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

سَاجَنَ ڪَارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي



سَاجَنَ ڪَارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي
اَندَرِ جَنِين اُڃَ، پَاڻي اُڃِيَو اُنِ کَي

سُرُ سَسُئِي آبِرِي

سَاجَنَ = پرين، محبوب
ڪَارَڻِ = لاءِ، سبب، خاطر
سُڃَ = ويراني، تڪليفون، اذيتون، اوجاڳا، پَنڌَ، ڪشالا
مَرُ= ڀل، خوشيءَ سان، دل سان
قَبُولِي = قبول ڪئي

بيت جو پس منظر

~ پرينءَ کي پسڻ لاءِ سسئيءَ خوشيءَ سان ڪشالا ڪيا.
~ جن جو اندر اڃيو آهي، پاڻي بہ ان جي ڳولا ۾ آهي.

سمجهاڻي

محبوب ۽ منزلن جا ڳولائو تڪليفون، پيڙائون، ڀوڳنائون، اذيتون، عذاب، انتظار، اوجاڳا ۽ اوسيئڙا خوشيءَ سان ڪن ٿا، ڪنهن جي چوڻ تي نہ .هنن اذيتن کي ڀوڳيندي ۽ لوڙيندي ڪا تڪليف ۽ درد تہ نہ البت هڪ اڻ ڏٺو سرور، سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي. تڏهن ئي تہ محبوب ۽ منزلن تان سر ساھ صدقي ڪندي عاشق سرهائي محسوسڪندا آهن.
سسئيءَ هي جيڪي جبل جهاڳيا، ڪشالا ڪيا، بکن ۽ اڃن ۾ پاھ ٿي. ان ۾ کيس سرور، سڪون ۽ مزو محسوس ٿيو هوندو. جن کي محبوب ۽ منزلن جي تلاش آهي، ڳولا آهي، محبوب ۽ منزلون بہ سندن لاءِآتيون آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

13/02/2015

مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ




مُحَبَتَ جَنِ جَي مَنَ ۾، تَنِ تَشِنِگِي تَارِ
پِي پِيَالَو اُڃَ جَو، اُڃَ سِين اُڃَ اُٿِيَارِ
پُنُهُون پَاڻَ پِيَارِ، تَہ اُڃَ سَان اُڃَ اُجَهائِيَان


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

مَنَ ۾ = دل ۾،
تَشِنِگِي = اُسَاٽَ، اُڃَ
اُڃَ = پياس، تئونسَ، هتي اڃ جي معني' سڪ بہ ٿيندي
تَارِ = ٽمٽار، گهڻي، اُٿَاھُ
اُٿِيَارِ = جاڳاءِ، اٿارِ، وڌاءِ، ڀڙڪاءِ
اُجَهائِيَان = وِسَايَان، ٻُجَهايَان، ماٺو ڪيان

بيت جو پس مظر

~ جن جَي اندر ۾ عشق آهي تن کي سدائين اٿاھ اڃ رهي ٿي.
~ تون بہ اِهو اڃ جو پيالو پي، اڃ کي اڃ سان اٿارِ.
~ او پنهون! تون پنهنجي هٿن سان اڃ جو جام پيار تہ هن اڃ کي اڃ سان ئي ماٺو ڪيان.

سمجهاڻي

جن کي اندر ۾ عشق لڳل آهي سي عشق جي ان وهندڙ درياھ هوندي سدا اڃارا رهن ٿا.سندن اِها اڃ، اساٽ، پياس ۽ محبوب ملڻ جي سڪ ۽ اڪير ڪڏهن ختم ٿي وڃي، ايئين ٿي ئي نٿو سگهي. محبوب تہ اهڙي انمول ۽ املھ ماڻڪ شئي آهي جو ان جي صحبت ۽ محبت مان ڪڏهن ڍؤ ٿيڻو ئي ڪونهي. ڪڏهن هن سڪ جي پيالي مان چُڪِي چکي ڏسو اوهان جي اندر ۾ باھ ڀڙڪي پوندي.
سسئي چئي ٿي ؛ او محبوب پنهون! هي محبت جو جام مون کي پنهنجي هٿن سان پيار تہ اندر ۾ لڳل تنهنجي سڪ جي اڃ کي، تنهنجي ئي ڏنل جام سان ٿڌو ڪيان.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

