30/04/2015

پاڻهئين پَچي پِيئيُون، ريءَ واهِيتَ، ريءَ واڙِ،




پاڻهئين پَچي پِيئيُون، ريءَ واهِيتَ، ريءَ واڙِ،
جُوءِ ڪُشادي جِيڏِيين، مَلِيرَ موڪَ مُهاڙِ،
اُت اَباڻان جِنهن جا، سا ماڙيءَ مُورِ مَ چاڙِه،
جي اُڪنڍِيُون آراڙِ، لوههَ تَنِين کي لاهِيين.


سر مارئي

وَاهيَتَ = چوڪسي، پَهرَو، سنڀال، نگهباني
وَاڙ = لوڙهو
جُوءِ ڪُشادي = مال چارڻ لاءِ ويڪرا، کليل ۽ ڪشادا ميدان
موڪَ = جهجهو، گهڻو، ڪشادو
مُهاڙ = آڳرُ، آڳنڌ، مُهاڳ
مُور = بنهه، اصل، متان
چاڙه = قيد ۾ رک
اُڪنڍيون = سڪايليون
آراڙ = آراڙي - ٿر ۾ هي گاهه برسات کان پوءِ ڦٽي ٿو، پن سنها ۽ چوٽيءَ ۾ اڇي رنگ جا گُل ٿيندا اٿس. ٿري ماڻهون گلن سوڌو گاهه وڍي ان مان ڀاڄي تيار ڪندا آهن. پنن ۽ گلن کي ٽهڪائي ڏڌ ۾ ملائي رائتو ٺاهيندا آهن. آراڙيءَ جو ذائقو کٽو ٿيندو آهي ٿر ۾ ڦوڳيسي به چون. لاڙ ۾ وري ڏونئرن جي ٻج جي ڀت کي آراڙو يا آراڙي سڏيندا آهن.

بيت جو پس منظر

~ هي جيڪي ساڏوهيون يا اڇي رنگ جا پيرون آهن سي بغير ڪنهن لوڙهي يا سنڀال جي پاڻ ئي پچي پون ٿا.
~ ملير جي مهاڳ ۾ ئي سرتين جي گهمڻ ڦرڻ لاءِ کليل ۽ ڪشادا ميدان آهن.
~ جنهن جا اباڻا ملير رهيا تنهن کي ماڙين ۾ قيد نه ڪر.
~ جي آراڙيءَ جون سڪايل آهن تنين کي زنجيرن مان آزاد ڪر.

سمجهاڻي

ٿر ايراضيءَ ۽ پکيڙ جي لحاظ کان ڪافي وسيع، وشال ۽ ڪشادو آهي. برسات کان پوءِ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي آهي. مختلف قسم جا ميوا ۽ ڀاڄيون پاڻهي ڦٽيو پون، نه ته انهن جو ٻج ڇٽڻو ٿو پئي ۽ نه وري ڪا نگهباني يا سنڀال ڪرڻي پئي ٿي. مارئي عمر کي چئي ٿي :
جيڪي لذيذ پَيرُن ۽ آراڙيءَ جي ڀاڄين، ڏڌ، لسي، مکڻ، رانئتي ۽ ڦوڳيسيءَ جون سڪايليون آهن. تن کي زنجيرن مان آزادي ڏي ته وڃي پنهنجي مارن سان ملن.
هن بيت ۾ ڀٽائي عُمر جي ڏاڍ، جبر ۽ زور زبردستيءَ سان ڪنهن جي ننگن کي يرغمال ڪري ميري اک رکڻ کي ننديندي مطالبو ٿو ڪري ته مارئيءَ کي قيد مان آزاد ڪري ملير وڃڻ جي موڪل ڏي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جُهڙ ڦڙ مٿي مارُئين، جت چيها، چلُڙ، چِڪَ



جُهڙ ڦڙ مٿي مارُئين، جت چيها، چلُڙ، چِڪَ
اندرُ ٿو اُڃَ مرَي، ساهه انهن جي سِڪَ
پيَهُون شالَ پَهيُون ڀرَي، تئان ڏيئي تِڪَ
وَرَ پريان سين پِڪَ، ٻئيا ڀاڻَ ڀَريائي گهوريان.


سُرُ مارئي

چيها = گاهه جو قسم
چلُڙ = گپَ
اُنيَن = انهن
پيَهُون = پيون
پَهيُون = پياليون، وٽيون، تسريون
تئَان = تتان، سڪ جي سر چشمي منجهان
تڪَ = سُرڪي، ڳيت
پريان = پرين - سرائيڪي ٻوليءَ جو لفظ
پڪَ = هڪ سُرڪي، چُڪَو - محبوب جي وات تان لٿل يا پياريل هڪ چُڪي.
ڀاڻَ = پيالا، وٽا
ڀريائي = ڀريل ئي

بيت جو منظر

مارئي ٿي چئي ته منهنجي مارن جي ملڪ تي وسڪارو ٿيوآهي سو اُتي ساوا گاهه ڦٽا آهن ۽ مينهَن جي ڪري گپ چڪ به ٿي آهي.
منهنجي دل ۽ ساهه انهن جي سڪ ۾ جهڄي ۽ جُهري پيو آهي.
جيڪو پَلُرَ جو پاڻي هيٺاهين ۾ گڏ ٿيو آهي سو جيڪر پيالا ڀري ڳيتون ڏئي ڍؤڪري پيان.
او عمر ! منهنجي محبوب سان گڏجي سندس وات تان لٿل جي هڪ سُرڪي به ملي پئي ته ٻيا هڙئي پيالا ان هڪ سُرڪيءَ تان صدقو ڪيان.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت جي منظرنگاري دلڪش ۽ رومانٽڪ انداز ۾ بيان ڪئي آهي. وسڪاري کان پوءِ ٿر جنت جو ڏيک پيو ڏئي. هر پاسي ساوڪ، سبزيون، گُلَ ۽ ٻوٽا ماحول کي معطر ۽ دلفريب ڪن ٿا.
تنهن ويل وري محبوب جي ياد، سڪ، اُڪير ۽ اڃ جيءُ جهوري ٿي ڇڏي. مٿان وري مينهَن جي گڏ ٿيل پاڻيءَ سان سالن جي سڪايل اڃ کي اُجهائجي ڪي پيالا ڀري ته به اڃ نه لهي . محبوب پنهنجي هٿن سان سندس وات تان لٿل هڪ سُرڪي جي پياري ته جيڪر سڀ پيالا صدقي ڪجن.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

29/04/2015

چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ



چُرَنِ، چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، رهيا اَندَرِ رُوحَ
اُٺي وِيَڙا اُڪِري، مارُو مَٿي مُوهَ
وَيرُون وِلوڙَڻَ جُون، سارِيان گَھڻو صُبُوحَ
وَرُ سَي کارا کُوهَ، سِنجيَمِ جي ساڙيهَ جا!


سر مَارُئي

چُرَن = ياد پون، ياد اچن
چُڻڪَن = هُرَن، ياد پون، چمڪن، چنڊ ستارن جيان پيا چمڪن
چتُ = دل، مَنَ
اُڪري = نڪري
مُوهَ = مهڙ، موهڙ، مهاڙ، مهاڳ
وَيرُون = مهلون، گهڙيون، وقت، ساعت، پلَ
ولَوڙڻ = مَهي ولوڙڻ، ڏڌ ولوڙڻ
وَرُ = ڀلا، بهتر، نعمت
سنجم = پاڻي ٿي ڪڍيم، ڀريم
سَاڙيهَ = ساڻيهه، وطن، ملڪ

بيت جو پس منظر

~ جيڪي دل ۾ پيا سدائين ياد اچن ۽ جيڪي روح ۾ ئي ٿا رهن.
~ تن ماروئڙن مينهَن جي مند ۾ نڪري وڃي ڀٽون وسايون آهن.
~ صبح ٿيندي ئي اهي گهڙيون ياد ٿيون اچن جڏهن ڏڌ ولوڙيندي هيس.
~ وطن جا اُهي کارا کوهه جتان پاڻي ڀريندي هيس سي ڀلا آهن.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت مارئيءَ جي ساروڻين ۽ يادگيرين جي عڪاسي آهي. مارئي ٿر، مارن، ولوڙن ۽ کوهن کي ياد ڪندي
چئي ٿي :
اُهي مارو ڪيئن وساري سگهنديس، جيڪي سدا ياد اٿم. جيڪي رهن ئي منهنجي دل ۽ روح ۾ ٿا. هينئر جڏهن مينهَن وسيا هن ته مارو پَکا ڇڏي، مالَ ڪاهي ڀٽن ڏانهن هليا ويا هوندا. اتي مال کي به چاريندا، فصل ۽ ڀاڄيون به پوکيندا. هن قيد ۾ صبح ٿئي ٿو ته مون کي ولوڙا ياد ٿا پون. جڏهن مهي ولوڙيندي هيس. مکڻ جا چاڻا ۽ لسي جام ٿيندي هئي. ٿر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هجي ٿي سو اهي کارا کوهه به اسان مارن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن. وڏي اَسُرَ ويل اٿي وهٽ ڪاهي پاڻي ڀرڻ ويندي هيس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

مُون مَاڙيَ جو، سُومرَا ! ٻِنين پارَين ڏُکُ



مُون مَاڙيَ جو، سُومرَا ! ٻِنين پارَين ڏُکُ
هِتِ عُمَرَ جو اُهُکُ، هُتِ مَارُو ڏِينم مَيهَڻا


سر مَارُئي

مَاڙيَ = بنگلن ۾، محلن ۾
ٻنين = ٻنهين
پَارَين = پاسن کان، طرفن کان
اُهُکُ = ڏک, اوکائي، ڏکيائي، اهنج، آزار، ايذاءُ، اذيت
ڏينم = ڏيندا، ڏين ٿا
مَيهڻَا = طعنا، ٽوڪون

بيت جو پس منظر

~ او سومرا ! مان ماڙيءَ ۾ قيدياڻي هجڻ ڪري ٻنهي پاسين ويل ۾ آهيان.
~ هتي عمر جا اهنج، ته هُتي وري مارو مهڻا ۽ طعنا ڏيندم.

