30/05/2015

جِتَي مَاڻِڪَ مَاڳُ، تِتَي چَورَان تَڪِيَو



جِتَي مَاڻِڪَ مَاڳُ، تِتَي چَورَان تَڪِيَو
سَنئَون تَنِ سَڀَاڳُ، اَمُلُ جَنِ اَوبَاهِيَو


سُرُ سِرِيرَاڳُ

سُرُ سِرِيرَاڳُ = هي پاڻيءَ جو سُرُ آهي. هن سُر ۾ ڀٽائيءَ وڻجارن جي واپار، سندن جذباتي ڪيفيتن ۽ احساسن جو ذڪر ڪيو آهي.

مَاڻِڪَ = موتي، هيرا، لعل جواهر، خزانا، ملڪيتون
مَاڳُ = آستان، رهائش، هنڌُ
چَورَان = چورن جو، ڦورن لٽيرن جو
تَڪِيَو = عارضي جاءِ، مڪان، رهڻ جو هنڌ
سَنئَون = سٺو، چڱو، ڀلو
سَڀاڳُ = نيڪ بختي، خوشقسمتي، خوشنصيبي
اَمُلُ = املھ، ماڻڪ
اَوباهِيَو = بچايو

بيت جو پس منظر

~ جتي آسودگي، خوشحالي، هيرا جواهر هوندا اُتي چور، لٽيرا ۽ ڦورو بہ ضرور هوندا.
~ اُهي خوشنصيب چئبا جن هيرن موتين تي پهرا ڏيئي ڦرجڻ کان بچايو.

سمجهاڻي

جُڳن کان سنڌ سرسبز ۽ خوشحال ڌرتي رهي آهي.سنڌ کي سمنڊ، درياھ، ٻيلا، فصل، آبشار، نديون، جبلَ، صحرا، ڪوهستان، معدنيات، يورينيم، تيلَ، گيس ۽ ڪوئلو پنهنجوآهي. پر وري بدقسمتيءَ سان آسودي سنڌ ۾ رهزن، ڦورو، لٽيرا، ڌاريا، ويڪائو وڏيرا ۽ وقت جا غدار حڪمران بہ رهندا آيا آهن. جن قوم سان ويساھ گهاتيون ڪري سنڌ کي ڦري، لٽي يتيم، لاوارث ۽ ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي.
ڀٽائي اسان کي خبردار ٿو ڪري تہ ھي غفلت جي ننڊ ڇڏي سجاڳ ٿيون ۽ پنهنجي جيجل جي ننگن ۽ دنگن جي حفاظت ڪريون. پنهنجي ڌرتي جي وسيلن جي حفاظت ڪيون، نه ته سڀ ڪجهه ڦرجي ويندو. ڀاڳن وارا ۽ خوشنصيب ته اهي سڏبا آهن، جيڪي سُکيا به هجن ۽ پنهنجي مال ملڪيت، ڌرتي ۽ اثاثن جي سار سنڀال لهي ان جي حفاظت به ڪن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

نَڪو سُکُ نَکَٽَين، نہ وَيسَاندِ نَئين



نَڪو سُکُ نَکَٽَين، نہ وَيسَاندِ نَئين
جَيڪَا اَچَئِي سَامُهِين، ڀَايَين سَا سَئين
مُوڙِي ڪَوهُ مَئين؟ جِنءَ سَڄِيُون رَاتِيُون سُمَهين !.


سُرُ سِرِيرَاڳُ

سُکُ = آرام، ٽِڪاءُ، بيهڪ
نَکَٽَين = تارن جا ميڙ، ڪهڪشائون - نکٽ معني' تارو
وَيسَاندِ = آرام، ماٺ، ساهي، واندڪائي
نَئين = نَيُنِ کي، نهرن کي، ندين کي
سَامُهِين = سامهون، جي اڳيان
ڀَايَين = سمجهين ٿو
سَئين = سولي، بنا ڪنهن جفاڪشيءَ جي، ولوڙ جي
مُوڙِي = ناڻو، ملڪيت، خزانو
ڪَوهُ = ڇا جي لاءِ، ڇا جي ڪري
مَئين = تَورِين، ڳڻين، ڪٿين، ليکو ڪرين، ماپين
جِنءَ = جيئن

بيت جو پس منظر

~ تارن ۽ ڪهڪشائن کي ڪا بيهڪ ناهي، ۽ نہ وري نديون ڪڏهن وهڻ کان بس ٿيون ڪن.
~ تون بنا جفاڪشي ۽ ولوڙ جي جيڪو ملئي ٿو، تنهن کي نعمت ٿو سمجهين.
~ جڏهن سڄيون راتيون ننڊون ٿو ڪرين تہ پوءِ توکي ڪا ملڪيت يا خزانو ڪيئن هٿلڳندو؟

سمجهاڻي

دنيا جي عظيم مفڪر، دانشور ۽ فلاسافر ڀٽائيءَ تہ نيوٽن ۽ ڊارون کان بہ اڳ، چر پر ۽ تحرڪ واري ٿيوري هن بيت ۾ سمجهائي آهي.ڪائنات ۾ جيڪي بہ شيون، لقاءَ ۽ مظهرَ آهن سي سڀ سدائين چرپر ۽ تحرڪَ ۾ رڌل رهن ٿا. ڪابہ شئي بيٺل ۽ منجمند ناهي پوءِ اها جاندار هجي يا غير جاندار. سڀ شيون هڪ فطري نظام تحت تسلسل سان حرڪت ڪنديون رهن ٿيون. جيڪا پڻ زندگيءَ جي علامت بہ آهي.
ڀٽائي هن بيت ۾ سج، چنڊ، تارن ۽ ڪهڪشائن جي لڳاتار چرپر، سمنڊن، درياهن ۽ ندين جي تيز وهڪرن جو مثال ڏئي سمجهائي ٿو تہ سڄي ڪائنات هلچل ۽ حرڪت ۾ آهي. هڪ تون آهين جيڪو ننڊ ۾ آهين ۽ وري دعوي' ٿو ڪرين تہ سڀ شئي جو مالڪ مان آهيان.
ڀٽائي سيکاري ٿو تہ حرڪت ۾ ئي برڪت آهي. سو نڀاڳ جي ننڊ، سُستي ۽ ڪاهلي ڇڏي پَنهِنجِي ۽ پَنهنجَي ڌرتيءَ جَي وسيلن جي مالڪي ڪيو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

29/05/2015

هِيَڙَي سَڄَڻَ سَارِئَا، ڪِٿَي هُندَمِ هَيرَ؟




هِيَڙَي سَڄَڻَ سَارِئَا، ڪِٿَي هُندَمِ هَيرَ؟
اَچِي لَالَنَ ! نه ڏِيَين، مَٿَي پَلَنگَنِ پَيرَ؟
ٿِي وِرُوهَڻَ وَيرَ، ڳُجُهه ڳَرِهيَان ڪِنِ سِين؟


سُرُ کَنڀَات

هيَڙَي = هنئڙي، دل، مَنَ، ساهَه
سَڄَڻَ = پرين، محبوب
سَارئَا = ياد ڪيا، سنڀاريا
هُندَم = هوندا
هَيرَ = هينئر
لَالَنَ = او پرين، او محبوب
پَلَنگَن = کَٽُن - هي خاص قسم جون کٽون آهن جن جا پاوا جنڊيءَ تي لٿل ۽ رنگين ٿيندا آهن. هي کتون مختلف رنگن جي سنهڙي واڻَ سان واڻجن ٿيون.
ورُوهَڻَ = رهاڻ، روح رهاڻيون ڪرڻ
وَيرَ = مهل، گهڙي، وقت، وَيلَ
ڳُجُهه = راز، اندر جون ڳالهيون
ڳَرهيَان = اوريان، سليان، ٻڌايان
ڪن سين = ڪنهن سان

بيت جو پس منظر

~ منهنجيءَ دل محبوب کي ياد ڪيو آهي، پر هينئر هو الائي ڪٿي هوندا؟
~ او پرين ! پنهنجا پير منهنجي پلنگن تي ڇونه ٿو اچي ڏين؟
~ هي وقت ته محبوب سان رهاڻيون ڪرڻ جو آهي، پوءِ ڀلا مان ڪنهن سان اندر جا احوال ڪيان؟

سمجهاڻي

هونئن ته ڪڏهن اهڙو ڏينهن ناهي گذريو جو محبوب وسري ويو هجي، پر اڄ الائي ڇو کيس منهنجي دل ڏاڍو ياد
پئي ڪري. محبوب سان گهاريل اُهي پلَ، رهاڻيون ۽ ساروڻيون اڄ شدت سان ياد پيون اچن. پر خبر ناهي هو هينئر الائي ڪٿي آهي؟ هي جيڪي جنڊيءَ تي لٿل ۽ مختلف رنگن جي واڻَ سان سندس لاءِ پلنگ جوڙايا اٿم انهن تي پنهنجا نازڪ، نرم، پدمڙا، پاڪ پَير الائي ڪڏهن اچي ڏيندو؟
هي ويلَ ته محبوب سان ملاقات جي هوندي آهي، پر هو اڃان نه آيو آهي. مان پنهنجي سيني اندر جيڪي راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون سانڍيو ويٺي آهيان، سي ڀلا هن سوا ڪنهن سان سليان؟


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

28/05/2015

اوندَاهِي اَڌَ راتِ ۾، پِريَ پَسَايَو پَاڻُ



اوندَاهِي اَڌَ راتِ ۾، پِريَ پَسَايَو پَاڻُ
چَنڊُ ڪَتِنِ سَاڻُ، پَيهِي وِئَو پَڙِلَاوَ ۾


سُرُ کَنڀَات

کَنڀَات = هندستان جي الهندي طرف نار جي مهڙ تي بيٺل شهر جو نالو آهي. آڳاٽي دور ۾ مشهور ۽ وسيل بندر هوندو هو. هتان ديسان ديس واپار هلندو هو. کنڀات کي کماچ به چوندا آهن. هي راڳ رات جو 10 وڳي ڳائبو آهي.
اُندَاهي = اونداهي
پِريَ = پرينءَ، محبوب
پَسَايَو = ڏيکاريو، درشن ڪرايائين، ملاقات ڪيائين
پَيهي = لهي، گم ٿي، غائب ٿي، لِڪي
وِئَو = ويو
پَڙلَاوَ = خلائن ۾، پولارن ۾، پڙاڏن ۾

بيت جو پس منظر

~ اونداهي اڌ رات هئي، جو محبوب ملڻ آيو هو.
~ سو چنڊ، ڪَتيُن کي ساڻ ڪري ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو.