12/02/2015

جَي سِجَهائَي سِڪَ، تَہ پِڻُ سِڪَي سَسُئِي




جَي سِجَهائَي سِڪَ، تَہ پِڻُ سِڪَي سَسُئِي
پِتَائِين پُنُهَونءَ کَي، هَڏِ نَہ ڀَڳِيَسِ هِڪَ
اِنَ تَڙَ مَنجَهان تِڪَ، ڏِنَي پَاڻَ اُڃَ ٿِئَي


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

سِجَهائَي = ڳاريسِ، جلائيسِ، پچائيسِ، جهوريسِ
پِيتَائِين پُنُهُونءَ کَي = پنهونءَ جي صحبت جو جام پيتائين
ڀَڳِيَسَ = لٿسَ، پوري ٿيسِ
تَڙَ = گهيڙ، چشمو، درياھ، سمنڊ
تِڪَ = ڳِيتَ، سرڪي

بيت جو پس منظر

~ جي سسئي سِڪَ ۾ ڪباب جيان پچي پئي تہ بہ سِڪَڻَ کان نہ مڙي.
~ هن پنهونءَ جي صحبت جو، جيڪو جام پيتو آهي، تنهن سِڪَ اڃان سوائي ڪريڇڏي اٿسَ.
~ هن عشق جي درياھ مان جنهن بہ چُڪِي پيتي ان جي اُڃَ اڃان وڌي وڃي ٿي.

سمجهاڻي

هي عشق جو مها ساغر جيڪو سدا وهندو رهي ٿو ان مان پنهنجي اُڃَ اُجَهائڻَ لاءِ جنهن هڪ دفعو سُرِڪِي پيتي تہ سندس پياسَ اڃان وڌي وڃي ٿي. جيڪو بہ محبوب جو جلوو پَسِي هن لازوال حُسُنَ تي موهت ٿي پيو، ۽ عشق جو جام پيتائين ان جي پِيَاسَ هن هيڏي وسيع ۽ وِشالُ ساغر هوندي ڪڏهن ختمناهي ٿيڻي.
سو سسئي بہ جيڪڏهن پنهونءَ جي صحبت ۾ پچي، سيڪجي ڪباب جيان ٿي پئي تہ سندس سِڪَ ڪڏهن ختم ناهي ٿيڻي.ڇو تہ پنهونءَ جي صحبت جو جيڪو جام سسئيءَ پيتو آهي، تنهن سندس اُڃَ ۽ اُسَاٽَ ويتر وڌائي ڇڏي آهي.


_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

10/02/2015

وَرُ اُوندَاهِي رَاتِڙِي، کُوءِ چَانڊَوڻِيءَ چَانڊَان




وَرُ اُوندَاهِي رَاتِڙِي، کُوءِ چَانڊَوڻِيءَ چَانڊَان
اَورَي مَيهَارَان، مُنهُن مَ پَسَان ڪَو ٻِيَو !!


سُرُ سُهِڻِي

وَرُ = موٽي آءُ پر هتي معني' ٿيندي ڀلي، هميشھ
کُوءِ = کَڏَ ۾ پئي
چَانڊَوڻِي = چانڊوڪي، چنڊ جي روشني
چَانڊَان = چانڊوڪيءَ کان
اَورَي مَيهَارَان = ميهار وٽ پهچڻ کان اڳ
مَ = نہ

بيت جو پس منظر

~ اهيا چانڊوڪي وڃي کڏ ۾ پئي. چانڊوڪي رات کان تہ بهتر اُونداهي رات آهي.
~ ڇو تہ ميهار سان ملڻ کان اڳ متان ڪنهن ڌارئي ماڻهونءَ تي نہ نظر پئجي وڃي.