سمجهاڻي

مارئي عمر سان مخاطب ٿيندي چئي ٿي ته :
مون کي کوهه تان زبردستي کنڀي تو جيڪو ماڙين ۽ محلن اندر باندي بڻايو آهي ته مان ٻنهي طرفن کان ٻٽي عذاب
۾ اهيان. هڪ پاسي تون آهين جيڪو پنهنجي حوس پوري ڪرڻ لاءِ هر وقت تنگ ڪندو ۽ لالچون ڏيندو رهين ٿو. زنجيرن ۾ جڪڙي ايذائن ۽ اذيتن ۾ وجهي ڇڏيو ٿي. ٻئي پاسي مارو آهن جيڪي پهچندي ئي طعنا، مهڻا ڏيندم ته تو شاهي محلن ۾ رهي پاڻ تي ٽڪو لاتو ۽ لوئي لڄايئي.
اڄ به سنڌ ۾ ظالم پيرن ۽ وحشي وڏيرن جي ڪوٽن ۾ ڪيتريون ئي سنڌي نياڻيون باندي بڻائي کين وحشت ۽ ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
ڇا جيڪڏهن کين سڀاڻي آزادي نصيب ٿئي ته سماج کين قبول ڪندو...!!؟
هي سڀ ڪجهه ته سندن مرضي ۽ منشا جي خلاف ٿئي ٿو، ان جي باوجود اسان کين ڇو نه ٿا قبول ڪريون..!!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

28/04/2015

وَرُ اُهائي وَيرَ، جِنءَ ڌَڻُ تَسَي تَڙ آئيَو




وَرُ اُهائي وَيرَ، جِنءَ ڌَڻُ تَسَي تَڙ آئيَو
سَرتيُن ڏُٿُ سَبيلَ ڪئَو، اَڱڻ ڍوئَي ڍَيرَ
هيُون اُن جي هَيرَ، ٿو جهِڄَي جَهرَوڪَن ۾


سُرُ مَارُئي

وَرُ = بهتر، ڀلو، نعمتَ
وَيرَ = ويلَ، وقت، گهڙي، مهل، پَل
جِنءَ = جيئن
ڌَڻُ = مالَ جو وَلرُ، ٻڪرين، رڍن، ڇيلن ۽ ڇيلڙين جو ڌڻُ
تَسَي تَڙ آئيَو = اُڃائجي تَڙ تي آئيو
ڏُٿُ = جهنگلي گاهن جو اناج، ڀاڄيون، جهنگلي ميوا
سَبيلَ = جهجهو، وڌيڪ، وڏي ۽ گهڻي مقدار ۾
ڪئَو = ڍَيرَ = ڍڳَ، کوڙَ، انبارَ
هيُون = هنئون، دل، مَنُ
هَيرَ = هينئر، عادت
جهڄَي = ڳڻتين منجهه ڳري
جَهرَوڪَن = محلاتن، ماڙين

بيت جو پس منظر

مارئي چئي ٿي :
~ اُهو وقت ڪيڏو نه ڀلو هو جڏهن ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ اڃائجي پاڻيءَ لاءِ تڙن تي ايندا هئا.
~ سرتيون سڄو ڏينهن گڏ ڪيل ڏٿ ڍوئي گهر جي اڱڻن تي ڍڳ ڪنديون هيون.
~ منهنجي مَنَ کي انهن ڳالهين جي هير پيل هئي سو هاڻي محلن ۾ پئي ڳڻتين ۾ ڳران.

سمجهاڻي

ماڻهون جڏهن اڪيلو ٿي پوندو آهي ۽ اُها اڪيلائپ وري جيڪڏهن قيد جي هجي ته ويتر جيءُ جهري پوندو آهي. پنهنجي پيارن کي ياد ڪري اکڙين جا بند ڀڄي پوندا آهن.
ٿر جي سُونهَن مارئي به اڄ اڪيلي ٿي وئي آهي ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي محلاتن اندر باندي بڻايو ويو آهي. سندس هن بند ۾ ڪير به ته ڪونهي جنهن سان سورَ سَلَي، دل جو بارُ هلڪو ڪري. کيس شدت سان ياد پيو اچي ٿر، مارو ۽ سرتيون.
مارئي ڪيئن وساري سگهندي اُهي گهڙيون جڏهن سرتين ساڻ جهنگ ۾ ٻڪريون چارڻ ويندي هئي. ٻڪريون جڏهن جهنگ چري ڍؤ ڪنديون هيون ته کين اڃ ستائيندي هئي، سو اڃ اجهائڻ لاءِ ڀڄنديون ڊڪنديون تڙ تي اينديون هيون.
هوڏانهن سرتيون سڄو ڏينهن اناجَ، گاهه ۽ ڀاڄيون گڏ ڪري، ڍوئي گهر جي اڱڻن تي ڍڳ ڪري ڇڏينديون هيون. اڄ مارئي اڪيلي آهي سو اهي منظر ياد ڪري جيءُ جهري پيو اٿس ۽ اکڙين جا بند ٽٽي پيا اٿس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

26/04/2015

پَنهُوارَن پاٻَوهيَو، ڪي وَسَ واهُندَنِ



پَنهُوارَن پاٻَوهيَو، ڪي وَسَ واهُندَنِ
لٿو سِيُ ، لطيفُ چَئي، ٻَڌو ڦَڻُ ڦَرَنِ
اُوءِ ٿا ڪورِن ڪَنئُري، سَرَتيُون مَٿا سَسَنِ
عُمَرَ ! اُنَ اَگُندَري، پاسَي ڪاندَ ڪَتَنِ
پائُرَ ڏنيُون پُٺيُون، نَنڍَن نَورَاپَنِ
کائُرَ کَٿيُون خاصيُون، اُوچيُون اُت اُڄَنِ
ڪَڍئَو پَيڻُ ڪَهَنِ، مَليرَ گهرجي مَارُئي


سر مَارُئي

ڪي = ڪئي
وَسَ = وسڪارو
سيُ = فڪر
ٻڌو ڦَڻُ ڦَرَن = ڦر وڏڙا ۽ سگهارا ٿيا آهن - ڦر کي ڌارائي ٿلهو ڪبو آهي ته ٺينگ ٽپا ڏيندو آهي، سندس ڪُنئَرا کُرَ پڪا ۽ پختا ٿيندا آهن.
اُوءِ = اُهي، مارو
ڪورن= ڪپن، وڍن
ڪَنئُري = نرم ريشمي اُنَ
سَسَن = گهيٽن
اَگُندَري = بي فڪر ٿي
پَائُرَ = ٿر - ڏاکڻيون حصو
نَورَاپَن = ٿڃ ڌائيندڙ ڦرڙن - جيڪو ڦر ٿڃ ڌائيندو آهي تنهنکي نوراپو چئبو آهي.
کَائُرَ = ٿر - اتريون حصو
اُڄَن = اڻجن، واڻجن
پَيڻُ = چانورن جي پيڄي ( ڪلَفَ )
ڪَهَن = چون ٿيون

بيت جو پس منظر

~ بهار جي مند ۾ وسڪاري ماروئڙن جي منهن تي مُرڪون وکيري ڇڏيون آهن.
~ ٻڪرين جا ڦرڙا ٿڃ ڌائي ٺينگ ٽپا پيا ڏين، سندن کُرَ ۽ ڄنگهون مظبوط جو ٿيون آهن.
~ هوڏانهن ماروئڙا گهيٽن جي نرم اُنَ پيا ڪترن.
~ او عمر ! ماروئڙيون بي فڪر ٿيون مڙسن جي پاسي ۾ اُنَ پيون ڪتين.
~ ٿر جي ڏاکڻين حصي ۾ ڪافي مقدار ۾ پشم پيدا ٿي آهي.
~ ٿر جي اترئين حصي ۾ وري اوچيون ۽ مهانگيون کٿيون پيون تيار ٿين.
~ ماروئڙيون لوين کي ڏنل ڪلف ڪڍندي پيون چون، اڄ جيڪر مارئي هجي ها.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت ڄڻ ٿر جي ڊاڪيومينٽري آهي. ٿري ماڻهن جي روزمرهه جي زندگيءَ جي حسين ۽ دلڪش فوٽوگرافي ۽ عڪاسي آهي. جڏهن بهار جي مند ۾ وسڪارو ٿيو آهي ته ماروئڙن جا چهرا خوشيءَ منجهان ٻهڪي پيا آهن. کين اميد ٿي آهي ته مال لاءِ چارو پيدا ٿيندو. کير، مکڻ ۽ لسيون ولوڙا ٿيندا. مختلف قسم جا فصل ۽ ڀاڄيون پيدا ٿينديون ته ڏڪار ختم ٿيندو ۽ خوشحالي ايندي.
هوڏانهن مارو رڍن، ٻڪرين ۽ گهيٽن جي پشم ڪتري گڏ ڪري رهيا آهن ته وري زالون سندن پاسي ۾ ويهي اُنَ کي ڪَتَي صاف ڪري رهيون آهن. ڏاکڻئين ٿر ۾ جيڪا وڏي مقدار ۾ اُنَ حاصل ٿي آهي اترئين ٿر ۾ ان مان کٿا، کيسَ، ڪمبل ۽ لويون تيار ڪيون وينديون.
اڄ ماروئڙين جي خوشيءَ جي انتها ناهي، کين نيون لويون جو مليون آهن. لوين کي ڏنل ڪَلَفَ کي ڪڍندي کين مارئي ياد پئي آهي. سندن ڳچ ڳري پيا آهن، سو چون پيون اڄ هن خوشيءَ جي موقعي تي جيڪر مارئي ساڻ هجي ها.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

24/04/2015

ٿوري قُوت قراريَا، رَهن سَٻَرَ سَتِ



ٿوري قُوت قراريَا، رَهن سَٻَرَ سَتِ
کَٿَيَ ۾ کهُ ڀَڪُلئَا، ڀَوڻَن اهڙي ڀَتِ
پَنهُوارڪي پَتِ، پَيهي پُڇُ مَليرَ ۾


سر مَارُئي

قُوت = کاڄ، کاڌو پيتو
قَرَاريَا = راضي آهن
سَٻَرَ = مضبوط،سگهارا
سَت = عزت، عصمت، پاڪدامني
کَٿيَ = لوئيءَ، رليءَ، ڪمبل ۾
کهُ = مٽي، دز، ڌوڙ
ڀَڪُلئَا = مٽيءَ هاڻا، ميرا
ڀُوڻن = هلندا، ڦرندا، گهمندا وتن
ڀَت = طرح، ريت، عادت
پَنهُوارڪي = مارن جي
پَت = آبرو، شان، مان، مرتبو
پَيهي = وڃي

بيت جو پس منظر

~ هو ٿورڙي کاڌي پيتي تي به راضي آهن پر پنهنجي آبرو ۽ عزت جي معاملي ۾ ڏاڍا سگهارا ۽ مضبوط آهن.
~ هو مٽيءَ ڀريل بت تي کٿي پايو پيا گهمن.
~ مارن جي عزت ۽ آبروءَ جي پرک ڪرڻي هجئي ته ملير وڃي پڇا ڪري ڏس.