سمجهاڻي

جڏهن رات پنهنجي جوڀن تي هئي، هر پاسي خاموشي ۽ سانت ڇانيل هئي، ڪائنات خوابن جي دنيا ۾ وڃائجي وئي هئي. منهنجو محبوب سورنهن سينگار ڪري، قيمتي ويس ڍڪي، خوشبوئون لڳائي، دنيا کان لِڪي، پنهنجو وچن نڀاهڻ لاءِ مون سان ملڻ آيا هئا. سندس حُسن، سونهن ۽ سندرتا جي دلڪش ادائن جا جيڪي اڻ ميا چنڊ اڀري پيا ها، تن رات کي ڏينهن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو.
محبوب جون نزاڪتون، غضب ادائون ۽ حُسناڪيون پسي هي ويچارو آسمان جو چنڊ، تارن ۽ ڪَتيُن کي ساڻ ڪري الائي ڪهڙي طرف هليو ويو هو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

27/05/2015

اَڃَان تو مَنجَهاءَ، ڪَکَ ڇُتَي رَتُ نِڪرَي



اَڃَان تو مَنجَهاءَ، ڪَکَ ڇُتَي رَتُ نِڪرَي
مُهَ ۾ مَحبُوبَن جا، ڪِنءَ جَهليندَين گَهاء؟َ
سَو تُون ڪُڄَاڙِئاءَ، سِڪَڻَ جُون سَڌُون ڪَرِين؟


سُرُ يمن ڪلياڻُ

تَو مَنجَهاءَ = تومان، تنهنجي بدن مان
ڪَکَ = جهوپڙي ۽ مَنَهَن ٺاهڻ وارا سَرَ، تيلَا
ڇُتَي = ڇُهڻ سان، لڳڻ سان
جَهليندَين = سهي سگهندين، برداشت ڪري سگهندين
ڪِنءَ = ڪيئن
گَهاءَ = زخمَ، وَڍَ
ڪُڄَاڙئاءَ = ڇو، ڇالاءِ، ڇاجي لاءِ
سَڌُون = خواهشون، تمننائون، آشائون

بيت جو پس منظر

~ اڃان تائين ڪک ڇهڻ سان تنهنجي بدن مان رت وهي ٿو پئي.
~ سو تون محبوبن جا مليل گهاوَ ڪيئن سهي سگهندين؟
~ تنهنڪري ڇاجي لاءِ ٿو تون، سڪڻ جون سڌون ڪرين؟

سمجهاڻي

محبوبَ ۽ منزلون ملڻ ڪو آسان سولڙو ڪم ناهي، جو هر ڪو حاصل ڪري سگهي. صرف سڌن ۽ خواهشن ڪرڻ سان محبوب ناهن ملندا.
جيڪڏهن توهان ايترا نازڪ ۽ نفيس آهيو جو رڳو گل پٽڻ يا گل اڇلائي هڻڻ سان، يا ڪنهن ڪک جي ڇَيت ڇهڻ سان،
اوهان جي جسم مان رت ٿو وهي پئي ته پوءِ اهي محبوب ماڻڻ جا خواب ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيو. محبوب ۽ منزلون حاصل ڪرڻ لاءِ ته وڏي ويڙهه، جفاڪشي، جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪرڻي پئي ٿي. جيل، کوليون، گوليون، قيد، ڪڙا، زنجير ۽ ڏنڊا ٻيڙيون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون ۽ سر ساهه به صدقو ڪرڻا پوندا آهن.
سو محبوبَ ۽ منزلون ته ڪي دلير، دودا، جوڌا، ارڏا ۽ اڏول انسان ماڻيندا آهن. جيڪي پنهنجو سر تريءَ تي کڻي هلندا آهن، سي ئي محبوبَ ۽ منزلون ماڻيندا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

26/05/2015

وَيڄَ ! مَ ٻُڪِي ڏَي، الا ! چَڱِي مَ ٿِيَان



وَيڄَ ! مَ ٻُڪِي ڏَي، الا ! چَڱِي مَ ٿِيَان
سَڄَڻُ مانَ اَچَي، ڪَرَ لَاهُو ٿِي ڪَڏهِم

سُرُ يمن ڪلياڻ

وَيڄَ = حڪيم، طبيب، ڊاڪٽر
مَ = نه
ٻُڪي = دوا، سُتي
اَلَا = جيڪر
چَڱي = چَاڪُ، خوش ٿي وڃان، بيماري ڇڏي وڃي
سَڄَڻُ = محبوب، پرين
مانَ اَچَي = مَنَ اچي، شال اچي
ڪَرَ = سار، خبر چار
لَاهُو = لهندڙ، عيادت ڪندڙ، پڇڻ وارو
ڪَڏَهم = ڪڏهن

بيت جو پس منظر

~ اي طبيب ! مونکي اهڙي ڪابه دوا نه ڏجان، جنهن سان چڱي ڀلي ٿي وڃان، خوش ٿي وڃان
~ مَنَ ڪڏهن پڇڻ بهاني ئي محبوب اچي ملي وڃي

سمجهاڻي

اڪثر جڏهن ڪو ماڻهون بيمار ٿي پوندو آهي ته ڪنهن حڪيم يا ڊاڪٽر سان مشورو ڪندو آهي. دوا سُتي وٺندو آهي ته جيئن جلد صحتياب ٿي وڃان. پر هي مريض ڊاڪٽر ڏي وڃڻ، مشورو ڪرڻ، دوا کائڻ ۽ چڱو ڀلو ٿيڻ جي بجاءِ ويتر بيمار رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
ٻين طرفان زبردستي آندل ڊاڪٽر کي هي مريض چئي ٿو ته متان ڪا اهڙي دوا ڏين، جنهن سان خوش ٿي وڃان. مونکي بيمار ئي رهڻ ڏي. ڇو ته جَي بيمار هوندس ته ڪڏهن نه ڪڏهن محبوب ضرور پڇڻ ايندو. سو هن بهاني سندس ديدار به ٿيندو، ملاقات به ٿيندي، سڪ جو لڳي اٿم هن جي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

25/05/2015

اَيڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪَوڙَين ڪَڻس ڳِڙکيُون



اَيڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪَوڙَين ڪَڻس ڳِڙکيُون
جَيڏاهُ ڪَيَان پَرَکَ، تَيڏَاهُ صَاحَبُ سَامُهين


سُرُ ڪَليَاڻُ

اَيڪُ = هڪ
قَصَرُ = محلات، ماڙي
ڪَوڙَين = ڪروڙين
ڪَڻس = کيس، انکي
ڳڙکيُون = دريون، روشندان
جَيڏَاهُ = جيڏانهن
پَرَکَ = نظر، چوڌاري نظر، چؤطرف نگاه
تَيڏَاهُ = تيڏانهن
صَاحَبُ = مالڪ، ڌڻي، مولا پاڪ

بيت جو پس منظر

~ محل هڪ آهي، ان کي لکين در ۽ ڪروڙين دريون آهن.
~ مان جيڏانهن به نظر ڦيرايان ٿو، هر پاسي محبوب جي حسن ۽ جمال جو مشاهدو ماڻيان ٿو.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ هن بيت ۾ وحدت الوجود، هيڪڙائي ۽ وحدانيت جو فلسفو سمجهايو آهي.
هي ڪل ڪائنات هڪ محلات مثل آهي ۽ ڪل مخلوقات در ۽ درين جي مثل آهن. ان محلات جو بادشاهه پاڻ مولا پاڪ جي ذات آهي. هر در ۽ دريءَ ڏانهن جڏهن به جهاتي پايون ٿا محبوب حقيقيءَ جو مشاهدو ماڻيون ٿا.
هن ڪائنات ۾ جيڪي به شيون، لقاءَ، مظهر ۽ عڪس ڏسڻ ۾ اچن ٿا. سي سڀ الڳ الڳ ۽ جدا جدا شڪلين ۽ صورتن ۾ آهن. پر دراصل هنن سڀني شين ۾ هو پاڻ ئي موجود آهي. هو ئي هر هنڌ، هر جڳهه، هر پل ۽ هر شئي ۾ موجود آهي.
قرآن شريف ۾ فرمايو ويو :

فَاَينَمَا تَوَلُو فَثم وَجُه اللهُ
يعني :
پوءِ جيڏانهُن به مُنهُن ڦيرائيندئو مون الله کي ئي پسندئو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڪَوڙَين ڪَايَائُون تُهِجيُون، لِکَنِ لَکَ هزارَ