سمجهاڻي

آڳاٽي زماني ۾ جڏهن اڃان بجليءَ جو تصور بہ نہ هيو تہ روشني باھ، ڏِيئي، چمني، لالٽين ۽ چنڊ ذريعي حاصل ڪئي ويندي هئي. چنڊ ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعريءَ ۾ ڏات ڌڻين لاءِ ڏاڍو اتساهيندڙ رهيو آهي. محبوب کي چنڊ سان ڀيٽا بہ ڏني وئي تہ وري محبوب کي چنڊ کان مٿاهون بہ سڏيو ويو.چنڊ ذريعي محبوب کي ميارون، شڪايتون، نياپا، سنيها ۽ پيغام بہ پهچايا ويا.محبوب سان ملڻ وارن عاشقن وري چانڊوڪي رات کان اُونداهي رات کي ترجيح پئي ڏني آهي.
هن بيت ۾ سهڻي چانڊوڪيءَ تي ڪاوڙيل ٿي ڏيکارجي ۽ اُونداهي رات کيس وڻي ٿي. سهڻي چئي ٿي تہ اها چانڊوڪي جيڪر کڏ ۾ وڃي پئي. سدائين اُونداهيون راتيون هجن. چنڊ اڀري ئي نہ تہ جيئن محبوب ميهار سان هر رات ملاقات ٿئي.جي چانڊوڪي هوندي تہ ميهار سان ملڻ کان اڳ ڪو ٻيو نہ مُنهِن پئجي وڃي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

07/02/2015

سَاهَڙَ ڌَارَان سُهِڻِي، نِسَورِي نَاپَاڪَ




سَاهَڙَ ڌَارَان سُهِڻِي، نِسَورِي نَاپَاڪَ
نِجَاسَتَ نَاھِ ڪَرَي، اُنِيَنِ جَي اَوطَاقَ
هُوءِ جَي کِيرَ پِيَاڪَ، پَاسَي تَنهِين پَاڪُ ٿِئَي

سُرُ سُهِڻِي

ڌَارَان = کانسواءِ
نِسَورِي = ماڳهين، رُڳِي، نِجِي
نَاپَاڪَ = مِيرِي، مَيرَي مٿي سان، تڙ سان
نِجَاسَتَ = پليتائي، ناپاڪائي
نَاھِ = وڃائي، وڃائيندي
اُنِيَنِ = انهن
اَوطَاقَ = آستان، وٿاڻ، بيٺڪ، ڪچهري گاھ
کِيرَ پِيَاڪَ = کير پيئندڙ
پَاسَي = ڀر ۾، هنج ۾، ڀاڪر ۾

بيت جو پس منظر

~ ساهڙ کانسواءِ سهڻي ماڳهين ناپاڪ آهي.
~ هُوءَ جڏهن ميهار جي آستان تي ويندي تہ پنهنجي ناپاڪائي ڌوئي صاف ڪندي.
~ هو جيڪي مَينهُنِ جو کير پيئندڙ آهن جڏهن انهن جي ڀر ۾ ويندي تڏهن پاڪ ٿيندي.

سمجهاڻي

ڀٽائي عورت جي آزاديءَ جو حامي ۽ علمبردار آهي. ڀٽائي سهڻيءَ جي ڏم سان غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير شرعي، ڏاڍ، جبر ۽ زبردستيءَ سان ڪرايل شاديءَ جي خلاف حق جو آواز بلند ڪيو آهي.
دنيا جا سڀ قانون ۽ مذهب عورت کي اهو حق ڏين ٿا تہ عورت کي انسان سمجهي سندس جذبن ۽ احساسن جو احترام ڪندي شاديءَ جي معاملي ۾ پڇيو وڃي تہ هُوءَ زندگي ڪنهن سان گڏ گذاريندي؟
سڀني کي خبر هئي تہ سهڻيءَ جو ميهار سان پيار آهي پر سندس شادي ڏاڍ ۽ زبردستي ڏم سان ڪرائي وئي. تنهنڪري ڀٽائي سهڻيءَ جي ڏم سان شاديءَ کي ناجائز ۽ حرام سمجهي ٿو.
ڀٽائي چئي ٿو ساهڙ کانسواءِ سهڻي جڏهن ڏم سان سمهي ٿي تہ ماڳهين ناپاڪ ٿي پئي ٿي. سندس اها پليتي تڏهن دور ٿئي ٿي جڏهن ميهار جي وٿاڻ تي وڃي ٿي. هو جيڪو مَينهُنِ جو ميهار ساهڙ آهي سهڻي جڏهن ان جي پاسي، هنج يا ڀاڪر ۾ سمهي ٿي تڏهن پاڪ ٿئي ٿي.
ڇو تہ ميهار ئي سندس پيار آهي ۽ سندس جسم تي صرف ان جو ئي حق آهي ڏم جو نہ.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