سمجهاڻي

ٿر ملڪ جا ماڻهو انتهائي سادا ۽ مسڪين ماڻهون آهن. هو ڳاڙهي ٻوڙ، پلائن ۽ ٻين لذيذ طعامن جا هيراڪ ناهن. ڏٿ، للر، سائون، مانڌاڻون، مکڻي ۽ سايون ڀاڄيون کايو پيا گذران ڪن. سندن لباس ۽ ويس وڳا به ڪي خاص ناهن. سندن بدن مٽيءَ ۾ ڀريل رهي ٿو، ان جي مٿان کٿي اوڙهيو پيا هلندا وتن. هو سادڙا ۽ مسڪين برابر آهن پر پنهنجي عزت جو سودو ناهن ڪندا. سندن عزت، عظمت، شانَ، مانَ ۽ آبروءَ کي ڏسڻو هجئي ته ملير وڃي پڇائون ڪر.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترممظفر منگي صاحبجي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

23/04/2015

پَنهُوارَن پاٻَوهيَو، وَرئَا وَاهُندا



پَنهُوارَن پاٻَوهيَو، وَرئَا وَاهُندا
سَاريَم سَيڻَ سيَدُ چَي، گاڏيليُون گُندَا
ڀِٽُن ڀَر هُندَا، ڀُنگَا ڀَڙَ ڀَتارَ جا


سُرُ مَارُئي

پَنهُوارَن = ڌنارن، ڌراڙن، ٻڪرارن، ماروئڙن
پَاٻَوهيَو = مشڪيو، مرڪيو، کلي پيا، ٽڙي پيا
وَرئَا = موٽي آئيون
وَاهُندَا = بهار جون ٿڌيون هوائون
سَيڻَ = مائٽ، عزيز، محبوب
گاڏيليُون = چوپائي مال جي اچ وڃ جا رستا، چارا، گسَ
گُندَا = گوندا - ننڍڙن ڦرڙن کي سوئرن جي کائڻ کان بچائڻ لاءِ ٺاهيل ننڍڙا واڙا
ڀِٽُن = واريءَ جي دڙن، لاهين چاڙهين واري زمين
ڀَر = پاسو، پاسي ۾
هُندَا = هوندا
ڀُنگا = جهوپا، جهوپڙيون، ڪکاوان گهر
ڀَڙَ = سگهارا، موچارا، تازا ٺهيل
ڀَتَارَ = ڪانڌ، مڙس، ورُ

بيت جو پس منظر

~ بهار جي مند موٽي آئي آهي ۽ ٿڌڙيون هوائون پيون لڳن. منهنجي مارن جي مُکَ تي خوشين جا آثار پيا ڏسجن.
~ مون کي ٿر، مارو، مال، گسَ ۽ ڦرڙن جي لڪَ جون جايون ياد پيون اچن.
~ پڪ سان منهنجي محبوب جا پکا ڀٽن جي ڀر ۾ اڏيلَ هوندا.

سمجهاڻي

بهار جي مند ايندي ئي فطرت جون حسناڪيون، دلڪشيون ۽ خوبصورتيون نکري پونديون آهن. وڻ، ٻنيون ۽ فصل سائي چادر اوڍين ٿا. گلابن ۽ رابيلن جون مکڙيون ٽڙي گل ٿي، هٻڪارون ۽ خوشبووئون هاري ماحول کي معطر ڪري ڇڏين ٿيون. تڏهن ئي ته مارئي چئي ٿي ته :
بهار جي مند موٽي آئي آهي، ٿڌيون هوائون پيون گُهلن. منهنجي ماروئڙن جي چهرن تي مُرڪُن ۽ خوشين جا آثار
پيا ڏسجن.
مون کي ياد آهن اُهي منظر جڏهن جهنگ مان مال چاري مارو گس ڏيئي واپس ٿيندا آهن سينڍون وڄائيندا ۽ بانسريءَ تي گيت ڳائيندا ايندا آهن. مون کي پڪ آهي ته ڀٽن جي پاسي ۾ منهنجي محبوب مون لاءِ ضرور ڪا نئين جهڳي ٺاهي هوندي ته جيئن ئي مارئي واپس ايندي اسان پنهنجي الڳ دنيا اڏينداسين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

21/04/2015

زيريَين ٻَيڙيَين لوهَ ۾، ڳَٽَن ڪيَس ڳاهُ




زيريَين ٻَيڙيَين لوهَ ۾، ڳَٽَن ڪيَس ڳاهُ
سَنڪي سندَي سُومرَي، هَڏ نه چاڙهيَم ماهُ
سرتيُون ! دعا ڪجَاهُ، ته ڀَرَمُ ڀَارَوڙيَ رهَي

سُرُ مَارُئي

زيريَين = ڏنڊا ٻيڙيون, پيرن جون ڪڙيون
ٻيڙيَين = لوهه جون ڪڙيون جيڪي بانديءَ کي ٻنهي پيرن ۾ وجهندا آهن.
ڳَٽَن = ڦاسين، طوقن - اُها زنجير جيڪا گول دائري واري آهي جيڪا ڳچيءَ ۾ پارائي ويندي آهي.
ڳاهُ = چورو - سارين ياڪڻڪ جا تيلا ڳاهجي ڀڄي ڀري پوندا آهن.
سَنڪي = فڪر، رنج، ڳڻتي، ڊپ، خوف
هَڏ = هرگز
ماهُ = ماسُ، گوشت
ڪجاهُ = ڪجو
ڀَرَمُ = پَت، اعتبار
ڀاروڙيَ = اُنَ جي اڇي لوئيءَ، کٿيءَ

بيت جو پس منظر

~ ڏنڊا ٻيڙين, پير ڪڙين ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل زنجيرن ته مون کي چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي.
~ عمر سومري جي ڊپ کان جسم تي ماس ئي نه رهيو آهي.
~ اي سرتيون ! دعاڪجو ته شال هن لوئيءَ جي لڄ رهجي اچي.

سمجهاڻي

مارئي پاڻ مٿان عمر بادشاهه جا ظلم ڳڻائيندي چئي ٿي ته : 
منهنجي سڄي جسم کي لوهي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي، نه رڳو هٿن ۽ پيرن ۾ زنجير پاتل آهن پر ڪنڌ ۾ به لوها پٽا
پارايا ويا آهن. عمر بادشاهه جي خوف، ظلم، وحشت ۽ دهشت سبب جسم جو گوشت ئي روڙجي ويو آهي، ڳري ڪنڊا ٿي وئي آهيان.
او سرتيون ! اوهين دعا ڪجو ته منهنجو هي اٽل ارادو، عزم، حوصلو قائم رهي. هن مارن جي لوئيءَ جي لڄ بچائي
سگهان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

هَٿَين هَٿَڪڙَولَ، هيَڙَي پيَم هُن جَا



هَٿَين هَٿَڪڙَولَ، هيَڙَي پيَم هُن جَا
سَانگِي سَاريَم، سُومرَا ! ڍَاٽي پاسَي ڍَولَ
ٻَاٻَاڻَن سِين ٻَولَ، ڪئَم نه ڪَوٽَ وهَڻَ جَا

سُرُ مَارُئي

هَٿَين = هٿن ۾
هَٿڪَڙولَ = هٿڪڙيون
هيَڙَي = هنئڙي ۾، مَنَ ۾، دل ۾
هُن جا = هنن جا يعني مارن جا
ڍَاٽي = ڍٽ علائقي جا رهاڪو، مارئيءَ جي وطن جا - ٿر جي وچ واري حصي کي ڍٽ چوندا آهن
ڍَولَ = محبوب، پرين
ٻَاٻَاڻَن = اباڻن
ٻَولَ = قول، اقرار، ڳالهيون، واعدا، وچن
ڪئَم = ڪيم

بيت جو پس منظر

~ هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳل اٿم پر دل ۾ مارن جون ميخون لڳل اٿم.
~ او سومرا ! آئون پنهنجي سانگين کي پئي ساريان جيڪي ڍٽ پاسي جا رهاڪو آهن.
~ مون پنهنجي اباڻن سان ڪوٽ ۾ قيد رهڻ جا واعدا ڪونه ڪيا ها.

سمجهاڻي

مارئي پنهنجي مارن کي ساريندي عمر سان مخاطب آهي : 
هتي تو منهنجي هٿن ۾ هٿڪڙيون پارايون آهن پر منهنجي مَنَ، دل ۽ روح ۾ مارن جي محبت جون ميخون جڙيل آهن. او عمر ! اڄ مون کي پنهنجا مارو ڏاڍو ياد ٿا اچن. جيڪي ڍٽ ۾ رهندڙ آهن ۽ منهنجي محبوب کيت جا هم وطن آهن.
مون ڪڏهن به پنهنجي اباڻن سان تنهنجي بادشاهي محلن ۽ ماڙين ۾ راڻي ٿي رهڻ جا واعدا ڪونه ڪيا ها. مان ته مارن سان ئي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا وچن ڪيا ها جيڪي ضرورپاڙينديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڇَن نه ڇَڄي آهيان، ڪُڇَن ۾ ڪَوٽَن



ڇَن نه ڇَڄي آهيان، ڪُڇَن ۾ ڪَوٽَن
ايندَه پيَم اُبتَا، پَيڪَڙا پَيرَن
هَٿڙيُون هَٿَن، ڄَنگُهون ٻَانهُون ڪَاٺَ ۾

سر مارئي

ڇَن = هرگز، خوشيءَ سان، مرضيءَ سان، وسَ پَئَي
ڇَڄي = ڇت، ڇَنَي، ڪوٺيءَ
ڪُڇَن = بنا مرضيءَ جي، لاچار جي، مرضيءَ جَي خلاف
ڪَوٽَن = عمر جا اڏيل اوچا ڪوٽ
ايندَه = ايندي ئي
پَيڪَڙا = پيرڪڙيون
هٿڙيُون = هٿڪڙيُون
ڪاٺَ ۾ = قيد ۾، بُنڊَ ۾ ٻڌل، جڪڙيل - اڳئين دور ۾ ڪاٺ جي بُنڊَ ۾ ڪڙا ڪُنڍا وجهي قيدين جا هٿ پير زنجيرن سان جڪڙيا ويندا هئا.