ڪَوڙَين ڪَايَائُون تُهِجيُون، لِکَنِ لَکَ هزارَ
جِيُ سڀڪه جِيَ سِين، دَرَسَنُ ڌارَو ڌارَ
پِريَم ! تُهجَا پارَ، ڪهَڙا چئي ڪِيَ چُئَان


سُرُ ڪَليَاڻُ

ڪَوڙَين = ڪروڙين
ڪايَائُون = شڪليون، جسمَ، بدنَ، جانيُون، صُورتُون، لقاءَ، مظهرَ، رُوپَ
تُهجيُون = تنهنجيون
جيُ = مطلق هستي، روح ڪُلُ، خدا تعالي'
جيَ = عارضي هستي، جزوي روح، جيوَ، آتما
سَڀڪه = سڀڪنهن
دَرَسَنُ = درشن، ديدار، مشاهدو
ڌَارَو ڌارَ = الڳ الڳ، جدا جدا
پريَم = او منهنجا پرين، او منهنجا محبوب
تُهجَا = تنهنجا
پارَ = صفتون، صورتون، نمونا، ڏس پتا، اهڃاڻ، نشان، عڪس
ڪيَ = ڪيئن
چُئَان = چوان، بيان ڪيان، کولي ٻڌايان

بيت جو پس منظر

~ تنهنجا هزارين، لکين ۽ ڪروڙين روپ آهن.
~ سڀني صورتن اندر هڪ ئي هستيءَ جو وجود آهي، باقي ڏَيکَ الڳ الڳ آهن.
~ او منهنجا پرين ! تنهنجا هي سڀ عڪس ۽ اهڃاڻ، ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح بيان ڪيان.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي تصوف ۽ وحدانيت جي گيڙو رنگ ۾ رڱيل بيت مالڪ حقيقيءَ جي هر شئي ۾ موجود هجڻ جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن ڪائنات ۾ هزارين، لکين ۽ ڪروڙين شڪليون، صورتون، جسمَ، لقاءَ، مظهر ۽ روپ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هر لقاءُ، صورت ۽ هر مظهر ڏسڻ ۾ ته جدا جدا ۽ الڳ الڳ آهي. پر مالڪ حقيقي هر جاندار ۽ بي جان شئي ۾ موجود آهي.
ڀٽائي چئي ٿو : او منهنجا محبوب ! ڀلا تون ئي ڏس ته تنهنجي هنن سڀني صفتن، صورتن، عڪس ۽ اهڃاڻن کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت ظاهر ڪيان.
صوفي چون ٿا " لا موجود الا الله " يعني الله جي ذات کان سواءِ ٻيو ڪير به موجود ناهي. هر شئي ۽ هر مظهر ۾ هو پاڻ ئي موجود آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

23/05/2015

اَڄُ پڻ چِڪيَم چاڪَ، وَهيَن وَيڙيچَن جا




اَڄُ پڻ چِڪيَم چاڪَ، وَهيَن وَيڙيچَن جا
سُورَن اَچي سُومرَا !، اندَر ڪي اَوطاقَ
مَارُوءَ جَي فراقَ، هَڏ مُهجَا ڪَپيَا


سُرُ مَارُئي

چِڪيَم = ڪڙهي پيا، اٿلي پيا، ڏکي پيا، رتُ پُونءِ ڇڏيائون
چَاڪَ = ڦٽ، زخم، وڍَ
وَهيَن = آسودن، سکين ستابن، شاهوڪارن
وَيڙيچَن = مارو ماڻهن
ڪي = ڪئي
اَوطاقَ = بيٺڪ، ڪچهري گاه
مارُوءَ = کيتَ - مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو
فرَاقَ = وڇوڙي، جدائي
هَڏَ = هڏا، انگَ، عضوا
مُهجَا = منهنجا
ڪَپيَا = وڍي وڌا

بيت جو پس منظر

~ وري اڄ به سکين ستابن مارن کي ياد ڪندي منهنجا ڦٽ اٿلي پيا آهن.
~ او سومرا ! مارن جي دردن ته اندر ۾ بيٺڪ ٺاهي ڇڏي آهي.
~ محبوب جي جدائيءَ ته ويتر هڏ وڍي وڌا آهن.

سمجهاڻي

جنهن سوا جيڪر پل به نه سري اهو جڏهن اکين کان اوجهل ٿي پوندو آهي ته، چپ سڪي ٺوٺ ٿي ويندا آهن. مُنهَن جون مُرڪُون موڪلائي ٿيون وڃن، اداسي ڇانئجيويندي آهي. اڄ مارئيءَ کي پنهنجو وطن، اباڻا ۽ محبوب ڏاڍو ياد پيا اچن. سندن لاءِ هنجون هاريندي چئي ٿي :
اڄ وري ماروئڙن جي ياد ۾ اندر جا زخم اٿلي پيا اهن. ڦٽ ناسور بڻجي ويا آهن، جن مان رت پيو ٽمي. سور اندر ۾ ٽڪي پيا آهن، رهي پيا آهن، وڃڻ جي ئي نٿا ڪن. دل م ديرو ڄمايو اٿن. ويتر محبوب کيت جي جدائيءَ ته جيءُ جهوري وڌو آهي. سڄو جسم ڄڻ ڪنهن ڪهاڙيءَ سان ڪپي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

22/05/2015

جَي هت هُئي مَارُئي، ته لَڌيَم ڪَرَ ڪيڻَاسِ





جَي هت هُئي مَارُئي، ته لَڌيَم ڪَرَ ڪيڻَاسِ
اَردَاسئُم عُمرَ کَي، وَيجَهو ٿي وَٽَاسِ
جَي نه ڇَڏيَائين ڪ جَهليَائين، ته پَنهنجَو اَنگُ آڇيَانسِ
لَاهَي لَوهَ لطيفُ چَي، هتَان هُندَ هَلَانسِ
مَوکي مَليرَ سَامُهين، وَٺي ٻَانهَ وَڃَانسِ
رَهبَرُ ٿي رَيڙهيَانسِ، سُنهَارَي سَاڻَيهَ ڏي


سُرُ مَارُئي

لَڌيَم = ڳولي
ڪَرَ = سارَ، خبرَ
ڪيڻَانس = سنديَس
اَردَاسئُم = عرض ڪيان، منٿ ڪيان
ڪ = يا، پوءِ به
اَنگُ = بدن، جسم، سَريرُ
آڇيَانس = ڏيان، قربان ڪيان
لَوهَ = زنجير
هُندَ = هوند، جيڪر
مَوکي = ڇڏائي، آزاد ڪرائي
سَامُهين = جي اڳيان
ٻَانهَ = ٻانهَن، ٻانهن کان جهلي
رَهبَرُ = سُونهُون، رهنما، اڳواڻ
رَيڙهيَانس = وٺي وڃانس
سُنهَاري = سونهن واري، سهڻي، سندر
سَاڻَيهُ = ملڪ، وطن، ساڻيهه

بيت جو پس منظر

~ جي مارئي هتي هجي ها ته ڳولي سندس سار لهان ها.
~ عمر وٽ وڃي کيس منٿ ڪيان ها.
~ جهلي ڇڏي ها، نه ڇڏيس ها ته مارئيءَ جي بدلي مان پنهنجو پاڻ پيش ڪيان ها.
~ مارئيءَ جي جسم تي لڳل زنجير لاهي، کيس اباڻن ڏانهن وٺي وڃان ها.
~ کيس عمر جي ڪوٽ مان آزاد ڪرائي، ٻانهَن کان جهلي ڇڏي اچانس ها.
~ سندس رهبر ٿي ملير جهڙي سهڻي ملڪ موڪليانس ها.

سمجهاڻي

ڀٽائي پاڻ مارئيءَ جو وڪيل بڻجي سندس ضمانت ڏيڻ ۽ آزاد ڪرائڻ لاءِ تيار ٿوڏسجي. ڀٽائي چئي ٿو :
ڪاش !! مارئي اڄوڪي دور جي قيدياڻي هجي ها ته مان پاڻ امرڪوٽ وڃي سندس خبر چار ۽ سارَ لهان ها. عمر جي درٻار وڃي سندس ويجهو ويهي مارئيءَ جي آزاديءَ لاءِ کيس ميڙ منٿ، ايلاز ۽ عرضَ ڪيان ها.
جيڪڏهن شخصي ضمانت تي مارئيءَ کي آزاد نه ڪري ها ۽ ضد ڪري ها ته چوانس ها ته مون کي زنجير هڻي قيد ڪر پر مظلوم مارئيءَ کي ڇڏي ڏي. مارئيءَ کي لڳل هٿ ڪڙيون، پير ڪڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون لهرائي هتان احترام سان وٺي وڃانس ها.ڪيئن به ڪري، ڪهڙي به شرط تي مارئيءَ کي نيٺ آزاد ڪرائي سندس سهڻي ملڪ ملير ڏانهن روانو ڪيان ها.
ڪاش !! سنڌ جا ظالم پير ۽ وحشي وڏيرا هن ڳالهه مان سبق سکن.سندن ڪوٽن ۾ زبردستي کنڀي قيد ڪيل نياڻين کي پوتي پارائي، مٿي تي هٿ رکي سنڌ جي روايت کي جيارين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

21/05/2015

ٿَورَا مَنجهه ٿَرَنِ، مُون سِين مَارُوءَ جَي ڪئَا




ٿَورَا مَنجهه ٿَرَنِ، مُون سِين مَارُوءَ جَي ڪئَا
عُمرَ ! اُن ڳُڻَنِ، آئُون ڪِنءَ لَوئِي لَاهيَان


سُرُ مَارُئي

ٿَورَا = احسانَ، قربَ، نوازشون
مَارُوءَ = کيتَ - مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو کيتُ
ڪئَا = ڪيا
اُن = انهن، هنن
ڳُڻَن = خوبين، ڀلاين، چڱاين
ڪنءَ = ڪيئن
لَوئي = کٿي

بيت جو پس منظر

~ جڏهن ٿر هوندي هيس ته منهنجي مٿان محبوب ڪيترائي احسان ڪيا.
~ سو عمر ! انهن سڀني ڀلاين کي پٺي ڏئي، لڱن تان هرگز لوئي نه لاهينديس.

سمجهاڻي

ٻالڪپڻي کان وٺي جوان ٿيڻ تائين ۽ تنهنجي هٿان زبردستي کوهه تان کنڀجڻ تائين، مون مٿان منهنجي محبوب جيڪي احسان ڪيا.سي سڀ ڀلا آئون ڪيئن ٿي وساري سگهان. سو عمر ! محبوب کيت جون ٿيل ڀلايون، چڱايون ۽ سر ساهه صدقي ڪرڻ واريون سڀ ڳالهيون وساري، پنهنجي عزت، عصمت، غيرت ۽ آبرو تنهنجي حوالي ڪڏهن ڪونه ڪڳنديس.
هي لوئي اوهان لاءِ ته رڳو پوتيءَ ٽڪر آهي، پر اسان مارن جو ويساهه آهي. عورت جي عظمت جو اهڃاڻ آهي. سو ڪنهن به ريت هي لوئي لڱن تان ڪڏهن نه لاهينديس.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

19/05/2015

پَانڌي ! پِريَ پَنهُوارَ سين، روئي ڪَج رِهاڻ



پَانڌي ! پِريَ پَنهُوارَ سين، روئي ڪَج رِهاڻ
جِنءَ ٿر وِڄُون اُٺيُون، تِنءَ آن سُورَن سَاڻ
ڪجَاهُ ڪا وَرَاڻ، ڏُکَن ڏيلُ ڏَهيُون ڪئَو


سُرُ مَارُئي

پَانڌي = اي قاصد
پريَ = پرينءَ، محبوبَ
ڪَج = ڪجو، ڪجان
وڄُون = کنوڻيُون
اُٺيُون = چمڪاٽ، تجلا ڪيائون
آن = آئون، مان
ڪجَاهُ = ڪجو
وَرَاڻ = مَوٽَ
ڏيلُ = جسم، بدن، سَريرُ
ڏَهيُون = پرزا پرزا، ذرا ذرا، ڇيهون ڇيهون - ڪپڙي جو ٿَانُ تيار ٿيڻ کان پوءِ باقي بچيل ٽڪرا، جيڪي ڪپي ڦٽا ڪبا آهن انهن کي ڏهيون چئبو آهي.

بيت جو پس منطر

~ اي قاصد ! منهنجي محبوب کي روئي وڃي هي ڳالهيون ڪجان.
~ جيئن ئي ٿر تي وڄن جا چمڪات ٿين ٿا، منهنجا سور سوايا ٿي وڃن ٿا.
~ ڪا جلدي موٽَ ڪجو، هتي ڏکن مون سان هاڃا ڪيا آهن.

سمجهاڻي

مارئي نياپي کڻي ويندڙ کي پنهنجي حال کان آگاهي ڏيندي چئي ٿي ته :
مون پنهنجي دل جون ڳالهيون، عذاب، اذيتون، ڪيسَ قهر ۽ پاڻ تي ٿيندڙ ظلم بيان ڪيا اٿم، سي سڀ روئي وڃي منهنجي محبوب کي ٻڌائجان. هي به چئجانس ته جڏهن ٿر تي وڄ وراڪا ۽ تجلا ٿيندي ٿي ڏسان. بادلن جون گجگوڙون ڪن تي پون ٿيون، منهنجا ستل سور جاڳي پون ٿا.
وڌيڪ چئجانس ته ٻيلي منهنجي ڪا وٽ وراڻ ڪيو، واهُرَ ڪيو، مالڪي ڪيو. هتي مون ننڌڻڪيءَ جا ڏک برداشت ڪندي بدن ڇيهون ڇيهون ۽ پرزا پرزا ٿي ويو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

پَانڌي ! پِريَ پَنهُوارَ کَي، چَيُم تِنءَ چَئَيج



پَانڌي ! پِريَ پَنهُوارَ کَي، چَيُم تِنءَ چَئَيج
سَندَا سَنگت ڏِيهَڙا، وَرَ ! مَ وِسَارَيج
ڪَوٺيُن ڪُٺي آهيان، سِگهي سَارَ لَهَيج
مُٺِ مَانڌَاڻي مُجَيج، ته نيَرَن ۾ نَئون ڪَريَان


سُرُ مَارُئي

پَانڌي = اي قاصد، نياپي پهچائڻ وارا
پريَ = پرينءَ، محبوبَ
پَنهُوارَ = مارو - مارئيءَ جو محبوب ۽ مڱيندو
تنءَ = تيئن
سَندَا = جَي، جيڪي
سَنگَت = ياري، صحبت
ڏيهَڙا = ڏينهڙا
وَرَ = مڙسَ، ڪانڌَ، ڀتارَ
مَ = نه
ڪُٺي = وڍيل، گهايل، ذبح ڪيل
مُٺ = لَپَ جيتري، هٿ ۾ ماپڻ جيتري
مَانڌَاڻي = هي گاهه برسات کان پوءِ ڄمي ٿو. ڊيگهه پنج انچ اٿس, ڪاني چوٽيءَ کان ڦاٽي ٽي ڦاڪون ٿي پوندي آهي، جنهن مان اڇي رنگ جو اَنُ نڪري ٿو. مارو شوق سان کائن ٿا.
مُجَيج = موڪلجو، روانو ڪجو
نيَرَن = زنجيرن

بيت جو پس منظر

~ اي قاصد جيئن چوانءِ تيئن محبوب کي وڃي چئجان.
~ او منهنجا ڪانڌ ! متان اُهي گڏ گهاريل ڏينهڙا وساري وهين.
~ هن ڪوٺين جي قيد گهائي وڌو آهي، سو ستت ڪا سار لهجان.
~ ٿر جَي مانڌاڻيءَ جي ڪا مُٺ موڪليو ته نئون اَنُ کاوان.

سمجهاڻي

مارئي ٿر مان آيل قاصد کي تاڪيد ڪندي چئي ٿي :
مان جيئن چوندي وڃانءِ تيئن اکر به اکر، ساري سنڀالي محبوب کيت کي پيغام پهچائجان. منهنجي سر ساهه جا مالڪ توکي ياد هوندو رهاڻيون ڪندي، پيار ونڊيندي ڪڏهن جي ڪاوڙجي پوندي هيس. ڪيڏا ايلاز ڪندو هئين، منٿون ڪندو هئين. ٻانهون ٻڌندو هئين تڏهن مسَ وڃي پرچندي هيس. اهي سڀ ڳالهيون توکان ڀلا وسري ويون ڇا؟
هن ڪوٺين جي قيد ته مون کي ماري وڌو آهي، جسم جو هر انگ گهايل آهي. تون الائي ڪڏهن سار لهڻ ايندين. هن شاهي دستر خوان جا عمده طعام ڏسي ڪراهت ٿيڻ لڳي آهي، وات جو ذائقو ئي خراب ٿي ويو آهي. سو هن زنجيرن ۾ جڪڙيل قيدياڻيءَ ڏانهن ٿر جي سوکڙي مانڌاڻي موڪلجو ته نئين اَنَ جي وَٽَ ڪيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

18/05/2015

جِت ڀُنگا، ڀِٽُون، ڀَيڻيُون، ته کِوڻ ٿي کواءِ



جِت ڀُنگا، ڀِٽُون، ڀَيڻيُون، ته کِوڻ ٿي کواءِ
سَا وِڄُ پَسئو وِندُران، مُون رُندَي رَات وهاءِ
سَيلَيتيُن سُهاءِ، مَارُو جو مَليرَ جو


سُرُ مَارُئي

ڀُنگا = ڀونگيون، جهوپڙيون، جُهڳيُون
ڀٽُون = واريءَ جا دڙا
ڀَيڻيُون = هنڌَ، ماڳَ، جڳهون
ته = تنهن
کَوڻ = پاسي، طرف
کوَاءِ = کنوَي، چمڪاٽ ڪري
وندُران = ٺران، خوشي محسوس ڪيان، راحت، فرحت پئي اچيم، سَرهائي محسوس ڪيان
رُندَي = روئندي
وهَاءِ = وهامي، گذري
سَيلَيتيُن = سيلَ وارين، سَتيُن
سُهَاءِ = سُونهَين، ٺَهَي
مَارُو = مالوندا، لاڏائُو ماڻهون

بيت جو پس منظر

~ جتي جهوپڙيون، واريءَ جا دڙا ۽ مارن جا وٿاڻ آهن، ان پاسي کنوڻ پئي کنوي.
~ اها وڄ ڏسيو پئي خوشي ٿئيم، نه ته هونئن راتيون روئندي گهاريندي آهيان.
~ ملير جا ماڻهون سَتيُن وچ ۾ ڏاڍو ٺهن ٿا.

سمجهاڻي

ملير جي مٿان کنوڻيون ڏسي مارئي خوش پئي ٿئي، ۽ چئي ٿي :
جنهن پاسي منهنجي ماروئڙن جا جهوپا، جهڳيون، واريءَ جا دڙا ۽ اباڻن جا ڪکاوان گهر آهن. اُتي کنوڻين جا چمڪاٽ، تجلا ۽ بادلن جون گجگوڙون پيون ٻڌڻ ۾ اچن. سو اجهو ٿا مينهن وسن، پوءِ ته ماروئڙا سکيا ستابا ٿيندا. سو تڏهن خوشيءَ ۾ نٿي ماپان. هونئن نه ته اباڻن لاءِ هنجون هاريندي، لڙڪ لاڙيندي راتيون وهامنديون اٿم.
منهنجي ملڪ ملير جا ماڻهون بيحد سهڻا ۽ خوبصورت آهن. هو پنهنجي عزت ۽ آبرُوءَ جي هميشه حفاظت ڪندڙ ماروئڙين وچ ۾ ڪيڏوسُونهَن ٿا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

16/05/2015

اکڙيون مليرَ ڏي، جَنين رَاتو ڏِينهن



اکڙيون مليرَ ڏي، جَنين رَاتو ڏِينهن
هاڻي ڪندين ڪِيئن، عُمرَ ! آسائُن سِين؟


سر مارئي

جَنين = جنهن جون
رَاتو ڏينهن = رات توڙي ڏينهن
آسَائُن = آسائتيُن، آسرونديُن، اميد وارين

بيت جو پس منظر

~ جنهن جون اکيون رات ڏينهن ملير ڏانهن نهارينديون رهن ٿيون.
~ سو انهن آسائتين کي تون ڇا ڪري سگهندين؟

سمجهاڻي

مارئي عمر کي للڪاريندي چئي ٿي ته :مون کي خبر آهي تون بادشاهه آهين. تنهنجا بنگلا، محلاتون، راڻيون، عمده طعام، قيمتي پٽ، ريشم ۽ بخمل جا ويس وڳا ۽ شاهاڻا طور طريقا آهن، تنهن هوندي به منهنجو من، دل ۽ اکڙيون پنهنجي وطن ملير، مارن ۽ محبوب ڏانهن تڪينديونرهن ٿيون.
او عمر ! تون ڇا به ڪري آئون تنهنجي ڪڏهن به ڪونه ٿينديس. مون کي پڪ ۽ يقين آهي ته ضرور هڪ ڏينهن ملير وينديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

15/05/2015

مَارُوءَ پاس مليرَ ۾، ڌوئي مَرُ مَران



مَارُوءَ پاس مليرَ ۾، ڌوئي مَرُ مَران
پاڻي وَارَي پَاهجَو، وينديَائي وَرَان
ٿورو مَنجهه ٿَرَان، هُندَ لَڳَي لوئڙيَاريَين

سُرُ مَارُئي

مَارُوءَ = کيت - مارئيءَ جو محبوب، مڱيندو
پَاس = وَٽ، ڀر ۾، هنج ۾، ڀاڪر ۾
ڌَوئي = وهنجي، صاف ڪري
مَرُ = ميراڻ، مٽي، مَير
پاڻي وَارَي = جسم تي پاڻي وجهي
وَينديَائي = ويندي ئي، وڃڻ ساڻ ئي، ويندي شرط
وَرَان = موٽي اچان، واپس ٿيان
ٿورَو = احسان
ٿرَان = ٿر وارن تي
هُندَ = هوند، جيڪر
لَوئڙياريَين = لوئي اوڍيندڙن تي

بيت جو پس منظر

~ شال ملير وڃي محلن جي ميراڻ ڌوئي، محبوب جي ڀاڪر ۾ ساهه ڏيان.
~ پنهنجي بدن تي ملير جو پاڻي وجهي، بس ويندي ئي واپس ٿيان.
~ اهيو لوئي ڍڪيندڙن تي تنهنجو احسان ٿيندو.

سمجهاڻي

مارئي پنهنجي وطن ملير، مارو ماڻهن ۽ محبوب سان محبت جو عظيم، لافاني ۽ لازوال ڪردار آهي. مارئي چئي ٿي :
جيڪڏهن جيئري محبوب سان ملاقات نه ٿئي، آس اٿم ته هي لڱن تي لڳل محلن جي مٽي جيڪا ڄمي وئي آهي.سا ڌوئي پوءِ پنهنجي محبوب جي هنج ۾ ساهه ڏيان.
مارئي عمر جي پاڻيءَ سان وهنجڻ لاءِ تيار ناهي. سو عمر کي چئي ٿي :
جيڪڏهن هن قيد مان تون مونکي آزاد نٿو ڪرين ته ايتري مهلت ڏئينم. جيئن پنهنجي وطن جي پاڻيءَ سان وهنجي وري تو وٽ واپس موٽي ٿي اچان. جيڪڏهن تو ايئين ڪيو ته عمر ! تنهنجو هي مون مٿان ۽ سڄي ٿر تي احسان ٿيندو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جَي گهر گهاريَم ڏينهڙا، هَيڪانديَ حُضُور



جَي گهر گهاريَم ڏينهڙا، هَيڪانديَ حُضُور
سَيئي سِڪان، ساريان، پَچان پائُرَ پُور
هَميرَاڻَا هَٿڙا، ڪِينَ مَڃينديَس مُور
سَنجَهي سَت گُذاريان، اَچين شَالَ اَسُور
دَرَا ٿيان مَ دُور، مَارُوءَ ڄامَ مَليرَ جَي


سُرُ مَارُئي

هَيڪانديَ = ويجَهي، ساڻ، گڏ
حُضُور = محبوب جي حاضريءَ ۾، خدمت ڪندي
پَچَان = سڙان، جليو وڃان
پائُرَ = ٿر
پُور = خيال، يادگيريون
هميرَاڻا = اميراڻا، شاهاڻا
سَنجَهي = شام، سومهڻي، رات
سَت گُذاريان = سَتَ سيل جي حفاظت ڪندي گذاريان
اَسُور = اسر ويل، پرهه ڦٽيءَ کان اڳ
دَرَا = دران، در تان، در کان، قدمن کان
مََ = نه
مَارُوءَ ڄامَ = کيت کان - مارئيءَ جي مڱيندي ۽ محبوب جو نالو کيت هيو. هوءَ ڄام کيس پيار مان چئي ٿي، ڇوته محبوب سر جا سائين هوندا آهن.

بيت جو پس منظر

~ گهر ۾ جيڪي ڏينهن مون محبوب جي خدمت ڪندي گذاريا.
~ انهن ئي خيالن کي ياد ڪيو پئي سڙان، سڪان ۽ ساريان.
~ سڄي رات عزت جي حفاظت ڪندي گذاريان ۽ پرهه ڦٽي ته تون اچين.
~ شال پنهنجي ملير واري محبوب جي در کان ڪڏهن دور نه ٿيان.

سمجهاڻي

مارئيءَ جي عمر جي ڪوٽ ۾ ننڊ ڦٽل آهي. محبوب کي ياد ڪندي چئي ٿي :
گهر ۾ گهاريل اُهي حسين پلَ، لمحا، راتيون ۽ ڏينهن جيڪي پنهنجي محبوب جي قدمن ۾ رهاڻيون ڪندي گهاريم. سي ڀلا آئون ڪيئن ٿي وساري سگهان. ٿر ملڪ جو خيال ايندي ئي ڄڻ اندر ۾ باهه لڳي ٿي وڃي. سڪ ۽ اُڪير مان هر پل پئي محبوب کي ساريان.
هي سر ساهه محبوب جي ئي امانت آهي. ڪو بادشاهه ئي کڻي ڇونه هجي، سندس حوالي ٿيڻ جو ڪڏهن سوچي به
نٿي سگهان. سڄي رات ان اميد تي پنهنجي عزت، آبرُوءَ جي حفاظت ڪندي گذرندي اٿم ته پِرهه ڦُٽيءَ ويل محبوب ايندو ۽ مون کي هن قيد مان آجو ڪندو. شال اُهو ڏينهن ڪڏهن نه ٿئي جڏهن پنهنجي محبوب جي در، گهر ۽ قدمن کان دور ٿيان.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

14/05/2015

سُهمَ پَسَان ٿي سُومَرا !، پريُن رِيَ پيئي



سُهمَ پَسَان ٿي سُومَرا !، پريُن رِيَ پيئي
مُل رَسَاڻي مَارُئين، مُنکَي ڪو نيئي
ته سَاڻُن سَڀَيئي، ڳُجَهه ڳَرهيَان ڳَاليُون


سُرُ مَارُئي

سُهمَ = ڇڙٻون، دڙڪا، طعنا تُنڪا
پريُن = محبوبن
مُل = وَٽ، هرگز، مُور، پٽيءَ، اصل
رَسَاڻي = پهچائي، رسائي
مَارُئين = مارن ڏانهن
مُنکَي = مونکي
نيئي = وٺي وڃي، ڇڏي اچي
ڳُجَهه = راز، اندر جون ڳالهيون
ڳَرهيَان = اوريان، ٻڌايان
ڳَاليُون = ڳالهيون

بيت جو پس منظر

~ او سومرا ! پنهنجي پرينءَ کان سواءِ، هتي مان ڇڙٻون ٿي جهليان.
~ جيڪر ڪو هجي جو مون کي مارن ڏانهن وٺي وڃي.
~ ته هن دل ۾ جيڪي راز لڪل سي سڀ ساڻن سليان.

سمجهاڻي

مارئي عمر کي شڪايت ڪندي چئي ٿي ته :
او سومرا ! مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو آهي. مون کي محبوب ڪڏهن ڀلجي به دڙڪو ڪونه ڏنو
هو. هت تنهنجي قيد خاني ۾ هر وقت طعنا، مهڻا، دڙڪا، داٻا ۽ ڇڙٻون ملنديون رهن ٿيون. هن ڪوٽ ۾ اچي ڦاٿي آهيان، ڏاڍو تنگ ٿي آهيان. ڪو اهڙو ماڻهون هجي جيڪو مون کي اباڻن ڏانهن وٺي وڃي. هن دل ۾ الائي ڪيتريون ڳالهيون ۽ راز لڪل آهن. سوچيان ٿي جڏهن پنهنجي مائٽن ڏانهن وينديس. کين ڳلي ڳراٽيون پائي، هنجون هاري، کوهه تان کنڀجي وڃڻ کان وٺي اڄ تائين ڪهڙا ڪيسَ قهر ٿيا، سي سڀ اندر جا احوال ساڻن اورينديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

13/05/2015

پَهي سُکَ ! پَيرَن کيهَ، ڪَو نِيهَ نياپَو مَارُئَين؟





پَهي سُکَ ! پَيرَن کيهَ، ڪَو نِيهَ نياپَو مَارُئَين؟
اُت اُڪَنڍي آهيان، تَنهن آتڻَ تَنهن ڏَيهَ
سَندي جا ساڙيهَ، کهَ کَٿُوري ڀائيَان


سُرُ مَارئي

پَهي = اي قاصد
سُکَ = شال هميشه سکيو هجين
پَيرَن کيهَ = شال پيرن تي مٽي چڙهيل هجئي - پيرن تي مٽيءَ جي معني' سگهارو، متارو هجين، هيءَ هڪ آسيس ۽ ڄڻ دعا آهي. هي به مارن سان پيار جو هڪ اظهار آهي.
کيهَ = مٽي، دز، ڌوڙ، خاڪ
نيهَ = نينهن
اُت = نهايت، گهڻو، بلڪل
اُڪَنڍي = سڪايل
آتڻَ = چرخي ڪتڻ جي جاءِ
ڏَيهَ = وطن، ملڪ
سَاڙَيهَ = ساڻيهُه، ملڪ، وطن، ديس
کهَ = مٽي
کَٿُوري = خوشبو، مهڪ

بيت جو پس منظر

~ اي قاصد ! شال سکيو هجين، پيرن تي مٽي چڙهيل هجئي، ڪو مارن جو نياپو کڻي آيو آهين ڇا؟
~ مان ته ساڻيهه ۽ ان آتڻ لاءِ پئي سڪان جتي سرتين ساڻ سُٽُ ڪتينديون هيون سين.
~ مان پنهنجي وطن جي مٽيءَ کي خوشبو ڪري سمجهان ٿي.

سمجهاڻي

ملير مان ڪو ماڻهون آيو آهي، مارئي خوشيءَ ۾ نٿي ماپي. کانئس حال احوال پئي وٺي :
اي منهنجي ملڪ ملير جا ماڻهون، شال سدائين سکيو ستابو ۽ شاد آباد هجين. تنهنجي پيرن تي سدائين ملير جي مٽي چڙهيل هجي، ڀلا مارن جو ڪو نياپو سنيهو يا ڪي سلام کڻي آيو آهين ڇا؟
مون کي پنهنجي مارن جي ڏاڍي سڪ ۽ اُڪير لڳي آهي. رات ڏينهن پئي وطن ۽ سرتين کي ساريان. جن سهيلين سان آتڻ تي گڏجي سُٽُ ڪتيندي هيس سي ڏاڍو ياد ٿيون اچن. مان پنهنجي ملڪ ملير جي خاڪ کي مشڪ، عنبر ۽ عطرن کان وڌيڪ خوشبودار ٿي سمجهان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جُه سَي لَوڙائُو ٿِئَا، جَنين سَندي ڌيرَ



جُه سَي لَوڙائُو ٿِئَا، جَنين سَندي ڌيرَ
مارُوئَڙا فقيرَ، ڪنهن دَر ڏيندَا دانهَڙي؟


سُرُ مَارُئي

جُه = جڏهن، جيڪي، جَي
لَوڙائُو = ڦورو، ڌاڙيل، چور، رهزن، لٽيرا
ٿِئَا = ٿيا
ڌيرَ = آڌار، ڏڍ، سهارو، ٻَلُ، آسرو، ڀروسو
دَر = در تي وڃي
ڏيندَا = ڏيندا
دانهڙي = فرياد

بيت جو پس منظر

~  جن جي سهاري مارو رهيا پيا آهن، سي ئي جڏهن ايذائيندڙ ٿين.
~  ته پوءِ ويچارا مسڪين مارو، ڪنهن جي در دانهن کڻي ويندا؟

سمجهاڻي

مارئي جرئت ۽ بهادريءَ سان عمر بادشاهه کي للڪاريندي چئي ٿي :
اوهان ملڪ جا حاڪم آهيو، جنهن جي اجهي هيٺ ويچارا مارو ٿر ۾ رهن ٿا. سو اوهين پاڻ ئي جيڪڏهن ڦورو ٿي بيهو ۽ رعيت جي ننگن ۾ هٿ وجهو، ته پوءِ هي مسڪين مارو آخر ڪنهن جي در دانهين ٿيندا؟
ٽي سؤ سال اڳ سنڌ جي معاشي، اقتصادي ۽ امن امان جي صورتحال تي لکيل ڀٽائيءَ جو هي بيت سنڌ جي هاڻوڪين حالتن سان پڻ ٺهڪي اچي ٿو. وقت جي حڪمرانن جو فرض آهي ته هو قوم جي ننگن ۽ دنگن ۽ مال ملڪيت جي حفاظت ڪن. پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جا اڳيان ۽ هاڻوڪا حاڪم ۽ سندن ڇاڙتا، خود ڦورو، لٽيرا، ظالم، ڌاڙيل، چور ۽ سنڌ وطن جا غدار آهن. گذر سفر جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ هي پاڻ شامل آهن. چوريون، اغوائون، قتل ۽ نياڻين جي آبروريزي روز جو معمول بڻيل آهي.
سو اچو ته هن ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف ڪنهن ٻئي ڏانهن دانهين ٿيڻ جي بجاءِ پاڻ ئي پنهنجي دردن جا درمان ٿيون.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

12/05/2015

اُٺَن مِيههَ گَهڻَان، ٿئَن مَوڪَ مَليرَ ۾ ؟



اُٺَن مِيههَ گَهڻَان، ٿئَن مَوڪَ مَليرَ ۾ ؟
اکيُون آبَ ڀَرئَو، اُنهين کَوڻِ کَڻَان
مَارُن شالَ مِڙان، ڪوٺيُون ڇَڏَي ڪڏهين


سُرُ مَارُئي

اُٺَن = وَسَن، وسيا هوندا
مِيههَ = مينهَن، برساتون، وسڪارا
مَوڪَ = وڏي مقدار ۾، جهجهو ۽ گهڻو پاڻي، آبادي، خوشحالي
آبَ = پاڻي، ڳوڙها، لڙڪن لارون
کَوڻ = طرف، پاسي، ڏانهُن
مڙَان = ملان، گڏجان، رهاڻيون ڪيان
ڪَوٺيُون = عمر جي محلن جون ڪوٺيون جنهن ۾ مارئي قيد ڪيل هئي.

بيت جو پس منظر

~ هيلَ ٿر ۾ مينهَن گهڻا وسيا آهن ڇا؟ جهجهي پاڻيءَ ڪري خوشحالي ٿي هوندي؟
~ هي ڳوڙهن سان ڀريل اکڙيون هميشه اوڏاهين تڪينديون رهن ٿيون.
~ آس اٿم ته شال ڪوٺين جي قيد مان آزادي ماڻيان ۽ مارن سان وڃي ملان.

سمجهاڻي

مارئي ملير مان آيل قاصد سان سور سليندي چئي ٿي :
مون کي اهو ٻڌاءِ ته هيل ٿر تي وڏا وسڪارا ٿيا آهن ڇا؟
پوءِ ته گاهه، ڀاڄيون، ميوا ۽ اناج به وڏي تعداد ۾ ٿيا هوندا. هر پاسي ساوڪ هوندي، مارو آسودا ۽ خوشحال ٿيا هوندا. مان ته سدائين ماروئڙن جي سڪ ۾ هي لڙڪن هاڻان نيڻ کڻي نهاريندي رهندي آهيان. مون کي مارو ڏاڍو ياد ٿا اچن. هن آس تي پئي جيئان ته هي زنجير ٽٽندا، عمر جي قيد مان آزادي ماڻينديس. نيٺ هڪ ڏينهن ضرور مارن سان وڃي ملنديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

11/05/2015

جيڪُس اُٺَا مِيهَ، مُنهَان پوءِ مَليرَ ۾



جيڪُس اُٺَا مِيهَ، مُنهَان پوءِ مَليرَ ۾
ڪالَ سَڄَوئي ڏِيههَ، مُهجَي اکڙين اُڪَيريَو


سُرُ مَارُئي

جيڪُس = شايد
اُٺا = وسيا
ميهَ = مينهَن، برساتون، وسڪارا
مُنهَان = مون کان
ڪالَ = ڪالهه، ڪلهه، گذريل ڏينهن
ڏيهَ = ڏينهَن
مُهجَي = منهنجي
اُڪيريَو = ياد ڪيو، واجهايو، سڪيو

بيت جو پس منظر

~ شايد مون کان پوءِ ملير ۾ مينهَن وسيا هوندا.
~ ڪالهه سڄو ڏينهن منهنجي اکڙين مارن کي پئي ياد ڪيو.

سمجهاڻي

ملير مان آيل قاصد سان اندر جا احوال اوريندي مارئيءَ جا ڇَهَه ڇڄي پيا آهن، هوءَ هنجون هاريندي چئي ٿي :
عمر جي ڪوٽ ۾ قيدياڻي ٿيڻ کان پوءِ مارن ۽ ملير جي حالت ڪيئن آهي؟ ڪي کنوڻين جا چمڪاٽ ٿيا هن، بادل گرجيا هن، برسيا هن، ڪا ملير ۾ پلرَ جي پالوٽ ٿي آهي؟ يا اڃان تائين ماروئڙن جي مُکَ تي اُهائي اداسي ڇانيل آهي. ڇا اڃان تائين ڏڪار واريون حالتون موجود آهن؟
بادل برسيا هجن يا نه، پر مان سمجهان ٿي مارن جي اکڙين جا بند ضرور ڀَڄي پيا هوندا. هر اک مون لاءِ آلي ضرور ٿي هوندي. منهنجي اکڙين پڻ روز جيان ڪالهه به سڄو ڏينهن سڪ مان اباڻن کي پئي ياد ڪيو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

09/05/2015

پَهريَ رَات پَسي، مُون مَاڙيَ مَنُ ڦِڪَو ڪئَو



پَهريَ رَات پَسي، مُون مَاڙيَ مَنُ ڦِڪَو ڪئَو
مَوهَڙ مَارُوئڙن کي، وَاحدَ ! ڏَيجُ وَسي
اَهَرَ جَنهن اَسين، سَو مِلَندو شَالَ مَليرَ ۾


سُرُ مَارُئي

پَهريَ = پهرينءَ
پَسي = ڏسي
مَاڙيَ = ماڙين ۽ محلن اندر
مَنُ = دل
ڦڪَو = کَٽَو، بيزار، بيقرار
مَوهَڙ = مُنهن، پيار، سڪَ
وَاحدُ = اڪيلو - مولا پاڪ جو صفاتي نالو
وَسي = وسيع، ڪشادي، ويڪري
اَهَرَ = آڌار، آسري، سهاري، اميد

بيت جو پس مننطر

~ پهرينءَ رات ئي عمر جا محل ڏسي منهنجو مَنُ کٽو ٿي پيو.
~ مولا پاڪ ! شال منهنجي دل ۾ مارن لاءِ وڌيڪ محبت پيدا ڪري.
~ جنهن محبوب جي ملڻ جي آس اٿم سو ملير وڃي ملندم.

سمجهاڻي

مارئيءَ پهرين رات عمر جي محل ۾ ڪيئن گذاري :
عمر بادشاهه جڏهن زبردستي کنڀي اٺ تي چاڙهي امرڪوٽ پنهنجي شاهي محل ۾ کڻي آيو ته سندس شاهاڻي رعب تاب، محلن، محلاتن، شاهي کاڌن ۽ قيمتي ويس وڳن کان منهنجو روح کٽو ٿي پيو. مون کي عمر ۽ ان جي شاهي گهراڻي جي هر چيز کان بيزاري ۽ نفرت ٿيڻ لڳي. مون دل ۾ مولا پاڪ کان دعائون پي گهريون ته مارن جي دل ۾ مون لاءِ ۽ منهنجي دل ۾ مارن لاءِ اڃان وڌيڪ محبت پيدا ڪر.
مون کي پڪ آهي ته جنهن محبوب جي آسري ۽ اميد سهاري اهيان سو نيٺ هڪ ڏينهن ضرور ملير وڃي ماڻينديس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

08/05/2015

سِپَ سَمُنڊيُن سَپَڄي، اَبرُ آساروس



سِپَ سَمُنڊيُن سَپَڄي، اَبرُ آساروس
ٻاڙو پيَي نه ٻِپُڙي، مِٺَو مُنهن لَڳوس
ماڻڪُ تَي مڙيَوس، جِنءَ تَنگُ ڪڍيائين تار ۾


سُرُ مَارُئي

سپَ = سمنڊ جو ڪُميءَ جهڙو جانور
سَمُنڊيُن ۾ = سمنڊن ۾
سَپَڄي = ڄمي، پيدا ٿئي
اَبرُ = ڪڪر، بادل
آساروس = کيس آسرو آهي
ٻاڙو = کارو، سمنڊ جو لوڻاٺيو پاڻي
ٻپُڙي = ٻن پڙن واري، سپَ
مٺو = درياهه، نديءَ جو مٺو پاڻي
مُنهن لَڳوس = مُنهَان پيس، نفرت اٿس، نه وڻيس، ڪراهت ٿيس
ماڻڪُ = موتي، هيرو
تَي = تنهنڪري
مڙيوس = حاصل ٿيس
جنءَ = جيئن
تَنگُ = ڪشالو، سختي، محنت، فاقو، لنگهڻ
تار ۾ = اونهي پاڻيءَ ۾، گهري پاڻيءَ ۾

بيت جو پس منظر

~ سِپ جيتوڻيڪ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي آهي پر سندس آسرو بادل آهي.
~ هي ٻن پڙن واري سِپَ کارو يا مٺو پاڻي ناهي پيئندي.
~ تڏهن ئي ته کيس موتي ملي ٿو جڏهن ڪشالا ڪڍي ٿي.

سمجهاڻي

سِپَ سمنڊ ۾ ڄمي ٿي، سمنڊ ۾ پلجي وڏي ٿيندي آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي جو هوءَ ڪڏهن ڀلجي به سمنڊ جو کارو ۽ لوڻياٺو پاڻي ناهي پيئندي. کيس درياهه جو مٺو پاڻي به ناهي وڻندو. سِپَ سدائين ان اميد تي زندگي گهاري ٿي ته آسمان تي ڪي ڪارا ڪڪر ڇانئجن، وِڄن ۽ کنوڻين جا چمڪاٽ ٿين ۽ بادل برسي پون، ڪي وسڪارا ٿين. مينهَن ته پنهنجي مند تي وسندا آهن تيسين سِپَ اُڃَاري رهندي آهي, پوءِ ڀلي ڪيترو به عرصو ڇونه لڳي وڃي. ايڏين تڪليفن ۽ ڪشالن بعد ئي کيس تڏهن ته موتي حاصل ٿيندو آهي.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته محبوبَ ۽ منزلون انهن کي ملنديون آهن جيڪي لاڳيتو جفاڪشي ۽ جدوجهدون ڪندا رهن ٿا. جيڪي مسلسل عذاب، اوجاڳا، انتظار، اوسيئڙا ۽ اذيتون برداشت ڪندا سي ئي محبوبَ ماڻيندا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

07/05/2015

مُون سِين مارُوئَڙيُون، ڪهڙيءَ رِيت رُسَنديُون؟



مُون سِين مارُوئَڙيُون، ڪهڙيءَ رِيت رُسَنديُون؟
چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پيو، پيَم رَتَ ڄَيُون
نَيڻَين ننڊَ وِههُ ٿي، سارَي سَاڏوهيُون
هِتَي جَي هُيُون، ته سُڌ پيَين سيلَ جي


سُرُ مَارُئي

مَارُوئَڙيُون = مارو ماڻهن جون عورتون، سهيليون، سرتيون
چوٽيءَ ۾ = وارن ۾، ڳُتُن ۾، چوٽين ۾
چيڙُ = مَيرُ، مٽي
ڄَيُون = وارن ۾ پوندڙ سنهڙيون جُون، لِيکُون
وِههُ = زهر
سَاڏَوهيُون = اڇي رنگ جا لذيذ پَيرُون، ڄار جا وڻ، ڄاريون
هتَي جَي هُيُون = جي هتي هجن ها، مون جيان قيد هجن ها
سُڌ = ڄاڻ، خبر، پتو
پيَين = پئجي وڃين ها
سيلَ = ستُ، عزت، عصمت، پاڪدامني

بيت جو پس منظر

~ مون سان ڀلا ماروئڙيون آخر ڪيئن ۽ ڇو رسنديون؟
~ هتي منهنجي وارن ۾ مٽي ۽ مٿي ۾ جُون پئجي ويون آهن .
~ ٿر جي پَيرُن لاءِ سڪندي نيڻين ننڊ حرام ٿي وئي اٿم.
~ جي هو هتي هجن ها، پتو پئجي وڃين ها ته عصمت بچائڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي.

سمجهاڻي

مارئي ٿر مان آيل نياپي" پنهنجي عزت ۽ عصمت جي هر حال ۾ حفاظت ڪجان" جي جواب ۾ چئي ٿي ته :
هتي مان ڪڏهن عمر جي پاڻيءَ سان وهنتي ناهيان، پنهنجي مارن جا مليل ڪپڙا لاهي عمر جا ويس وڳا ڪونه اوڍيا اٿم ۽ نه وري لڱن تان اباڻي لوئي لاٿي اٿم. منهنجي مٿي ۾ مٽي ۽ جُون پئجي ويون آهن جيڪي رت پيئنديون رهن ٿيون. مان ٿر، مارن ۽ ٿري ميون لاءِ پئي هر گهڙي سڪندي رهان ٿي. ان خوف کان ته متان ڪير عزت تي حملو ڪري منهنجي نيڻن جي ننڊ حرام ٿي وئي آهي، سو مون سهمڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي. پوءِ الائي ڇو سرتيون عزت بچائڻ جا نياپا ٿيون ڏياري موڪلين. هُو پاڻ جيڪڏهن عمر جهڙي ظالم بادشاهه جي چنبي چڙهيل هجن ها ته عزتون ۽ عصمتون ڪيئن بچائبيون آهن؟ کين خبر پئجي وڃي ها.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

06/05/2015

ڪو ڏينهن آهيَين ڪوٽَ ۾، لوئي هَڏ مَ لاه



ڪو ڏينهن آهيَين ڪوٽَ ۾، لوئي هَڏ مَ لاه
ڪامڻ ! اَهجَي ڪُرَ جي، اَڏ وَڏائي آه
هت مَ پاڙجُ هَيڪَڙو، پائُرَ جَي پَسَاه
سَتِي ! سيلُ نِبَاه، ملير ويندينءَ مَارُئي


سُرُ مارُئي

آهيَين = آهين
ڪوٽَ ۾ = امر ڪوٽ ۾ - امرڪوٽ ملير کان پنجاهه ڪوهه تي آهي. امر ڪوٽ جو شهر راجپوت گهراڻي جي امر سنگ يارهين صدي عيسويءَ ۾ جوڙايو هو. جنهن جو عمر بادشاهه سان ڪو تعلق نه هيو.
حوالو : ٽاڊ صاحب جو لکيل "راجستان" جلد 2 صفحو 234

هَڏ = هرگز
مَ = نه
ڪامڻ = عورت، منڌ - من موهڻي زال، سونهن ۽ سندرتا جي راڻي
اَهجَي = اوهان جي
ڪُرَ = ڪڙم، خاندان، بڻ بڻياد، نسل
پاڙج = برابر سمجهه، ڀيٽج
پائُرَ = ٿر
پَسَاه = دم، ساهه
سَتي = ست واري، ستياڻي
سيلُ نباه = ست قائم رک، پنهنجي عزت عصمت جي حفاظت ڪر

بيت جو پس منظر

~ تون ڪوٽ ۾ باقي ڪي ٿورا ڏينهن آهين، اباڻي لوئي نه لاهجان.
~ او سونهن راڻي ! اوهان جي خاندان جي خاص سڃاڻپ اها لوئي ئي آهي.
~ جا امرڪوٽ ۾ حياتي گذارين پئي سا پنهنجي وطن جي مَٽُ ڪڏهن نه ڀانئجان.
~ او ستياڻي ! پنهنجي عزت ۽ عصمت قائم رکجان نيٺ توکي ملير موٽي وڃڻو آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ مارئيءَ کي سندس عصمت ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ جو تاڪيد ڪندي چئي ٿو ته :
مارئي تون ڪو سڄي زندگي هن ڪوٽ ۾ بند نه رهندينءَ، باقي ٿورا ڏينهن بچيا آهن جڏهن هن قيد مان آزادي ماڻيندينءَ تنهنڪري هن لوئيءَ کي نه لڄائجان. هي لوئي نه رڳو تنهنجي خاندان جي سڃاڻپ ۽ ميراث آهي پر هي لوئي عورت جو شان مان، عزت ۽ آبرو به آهي. هي صرف تنهنجي مٿي تي ڪپڙي جو ٽڪر ناهي رکيل پر هي صدين جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، عزت، عصمت ۽ غيرت جو اهڃاڻ به آهي.
هن قيد ۾ گهاريل زندگي ۽ آزاد فضائن اندر ساهه کڻڻ ۾ وڏو فرق آهي. عمر جي ڪوٽ اندر زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏينهن ڪنهن به ريت ٿر جي کليل ۽ ٿڌڙين هوائن جي برابر ٿي نٿا سگهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

05/05/2015

جُهران جهڄَان تَي، جِنءَ پَسڻَا پَرَي ٿئَا



جُهران جهڄَان تَي، جِنءَ پَسڻَا پَرَي ٿئَا
اَلَا ! اَوٺي آڻيَين، جو کِينءَ جي خَبرَ ڏَي
مَنَ مُهجَي کَي، وَاڪَو لَهَي وَيڙ جَو

سُرُ مَارُئي

جُهرَان = جهرندي وڃان، ڪمزور، هيڻي، سستُ ۽ نٻل ٿيندي وڃان.
جهِڄَان = ڳڻتين ۾ ڳرندي وڃان
تَي = تنهنڪري
جِنءَ = جيئن
پَسڻَا = پسڻ کان، ڏسڻ کان
اَلَا = اعلى وڏو - مولا پاڪ جي ذات
اَوٺي = اُٺَ ڪاهيندڙ، نياپو، سنيهو آڻيندڙ
آڻيَين = آڻين، موڪلين، روانو ڪرين
کينءَ = خير، سک، سلامتيءَ، خوشيءَ
مَنَ = دل
مُهجَي = منهنجي
وَاڪَو = روڄ راڙو، غم، پريشاني
وَيڙ = ويڙهو، ڳوٺ، ڪجهه وڻن تي مشتمل ننڍو جهنگ

بيت جو پس منظر

~ منهنجا مارو ڏسڻ کان جو پري آهن، سو وڃان پئي جهرندي ۽ ڳڻتين ۾ ڳرندي.
~ او مولا پاڪ ! شل ڪو نياپي وارو اچي، خير جي خبر آڻي.
~ منهنجي وطن ۽ ويڙهن جو غم دل تان لهي ئي نٿو.

سمجهاڻي

مارئيءَ پنهنجي وطن ۽ مارن کي ناهي وساريو. چئي ٿي ته : 
منهنجا مارو جيڪي پهچ کان ڪوهين پري آهن ۽ ڏسڻ کان ڏور آهن. تن کي هر پل ياد ڪيو پئي سورن ۾ سڙان ۽ ڳڻتين ۾ ڳران. ڪو اهڙو ماڻهو به ته ڪونهي جيڪو هِتان وڃي يا اُتان اچي ۽ خير سلامتيءَ جي خبر ٻڌائي ته مون سوا مارو ڪيئن ٿا گذارن؟ هو مون کي ياد به ڪن ٿا الائي نه. پنهنجي ملڪ، مارن ۽ ويڙهن جو اندر ۾ اُلڪو اٿم ۽ جيءَ ۾ سدائين جهوري لڳل رهي ٿي. چاهيان ٿي ته هي روڄ راڙو ختم ٿئي، منَ ۽ دل کي ڪو ڏڍ، آٿت ملي پئي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

03/05/2015

ٿَا جَا ٿَرَ بَرَ جَهلَ، پپُون پائُرَ وَٽ ۾





ٿَا جَا ٿَرَ بَرَ جَهلَ، پپُون پائُرَ وَٽ ۾
سَي ئي ساريَو سُومرَا !، اَچَي آبَ اُڇَلَ
سَانبيُن ڏنَم سَلَ، ڏِٺَي جَن ڏينهَن ٿئا


سُرُ مارُئي

ٿَا جَا = محفلون، ڪچهريون، رهاڻيون
ٿَرَ = ٿر ۾
بَرَ = بر ۾
جَهلَ = منجهه، ڀر ۾، وَٽ ۾
پپُون = جهنگلي ميوي جو قسم - هي سائي رنگ جون سڱرين جيان ٿين ٿيون پر سڱريءَ جهڙا داڻا ڪونه ٿينس، ذائقو
کٽو اٿس. برسات کان پوءِ ڄار ۽ ڪنڊ جي پاڙن ۾ ٿيندي آهي.
پائُرَ = ٿر
آبُ = پاڻي، ڳوڙها، لڙڪ
اُڇَلَ = ڳاڙيان، وهايان - تيز، تکو، گهڻو
سَانبيُن = مائٽن، عزيزن، مارن
سَلَ = ٽُنگَ، سوراخ، چاڪَ، زخم، ڦٽَ

بيت جو پس منظر

~ هن مند ۾ ماڻهون ٿرن توڙي برن ۾ ڪچهريون لڳايو ويٺا هوندا آهن. پپُون ٿر ۾ پيدا ٿين ٿيون.
~ او سومرا ! انهن مارن کي ياد ڪيو پئي هنجون هاريان.
~ جن مائٽن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا اٿم، انهن جي ڳالهين اندر ۾ ڦٽ ڪري وڌا آهن.

سمجهاڻي

ٿر جا اڪثر ماڻهون روزگار نه هئڻ سبب ڪچهرين جا ڪوڏيا ۽ محفلن جا شوقين آهن. جيسين وسڪارو ٿئي تيسين رانديون کيڏندي ۽ ڪچهريون ڪندي نظر ايندا. وسڪاري بعد پيرُون، پُسيُون، پپُون، سڱريون، گدرا، هنداڻا، ڇانيون ۽ ٻيا ميوا پيدا ٿين ٿا. جيڪي ٿرين جي گذر جو وسيلو به آهن.
مارن جون ساروڻيون ياد ايندي ئي مارئيءَ جي اکڙين جا بند ڀڄي پون ٿا. هي لڙڪن لارون برسات جيان بند ئي نٿيون ٿين. ماوئڙن کي ڏٺي کيس ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا هن.
مارن جي محبت کيس اندر ۾ گهاءَ ۽ زخم ڪري وڌا آهن. ٿر ۾ بئراجي پاڻي نه هجڻ ۽ روزگار جي اڻاٺ سبب ڏڪار واريون حالتون رهن ٿيون. وقت جا ظالم، غدار حڪمران ۽ نمائشي اين جي اوز ٿرين جي نالي تي لکين ڪروڙين روپيا پاڻ هضم ڪيووڃن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____