04/02/2015

گَهرُ نَہ وَرُ، وَٿُ ڪَا، آهِمِ مَنُ مَيهَارُ




گَهرُ نَہ وَرُ، وَٿُ ڪَا، آهِمِ مَنُ مَيهَارُ
اِنَ اَوسِيَڙَي اُٿِيَان، سَنجَهي ڪَرَي سِينگَارُ
پِرِين! تُنهِنجَو پَارُ، پَسَان مَانَ پَرِ ڪَنهِين


سُرُ سُهِڻِي

وَرُ = مڙس، ڪانڌ، ڀَتَارُ
وَٿُ = شيءَ، شَئَي
آهِمِ = آهيم، مون کي آهي
مَنِ = مَنَ ۾ ، دل ۾
اَوسِيَڙَي = انتظار ۾، خيال ۾، ڳڻتيءَ ۾
اُٿِيَان = اُٿَان، تيار ٿيان
سَنجَهي = سومهڻيءَ
سِينگَارُ = هار سينگار، ويس وڳا، زيبائش، ميڪ اپ
پَارُ = طرف، نشان
پَسَان = ڏسان
مَانَ = مَنَ، جيڪر، هوند
پَرِڪَنهِين = ڪنهن ريت، ڪنهن طريقي

بيت جو پس منظر

~ منهنجي دل ميهارَ سان آهي، باقي گهر، مڙس يا ڪنهن ٻي شئي سان واسطو ناهي.
~ ان فڪر ۾ هوندي آهيان تہ ڪڏهن ٿو سج لهي سومهڻي ٿئي تہ ويس وڳا ڍڪي سينگارَ ڪري محبوب ڏي وڃان.
~ او پرين! شال ڪنهن بهاني سان رڳو تنهنجي طرف پهچان.

سمجهاڻي

سهڻيءَ جي جيتوڻيڪ ڏَمَ سان شادي ٿيل هئي پر سهڻي ڏم کان نفرت ڪندي هئي.ڇوتہ ڏم سان شاديءَ کان اڳ سهڻي ميهارَ سان پيار ڪندي هئي.پر اڄ ڪلھ جي مدي خارج، پراڻين ريتن رسمن وانگر ان وقت به سهڻيءَ جي ميهار سان شادي ڪرائڻ جي بجاءِ ڏم سان زبردستي پرڻائي وئي.
سهڻي ڏَمَ کي پنهنجو مڙس ۽ سندس گهر کي پنهنجو گهر مڃڻ لاءِ تيار ناهي.تڏهن تہ چئي ٿي منهنجو ڪوبہ مڙس، گهر ۽ ٻيو ڪو سهارو ناهي.منهنجي مَنَ جي مندَرَ ۽ دل ۾ تہ صرف ميهارُ ئي وسي ٿو.
تنهنڪري تہ سومهڻيءَ جو ئي ويس وڳا ڍڪي، خوشبودار تيل لڳائي، ميندي ۽ مساڳ هڻي پنهنجي محبوب سان ملڻ جي لاءِ تياري ڪيان ٿي.منهنجي تہ هر پل اِها آس رهي ٿي تہ شال ڪنهن بہ ريت محبوب ميهار جو وٿاڻ پسان.
ڀٽائي هن بيت ۾ وڏيرڪي سماج جي گندين رسمن کان سهڻيءَ جي ڪردار ذريعي بغاوت جو اظهار ڪيو آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