بيت جو پس منظر

مارئي چئي ٿي :

~ مان ڪا خوشيءَ سان هن ڪوٺيء ۾ قيدياڻي ناهيان بڻي پر منهنجي مرضيءَ جي خلاف مونکي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ويوآهي.
~ هتي ايندي ئي آڏيون ابتيون پيرن ۾ زنجيرون پارايون ويون اٿم.
~ منهنجي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي، ڄنگهون ۽ ٻانهون پڻ بُنڊَ ۾ ٻڌل زنجيرن سان جڪڙيون ويون آهن.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو وڏو حصو علامتي، تمثيلي ۽ اهڃاڻي آهي. علامتي شاعريءَ ۾ ظاهري ڳالهه ڪا ٻي هوندي آهي جڏهن ته ان جي پٺيان اڃان ڪو راز ٻيو هوندو آهي. ڀٽائي هن بيت ۾ ڪنهن اهڙي خطرناڪ سنڌ جي جوڌي جي ڳالهه ٿو ڪري جنهن کي وقت جي حڪمرانن بندوقن ۽ سنگينن جي پهري ۾ قيد ڪيو آهي. هن قيديءَ کي ڪنهن سان ڳالهائڻ جي اجازت به ناهي. هن قيديءَ جا هٿ، پير، ڄنگهون، ٻانهُون، ڪَنڌُ ۽ باقي جسم به زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ سندس مٿان سخت پهرا آهن.

هي بيت چارج شيٽ آهي، ايف آءِ آر آهي وقت جي ظالم حڪمران عمر بادشاهه جي خلاف. جيڪا ٿر ملڪ ۽ ماروئڙن سان بي حد پيار ڪندڙ مارئيءَ طرفان ٽي سؤ سال اڳ ڀٽائيءَ داخل ڪرائي هئي.
مارئيءَ کي نه رڳو زبردستي کوهه تان کنڀيو ويو هو پر عمر بادشاهه جي ڪوٽ ۾ پهچندي ئي کيس هٿن ۾ هٿڪڙيون ۽ پيرن ۾ پيرڪڙيون پارايون ويون هيون. تنهن کان پوءِ ڪاٺَ جي بُنڊَ سان ٻڌي زنجيرن سان سندس سڄو جسم جڪڙيو ويو هيو.
چيو وڃي ٿو سنڌ تبديل ٿي وئي آهي پر شايد نالا تبديل ٿيا هن، سوچ تبديل ناهي ٿي. ظالم ۽ مظلوم جا ڪردار اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به مارئيءَ جيان سنڌ جون الائي ڪيتريون سورميون ظالم پيرن ۽ وحشي وڏيرن جي ڪوٽن ۾ سندن عتاب هيٺ باندي بڻايل آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

20/04/2015

آئون بَندياڻي بندَ ۾، ڪ ڪي پيَس بَند




آئون بَندياڻي بندَ ۾، ڪ ڪي پيَس بَند
مُنهين لڳو مَيهڻُو، ڪ مُنهين ڪَڙو ڪَنڌ
مران جَي هنَ هنڌ، ته نِجان مَئٿُ مليرَ ڏي


سر مارئي

بندياڻي = قيدياڻي
بند = قيد
ڪ = جيئن، يا
ڪي = ڪئي، ڪجهه
مُنهين = مون کي ئي
مَيهڻُو = مهڻو، طعنو
ڪڙو = لوهه جا زنجير، ڳَٽَ
ڪنڌ = ڳچيءَ ۾
نجانءِ = کڻي وڃجان
مَئٿُ = مڙهه، لاش، جنازو، مَيَتُ

بيت جو پس منظر

~ مون ڪو ڏوهه ڪيو آهي جو قيد ڪئي وئي آهيان؟ يا بنا ڏوهه بند ۾ پئي آهيان.
~ هڪ مان ئي آهيان جنهن کي هي طعنو لڳو آهي ۽ ڳچيءَ زنجير پارايا ويا آهن.
~ جي مري وڃان هتي ته منهنجو لاش ملير کڻائي وڃجان.

سمجهاڻي

مارئي ناحق ڪوٽن ۾ قيد ڪرڻ تي احتجاج ڪندي عمر کي چئي ٿي :
مون آخر اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي تنهنجو، جو تو مون کي هتي ڪوٽن ۾ قيد ڪيو ٿئي؟ يا بنا ڏوهه، بنا ڪنهن سبب جي مون کي هتي آڻي بند ڪيو ٿئي.
هڪ مان ئي آهيان جنهن کي طعنو لڳو جو زنجيرن ۾ جڪڙي وئي آهيان يا مون جهڙيون اڀاڳڻيون ڪي ٻيون به آهن؟
جيڪڏهن هن حال ۾ هتي مري وڃان ته منهنجو جنازو ملير کڻائي وڃجان، ڇو ته آئون هت تو وٽ دفن ٿيڻ نٿي چاهيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

19/04/2015

مَ سَپَني مارئي ! ، مُئي ! مَ ڄائي



مَ سَپَني مارئي ! ، مُئي ! مَ ڄائي
جنهن اچي امرَ ڪوٽَ ۾، لوئي لڄائي
جا سانگين سَيڏائي، سا ڪينَ مَرڪَي ماڙيَين


سر مارئي

مَ = نه
سَپَني = پيدا ٿي، سامائي
مُئي = شل مري وڃي - لفظ مُئي پٽ َ۽ پاراتي طور چيو ويندو آهي.
سانگين = مارن
سَيڏائي = سڪائي
مَرڪَي = فخر ڪري
ماڙيَين = ماڙين ۾، محلن ۾

بيت جو پس منظر

~ مارئي پيدا ئي نه ٿئي ها، شل مري وڃي ها، جيڪر ڄمي ئي نه ها.
~ جنهن امرَ ڪوٽَ ۾ اچي لوئيءَ کي لڄايو.
~ جنهن سانگين کي سڪايو سا وري ماڙين ۾ رهي ڪيئن فخر محسوس ڪندي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت بظاهر ته مارئيءَ کي پِٽَ ۽ پاراتو آهي، ته جيڪر هوءَ ڄمي ئي نه ها. جي ڄائي هئي ته مري وڃي ها، ڇوته هن نه رڳو پاڻ کي، ٿر، مارن ۽ لوئيءَ کي به لڄايو آهي.
اها به حقيقت آهي ته مارئيءَ کي کوهه تان زبردستي کنڀيو ويو هو. هوءَ ڪو پنهنجي شوق، خوشي ۽ مرضيءَ سان عمر جَي ڪوٽ ۾ قيدياڻي نه بڻي هئي. ڀٽائي عورت جي آزاديءَ جو حامي ۽ علمبردار رهيو آهي. اسان سڀ به چاهيون ٿا ته عورت پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو پاڻ ڪري. پر اڄ جون نوجوان ڇوڪريون گهران نڪري جڏهن پيار جي شادي ڪن ٿيون ته والدين ڪنهنجي اڳيان ڪنڌ کڻڻ جهڙا نٿا رهن.
سو اچو ته غور ڪيون ته تڪڙ ۽ عُجلَتَ ۾ ڪيل اڪثر شاديون ناڪام ڇوٿيون ٿين؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

17/04/2015

عمرَ ٻَن جيَو ! کُوء منهنجو سومرا



عمرَ ٻَن جيَو ! کُوء منهنجو سومرا
جا پر نه پنهُوارن جي، مون سين تيئن ٿئو
وٺي مُنهُن ڪهو؟ وڃان وطنَ سامُهين 


سر مارئي

ٻَن = باهه ۾ ساڙڻ، کڏ ۾ اڇلڻ
جيَو = جيئڻ, زندگي، حياتي گهارڻ
کُوء = کڏ ۾ اڇلڻ
پَر = ريت، رسم، رواج، هلت، چال
ڪهَو = ڪهڙو
سَامُهين = جي اڳيان

بيت جو پس منظر

~ اي عمر ! اهڙي حياتيءَ کي باهه ڏئي ساڙيانس، جيڪر کڏ ۾ اڇلي ڇڏيانس .
~ اسان مارو ماڻهن جي اها ريت ئي ناهي، جيئن مون سان هت ٿيو آهي.
~ هاڻي آئون ڪهڙو مُنهُن کڻي پنهنجي وطن وينديس؟

سمجهاڻي

مارئي عمر جي ظلم کي ننديندي چئي ٿي :
او عمر ! پنهنجي مڙس ۽ مارن کان سواء، تنهنجي محلاتن ۽ ڪوٽن ۾ قيد جي زندگي به ڪا زندگي آهي. آئون اهڙي حياتيءَ کي باهه ڏئي ساڙيانس، جيڪر کڏ ۾ اڇلي ڇڏيانس.
اسان مارو ماڻهن ۾ اهو رواج ناهي ته ڪنهنجي خوبصورت، سهڻي زال ڏسي، ڏاڍ ۽ زبردستيءَ سان کنڀي وڃي ڪوٺين ۾ قيد ڪجي. مون سان سان هي ڪيسُ قهر تو ئي ڪيو آهي. هاڻي آئون ڪهڙي مُنهَن سان وطن وينديس؟ ۽ ڪنهن ڪنهن کي چپ ڪرائينديس ته ٻيلي آئون بي ڏوهي، بي قصور ۽ مظلوم آهيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

16/04/2015

جَهِڙي آيَسِ جِيئَن، تَهِڙي مِلان تن کي




جَهِڙي آيَسِ جِيئَن، تَهِڙي مِلان تن کي
ڦِران ڦَرَ چارِيان، هِنئون چَئيم هِيئَن
وَڃان ڪِيئَن وطن ڏي، ڪاڻِ لَهندَم ڪِيئن؟
مُدائِتَي مِينهَن، سُنهان سَرتِين وِچَ ۾


سر مارئي

ڦران = گهمان ڦران
ڦرَ = ڇيلا ۽ ڇيلڙيون
ڪاڻ = عيب، چٽو، داغ
سنهان = سونهان، ٺهان، ڀلي لڳان

بيت جو پس منظر

~ آئون جهڙي معصوم ۽ پاڪدامن آئي هيس تهڙي ئي باعزت، باعصمت پنهنجي مارن کي وڃي ملنديس.
~ منهنجي دل ٿي چئي ته جيڪر ملير ۾ وڃي گهمان ڦران ۽ ٻڪرين جا ڦر چاريان.
~ ڳڻتي اٿم ته وطن ڪيئن وينديس ۽ هي جيڪو داغ لڳو اٿم سو ڪيئن لهندم.
~ آس اٿم ته هنن مندائتن مينهن ۾ سرتين ساڻ هجان.