ڏِٺَي ڏِينهَن ٿِيَامِ، ڪَوھُ ڄَاڻَان ڪَهِڙَا پِرِين



ڏِٺَي ڏِينهَن ٿِيَامِ، ڪَوھُ ڄَاڻَان ڪَهِڙَا پِرِين
سَهَسِين سِجَ اُلَهِي، وَاجَهائِيندَي وِيَامِ
تَنِين سَالَ ٿِيَامِ، جَنِين سَاعَتَ نہ سَهَان

سُرُ سُهِڻِي

ٿِيَامِ = ٿيم، ٿيا آهن، گذري ويا هن، لنگهي ويا هن
ڪَوھُ = ڇو، ڇاجي ڪري، ڪيئن
سَهَسِين = سوين
اُلَهِي = لهي، هيٺ ٿي
وَاجَهائِيندَي = تڪيندي، راهون نهاريندي
وِيَامِ = وِيَمِ، گذري ويا
سَاعَتَ= گهڙي بہ، پل بہ

بيت جو پس منظر

~ محبوبن کي ڏٺي الائي ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن. خبر ئي ڪونهي تہ ڪيئن هوندا.
~ دڳن ۾ ديدون وڇائيندي ڪيئي سج لهيويا هن.
~ جن کان پل پري ٿيڻ بہ عذاب جيان هو، تن کي سال ٿي ويا هن.

سمجهاڻي

منهنجا محبوب خبر ناهي الائي ڪهڙن حالن ۾ هوندا؟ ڪڏهن تہ گڏ کلندا گڏ روئندا هئاسين ۽ گڏ جيئڻ مرڻ جا وچن ڪياسين. هنَ سوا تہ پل بہ نہ گذرندو هيو. اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي پيا ليئا ۽ جهاتيون پائيندا هئا. ايندو هيس تہ مُنهَن تي مُرِڪَ آڻي آجيان ٿيندي هئي.پنهنجي ٻانهُنِ جا هار ڪنڌ ۾ وجهي ڀاڪر ۾ بند ڪري ڇڏيندا هئا. منهنجي ٻانهَن تي ڪنڌ رکي هنج ۾ ئي ليٽي پوندا هئا.
هاڻي تہ کين ڏٺي ڏينهن ٿي ويا آهن. ڪيئي سج اڀري لهي ويا سندن راهون نهاريندي.جن کان پل پري ٿيڻ گناھ ۽ عذاب هو تن کي تڪيندي ڪيئي سال لنگهي ويا آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

03/02/2015

سِڪَ سِڪَندِيُنِ لَاھِ، وِڇَوڙِيَا مَيڙِ پِرِين



سِڪَ سِڪَندِيُنِ لَاھِ، وِڇَوڙِيَا مَيڙِ پِرِين
اَيڏِي سَگَھ سَچَا ڌَڻِي!، تَوئي کَي جُڳَاءِ
تَنُ جِنِين جَو طَالِبُو، مِهِرَ تَنِين کَي پَاءِ
مَيڙَائَي جَو مَاءِ، ڪَانگُ لَوَندَو ڪَڏَهِين


سُرُ سُهِڻِي

سِڪَندِيُنِ = سڪڻ وارين
وِڇَوڙِيَا = وڇڙيل، جن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا
مَيڙِ = ملاءِ، ملاقات ڪراءِ
سَگَهھ = طاقت
سَچَا ڌَڻِي = مولا پاڪ جي ذات
تَوئِي کَي = توکي ئي، صرف توکي
جُڳَاءِ = جڳائي ٿي، تون ايئين ڪري سگهين ٿو
تَنُ = جسم، بدن، دل
طَالِبُو = طالب، طلب رکندڙ، اُڪِيرَ رکندڙ
مِهِرَ = تَرِسُ، رحم، ڀلائي
پَاءِ = وِجِهينسِ، ڏِينسِ
مَيڙَائَي = ميلاپ، ملاقات، وِصَالُ
مَاءِ = ماءُ، جيجل امڙ
لَوَندَو = ٻوليندو

بيت جو پس منظر

~ جيڪي وڇڙي ويا آهن انهن کي ملائي سِڪَ واريُنِ جي سڪ پوري ڪر.
~ اِها طاقت تہ مولا پاڪ صرف تنهنجي ئي ذات کي ٿي سُونهَين.
~ جَنِ جِي جسم کي اُڪير آهي تَنِ جَي دل ۾ ترس پيدا ڪر.
~ او جيجل امان! اُهو ملاقات ڪرائڻ وارو ڪانگ ڪڏهن ٻوليندو.

سمجهاڻي

او مولا پاڪ جي ذات ! اُهي محبوب وري ڪڏهن ملندا جن کي جدا ٿئي سال لنگهي ويا آهن تہ ساڻن ملاقات ناهي ٿي، ۽ نہ وري هو پاڻ ئي اچڻ جي ٿا ڪن. هي جسم، جان، جيرا، بڪيون، دل ۽ اکيون انهن جي ڏسڻ لاءِ آتيون آهن.
او ڪائنات جا مالڪ ! تون ئي سڪ واريُنِ جي سڪ پوري ڪندو آهين. تون ئي وڇڙي ويلَ ملائيندو آهين. اِها طاقت تہ صرف تنهنجي ئي ذات کي حاصل آهي. او سائين! تون ئي محبوبن جي دل ۾ ترس پيدا ڪر، ڪو روح ۾ رحم ڏِينِ تہ من اچڻ جي ڪَنِ. ڇو تہ تون ايئين ڪري سگهين ٿو، سڀ ڪجھ تنهنجي ئي اختيار ۾ آهي.
او جيجل ماءُ! اِهو تہ ٻڌاءِ اُهو محبوبَ سان ملاقات ڪرائڻ وارو ڪانگ ڪڏهين اسان جي ڀت تي ٻوليندو؟ تہ ها هاڻي محبوب اَچَنِوَ پيا جن لاءِ سڪندا هيئو.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

02/02/2015

سِڪَ تُنهِنجِي سُپَرِين، اَندَرَ ۾ اُجَهاڳُ



سِڪَ تُنهِنجِي سُپَرِين، اَندَرَ ۾ اُجَهاڳُ
مَنجِهيِنِ ڀَرِيَا مَاڳَ، پَلِٽِيَا پَارِيُون ڪَرَي


سُرُ سُهِڻِي

سِڪَ = اُڪِيرَ، تڙپ، چَاھُ، تَانگَھ
سُپَرِين = محبوب، سر ساھ جو مالڪ
اُجَهاڳَ = بيحد، تمام گهڻي، اڻ کُٽُ، بي انداز، شديد
مَنجِهيِنِ = اندر ئي، اندر ۾ ئي، اندران ئي اندران
ڀَرِيَا = ٽمٽار ٿي ويا
ماڳَ = هنڌ، جاءِ پر هتي معني' ٿيندي جسم جا اوسا پاسا
پَلِٽِيَا = اُٿلي پيا، زور سان وسي پيا
پِارِيُون = نيسارا، ريلا، وسڪارا، لڙڪن لارون

بيت جو پس منظر

~ او محبوب تنهنجي سڪ منهنجي اندر ۾ هاڻي تہ تمام گهڻي ٿي وئي آهي.
~ منهنجي اندر جا اوسا پاسا سڪ سان ٽمٽار ٿي اٿلي مِينهَن جيان وسڻ لڳا آهن.