سمجهاڻي

مارئي پنهنجي وطن، ٻڪرين جي ڦرڙن ۽ مندائتن مينهن کي ساريندي چئي ٿي :
عمر جي ڪوٽ ۾ قيد ٿيڻ کان اڳ جهڙي پاڪدامن هيس، اهڙي ئي باعصمت پنهنجي مارن کي وڃي ملنديس. ٿر جون ڀٽون، ٻنيون ٻارا، فصل، مال ۽ مارو ڏٺي ڏينهن ٿي ويا اٿم. انهن سڀني جي ڪيڏي سڪ لڳي اٿم.سو دل ٿي چئي اکئين ڏسان، ٻڪرين جا تازا ڄاول ڇيلا ۽ ڇيلڙيون هنجن کڻان ۽ جهنگ چاريان. سدائين جيءَ ۾ جهوري لڳل رهي ٿي ته وطن ڪيئن وينديس، هي لڳل داغ ڪيئن لاهينديس.
آس اٿم ته جڏهن هيلوڪا مندائتا مينهن وسي ٿر جي اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪندا.گاه، گل، ٻوٽا، فصل، ڀاڄيون ۽ ميوا پچندا تڏهن آئون پنهنجي سرتين ساڻ هونديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

15/04/2015

جَهڙِي آيَسِ جِيئَن، تَهڙِي وَڃَان تَنِ ڏَي



جَهڙِي آيَسِ جِيئَن، تَهڙِي وَڃَان تَنِ ڏَي
تہ لَالَائِيءَ جا لطيف چَي، ڪَرَ مُدُنِ اُٺَا مِينهَن
مَاڙِي لَڳُمِ مَيهِڻُون، سَڀَ ڄَمَاندَرَ سِيئَن
ٿِيَسِ ڪَاڻِيَارِي ڪَانڌَ جِي، هِتَي اچِي هِيئَن
ڪَنڌُ کَڻَندِيَسِ ڪِيئَن، مَنَهَن مَارُوئَڙنِ جَي


سُرُ مَارُئِي

لَالَائِيءَ = لالاڻ، سرخروئي، خوشي
ڪَرَ = جيڪر، هوندَ
مُدُنِ = مندنِ
مَيهِڻُون = طعنو، ٽوڪَ، ٽِڪَو
ڄَمَاندَرَ = ڄمار، زندگي، حياتي
سِيئَن = تائين
ڪَاڻِيَارِي = مهڻي هاب، نظرن مان ڪِرِيَلَ
ڪَانڌَ = مڙس، وَرُ
مَنَهَن = جهوپا، ڀونگيون

بيت جو پس منظر

~ جهڙي ئي پاڪدامن هتي آئي هيس، اهڙي ئي جَي مارن ڏانهن موٽي وڃان.
~ تہ جيڪر مارن جي مُنهَن تي خوشيءَ جا آثار مندائتن مِينهَنِ جيان ڏسڻ ۾ اچن.
~ هي جيڪو سڄي حياتيءَ لاءِ ماڙيءَ ۾ رهڻ جو ٽِڪَو لڳي پيو آهي.
~ هن قيد ۾ اچڻ کان پوءِ مڙس جي نظر ۾ قصوروار ٿي پئي آهيان.
~ سو ماروئڙن جي جهوپڙن ۾ وڃي ڪيئن ڪنڌ کڻي گهمنديس.

سمجهاڻي

مارئي ٿر جي معصوم ۽ عزتدار عورتن وارو وچن ورجائيندي چئي ٿي :
جهڙي آئون پنهنجي ملڪ ٿر ۾ پاڪدامن هيس، شال اهڙي ئي باعزت ۽ باعصمت، عمر جي ڪوٽ مان پنهنجي ماروئڙن ڏانهن موٽي وڃان. تہ جيئن برسات وسڻ کان پوءِ برپٽ، بيابان ۽ جهر جهنگ ڳاڙهن گلن سان ڇائنجي مهڪي پوندا آهن تيئن ئي اباڻن جا مُنهَن خوشيءَ منجهان ٻهڪي پوندا.
هي جيڪو عمر زبردستي کنڀي محلاتن ۾ قيد ڪيو آهي. سو جيستائين جيئري آهيان هڪ طرف ماڻهن جا مهڻا سهڻا پوندم تہ ٻئي طرف مڙس کي بہ شڪَ پئجي ويا هوندا. سو جڏهن هتان پنهنجي ملڪ ملير وينديس تہ ماروئڙن جي پکن ۾ ڪهڙو ڪنڌ کڻي گهمنديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

14/04/2015

سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! سِکَرِ جهڙي سونهن



سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! سِکَرِ جهڙي سونهن
دل ۾ دُکَي دُونهَن، مُهِجَو مُنهُن مَيرو ٿِئو


سُرُ مَارُئِي

سِکَرِ = نهايت خوبصورت _ چون ٿا جڏهن ڄام تماچيءَ جي زال پنهنجي ڏير ڄام اوڍي تي منجهس بڇڙي اک رکڻ جو ڪوڙو الزام مڙهيو، تڏهن هو سنڌ ڇڏي ڪڇ هليو ويو. اُتي سندس بيحد حَسينُ عورت هوٿل پدمڻيءَ سان دل لڳي ويس، پوءِ ان سان شادي ڪيائين. کين هڪ ڌيُ ڄائي جا سونهن سندرتا ۾ بي نظير ۽ بي مثال هئي. سندس نالو ”سکَرِ“ هو، پيار مان کيس لعل سڏيندا هئا. ٻہ پٽ ڄاون جن مان هڪ جادم جکرو هو جنهن جو ڀٽائيءَ سر بلاول ۾ ذڪر ڪيو آهي.

دُونهَن = دونهين، ڀنڀٽ، آڙاھ
مُهِجو = منهنجو

بيت جو پس منظر

~ اي سومرا ! منهنجي سونهن سِکَرِ شهزاديءَ جهڙي هئي، جيڪا هاڻي وڃائجي وئي آهي.
~ منهنجي دل ۾ جيڪا دردن جي دونهين دکي ٿي ان جي تاثير سبب منهنجو مُنهُن اُٻاٽجي ويو آهي.

سمجهاڻي

مارئي ٿر ملڪ جي ملير ڳوٺ ۾ پالڻي نالي ڌنار جي گهر ڄائي، سندس ماءُ جو نالو ماڏوئي هئو. هوءَ ڄمندي ئي حور جهڙي حَسِينُ هئي. جيئن وڏي ٿيندي وئي تيئن سندس سونهن سرس ٿيندي وئي. جڏهن ساماڻي تہ سندس حسن جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلِي وئي.
هن بيت ۾ ڀٽائيءَ مارئيءَ جي سونهن کي پنهنجي وقت جي حسين جميل شهزادي ”سِکَرِ“ سان تشبيھ ڏني آهي. مارئيءَ جي دل ۾ جيڪو آڙاھ هر وقت ٻرندو رهي ٿو، سو دراصل هن ڪُڌي ڪم جي خلاف عمر بادشاھ کان نفرت جو اظهار آهي.
سنڌ جي پنج ڪروڙ ماڻهن جي دلين ۾ ننگن ۽ دنگن جي مالڪي نہ ڪرڻ جي خلاف وقت جي غدار حڪمرانن، ظالم پيرن ۽ وحشي وڏيرن جي لاءِ جيڪا دلين ۾ باھ ٻري ٿي سا نيٺ ضرور ڪڏهن ڀنڀٽ بڻبي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

13/04/2015

سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! ، عُمَرَ ! ٿِيَسِ اَسِيرَ




سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! ، عُمَرَ ! ٿِيَسِ اَسِيرَ
مَارُو مَنجِھ مَلِيرَ، مُون سِين هِتِ هِنءَ ٿِئو


سُرُ مَارُئِي

اَسِيرَ = بندياڻي، قيدياڻي
سِين = سان
هِنءَ = هيئن
ٿِئو = ٿيو

بيت جو پس منظر

~ مون پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏي آهي، او سومرا عمر ! تنهنجي ڪوٽن ۾ قيدياڻي جو آهيان.
~ منهنجا مارو ملير ۾ ئي رهيا، تڏهن تہ تو مون سان هي ظلم ڪيو.

سمجهاڻي

مارئي پنهنجي مارن جي خاموشيءَ تي افسوس ڪندي چئي ٿي :
او عمر سومرا ! تنهنجي ڪوٽ ۾ قيدياڻي هجڻ ڪري منهنجي عزت ۽ عصمت تي شڪ پئجي ويو آهي. هڪ نوجوان ۽ خوبصورت عورت کي زبردستي کنڀي جڏهن ڪوٽن ۾ قيد ڪيو وڃي تہ ماڻهون ان جي عزت ۽ عصمت کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندا ۽ آڱريون کڻندا. منهنجا مارو ملير ۾ خاموش ٿي ويهي رهيا ۽ تنهنجي هن ظلم خلاف ڪا مزاحمت نہ ڪئي، تڏهن ئي تہ تو مون سان هي قهر ڪيو.

صديون اڳ عمر جي ڪوٽ مان مارو مارئيءَ کي آزاد نہ ڪرائي سگهيا. صديون پوءِ اڄ جڏهن پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي. اڳ جي ڀيٽ ۾ شعور ۽ سجاڳي وڌيڪ آهي پر پوءِ بہ اڄ جون ماريون عمر جي ڪوٽن ۾ اڃان
بہ قيد ۾ آهن ڇو؟
اچو تہ پنهنجي هن قومي بي حسي ۽ ويڳاڻپ تي غور ڪيون.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترممظفر منگي صاحبجي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

12/04/2015

سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! مَيرَو مُنهُن ٿِئَومِ




سُونهَن وِڃايَمِ سُومَرا ! مَيرَو مُنهُن ٿِئَومِ
وَڃَڻُ تِتِ پِئَومِ، جِتِ هَلَڻُ نَاهِ حُسنَ رِي


سُرُ مَارُئِي

ٿِئَومِ = ٿِيُمِ
تِتِ = اُتي
پِئَومِ = پِيُمِ
نَاهِ = ناهي

بيت جو پس منظر

~ اي سومرا ! مون پنهنجي سونهن وڃائي ڇڏي آهي، منهنجو منهن ميرو ٿي پيو آهي.
~ مون کي اُتي موٽي وڃڻو آهي، جتي ظاهري حُسن سان گڏ اخلاقي جمالَ کانسواءِ هلي نٿو سگهجي.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ جنهن سُونهَن جي ڳالھ ٿو ڪري سا هار سينگار ڪرڻ، ميڪ اپ، سرخيون، پرفيوم لڳائڻ ۽ قيمتي ويس وڳا ڍڪڻ سان ناهي. هونئن بہ ٿر ۽ بر ۾ رهندڙ هر مرد توڙي عورت جي منهن تي مٽيءَ جي ميراڻِ اتان جو اهڃاڻُ آهي. ٿري عورتون ڪو خاص فيشن، سينگار يا ميڪ اپ وغيره ناهن ڪنديون.
تنهنڪري ”ميرو منهن ٿئوم“ لفظن ۾ جيڪا ميراڻِ لڪل آهي، ان جو دز، مٽي يا ڌوڙ سان ڪو تعلق ناهي. هتي ”ميرو منهن ٿئوم“ مان مراد مارئيءَ جي سَتُرَ ۽ مارن سان وفاداريءَ واري وچن تي شڪ پوڻ سان آهي.
تنهنڪري تيستائين مارئي پنهنجو مُنهُن ميرو تصور ٿي ڪري، جيستائين مارن اڳيان پنهنجو سَتُ ۽ سَيلُ ثابت نٿي ڪري.


مددي ڪتاب : شاھ لطيف جي مختلف رسالن کانسواءِ ڪتاب “ڀٽائي“ ليکڪ : انور پيرزادو


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترممظفر منگي صاحبجي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

09/04/2015

حَقَاڻَو هُتِ ٿِئَو، آئُون هِتِ بَندِيَاڻِي !




حَقَاڻَو هُتِ ٿِئَو، آئُون هِتِ بَندِيَاڻِي !
سَارَي سَاڏَوهِيُنِ کَي، ڪَوٺِيَنِ ڪُومَاڻِي
لِڱين لَوھَ لَطِيفُ چَي، وَيٺِيَسِ وِسَاڻِي
سَمُنَ سَچَاڻِي، اُتَي آهِمِ اُنِ سِين


سُرُ مَارُئِي

حَقَاڻَو = مڙس، ڀتار، ڪانڌ
بَنديَاڻِي = قيدياڻي
سَاڏَوهِيُن = ڄار جي وڻ جو قِسِمُ، جنهن جون ٽاريون ورن وڪڙن واريون ٿينديون آهن. انهن ڏنگين ٽارين ۾ اڇي رنگ جا نهايت لذيذ پيرون ٿيندا آهن.
ڪَوٺِيَنِ = بنديخانن، ڪوٺين ۾ قيد ڪيل
ڪُومَاڻِي = ڪوماڻيل، مرجهايل
لَوھَ = لوھ جي زنجيرن ۾
وِسَاڻِي = وساڻل، اُجهاڻل، تنگ، بيزار، پريشان
مُنڌَ = عورت ( مارئي )
کَپَتِ = جهوري، ڳاراڻو، ساڙو، ڏک، ارمان
کِجَاڻِي = اندر جي آنڌ مانڌ، سور، پريشاني، بي حال ٿيڻ
سَمُنَ = واعدو، انجام، اقرار، ملاقات ڪرڻ، صحبت ڪرڻ _ سمن ان وقت کي چئجي ٿو جنهن جو ڪنهن سان واعدو ڪيل هجي
سَچَاڻِي = سچائي، واعدي وفائي
آهِمِ = آهيم، اٿم
اُنِ سِين = ان سان، محبوب ماروءَ سان

بيت جو پس منظر

~ منهنجو مڙس هُتي ملير ۾ آهي ۽ آئون هت قيدياڻي آهيان.
~ هن قيد ۾ اڄ جڏهن پيرون ياد پيا اٿم تہ ڪومائجي وئي آهيان.
~ هنن لوھ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل قيد ۾ بي حد تنگ ٿي آهيان.
~ محبوب کيت جي جهوريءَ بي حال ڪري وڌو آهي.
~ مان پنهنجي محبوب سان ملڻ جي واعدي تي قائم آهيان.

سمجهاڻي

مارئي عمر جي قيد ۾ پنهنجي محبوب مڙس کي ساريندي چئي ٿي:
مان هتي عمر جي ڪوٺين ۾ قيدياڻي آهيان، منهنجو مڙس کيت اُتي ملير ۾ الائي ڪهڙي حال ۾ هوندو. منهنجي ٿر ۾ جيڪي اڇي رنگ جا لذيذ پيرون ٿيندا آهن، سي ياد ڪري دل ڪومائجي وئي اٿم. رات توڙي ڏينهن محبوب ماروءَ جي ياد جيءُ جهوري وڌو آهي ۽ بي حال ٿي پئي آهيان.
مان محبوب کيت سان هميشھ گڏ رهڻ، رهاڻيون ڪرڻ جو جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي قائم آهيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

08/04/2015

خَامَوشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ



خَامَوشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ
صَبُرُ ٿِيَو سُپَتِ، مُنهِنجَي حَقِ مَيڌِرَا

سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

خَامَوشِي خَبَرَ جِي = خبر هوندي بہ جا تو خاموشي اختيار ڪئي.
مَتِ = ڳجهي نصيحت، مصلحت
سُپَتِ = چڱو رستو، سٺو اعتبار، سبق
مَيڌِرَا = مينڌرا، راڻا

بيت جو پس منظر

~ خبر هوندي بہ جا تو خاموشي اختيار ڪئي سا مومل لاءِ هڪ ڳجهي نصيحت هئي.
~ او مينڌرا ! تنهنجو چپ رهڻ منهنجي لاءِ چڱو رستو ثابت ٿيو.

سمجهاڻي

راڻو هڪ رات جيئن ئي ڪاڪ محل ۾ مومل جي ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ ڏسي دنگ رهجي ويو. سندس زال مومل سان ڪو غير مرد ڀاڪر پايون سمهيو پيو آهي. هي منظر ڏسي کيس غيرت آئي سو ڀانيائين تہ ٻنهي کي قتل ڪري ڇڏيان، پر مومل جي محبت، حسين صورت ۽ دل کيس ايئين ڪرڻ نہ ڏنو.پنهنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ رکي آهستي آهستي ماڙي لهي، اُٺ تي چڙهي امر ڪوٽ واپس موٽي ويو.
مومل سان ڪو غير مرد نہ سندس وڏي ڀيڻ سومل رَاڻي جا ڪپڙا ۽ پٽڪو ٻڌيسُتِي هئي. تڏهن مومل ٿي چئي :هيڏي وڏي ڳالھ ڏسي پوءِ راڻا ! تون چپ رهين، خاموشي اختيار ڪئي، ڪنهن سان بہ ڳالھ نہ ڪيئي.اهو تنهنجو صبر منهنجي لاءِ نصيحت آهي.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ اهڙن موقعن ۽ معاملن ۾ چپ ڪرڻ، صبر ۽ خاموشي اختيار ڪرڻ گهرجي.
اسان سنڌين جي هڪ ڪُڌي رسم ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪرڻ ڪنهن بہ ريت چڱو عمل ناهي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جَا عُمَرَ ! تَو مُلِ عِيدَ، سَا سَان سُوءَ وَرِتِي, سُومِرَا !




جَا عُمَرَ ! تَو مُلِ عِيدَ، سَا سَان سُوءَ وَرِتِي, سُومِرَا !
وَيئِي وَيچَارَنِ وِسِرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ
سِڪَڻَ ڪَيَا شَهِيدَ، مَارُو جَي مَلِيرَ جَا

سُرُ مَارُئِي 

مُلِ = وَٽِ، کي، قيمت کان
عِيدَ = خوشي، راحت _ اُهو وڏو ڏينهن جيڪو وري وري اچي ۽ پاڻ سان خوشيون، شادمانا ۽ جشن کڻي اچي.
سَان = اسان
سُوءَ = ماتم، ڏک
وَرِتِي = ملهائي، گذاري
خَرِيدَ = خريداري ڪرڻ، مزا ماڻڻ، عيد لاءِ نوان وڳا ۽ ٻيون ضرورت جون شيون خريد ڪرڻ.
سِڪَڻَ = اُڪيرَ ۾ رهڻ
شَهِيدَ = ڪُهِي وڌو، ڪٺل، مري جهري _ حق ۽ سچ جي راھ ۾ سر ڏيڻ واري کي شهيد چيو ويندو آهي.

بيت جو پس منظر

~ اي عمر ! جا تو وٽ عيد خوشيون ۽ مسرتون کڻي آئي آهي سا اسان لاءِ ماتم مثل آهي.
~ منهنجي غريب ۽ مسڪين ماروئڙن کان تہ عيد جون خوشيون ۽ خريداري ڪرڻ ئي وسري وئي آهي.
~ منهنجي وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ لڳل سڪ ۽ اڪير ملير جي ماروئڙن کي ڪُهِي
وڌو آهي.

سمجهاڻي

او ڀٽائي ! تنهنجي عظمت کي سلام.
اڄ کان اٽڪل ٽي سؤ سال اڳ ٿر ۽ مجموعي طرح سنڌ جي معاشي ۽ اقتصادي حالتن تي لکيل هي بيت هاڻوڪي سنڌ جي حالتن جي هوبهو عڪاسي نٿو ڪري ڇا؟ 
اڄ بہ ظالم وڏيرن ۽ پيرن جي ڪوٽن ۾ زبردستي سنڌي نياڻيون مارئيءَ جيان قيد ۾ واڙيل ناهن ڇا؟
رنڪل ڪماري، آشاڪماري ۽ ٻيون ڪيتريون ئي نياڻيون وحشي وڏيرن ۽ ظالم پيرن هٿان زبردستي مذهب مٽائي، اڃان تائين سندن بنديخانن ۽ عقوبت گهرن ۾ عذاب نٿيون ڀوڳن پيون ڇا؟
اڄ بہ سنڌ جي الائي ڪيترن بي گناھ قتل ٿيل ڪونڌرن جي گهرن ۾ عيد بدران ماتم برپا
ناهي ڇا؟
اڄ جڏهن عيدون آسودن لاءِ خوشيون کڻي اچن ٿيون تہ باقي سنڌ جي ٻين گهرن ۾ بک ۽ اڻ هوند سبب نوان وڳا، پرفيوم، بوٽ، جُتيون، گوشت ۽ ڪڪڙ خريد ڪرڻ جي ماڻهون سگھ رکن ٿا ڇا؟
اڄ بہ ڪيترن گهرن ۾ چلھ نٿي ٻري، خودڪشيون پيون ٿين ۽ ماڻهون پيٽ، پٺي ۽ پير اگهاڙا ڪري گهمن ٿا.
ڀٽائيءَ جو هي بيت اسان لاءِ سوال آهي تہ اسان آخر ڪيستائين سنڌ جي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري خاموش رهنداسين؟

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

07/04/2015

پَلُرَ پِيَڻُ، اَوڇَڻُ اُنَ، جِنِ جَا پَيرَ مَٿَي پَٽَ پَاڪَ




پَلُرَ پِيَڻُ، اَوڇَڻُ اُنَ، جِنِ جَا پَيرَ مَٿَي پَٽَ پَاڪَ
وِهَڻُ وَرَاڪَنِ ۾، اُنِ جِي اَجَوکِي اَوطَاقَ
پَاڻُ نَہ پَسَنِ پَاڻَ کَي، وَيچَارَا بَي بَاڪَ
عُمَرَ ! اُوءِ نَہ عَاقَ، ڏُکِيَا جِمَ ڏُکَوئِين


سُرُ مَارُئِي

پَلُرَ = مِينهَن جو پاڻي، برسات جو پاڻي
اَوڇَڻُ = لباس، ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو
اُنَ = رڍن جا ڪتريل وارَ يا ڏاسَ
پَٽَ پَاڪَ = صاف ميدان، ٿر بر جا پٽ پاڪ آهن
وَرَاڪَنِ = وڻن جا جهڳٽا، وڻن جي ڇانوَ ۾، ويڙهيون
اَجَوکِي = بنا جوکي واري، سلامتيءَ واري، خطري کان خالي
بَي بَاڪَ = بي فڪرا، بي خوف، بي ڊپا، البيلا، آزاد
اُوءِ = اُهي، مارو ماڻهون
عَاقَ = بي دخل، ڌڪار
جِمَ = متان
ڏُکَوئِين = آزارين، ظلم ڪرين

بيت جو پس منظر

~ مارو مِينهَن جو پاڻي پيئن ٿا، رڍن جي ڏاسَ مان تيار ٿيل ڪپڙو اوڍين ٿا ۽ پير اگهاڙا ڪيو پيا پَٽنِ تي هلن.
~ هو وڻن جي ويڙهين، جهڳٽن ۽ ڇانئن ۾ رهن ٿا، اها سندن سلامتيءَ جي جاءِ آهي، جيڪا ڀڄڻ ۽ ڊهڻ جي ناهي.
~ منجهن خودي ۽ خود غرضي بنھ ناهي، هي مارو ويچارا بي فڪرا ۽ البيلا آهن.
~ او عمر ! هي اڳ ئي ڏکويل آهن، انهن کي بي دخل ڪري ويتر پنهنجا ظلم ۽ آزارمتان ڪرين.

سمجهاڻي

مارئي پنهنجي ملڪ ملير جي مارو ماڻهن جو عمر بادشاھ آڏو تعارف ڪرائينديچئي ٿي :
هنن وٽ صاف پاڻي تہ آهي ڪونہ، تنهنڪري برساتن جو پاڻي گڏ ڪري پيئندا بہ آهن ۽ استعمال بہ ڪندا آهن. هي رڍن ۽ ٻڪرين جي ڏاسَ مان پنهنجو لباس کٿيون، کَيسَ، ڪمبل ۽ لويون تيار ڪري اوڍين ٿا.هنن کي جُتي خريد ڪرڻ جي سگھ ناهي سو سدائين پير اگهاڙا ڪيو پيا هلن.
هي گهاٽن وڻن جون ويڙهيون، جهڳٽا ۽ ڇانئون سندن اوطاقون آهن. جتي هڪٻئي سان حال اوريندا آهن.سندن هي جايون سلامتيءَ واريون آهن، جي ڪڏهن ڊهي، ڀڄي، ڀُرِي نه ٿيون سگهن. منهنجا مارو نہ ڪنهن جي هنئينءَ ۾ آهن نہ وري کنئينءَ ۾، هنن ۾ هٺ، وڏائي ۽غرور ناهي.
او عمر ! هي مارو اڳي ئي ڏکويل آهن، تن کي پنهنجن ننگن ۽ دنگن تان بي دخل ڪري ويتر هنن تي ظلم ۽ آزار نہ ڪجان. منهنجي مارن جي توکي پارت هجي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

05/04/2015

جَنِ ڪَرَايُنِ ڪَچَ جَا، وَرُ سَاهَيڙِيُون سَي




جَنِ ڪَرَايُنِ ڪَچَ جَا، وَرُ سَاهَيڙِيُون سَي
اَتِ اُڪَنڍِي آهِيَان، مَنَهَ مَارُوءَ جَي
پَکَنِ سِين نَہ پَاڙِيَان، هَنڌَ هِتَي جَا هَي
اَهلَ اَبَاڻَنِ کَي، مَرِي شَالَ مَلَهائِيَان

سُرُ مَارُئِي

ڪَچَ = شيشي يا ڪانچ جا ڪُوڙَا چُوڙَا
وَرُ = بهتر، فخر لائق
اَتِ = بلڪل، نهايت، تمام، ڏاڍي
مَنَهَ = مَنَهَن، ڇَنَا، ڀونگيُون، ڪکاوان گهر
پَاڙِيَان = مَٽُ سمجهان، برابر سمجهان، ڀيٽيان
هَنڌَ = ماڳ، مڪان، رهڻ جون جايون
اَهلَ = آڪَهه، ڀَاتِي، خاندان
مَلَهايَان = مُنهُن مَٿَي ڪيان

بيت جو پس منظر

~ جن سرتين جي ڪَرَايُنِ ۾ ڪوڙا چوڙا آهن، سي سدا سُونهَنِ ٿيون.
~ جتي ماروئڙن جا مَنَهَن اڏيل آهن، انهن جاين جي ڏاڍي سِڪَ لڳي اٿم.
~ تنهنجي محلن کي مارن جي پکن سان ڪيئن ڀيٽيان؟
~ هتي لوئي لڄائڻ بدران، شال پساهه پورا ڪري مارن سان ملهايان.

سمجهاڻي 

مارئي پنهنجي ملڪ ملير جي سرتين جا ڳڻ ڳائيندي چئي ٿي : 
منهنجي سرتين جي ٻانهُنِ ۾ جيڪي ڪانچ جا ڪوڙا چوڙا آهن سي کين سهڻا لڳن ٿا ۽ فخر جي لائق آهن. جتي منهنجي مارن جا مَنَهَن ۽ پکا اڏيل آهن، انهن جاين گهمڻ ۽ ڏسڻ لاءِ آئون آتي آهيان، ڏاڍي سڪ لڳي اٿم. تنهنجا هي محل، ماڙيون منهنجي اباڻن ڪکن جَي ڪڏهن مَٽُ نہ ٿي سگهندا.
امرڪوٽ اچي لوئي لڄائڻ بجاءِ شال پساهه پورا ڪري پنهنجي اباڻي آڪَهه جو مُنهُن مٿي ڪيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

تَيلُ نَہ لَائِيَان تُنهِنجَو، مُون مَارُوءَ جَو مَنِ




تَيلُ نَہ لَائِيَان تُنهِنجَو، مُون مَارُوءَ جَو مَنِ
ڪَرِيَان ٻِي نَہ ڪَنِ، اَهَرَ اُنِهِين آهِيَان

سُرُ مَارُئِي

لَائِيَان = لڳايان، مکيان
آهَرَ = آڌارَ، آسري، اميد، ڀروسي
اُنِهِين = ان جي، انهن جي

بيت جو پس منظر

~ منهنجي مَنَ کي ماروءَ جو تيل لڳل آهي تنهنڪري تنهنجا هي تيلَ نہ لڳائينديس.
~ مان جن جي آسري آهيان انهن کان سواءِ ٻي ڪا ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان.

سمجهاڻي

مارئيءَ کي عمر جي قيد ۾ آئي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا هن پر اڃان تائين ڪپڙا تبديل نہ ڪيا اٿئين، وارن ۾ تيل لڳايو اٿئين نہ وري ڪي هار سينگار ڪيا اٿئين. عمر جڏهن بخملي ويس وڳا، مختلف قسم جا صابڻ، خوشبودار تيلَ ۽ خوشبووئون ڏانهُس آڻي ٿو تہ ٿڏي ڇڏي ٿي.
مارئي چئي ٿي : منهنجي دل کي منهنجي محبوب جَي محبت جو مَکُ ۽ رنگ اڳ ئي لڳل آهي. تنهنجيون اهي پيار ۽ محبت سنديون ڳالهيون مون کي زهر لڳن ٿيون. منهنجا هي ڪَنَ تہ رڳو مارن ۽ محبوب جي مٺين ڳالهين ٻڌڻ جا هيراڪ ۽ آتا آهن، ڇو تہ آئون انهن جي آهيان. انهن جي ئي ڏڍ ۽ آسري جيئان ٿي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

04/04/2015

سَونَ بَرَابَرِ سِڳِڙَا، مَارُوءَ سَندَا مُون




سَونَ بَرَابَرِ سِڳِڙَا، مَارُوءَ سَندَا مُون
پَٽَولَا پَنهُوَارِ کَي، عُمَرَ آڇِ مَ تُون
وَرُ لَوئيَ جِي لُون، ڏَاڏَاڻَنِ ڏِنِيَامِ جَا


سُرُ مَارُئِي

مَارُوءَ = کَيتَ جا _ کيتُ مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو
سَڳِڙَا = ڌاڳا _ ٿر ۾ ڪنوار کي مڱڻي وقت گهوٽ جي طرفان ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا ڪاراين ۾ ٻڌا ويندا آهن.
پَٽَولَا = پٽ ۽ ريشم جا ويس وڳا
پَنهُوَارِ = پنهوارڻِ _ مارئيءَ جو پاڻ ڏانهن اشارو
آڇِ = لالچ
مَ = نہ
وَرُ = بهتر، سرس، نعمت
لُون = تَندُ، تارَ، ڌاڳو
ڏِنِيَامِ = ڏني اٿن، ڏني هُيَنِ

بيت جو پس منظر

~ ماروءَ سان ٿيل مڱڻي جا هي ٻڌل ڌاڳا منهنجي لاءِ سون برابر آهن.
~ او عمر ! تون هن ملير ڄائيءَ کي ريشمي وڳن جي لالچ نہ ڏي.
~ جا لوئي مون کي پنهنجي اباڻن ڏني آهي سا ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي.

سمجهاڻي

منهنجي وَرَ ۽ محبوب کيتَ سان جڏهن مڱڻو ٿيو هو، ان ويل گهوٽ طرفان منهنجي ڪَرَايُنِ ۾ جيڪي ڳاڙهي رنگ جا ڳانا ٻڌا ويا هئا.اُهي مون لاءِ سونَ جي ڪنگڻن، برسليٽ ۽ ٻَانهِيُنِ جيان آهن. اي عمر ! هن ملير ملڪ جي مارئيءَ کي تون پنهنجَن پَٽَ، ريشم ۽ بخمل جي ويس وڳن جون لالچون نہ ڏي. هيءَ جيڪا منهنجي اباڻن لوئي ڍڪائي آهي، ان جي تَندُ تَندُ ۽ ڌاڳي ڌاڳي کي تنهنجن شاهي شالن کان وڌ پاڻ لاءِ نعمت، سوکڙي ۽ تحفو ٿي ڀائيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

03/04/2015

اَرَمَ هَڏِ مَ اَوڍِيَان، پَٽَولَا پَٽَ چِيرَ




اَرَمَ هَڏِ مَ اَوڍِيَان، پَٽَولَا پَٽَ چِيرَ
ٻَانڌَوڻَا ٻَنِ ڏِيَان، اَرِغَچَ ۽ عَبِيرَ
مَارُوءَ سِين شَلَ مَاڻِيَان، کَٿِيُون جَهڙِيُون کِيرَ
اَندَرِ اُڃَ اُڪِيرَ، مُنکَي پِرِيَ پَنهُوَارَ جِي


سُرُ مَارُئِي

اَرَمَ = اَرِمِڪَ، اعلي' اوني ڪپڙو
هَڏِ = هرگز
مَ = نہ
پَٽَولَا = پٽ جو ڪپڙو، ريشمي ويس وڳا
پَٽَ چِيرَ = ريشمي ڪپڙو
ٻَانڌَوڻَا = پوتيون، چنيون
ٻَنِ ڏِيَان = کڏ ۾ اڇليان
اَرِغَچَ = بافتا، عمدو ڪپڙو
عَبِيرَ = آسماني رنگ تي ڪپڙو
مَارُوءَ سِين = کيت سين _ کيت مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو هو.
کَٿِيُون = لويون، رليون، ڪمبل
مُنکَي = مونکي
پِرِيَ = پرينءَ ، محبوب

بيت جو پس منظر

~ مارئي چئي ٿي : عمر تنهنجا اوني، ريشمي، پٽ جا بادشاهي ويس وڳا ڪونہ پهرينديسِ.
~ تنهنجي قيمتي پوتين ۽ آسماني رنگ جا نفيس لباس کڏ ۾ اڇليان.
~ شال پنهنجي محبوب وَرَ کيتَ سان ملان ۽ ٿر جون اڇيون اُجريون لويون وڃي اوڍيان.
~ مون کي تہ هر وقت پنهنجي محبوب جي اندر ۾ پياس رهي ٿي.

سمجهاڻي

مارئيءَ کي لالچائڻ، ڦاسائڻ لاءِ عمر بادشاھ هڙئي هربا، اٽڪلون ۽ لالچون ٿو آڇي پر مارئي چئي ٿي:
تنهنجي سڀني قيمتي، بادشاهي، اوني ۽ ريشمي ويس وڳن ۽ پوتين، چُنِيُنِ کي کڏ ۾ اڇليان. شال اُهو ڏينهن جلد اچي جڏهن پنهنجي محبوب کيت سان ملي پيارَ، محبتون ماڻيان ۽ اڇيون اُجريون لويون اوڍي ٿر ۾ گهمان. مون کي اندر ۾ پنهنجي محبوب جي سدائين سڪ، اُڪير ۽ پياس رهي ٿي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

02/04/2015

پَٽَولَا پَنهُوَارِيُون، مُورِ نَہ مَٿَي ڪَنِ




پَٽَولَا پَنهُوَارِيُون، مُورِ نَہ مَٿَي ڪَنِ
جَي لَاکَ رَتَائُون لَوئِيُون، تَہ سَالُنِئَا سُونهَنِ
اُنَ اَيلَاچِِنَئُون اَڳِرِي، بَخِمَلَ بَافِتَنِ
سَکَرَ ڀَائِيَان، سُومِرَا ! کَٿِي کَان کُهِنبِنِ
جَا ڏِنِيَمِ ڏَاڏَاڻَنِ، سَا لَاهِيندَي لَڄَ مَرَان


سُرُ مَارُئِي

پَٽَولَا = پَٽَ جو ڪپڙو، ريشمي ويس وڳا
پَنهُوَارِيُون = ماروئڙيون
مُورِ = اصل، بنهه، هرگز
مَٿَي ڪَنِ = ڍڪين، پهرين، پائين
لَاکَ = هڪ قسم جو ڳاڙهو رنگ، جنهن کي ڄؤ بہ چوندا آهن. هي وڻن مان حاصل ٿئي ٿي. سڻيءَ جو رڱيل سُٽُ جنهن سان لويُنِ تي ڀرت جا ٻوٽا هڻبا آهن.
رَتَائُون = رڱيائون
سَالُنِئَا = شالن کان بہ وڌيڪ
سُونهَنِ = سهڻيون لڳن
اُنَ = اُنَ جي لوئي
اَيلَاچِنَئُون = ريشمي، پٽاپٽي ڪپڙو
بَخِمَلَ = پشم جو ڪپڙو
بَافِتَنِ = بافتو، ڪپڙي جو قِسِمُ
سَکَرَ = سٺا، بهتر، سرس، ملهائتا
کَٿِي = لوئي، رلي، ڪمبل
کُهِنبِنِ = ڳاڙها وڳا
ڏِنِيَمِ = ڏني اٿم

بيت جو پس منظر

~ ماروئڙيون ريشمي ويس وڳا هرگز نٿيون ڍڪين.
~ هو جڏهن لويون لاک ۾ رڱين ٿيون تہ اُهي شالُنِ کان وڌيڪ سهڻيون ٿيون لڳن.
~ اُنَ مان ڪَتِيَلَ لوئي ريشمي ڪپڙن, بخمل ۽ بافتن کان وڌ بها واري ۽ زيبائتي آهي.
~ او عمر سومرا ! مان پنهنجي لوئي تنهنجن ڳاڙهن وڳن کان ويتر مهانگي ۽ سهڻي ٿي سمجهان.
~ جا لوئي اباڻن ڏني آهي ان کي لاهيندي لڄ ۾ ٿي مران.

سمجهاڻي

دنيا جي عظيم شاعر ۽ مفڪر شاھ لطيف جو هي بيت سنڌ جي روايتن، تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو نهايت شاهڪار عڪس ۽ اهڃاڻ آهي.،مارئي عمر بادشاهه سان مخاطب ٿيندي چئي ٿي:
اسان جي ملڪ جون ماروئڙيون توهان جي شهزادين جيان ريشمي ويس وڳا ڪونہ پائينديون آهن. تنهنجي محلاتن جي راڻين کي جيڪي شالون اوڍيل آهن، انهن کان وڌيڪ سهڻيون ۽ خوبصورت آهن اُهي لويون جيڪي ماروئڙيون لاک ۾ رڱينديون آهن. اسان جي ملڪ ملير ۾ اُنَ کي ڪَتَي جيڪا لوئي تيار ڪئي وڃي ٿي، سا تنهنجي بافتن، بخملن ۽ ريشمن کان وڌيڪ مهانگي، دلڪش ۽ حَسِينُ ٿيندي آهي.
او عمر ! هي جيڪا منهنجي لوئي آهي ان کي تنهنجن ڳاڙهن وڳن کان وڌ ملهائتي ۽ زيبائتي ٿي سمجهان. ياد رک ! هي اباڻن جي ڏنل لوئي ڪڏهن بہ، ڪنهن بہ صورت لڱن تان نہ لاهينديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

01/04/2015

سِبي سَيبَا ڏَي، ڀَورِي نِيهُ نَہ ڪَچَوئَي




سِبي سَيبَا ڏَي، ڀَورِي نِيهُ نَہ ڪَچَوئَي
کَٿِيَ وَٽيُون کُٿِيُون، سَتِي سِيڻَي سَي
مَڇُڻِ چُونِمِ ڪَي، لَڄَايَئِي ٿَرَ ڄَائِيُون


سُرُ مَارُئِي

سَيبَا = ٽوپا، ٽاڪا
ڀَورِي = معصومڙي، اَبَهَمڙِي
نِيهُ = نينهن، عشق، محبت
ڪَچَوئَي = گهٽتائي ڪري، ڪمي ڪري
کَٿِي = لوئي، رِلِي، ڪمبل
وَٽيُون = ڪِنَارِيُون
کُٿِيُون = ڳري ويون، پراڻيون ٿي ويون، ڦاٽي ويون، ليڙون ليڙون ٿي ويون
سَتِي = سَتَ واري، ستياڻي، پاڪدامن
سِيڻَي = سِبَي، ٽوپا ڏئي
مَڇُڻِ = متان، مبادا
چونِمِ = چَوَنِمِ، چون

بيت جو پس منظر

~ هي ابهمڙي چولي کي ٽوپا ڏئي جسم ڍڪي ٿي پر مارن جي محبت ۾ ڪا ڪمي ٿيڻ نٿي ڏئي.
~ هي ستياڻي ليڙون ٿيل لوئيءَ جي ڪِنَاريُنِ کي ويٺي سبي.
~ متان ڪي ايئين چون تہ تو ٿريلين کي لڄايو آهي.

سمجهاڻي

عمر جي قيد ۾ گذاريندي مارئيءَ جو چولو ۽ لوئي پراڻا ٿي ويا هن، ڦاٽي ويا هن، ليڙون ليڙون ٿي ويا هن.هي معصومڙي ۽ پاڪدامن مارئي انهن کي ٽوپا ڏئي، چتيون هڻي پنهنجو جسمڍڪي ٿي. پر مارن سان محبت ۾ ڪا ڪمي ڪونہ آئي اٿس.
مارئي عمر بادشاھ طرفان ڏنل ريشمي ۽ بخملي ويس وڳن کا نفرت ٿي ڪري ۽ پنهنجي مارن جَي سادڙن ليڙون ٿيل لٽن تي فخر محسوس ٿي ڪري. مارئي اهيو سڀ ڪجھ ان لاءِ ٿي ڪري تہ متان ٿر ۾ سڀاڻي مون کي يا منهنجي مارن کي ڪو مهڻو ڏئي، تہ عمر جا ويس ڍڪي تو ٿر لڄايو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____