سمجهاڻي

او محبوب !! تنهنجي سڪ ۽ اُڪير نہ رڳو دل ۾ لڳي آهي پر چپن تي بہ چوويھ ئي ڪلاڪ تنهنجو نالو آهي. منهنجي دل ۽ چپن کانسواءِ رڳ رڳ، وار وار ۽ لُونءَ لُونءَ پئي تو لاءِ سِڪَي.جيئنءَ سانوڻي مند ۾ سنڌو موج مستيءَ ۾ اٿلي شهر، ڳوٺ، وستيون، واهڻ، فصل، ٻنيون ٻوڙيندو آهي. تينئن تنهنجي سڪ بہ منهنجي اندر ۾ اُٿلي پئي آهي.
جيئن چوماسي جو مِينهُن وسڪارا لائي وسي هارجي پوندو آهي ايئين منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا هن.منهنجي اکڙين مان لڙڪن لارون موتين مالها جي لڙيءَ جيان هر پل وسي رهيون آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

01/02/2015

تَرَان تَان مَرَان، وَرَان تَان وَھَ وِتِرَو




تَرَان تَان مَرَان، وَرَان تَان وَھَ وِتِرَو
هِنئَڙَي ۾ هَوتَنِ جَا، اَچَنِ گُهؤرُ گَهڻَا
پَسِيَو پَاڙَي وَارِيُون، ڏِسِيَو ڏَوھَ ڏَرَان
وِچَان ڪِيئَن وَرَان، ڪَنڌِيءَ مُنهِنجو ڪَارَڻِي


سُرُ سُهِڻِي

تَان = تہ
وَرَان = موٽي وڃان، واپس ٿيان
وَھَ = وهڪرو، نينهن، لاڙو
وِتِرَو = گهڻو، وڌيڪ، جهجهو
هِنئَڙَي = دل ۾، مَنَ ۾
هَوتَنِ = مجبوبن
گُهؤرُ = خيالَ ، پُورَ
ڏَرَان = ڊڄان، خوف ٿو ٿئيمِ
ڪَنڌِيءَ = ڪناري تي، ڪپرَ تي
ڪَارِڻِي = وسيلو، سبب (ميهار)

بيت جو پس منظر

~ جي اڃان ترنديس تہ مرنديس ۽ جي واپس ٿينديس تہ وري پاڻيءَ جو وهڪروتيز آهي.
~ دل ۾ محبوب ميهار جا خيال بہ پيا اچن.
~ منهنجا تہ پاڙي وارين کي ڏسي خوف ۾ ڏوھ بہ ڏڪيو وڃن.
~ اڌ مان پوئتي ڪيئن موٽي وڃان، هي ڪناري تي تہ منهنجي محبوب جووٿاڻ آهي.

سمجهاڻي

خيال مثبت ۽ منفي هر وقت هر انسان کي ايندا رهندا آهن. ننڊ ۾ وري خوابن جي صورت ۾ سلسلو جاري رهندو آهي.
اڄ سهڻي جڏهن درياھ ترندي پئي وڃي تہ کيس بہ مختلف خيالن ۽ سوچن اچي گهيرو ڪيو آهي. اڄ درياھ بہ پنهنجي پوري آب تاب سان موج مستيءَ ۾ آهي. تيز ڇوليون ۽ تکو وهڪرو ويتر ماحول کي خوفائتو بڻائي رهيا آهن. سهڻي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ٿي چئي تہ اڃان اڳتي وڌيڪ ترنديس تہ ٻڏي پونديس ۽ جي پوئتي موٽنديس تہ پاڻيءَ جو وهڪرو نهايت تيز آهي.مٿان وري محبوب ميهار سان رهاڻ رچائڻ جا خيال بہ پيا ٿا اچن. پاڙي وارين ماين جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌي منهنجا خوف ۾ ڏوھ ڏڪي ٿا وڃن. پر هاڻي سهڻي پاڻ سنڀالي وئي آهي. سندس عزم، حوصلي ۽ همٿن ۽ ميهار سان ڪيل وچن کيس سهارو ۽ آٿت جو ڏني آهي.
سو هاڻي چئي ٿي ڪين موٽنديس هي ڀرسان ڪناري تي ئي تہ محبوب ميهار جو وٿاڻ ڏسڻ ۾ پيو اچي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل