30/06/2015

ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا، ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ



ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا، ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ
تَو پُڄَاڻَا سُپَرِين ! ، هِيَڙَي اَچَنِ هَولَ
جَي مُون سِين ڪِيَءِ قَولَ، سَي سِگَها پَارِجُ سُپَرِين


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڪَڙهِي = پچي، جلي
وِئَا = ويا
ٻَرِئَا = جليا، سڙيا
رَنگَ رَتَولَ = محلات، رنگين محل، بنگلا، ماڙيون
هِيَڙَي = هنئڙي کي، دل ۽ مَنَ کي
هَولَ = هيبت، ڊپ، دهشت، ڏهڪاءُ، خطرا، ڳڻتيون، وهم وسوسا
ڪِيَءِ = ڪيئي
قَولَ = اقرار، واعدا، وچن
سِگَها = جلد

بيت جو پس منظر

~ ڪاڪ جلي وئي آهي، وڻ سُڪِي سڙي ويا آهن ۽ محل ماڙيون پڻ سڙن پيون.
~ او پرين! تنهنجي وئي کان پوءِ منهنجي دل کي الائي ڪيترا خوف ۽ خطرا ورائي ويا آهن.
~ او محبوب! جيڪي مون سان واعدا ڪيا هيئي سي اچي پورا ڪر.

سمجهاڻي

جڏهن محبوب رُسِي ويندو آهي تہ عاشق پاڻ کي وڇوڙي جي باھ ۾ پچندي، پڄرندي ۽ جلندي محسوس ڪندو آهي ۽ اها باھ هر طرف لڳل ڏِسِبِي آهي.
اڄ راڻو رُسِي ويو آهي تنهنڪري مومل کي ڪاڪ ۽ ان جا وڻ، گل ٻوٽا، دلڪش منظر ۽ محل ماڙيون سڀ سڙندي پڄرندي محسوس ٿي رهيا آهن.
مومل چئي ٿي ؛ او راڻا ! تون هاڻي ڪڏهن بہ واپس ڪونہ ايندين، مون کي ڦٽي ڪري ڇڏيندين، مون سان سڀ سڱ ٽوڙي ڇڏيندين اهي ۽ ان کانسواءِ الائي ڪيترا ٻيا بہ خوف، خطرا، ڊپ، وهم، وسوسا منهنجي دل کي وڪوڙي ويا هن.
او پرين ! جلد موٽي اچ تون تہ مون سان سڄي زندگي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا واعدا ۽ وچن ڪيا ها، سي سڀ توکان وسري ويا ڇا؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڪاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئا، ٻَرِئَا مَحلَ ماڳَ



ڪاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئا، ٻَرِئَا مَحلَ ماڳَ
سَوڍَي جَي سَرَتِيُون!، وِڌيَسِ وَهِ وَيراڳَ
سُورَنِ لَايا سانگَ، سِگهو موٽِجِ سُپِرِين


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڪاڪِ = راجستان جي نديءَ جو نالو - جنهن تي مومل ڪاڪ محل جوڙايو هو.
ڪَڙهِي = رِجِي، پَچِي، سَڙِي، جَلِي، ٻَرِي
مَحلَ = محلاتون، بنگلا
ماڳَ = هَنڌَ
وَهِ = عشق، عشق جي جنبش، جوش
وَيراڳَ = وڇوڙي، فراق، جدائي
سانگَ = روپ، حيلا، حرفتون، مختلف صورتون
سُپِرِين= پرين، محبوب

بيت جو پس منظر

مومل چئي ٿي:
~ ڪاڪ جا محل، ماڙيون ۽ وڻ ٽڻ بہ سڙي ويا آهن.
~ او سرتيون ! سوڍي جَي وڇوڙي تہ عشق جا آڙاھ ٻاري ڇڏيا آهن.
~ او راڻا ! تنهنجي نت نَوَنِ سُورنِ تہ ڦٽي وڌو آهي، هاڻي جلد پهچ.

سمجهاڻي

عشق اندر ۾ باھ لڳائيندو آهي ۽ اُها باھ پاڻيءَ سان ناهي وسامندي. رات توڙي ڏينهن ماڻهو پاڻ کي ڪنهن کُورَي اندر سڙندو ۽ پچندو محسوس ڪندو آهي. هي عشق جي آڳ ۽ ٻرندڙ لاوا محبوب جَي ملڻ سان ئي ماٺا ٿيندا آهن.
راڻو ڪنهن ڳالھ تي ڪاوڙجي ڪاڪ کان ڪنارو ڪري، مومل کي جيئري ئي ماري هليو ويو آهي. ڪاڪِ جيڪا پنهنجي سُونهَن سُندرتا، حُسنَ ۽ محبوب جَي ادائن جَي ڪري مشهور هئي ۽ جتي پيار پلبا هئا. جتي حسينائون پنهنجي طلسمي گُهورُنِ سان گهوٽ گهائينديون هيون، اڄ ويران ۽ سنسان آهي. ڪاڪِ جي خوشبودار وڻن، گلاب، رابيل ۽ چنبيليءَ جَي مهڪندڙ ٻوٽن، حسين نظارن ۽ محلاتن کي ڄڻ ڪنهن باھ ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو آهي. هن باھ کان ڀلا مومل ڪيئن ٿي بچي سگهي. راڻَي جَي رُسڻ ۽ وڇوڙي کان پوءِ هن عشق جَي آڳ مومل کي بہ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
مومل پنهنجي محبوب راڻَي کي وينتي ڪندي چئي ٿي:
او راڻا ! هي اوجاڳا، عذاب ۽ اذيتون مون کي ماري وجهندا هاڻي جلدي اچ.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

29/06/2015

سَوڍَي ڌارا سَرَتِيُون! ، پِئو ڀِتِنِ ۾ ڀَنگُ



سَوڍَي ڌارا سَرَتِيُون! ، پِئو ڀِتِنِ ۾ ڀَنگُ
اُٻاٽِجِي اَڄُ وِئو، راڻا! تو رِيَ رَنگُ
هِيَين سان هاڃو ٿِئو، پِئو اَوسِيئِڙَي اَنگُ
مُون تو هِيسِين سَنگُ، پُڇايو پُڇان پَهِي


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

سَوڍَي = سوڍو، راڻو - راڻي جي ذات
ڌارا = کان سواءِ
ڀِتِنِ ۾ ڀَنگُ = ڏار، رخنو، ڦيٽاڙو - هي اصطلاح آهي گهر جي ديوارن ۾ ڏارون پوڻ، هيڻي حال ٿيڻ، بيوس ۽ لاچار ٿيڻ
اُٻاٽِجِي = ڪومائجي
هِيَين سان = دل سان، مَنَ سان
هاڃَو = ظلم، قهر، غضب
اَنگُ = بدن، جسم
تو هِيسِين = توسان، توسان ئي
سَنگُ = مائٽي، ناتو، رشتو، شادي
پَهِي = واٽهڙو، پانڌيئڙو، رستي ويندڙ

بيت جو پس منظر

~ او سرتيون ! سوڍي کان سواءِ ڪاڪ جي ڀتين ۾ بہ ڏار پئجي ويا آهن.
~ او راڻا ! منهنجي چهري جو رنگ بہ ڪومائجي ويو آهي.
~ منهنجي دل سان ظلم ٿيو آهي، مان سڄو ڏينهن راڻَي جون راهون تڪيندي رهان ٿي.
~ او راڻا ! مون توسان مائٽي انهيءَ لاءِ نه ڪئي هئي ته پڇائون ڪندي وتان.

سمجهاڻي

راڻي جَي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل جَي اکڙين بند ڀڄي پيا آهن. رات ڏينهن راڻي لاءِ روئندي هنجون هاريندي ٿي رهي. مومل جون سهيليون کيس دلاسو ۽ آٿت ڏئي گهڻو ئي سمجهائن ٿيون. تنهن هوندي بہ مومل جَي پنبڻين مان سنڌو اُٿلي پئي ٿو. مومل سرتين کي چئي ٿي:
او سرتيون ! راڻَي کان سواءِ هن ڪاڪ جا گل ٻوٽا، پلنگ، بيڊ روم، هنڌ وهاڻا ۽ سڄو وايو منڊل ويران ۽ اُداس آهي. راڻَي کان پوءِ منهنجي سونهن سندرتا، حُسنُ، هارسينگار، ويس وڳا ۽ ادائون بہ اُداس آهن. راڻَي هن دل سان، ناسي نيڻن، ريشمي زلفن ۽ منهنجي اَنگ اَنگ سان ڪِيسُ ڪيو آ، قهر ڪيو آ.
او راڻا ! مون توسان ناتو، نِينهُن ۽ نڪاح انهيءَ لاءِ نہ ڪيو هئو تہ تون ڇڏي هليو وڃين ۽ مان هر ايندڙ ويندڙ کان تنهنجيون پُڇائون ڪندي وتان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

28/06/2015

ڪَتِينِ ڪَرَ مَوڙِيا، ٽَيڙُو اُڀا ٽَيئِي




ڪَتِينِ ڪَرَ مَوڙِيا، ٽَيڙُو اُڀا ٽَيئِي
رَاڻَو راتِ نہ آئِيو، وَيلَ ٽَرِي وَيئِي
کُوءِ سا کاڻِي راتَڙِي، جا پِرِيُنِ رِيَ پَيئِي
مُون کَي ڏَنءُ ڏَيئِي، وَڃِي ڍَولِيو ڍَٽِ قَرارِيو


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڪَتِنِ = ڪَتِيُون - ڇهن تارن جو جهڳٽو، جنهن کي پارسيءَ ۾ پروين، عربيءَ ۾ ثريا چئبو آهي. ڪتيون وِڇُونءَ جي لهڻ کان پوءِ اڀرن ٿيون
ڪَرَ مَوڙِيا = وچ آسمان کان لهي هيٺ اولهندي پاسي لڙي ويون
ٽَيڙُو = سڌي ليڪ ۾ ٽي روشن تارا، جيڪي ڪتين کان پَهرُ کن پوءِ اڀرندا آهن.
اُڀا = بيٺا آهن، موجود آهن
وَيلَ = مهلَ، وقت، گهڙي
ٽَرِي = گذري، لنگهي
کُوءِ = ٻَنِ پئي، جيڪر کڏ ۾ اڇليان
کاڻِي = سڙيل، باھ لڳل
ڏَنءُ = صدمو، ڏک، ڏنڀُ، عذاب
ڍَولِيو = پرين، محبوب
قَرارِيو = آرامي ٿيو

بيت جو پس منظر

~ هينئر تہ ڪتيون بہ لڙي ويون آهن.
~ راڻَي جَي اڄ رات اچڻ جِي مهل ٽري وئي آهي.
~ هي رات جيڪا راڻي بنا گذري سا کڏ ۾ اڇليان، باھ ڏيانس.
~ مون کي تڪليف ۾ وجهي راڻو پاڻ ڍٽَ ۾ آرامي آهي.

سمجهاڻي

شايد محبوب کان سواءِ ڪائنات ۾ ٻي ڪا اهڙي شئي ناهي، جنهن جي نہ هجڻ سان زندگيءَ جو ڪارو وهنوار متاثر
ٿيندو هجي. محبوب جي ڇِڪَ ۽ سڪَ ماڻهونءَ کي ماري وجهي ٿي، هي سِڪَ ڏاڍي اذيت ناڪ ۽ ڪربناڪ هجي ٿي.
ڪاڪ محل جِي وينگس مومل سان راڻو رُسِي ويو آهي. کيس پرچائڻ لاءِ مومل سڀ حيلا وسيلا، ميڙ منٿون، ايلاز ۽ ڳچيَ ڳارا ڪيا پر راڻو رٺل ئي رهيو.
مومل راڻَي جي انتظار ۾ روئندي رات گذاري ڇڏي آهي. هينئر ڪَتِيُون بہ ٿڪجي پنهنجي اڳئينءَ منزل ڏانهن لڙي ويون آهن ۽ انهن جِي جاءِ اچي ٽيڙن والاري آهي.
راڻَي جَي اچڻ جو امڪان ختم ٿيندو پيو وڃي. راڻو اڄ بہ نہ آيو، سندس اچڻ جي مهل ٽري جو وئي آهي. مومل گذريل رات تي ڪاوڙ ڪندي چئي ٿي تہ :
هر اُها رات جيڪا منهنجي محبوب کان سوءِ گذري ٿي، تنهن کي کڏ ۾ اڇليان، باھ ڏئي ساڙيانسِ. مومل راڻَي کي پرپٺ ميارون ڏيندي چئي ٿي :
او راڻا !! مون کي اوجاڳا، اوسيئڙا، عذاب ۽ اذيتون ڏيئي پاڻ ڍٽَ ۾ عيش آرام پيو ڪرين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

لُوٺيَس لُڊاڻي، پَسو جو پرينءَ ريءُ




لُوٺيَس لُڊاڻي، پَسو جو پرينءَ ريءُ
جَيڏيُون جَيهائي ڪَئي، رات رُسي رَاڻَي
هَلبَو هاڻَي وَيرا ! ڪَاڪ وهُ ٿئي.


سر مومل راڻو

لُوٺِيَسِ = جلايس، اڌ سڙيل ٿي ويس
لُڊَاڻَي = لڊاڻو _ جيسلمير کان اتر اولھ طرف پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. ڏهين کان ٻارهين صدي عيسويءَ تائين راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هيو. 12 دروازا ۽ ٻہ وڏا مندر هئا جي اڄ تائين قائم آهن.هڪ مندر ماتا جو ۽ ٻيو پارشوناٿ جو آهي.

حوالو : راجپوتانا گزيٽيئر جلد 2 الف جوڙيل ارسڪائين ۽ ٽاڊ صاحب جو راجستان 2 صفحو 19.لڊاڻو ڪاڪ نديءَ تي قائم ٽڪريءَ جو نالو آهي.

پَسَو = ڏٺو، نهاريو
جَيهَائِي = جٺ، ويڌن، قهر، بي واجبي، جهڙيءَ طرح
ڪِئِي = ڪَئي
وَيرَا = هن وقت، هن ويل، هن گهڙيءَ، هڪدم
وِھُ = زهر

بيت جو پس منظر

~ پرينءَ کان سواءِ لڊاڻو ڏسي جلي ٿي وڃان.
~ راڻي رات رُسِي مون سان وڏي بي واجبي ڪئي.
~ هاڻي ڪاڪ زهر ٿي لڳي، سو جلد ئي هتان لڏي هلبو.

سمجهاڻي

راڻو جڏهن کان مومل کي سومل سان ٻکين پيل ڏسي، ڪاوڙجي، پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويو آهي. تڏهن کان مومل تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا آهن. مومل جڏهن لڊاڻي پاسي نهاري ٿي ۽ راڻي کي نٿي ڏسي تہ اندر ۾ باھ لڳي ٿي وڃيس. راڻي جي بي وفائي ياد ڪري سرتين کي چئي ٿي :
او جيڏيون ! راڻي رات مون سان رُسِي وڏي بي واجبي ڪئي آهي. هاڻي دير نہ ڪيو ۽ تياري ڪريو تہ هتان ڍٽ لڏي هلي راڻي کي پرچايون. هي ڪاڪ هاڻي رهڻ جي قابل ناهي، زهر ٿي لڳي مونکي منهنجي محبوب کانسواءِ .

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

27/06/2015

ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِيمِ تائين ٻانگَ



ڏِيا تيلَ ڦُليلَ جا، ٻارِيمِ تائين ٻانگَ
ڍَولو ڍَٽِ رَهائيو، ڪِهِ سَٽاڻَي سانگَ
چانگي چَڙهِي آءُ تُون، لَالَ! وَرائَي لانگَ
ڪَوڙَين ڀَتَين ڪانگَ، اُڏايامِ اَچَيجُ تُون


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

تَيلَ ڦُليلَ = گلن جي خوشبودار تيل سان
ڍَولَو = پرين، محبوب
ڍَٽِ = ٿر جي وچ واري وارياسي ڀاڱي کي ڍٽ چئجي ٿو، امر ڪوٽ بہ ڍٽ ۾ اچي ٿو.
ڪِهِ = ڪنهن
سَٽاڻَي سانگَ = مجبوريءَ ۽ لاچاريءَ سبب
چانگي = متاري اٺ تي
لَالَ = عشق ۾ رتل پرين، محبوب
ڪَوڙَين = ڪروڙين
ڀَتَين = طرح طرح جا، مختلف قسمن جا، بيشمار

بيت جو پس منظر

~ صبح جي ٻانگ تائين سُرهي تيل سان ڏيئا ٻاريندي راتيون گذاريان ٿي.
~ شايد ڪو ضروري ڪم ٿي پيو هوندس، جو ڍٽ رهي پيو آهي.
~ او محبوب ! هاڻي پل جي بہ دير نہ ڪر اٺ تي چڙهي جلدي پهچي وڃ.
~ مون ڪروڙين ڪانگ نياپا ڏيئي تو ڏانهن موڪليا آهن، ٻيلي هاڻي تہ اچ.

سمجهاڻي

محبوب رُسِي ويندو آهي تہ ڪائنات رُسِي ويندي آهي. محبوب ٽهڪ، مُرڪُون ۽ سڀ مسرتون پاڻ سان کڻي
ويندو آهي. پوئتي رهجي وينديون آهن آهون, دانهون ۽ لڙڪن لارون.
اڄ راڻو رسي ويو آهي، مومل سان ڪاوڙجي ويو آهي. مومل پريشان آهي، سندس نيڻين ننڊون حرام ٿي ويون آهن. هر رات ڏيئا ٻاريندي ٿي گذريس.
دل کي ڪوڙي آٿت ڏيندي ٿي چئي:
شايد ڪو ضروري ڪم هوندس، مجبوري هوندس، لاچار ۽ بيوس ٿي پيو هوندو. تڏهن تہ ڍٽ ۾ رهي پيو آهي.
مومل رَاڻَي کي سڏ ڪندي چئي ٿي:
ڏس مون ڪروڙين ڪانگن کي دل جون ڳالهيون، نياپا ۽ سنيها ڏئي تو ڏانهن موڪليو آهي. ٻيلي هاڻي هڪ پل جي بہ دير نہ ڪر، اٺ تي لانگ وراءِ ۽ اڏامي ڪاڪ پهچ منهنجو ساھ ٿو نڪري.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

26/06/2015

مُومَلَ ناهَي مَينڌِرو، تَوڻَي مَنجِهه نَصِيبَ



مُومَلَ ناهَي مَينڌِرو، تَوڻَي مَنجِهه نَصِيبَ
مُون کَي مُون حَبِيبَ ! ، طَعنَو ئِي تُهِجَو


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

مُومَلَ = پندرهين صدي عيسويءَ ڌاران مير پور ماٿيلي جو حاڪم راجا نند هو، جيڪو گجر ذات جو سردار بہ هيو.
کيس نَوَ شهزاديون هيون جن مان مومل سُونهَن ۾ سڀن کان سرس هئي ۽ سومل وري ڏاهپ ۽ سياڻپ ۾ سوائي هئي.
مَينڌِرو = مينڌرو, رَاڻَو - راڻو ذات جو مينڌرو هيو ۽ ڍَٽَ جي حاڪم همير سومري جو سالو ۽ سندس وزير بہ هيو.
تَوڻَي = جيتوڻيڪ، جيڪڏهن
حَبِيبُ = دوست، محبوب
طَعنَو = مهڻو

بيت جو پس منظر

~ توڙي جو مومل جَي نصيب ۾ راڻو لکيل ناهي.
~ او منهنجا محبوب ! هن طعني کان پوءِ بہ آئون تنهنجي ئي آهيان.

سمجهاڻي

راڻو جنهن رات ڪاڪ نہ ايندو هو مومل سندس سِڪَ پوري ڪرڻ لاءِ ڀيڻ سومل کي مرداڻا ڪپڙا ۽ پٽڪو پارائي، پاڻ سان گڏ ڀاڪر پائي سمهندي هئي. اوچتو هڪ رات جڏهن راڻَي هي لقاءَ ڏٺو تہ کيس شڪ پئجي ويو تہ مومل پنهنجي ڪنهن يارَ سان گڏ سُتِي آهي. سو هميشهه جي لاءِ ڪاڪ کي الوداع ڪري ڪاوڙجي ڍَٽِ هليو آيو ۽ وري ڪڏهن موٽي نہ ويو.
تڏهن مومل راڻَي لاءِ هنجون هاريندي پئي چئي تہ :
او راڻا ! جيڪڏهن تون منهنجي نصيب ۾ ناهين ۽ هن اڀاڳيءَ کي هميشهه جي لاءِ ڇڏي آيو آهين تہ زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن توسان گهاريل يادگيرين سهاري گذارينديس. مان تہ اڳ بہ تنهنجي ٻانهي هيس ۽ هاڻي بہ صرف تنهنجي ئي آهيان. جيڪو هي طعنو ڏنو اٿئي سو بہ تنھنجو ئي ڏنل آهي تنهنڪري اکين تي رکان ٿي.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولا ۾ ڪڏهن ناڪاميون بہ ملنديون آهن.
پر ڪيل وچن نڀائڻ لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين تلاش ۽ جستجو جاري رکيون اچو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

25/06/2015

راڻي سندو روحَ ۾، پسَو پَڳهُه پيوم



راڻي سندو روحَ ۾، پسَو پَڳهُه پيوم
ٻيڙيءَ جيئن ٻڌي ويو، سوڍو ساهه سندوم
وهڻ وههُ ٿئوم، جاڳيو ٿي جَرَ هاريان.


سر مومل راڻو

پَڳَھُ = ٻيڙيءَ کي ٻڌڻ جو رسو، نَوڙُ
پِئَومِ = پيم
پِسَو = ڏسئو
سَندَومِ = سندم، منهنجو
وِھُ = زهر
ٿِئَومِ = ٿيم، منهنجو ٿيو
جَرُ = پاڻي، ڳوڙها، هنجون، لڙڪ

بيت جو پس منظر

~ روح راڻي سان ٻيڙيءَ جي رَسَي جيان ڦاٿل ٿي ڏسان.
~ سوڍو منهنجي ساھ کي ٻيڙيءَ جيان ٻڌي ويو آهي.
~ منهنجو ويهڻ زهر ٿي ويو آهي ۽ جاڳيو پئي هنجون هاريان.

سمجهاڻي

راڻو رُسِي پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويو آهي. مومل جو روح راڻي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويو آهي. مومل پاڻ کي ايئين محسوس ٿي ڪري جيئين ٻيڙي لنگر سان ٻڌي ڇڏبي آهي. سندس کائڻ پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ آرام ڪرڻ زهر ٿي ويو آهي. مومل پنهنجي محبوب راڻَي لاءِ راتو ڏينهن هنجون هاريندي ۽ لڙڪ لاڙينديٿي رهي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

____

24/06/2015

هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙَين، جِتَي نِيهَ اُڇَلَ




هَلو هَلو ڪاڪِ تَڙَين، جِتَي نِيهَ اُڇَلَ
نه ڪا جَهلَ نه پَلَ، سَڀُڪو پَسَي پِرَينءَ کَي


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڪاڪِ = مومل جو شهر، راجستان جي هڪ نهر جو نالو - جنهن تي مومل ڪاڪ محل جوڙايو هو.
تَڙَين = تڙن تي - غسلخانن ۽ وهنجڻ جاين تي، ڪنارا، ڪنڌيون
نِيه = نينهن، عشق، پيار، محبت
اُڇَلَ = تيز، تکو، گهڻو
پِرِيَ = پرين، محبوب

بيت جو پس منظر

~ هلو ته ڪاڪ جي تڙن تي هلون، جتي رڳو عشق ئي عشق آهي.
~ اُتي ڪنهن کي بہ ڪا رنڊ روڪ ناهي، سڀڪو پنهنجي پرين کي ٿو ماڻي.

سمجهاڻي

ڀٽائي دنيا جو وڏو مفڪر، دانشور، ڏاهو ۽ عظيم شاعر آهي. سندس نظريو بين الاقوامي نظريو آهي. هو وڏيرڪي، جاگيرداري، جرڳائي ۽ مدي خارج سماجي ريتن ۽ رسمن جي خلاف آهي.
هي بيت هونئن ته مومل جي جوڙايل ڪاڪ محل اندر تڙنَ تي لکيو ويو آهي، جتي ماڻهون محبتون ماڻيندا هئا. پر دراصل ڀٽائي هن بيت ذريعي هڪ اهڙي سماج جو تصور پيش ڪيو آهي، جتي ماڻهون نه رڳو جسماني پر ذهني طرح به هر قسم جي جبر کان آجا ۽ آزاد هجن.
ڪنهن به ماڻهونءَ جي سوچ ۽ لوچ تي ڪي پهرا ۽ پابنديون نه ھجن. ماڻهون پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ هجن. هر مرد توڙي عورت پنهنجي پسند جي پرينءَ سان بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي زندگي گهارين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

23/06/2015

اَندَرِ جُهڙُ جُهورِ وَهَي، ٻَهَرِ بَرِسَي بُوندَ اَپارَ




اَندَرِ جُهڙُ جُهورِ وَهَي، ٻَهَرِ بَرِسَي بُوندَ اَپارَ
وَٽِ جَنِين هُنِ يارَ، سَي اَوڪَاڻِينِ نه اَکِيُون


سُرُ سارَنگُ

جُهڙُ = ڪَڪرَ، بادَلَ، مِينهُن
جُهورِ = زور، گهڻو، جهجهو
ٻَهَرِ = ٻاهر
بَرِسَي = وَسَي
بُوندَ = مِينهَن جِي ڦُڙِي
اَپارَ = گهڻو
وَٽِ جَنِين = جنين وٽ
هُنِ = هَونِ، هُجَنِ، ساڻ هجن، گڏ هجن
يَارَ = دوست، سڄڻ، پرين، محبوب
اَوڪَاڻِينِ = موڳائي ڪن، اداس ٿين، نراس ٿين

بيت جو پس منظر

~ عاشق جَي اندر ۾ ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، ٻاهر وڏڦڙو مينهن پيو وسي.
~ جن سان پرين ساڻ آهن، سي اکيون ڪڏهن اداس ناهن ٿينديون.

سمجهاڻي

جيئن ٻاهر موسمون تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪاڙهو، گرمي، ٻوسٽ تہ وري ڪڏهن اتر جون لُونءَ ڪانڊاريندڙ ٿڌيون هوائون، پارا، سيءَ، جهڙ ۽ وسڪارا. ايئين ئي انسان جي اندر جون موسمون بہ تبديل ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن خوشي، ڪڏهن غم، وڇوڙا، جدايون، اوجاڳا، عذاب، اذيتون، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون. انسان جي اندر ۾ بہ ڪيئي لاوا پچندا رهن ٿا. ڪيئي طوفان ۽ زلزلا اندر ۾ بہ ايندا رهندا آهن.
جن کان پرين پري آهن تن جي اندر ۾ ڪيئي ڪارا ڪڪر ڇانيل رهن ٿا. جيڪي وڏڦڙي مينهن جيان وسندا ئي رهن ٿا.
جن جا محبوب ساڻن گڏ آهن انهن خوشنصيب ماڻهن جي اندر ۽ ٻاهر جي موسم سدائين خوشگوار هجي ٿي. چهري تي اطمينان، خوشي ۽ مرڪ ڦهليل رهي ٿي. محبوب جي ناسي نيڻن جي مئيڪشي جهلڪندي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

22/06/2015

وَسِي سَارِي راتِ، صُبُحَ جو ساههُ کَڻَي




وَسِي سَارِي راتِ، صُبُحَ جو ساههُ کَڻَي
مَجَهيئِي مِيههُ پِرِيَنِ جو، تَنَ ۾ هُوَيئِي تاتِ
ته وِهاڻِيَ پِرِڀاتِ، هُندَ بادَلَ! بَسِ ئي نه ڪَرِين


سُرُ سارَنگُ

مَجَهيئِي = اندر ۾
مِيهُ = مِينهُن
تَنَ ۾ = بدن ۾، دل ۾، مَنَ ۾
هُوَيئِي = هجيئي، هجئي، جي هجئي
وِهاڻِيَ = گذري، تائين
تاتِ = تنوار، پچار، سڪ، اڪير
پِرِڀاتِ = پرھ ڦٽيءَ، باک ڦٽيءَ ويل
هُندَ = هوند، جيڪر

بيت جو پس منظر

~ سڄي رات وسندو رهين، صبح جو وڃي ساھي کڻي.
~ جي دل ۾ سڪ هجئي تہ تنهنجي اندر ۾ سدائين مينهن موجود هجي.
~ او بادل ! پرھ ڦٽيءَ ويل تائين جيڪر بس ئي نه ڪرين.

سمجهاڻي

او بادل ! جيڪڏهن تنهنجو بہ ڪو محبوب هجي ها، تنهنجي وس ۾ نہ هجي ها ۽ ڪيڏانهن ڪاوڙجي، رُسِي هليو
وڃئي ها. جڏهن توکي هن جي ياد ستائي ها، سندس سِڪَ ۽ اُڪِيرَ لڳئي ها. رات ڏينهن جي ننڊ ڦٽي وڃئي ها. تڏهن اکڙين جا بند ڀَڄِي پَوَنِي ها ۽ تنهنجو سڄو وجود مِينهُن بڻجي وڃي ها.
رات کان پرهه ڦٽيءَ تائين پنبڻين منجهان لڙڪن لارون، موتين جون مالهائون بڻجي وسڻ کان بس ئي نہ ڪن ها.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

21/06/2015

ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پَييُون، ٿِيا وَلِهارَنِ وِيَ



ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پَييُون، ٿِيا وَلِهارَنِ وِيَ
سِجُ چَنڊُ نہ پاڙِيان، سَيڻَنِ جِي شَبِيهَ
جَي جانِي اَندَرِ جِيَ، سَي پِرِين پَيهِي گَهرِ آئِيا


سُرُ سَارَنگُ

ڍَٽِ = ڍٽ ۾ - ٿر جي وچ واري حصي کي ڍٽ چئجي ٿو
ڍَرِي = هيٺ لٿي، لڙي، وسي
پَٽِ = ميدانن ۽ پٽن تي
وَلِهَارَنِ = سر سبز زمينن - ولهار اُهي هنڌ ۽ جڳهون جتي قدرتي طور ساوڪون ٿين ٿيون
وِيَ = سائو ميدان، چراگاھ، ساوڪ، ٻيلو
سَيڻَنِ = محبوبن
شَبِيهَ = شڪل، صورت
جِيَ = دل ۾، مَنَ ۾، ساھ ۾
پَيهِي = هَلِي، لنگهي

بيت جو پس منظر

~ وسڪارن ٿر ۽ ميدانن کي سيراب ڪري ڇڏيو آهي، هر پاسي ساوڪ نظر پئي اچي
~ مان سج ۽ چنڊ کي پنهنجي پرينءَ جهڙو سهڻو نٿي سمجهان
~ جَي محبوب من ۾ هئا سي ئي اڱڻ آيا آهن

سمجهاڻي

اڄ ٿر جي آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن، کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ بادلن جون گجگوڙون اهڃاڻ آهن ڪنهن وڏي وسڪاري جو. اجهو هي مينهن شروع ٿي ويو آهي، ٿر کان ٿيندو ميدان ۽ پٽَ پلرُ جَي پالوٽ سان سيراب ڪري ڇڏيائين.
هر طرف ساوا گاھ، گل ۽ ٻوٽا ڦٽي پيا آهن. جيسيتائين نگاھ وڃي ٿي رڳو ساوڪ ساوڪ ئي پئي ڏسجي. سج ۽ چنڊ جي اهڙي روشني، سونهن سندرتا ڪٿي آهي، جهڙو منهنجو محبوب سهڻو آهي. جو محبوب سدائين دل ۾، مَنَ ۾ ۽ ساھ ساھ ۾ رهندو آهي سو اڄ منهنجي اڱڻ هلي آيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

20/06/2015

واهُندا وِڄُون ٿِيُون، کِڙِيُون ڏَنهَن کَنڀاتَ




واهُندا وِڄُون ٿِيُون، کِڙِيُون ڏَنهَن کَنڀاتَ
ڪُنڍِيُون ڪاهَي گَسِ ڪَرِيو، وَڇُون ڪَرِيو واٽَ
سَنگَهارَنِ سُکُ ٿِيو، لَٿِي اُڃَ اُساٽَ
جُهڙُ ڦُڙُ ڏَيئي جَهاٽَ، پُسائِيندَو پَٽِيُون


سُرُ سارَنگُ

واهُندَا = اولهه جون هوائون
وِڄُون = کنوڻيون
کِڙِيُون = ظاهر ٿيون، ٽڙيون، تجلا ۽ چمڪاٽ ڪيائون
ڏَنهَن = ڏانهن
کَنڀاتَ = شهر جو نالو - هندستان جي شهر گجرات جي اولهه ۾ اڳوڻي بندر جو نالو، کنڀات کي کماچ بہ چئبو آهي.
ڪُنڍِيُون = سڱن وريل مينهون، ڪنڍيدار مينهون
گَسِ = واٽ، پيچرو، دڳ
سَنگَهارَنِ = مارو ماڻهن، ڀاڳين، مالوندن
اُساٽَ = اڃ، پياس، تاسَ
جَهاٽَ = جهٽ پٽ، جلدي جهٽڪو ڏيئي، کن پل ۾
پَٽِيُون = ميدان، پٽ، پڌر

بيت جو پس منظر

~ اولهه پاسي ڏانهن تيز هوائون پيون لڳن ۽ کنڀات شهر تي پڻ کنوڻين جا چمڪاٽ آهن.
~ مارو مَينهُنِ ۽ وَڇُنِ کي گهران ڪڍي ميدانن ڏانهن ڪاهيو پيا وڃن.
~ وسڪارن مارو ماڻهن جي اڃ لاٿي آهي ۽ سکيا ستاباٿيا آهن.
~ هي تيز وسڪارو جلد ئي پٽن ۽ ميدانن کي سيراب ڪري ڇڏيندو.

سمجهاڻي

اڪثر ڪري اتر کان ايندڙ تيز هوائن لڳڻ ڪري آسمان تي ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن ۽ وسڪارا ٿيندا آهن. جڏهن تہ چوماسي جا مينهن وري چئني پاسن ڏانهن هوائن لڳڻ ڪري وسندا آهن.
پر اڄ اولهه پاسي کان آيل تيز طوفان ۽ هوائون پيون لڳن. آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڇانئجي ويو آهي.کنوڻين جا تجلا ۽ چمڪاٽ کنڀات شهر تائين ڦهلجي ويا آهن. هنن زوردار وسڪارن اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪري ڇڏيو آهي. مارو خوشيءَ مان جهومندا ۽ ڳائيندا پنهنجي مال کي چراگاهن ڏانهن ڪاهيو پيا وڃن.
اڄ سُڪِي ٺوٺ ٿيل ڌرتيءَ سان گڏ ماروئڙن ۽ سندن مالَ جي اڃ لٿي آهي. خوشحاليون، سرهايون ۽ آسودگيون وري موٽي آيون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

19/06/2015

مُحِبَ مُهِجا سُپِرِين ! آڻيندُءِ الله




مُحِبَ مُهِجا سُپِرِين ! آڻيندُءِ الله
توکي سارَي ساههُ، اُڪَنڍِيو آهُون ڪَرَي


سُرُ سارَنگُ

مُحِبَ = محبوب، جانب، سڄڻ، پرين
مُهِجا = منهنجا
سُپِرِين = پرين، محبوب
اُڪَنڍِيو = سِڪندي، سِڪايل، منتظر
آهُون = دانهون، پڪارون، تنوارون، صدائون، سَڏَ

بيت جو پس منظر

~ او محبوب ! شال مولا پاڪ توکي اسان ڏي جلد آڻئي.
~ توکي ياد ڪندي هي سڪايل ساهه صدائون پيو ڪري.

سمجهاڻي

محبوب ڏِسڻَ کان ڏور آهي تڏهن تہ هيءَ وينگس کيس ساريندي پئي چئي :
او منهنجي سر ساھ جا مالڪ ! هاڻي تہ تو گهڻا ڏينهن لائي ڇڏيا آهن. شايد توکان وسري وئي آهيان. اڳي تہ پل بہ پري نہ ٿيندو هئين، هاڻي الائي ڇو ڀيرو ڀڃي ڇڏيو اٿئي. ڌڻيءَ در دعا آهي تہ مون سان جلد اچي ملندين. تنهنجي پيار جي ڏاڍي سِڪَ لڳي آهي. هي ساھ تولاءِ ئي سِڪَي ٿو. هر روز ويٺي سڪ مان ساريندي، سڏڪا، آهون ۽ دانهون پئي ڪريان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

18/06/2015

مِيهَان ۽ نِيهَان، ٻَئِي اَکَرِ هَيڪِڙي



مِيهَان ۽ نِيهَان، ٻَئِي اَکَرِ هَيڪِڙي
جَي وَسَڻَ جا وَيسَ ڪَرَي، ته ڪَڪرَ ڪَنِ ڪِيهَان
بادَلُ ٿِي بِيهَان، جَي آگَمَ اَچَڻَ جا ڪَرِين


سُرُ سَارنگُ

مِيهَان = مِينهَن، برساتون، وسڪارا
نِيهَان = عشقَ، پيارَ، محبتون
ڪِيهَان = رڙيون، دانهون، ڪِيهُون
آگَمَ = جُهڙَ، سعيا، سانباها

بيت جو پس منظر

~ مِينهُن ۽ نِينهُن ٻئي هڪ جهڙا اکر آهن.
~ جڏهن سارنگُ وسڻ جا لباس ٿو ڍڪي تہ ڪڪرن مان رڙيون نڪري ٿيون وڃن.
~ او محبوب ! ڪڪر جيان ڇانوَ ڪيانءِ جي تون اڱڻ اچين.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ مِينهَن ۽ نِينهن کي هڪجهڙو ۽ پاڻ ۾ ملندڙ جُلندڙ سڏيو آهي. اهيو انهيءَ ڪري بہ آهي جو ٻنهي جون ڪيفيتون ساڳيون آهن.
مِينهُن جڏهن وسندو آهي تہ هر شئي ڀِڄِي پوندي آهي، آلي ٿي پوندي آهي. جڏهن ڪنهن سان نِينهُن لڳندو آهي تہ محبوب جِي پلَ جِي جدائي بہ برداشت ناهي ٿي سگهندي. اکڙين جا بند ڀَڄَي پوندا آهن، ۽ هي لڙڪن لارون روڪي ناهن سگهبيون.
جڏهن بادلَ برسندا آهن تہ ڪڪرن مان آواز ۽ رڙيون نڪري وينديون آهن. جڏهن محبوب رُسِي ويندا آهن تہ عاشق جي اندر مان بہ آهون ۽ دانهون ٻڌبيون آهن.
آخري سِٽَ ۾ ڀٽائيءَ عاشق جي اندر جي ڪيڏي دلڪش ڪيفيت بيان ڪئي آهي ته او محبوب ! جڏهن منهنجي اڱڻ ايندين تہ مان پنهنجي سِڪَ ۽ اُڪير جو اظهار ڪندي، بادل جيان، تو مٿان پنهنجي پيار جي ڇانوَ ڪري بيهندس.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

سارَنگَ سائِي سِٽَ، جَهِڙي لَالِي لَاکَ جِي





سارَنگَ سائِي سِٽَ، جَهِڙي لَالِي لَاکَ جِي
اِيَ سَي اُٻُنِ اَنگِيَا، جِنءَ سَي چُنِيءَ چِٽَ
بَرَسِيو پاسَي ڀِٽَ، ڀَرڙيَائين ڪُنَ ڪِرَاڙِ جا


سُرُ سارَنگُ

سارَنگَ = جُهڙَنِ، ڪڪرن، بادلن
سِٽَ = سٽاءُ، سينگار
لَالِي = لالاڻ، ڳاڙهاڻ
لَاکَ = نرم ڳاڙهو ريشم، لاک جو ڳاڙهو رنگ جنهن سان چُنيءَ تي چِٽَ ٺاهبا آهن.
اِيَ = هي، هيءَ
اُٻُنِ = ٻاڦن ( بادلن )
اَنگِيا = چِٽَ ڪڍيا، رنگ ڪڍيا
جِنءَ = جيئن
چُنِيءَ = مٿي جي رنگدار چِٽَنِ واري پوتِي
چِٽَ = ڇُرَ، نقش، گلڪاريون
بَرَسِيو = مِينهُن وسيو
ڀِٽَ = ڀٽ شاھ جي نگري
ڀَرِڙيائِين = ڀريائين
ڪُنَ = هيٺاهيون، کڏون کوٻا
ڪِراڙَ = ڪِراڙَ ڍنڍَ

بيت جو پس منظر

~ ڪڪرن کي اڄ اهڙا سينگار آهن، جهڙو لاک جو ريٽو رنگ ٿيندو آهي.
~ ٻاڦ مان جڙيل ڪڪر ايئين پيا لڳن، جيئن ڪنهن پوتيءَ تي چِٽَ ڪڍيا آهن.
~ ڀٽ جي پاسي وسڪاري وسي هيٺاهيون ڀري ڇڏيون آهن.

سمجهاڻي

سارنگ اڄ اهڙا سينگار ڪيا آهن جهڙي لاک جي لالاڻ هوندي آهي، جنهن سان پوتين تي چِٽَ، گُلَ ۽ گلڪاريون ڪيون وينديون آهن. زمين کان آسمان تائين جيڪا ٻاڦ موجود آهي. ان مان ٺهيل هي رنگ برنگي وِڄون، کنوڻيون، انهن جا چمڪاٽ ۽ تجلا ايئين پيا لڳن ڄڻ آسمان لاک سان رڱيل پوتي پاتي آهي. آسمان تي هي مختلف رنگ ۽ روشنيون چِٽَنِ واري چُنيءَ جيان پيون لڳن.
اڄ فطرت ۽ قدرت مهربان ٿي آهي جو پَلُرَ جي پالُوٽ سان ڀٽ ڌڻيءَ جَي نگريءَ ۾ جيڪا ڪِرَاڙَ ڍنڍ آهي. ان جون هيٺاهيون، کڏون کوٻا پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي ويا آهن.

مددي ڪتاب : شاهه جا مختلف رسالا ۽ ڪتاب “ڀٽائي“ ليکڪ محترم انور پيرزادو صاحب.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

17/06/2015

سارَنگَ کَي سارِينِ، ماڙهُو مِرِگَ، مَيهِيُون




سارَنگَ کَي سارِينِ، ماڙهُو مِرِگَ، مَيهِيُون
آڙيُون اَبَرَ آسِرَي، تاڙا تَنوَارِين
سِپُون جَي سَمُونڊَ جُون، نَئَي سِجُ نِهارِينِ
پَلَرَ پِيارِينِ، ته سَنگَهارَنِ سُکُ ٿِئَي


سُرُ سَارَنگُ

سَارَنگَ = جهڙَ، ڪڪرَ، بادلَ ( مِينهُن)
سارِينِ = ياد ڪن
ماڙهُو = ماڻهو
مِرِگَ = هرڻ
مَيهِيُون = مينهون
آڙيُون = ڍنڍ جا پکي
آبَرَ = ڪڪرَ
تاڙا = مِينهَن وساڙا، ٻاٻيهو ۽ ڪوئل جيڪي مينهن جي مند ۾ لاتيون ڪندا آهن.
تَوارِينِ = مڌر سر سان لاتيون لنوڻ، آلاپ ڪرڻ.
سِپُون = سِپ واحد - سمنڊ جو ڪُميءَ جهڙو جانور
سَمُونڊ = سمنڊ
نَئَي سِجُ = هر روز
پَلَرَ = مِينهَن جو پاڻي
سَنگهارَنِ = مارو ماڻهن، ڀاڳين

بيت جو پس منظر

~ مِينهَن کي نہ رڳو ماڻهو پر هرڻَ ۽ مَينهُون بہ ياد ڪن ٿيون.
~ آڙين کي پڻ مِينهَن جو انتظار آهي، تاڙا بہ لاتيون پيا لَنوَنِ.
~ سمنڊ جون سپون هر روز پيون مَينهَن لاءِ واجهائين.
~ هنن سڀني کي مَينهَن جو پاڻي پيار تہ ماروئڙن لاءِ آسودگي ٿئي.

سمجهاڻي

ٿر جِي صحرا، ڪاڇي، ڪچي، ڪوهستان ۽ ڊيلٽائي علائقن ۾ ڏڪار جهڙيون حالتون آهن. ڌرتي سڪي ٺوٺ ٿي وئي آهي. ماڻهن لاءِ پاڻي، اَنُ، ڀاڄيون ۽ مال لاءِ گاھ اڻ لڀ ٿي ويو آهي. سو نہ رڳو ماڻهو پر جهنگ جا شينهن، چيتا، هرڻ ۽ ٻيا جانور بہ مَينهَن جَي انتظار ۾ آهن.
آڙيون ۽ ٻيا سڀ ڍنڍ جا پکي اوسيئڙي ۾ آهن. هوڏانهن تاڙا بہ پنهنجي مڌر آلاپن ذريعي مِينهَن لاءِ پیا لاتيون لَنوَنِ. سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ سِپُون پڻ برسات جَي پاڻيءَ لاءِ پيون سِڪَنِ.
او مولا پاڪ ! مِينهُن وساءِ تہ هي سڀ ماڻهو، جانور ۽ پکي پنهنجي اُڃَ اُجهائين ۽ خوشحاليون، آسودگيون وري موٽي ملن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

16/06/2015

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون



بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون
پِرِهَه جو پَٽَنِ تَي، ڪَنِ وِلَوڙا وايُون
مَکَڻُ ڀَرِينِ هَٿِڙا، سَنگَهارِيُون سايُون
سارَي ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻَولَايُون رايُون
ٻانِهِيُون ۽ ٻايُون، پَکَي سُهَنِ پاهِجَي


سُرُ سارَنگُ

بَرَ = بيابان، ميدان
وَٺا = مِينهَن وسيا
ٿَرَ = واريءَ جي دڙن وارو علائقو - امرڪوٽ، مٺي، ڏيپلي، ننگر ۽ ڇاڇري تعلقي تي مشتمل علائقو
تَرَايُون = ڍورا، ماٿريون، هيٺاهيون
پِرِھَ = اَسُرَ ويل، باک ڦٽيءَ ويل، صبح
پَٽنِ = ميدانن
وِلَوڙا = ڏڌ ولوڙڻ
وَايُون = آواز، آلاپ، ڏڌ ولوڙڻ جا آواز
سَنگَهارِيُون = مارو عورتون، ڀاڳياڻيون
سَايُون = سُکِيُون ستابيون، آسوديون
سَامُهِيُون = سامهون بيٺل
ٻَولَايُون = مَينهُون، جن کي مٿي تي تلڪ هوندو آهي.
رَايُون = خاص رنگ ۽ وڏي اوهه واريون مينهون
ٻانِهِيُون = نوڪرياڻيون
ٻَايُون = رئيساڻيون، راڻيون
سُهَنِ = سُونهَنِ
پاهِجَي = پنهنجي

بيت جو پس منظر

~ ٿرن، برن ۽ تراين ۾ مينهن وسي پيا آهن.
~ اَسُرَ ويل ڏڌ ولوڙڻ جا آواز پيا اچن.
~ ڀاڳياڻيون آسوديون ٿيون آهن، سندن هٿن ۾ مکڻ جا چاڻا آهن.
~ گهڻي کير وارين مَينهُنِ کي واري واري سان پيون ڏهن.
~ ٻانِهيُون توڙي سانئڻيون پکن ۾ پيون سُونهَنِ.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت ٿر ۾ وسڪاري کان پوءِ جي ڊاڪيومينٽري فلم آهي جيڪا ماروئڙن جي آسودگيءَ جي نهايت شاندار عڪاسي ڪري ٿي. سُکي سنڌ جو پسمنظر پيش ڪيل آهي هن بيت ۾.
ٿر وسي پيو آهي، برن، بيابانن ۽ ميدانن تي وسڪارا ٿيا آهن. ڍنڍون ڍورا، تل ترايون پاڻيءَ سان ٽمٽار ٿي ويون آهن. ميدانن ۽ چراگاهن تي گوڏي جيڏا گاهه ڦٽا آهن. مارو ۽ سندن مال خوشيءَ ۾ جهومي پيا هن. پرهه ڦٽيءَ ويل ڏڌ ولوڙڻ جا آواز پيا اچن. مارو عورتون ۽ ڀاڳياڻيون ولوڙي کان پوءِ ٻنهي هٿن سان چاڏيءَ مان مکڻ جا چاڻا پيون ڪڍن.
ڪي وري وڏي اوهه ۽ گهڻي کير وارين مَينهُنِ کي واري واري سان پيون ڏُهَنِ. اڄ وري خوشيون ۽ رونقون موٽي آيون آهن. ڀاڳياڻيون ۽ رئيساڻيون تہ ٽڙن پيون پر سندن نوڪرياڻين جي چهرن تي بہ مرڪون ڦهلجي ويون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

15/06/2015

اَڄُ پڻ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾



اَڄُ پڻ اُميدُون، آگَمَ سَندِيُون اُڀَ ۾
سَاوَڻُ پَسِي سَرتِيُون، سَڄَڻُ سارِيَو مُون
آئُون آسائِتِي آهِيان، مانَ ڀِڄَائَي ڀُون
گَهرِ ته گُهرِجِين تُون، مُندَ مِڙيئِي مِينهَن جِي


سُرُ سَارَنگُ

آگَمَ = جهڙ، ڪڪر
اُڀَ = آسمان
سَاوَڻُ = سانوڻ، سانوڻيءَ جي مند
آسائِتِي = آسري واري، اميد واري
مانَ = مَنَ، جيڪر
ڀِڄائَي = پِسائي
ڀُون = ڌرتي
مُندَ = موسم، رُتِ

بيت جو پس منظر

~ اميدون اٿم تہ آسمان تي اڄ وري ڪڪر ڇانئجي ويندا.
~ اڙي سرتيون ! سانوڻ جي مند ڏسي، مون کي پنهنجو محبوب ياد پيو آهي.
~ آس اٿم تہ هي بادل برسي هن اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪندا.
~ او محبوب ! سانوڻ جون سڀئي راتيون جيڪر مون سان گڏ گهر ۾ گذارين.

سمجهاڻي

هر مند ۽ موسم جو پنهنجو مزو آهي، پنهنجيون الڳ خوبيون ۽ خاصيتون آهن. سانوڻيءَ جي مند ۾ جڏهن جهڙ ٿين ٿا تہ ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر جَي صحرا جِي اُڃاري ڌرتيءَ جون آسائتيون اکيون، برسات سان گڏ پنهنجي پرينءَ کي بہ سارين ٿيون.
سانوڻيءَ جي موسم اچي وئي آهي ڪارا ڪڪر ڇانئجن پيا. هي کنوڻين جا چمڪاٽ ۽ بادلن جون گجگوڙون ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهي تہ اجهو ٿو مينهن وسي. هن اڃاري، سڪي ٺوٺ ٿيل ۽ سِڪايلَ ڌرتيءَ کي سيراب ڪري. هن مندائتي مينهن جو هي دلڪش منظر ڏسي هن وينگس کي پرڏيهه ويل پنهنجي پرينءَ جا اچي پُورَ پيا آهن. سو هنجون هاريندي سرتين کي پئي چئي تہ منهنجو محبوب اڃان الائي ڇو ڪونہ آيو آهي. خبر ناهي ڪهڙي سبب دير ڪئي اٿئين. منهنجي دل ٿي چئي تہ ھي سانوڻي مند جون سڀئي راتيون پنهنجي محبوب جي هنج ۽ ڀاڪر ۾ گذاريان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

آگَمَ ڪِيا اللهَ، لَڳَه پَسُ ! لَطيفُ چَي



آگَمَ ڪِيا اللهَ، لَڳَه پَسُ ! لَطيفُ چَي
پَلَرَ جَي پالُوٽَ سِين، پَٽَنِ جَهلِيا پاهَ
وَاحِدَ وَڏائِي ڪِئا، مَٿَي گَسنِ گاهَ
سانگِنِ وَرِئا ساهَ، اُٺَنِ آبُ اَگُوندِرَو


سُرُ سَارَنگُ

سارَنگُ = بادل، ڪڪر، جهڙ
آگَمَ = جُهڙُ
لَڳَهَ = گهاٽا ڪڪر، سنها ڪڪر
پَسُ = ڏِسُ
پَلَرَ = مِينهَن جو پاڻي
پَالُوٽَ = پلٽ، اُٿلَ
پَٽَنِ = ميدانن
پاهَ = ريج، رنگ، ساوڪون، سرسبزيون، وڻڪاريون
گَسنِ = واٽن، پيچرن، دڳن
سانگِيُنِ = مالدارن، جهانگين - اُهي ماڻهون جي مال سانگي ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي رهن. خانہ بدوش، مارو ماڻهون
وَرِيا ساهَ = موٽي نئون ساھ پيو آهي، خوشيون مليون آهن
اُٺَنِ = وَسيُنِ
آبُ = پاڻي
اَگُوندِرَو = غم ۽ ڏک ڏولاوا لاهيندڙ جهجهو

بيت جو پس منظر

~ مولا پاڪ وري جهڙ ڪيا آهن، هو ڏس گهاٽا ۽ ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا آهن.
~ مِينهَن جي پاڻيءَ سان ٿرن، برن ۽ ميدانن ۾ ريج ۽ رنگ لڳي ويا آهن.
~ مالڪ سائينءَ گسن، پيچرن ۽ ميدانن ۾ گاھ ڦٽايا آهن.
~ مالوند ماڻهن ۾ سرهائي، خوشيون پيون ڏسجن، غم لاهيندڙ پاڻي جو وسيو آهي.

سمجهاڻي

سارنگ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي. جا برساتي موسم يعني سانوڻيءَ ۾ ڳائبي آهي. چوندا آهن جيڪو ڪلاڪار هن کي سُرَ، لئہ ۽ تالَ ۾ ڳائيندو آهي تہ ڪڪر ڇانئجي ويندا آهن ۽ مِينهُن وسندو آهي. سنڌ دنيا جي انهن ڪجهه ۽ خوشقسمت ملڪن مان هڪ آهي جنهن کي ڪچو، ڪاڇو، ڪوهستان، ٿر، صحرا ۽ ڊيلٽائي علائقا پنهنجا آهن.
جڏهن هنن علائقن ۾ پلر جي پالوٽ ٿئي ٿي تہ ماڻهن جا چهرا خوشيءَ ۾ مهڪي پون ٿا. مِينهن جي پاڻيءَ سان پٽن، ميدانن ۽ چراگاهن تي ساوا گاھ ڦٽي پيا آهن. هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ پئي جهلڪي. وڻ بہ ڌوپي صاف ٿي ساوا چهچ پيا لڳن. گل، ٻوٽا ۽ ڀاڄيون بہ ڦٽي پيون آهن. مالوند ماڻهن جي چهرن تي سرهائي پئي ڏيکارجي. سندن خوشيون موٽي آيون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

14/06/2015

اَڱڻَ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُهَنِ



اَڱڻَ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُهَنِ
سُرَهِي سَيجَ، پاسَي پِرِين، مَرُ پِيا مِيهَ وَسَنِ
اَسان ۽ پِرِيُنِ، شالَ هُونِ بَرَابَرِ ڏِيهَڙا


سُرُ سارَنگُ

تازِي = گهوڙي جو اعلي' قِسِمُ، عربي گهوڙو
ٻَهَرِ = ٻاهر
ڪُنڍِيُون = سڱ وريل ڪُنڍيدار مَينهُون، آسودگيءَ جي علامت
سُهَنِ = سُونهَنِ
سَيجَ = پلنگ، ٽُڪَ جي رلهين، برٿ ڀريل وهاڻن ۽ ڇُريلَ چادرن وارو خاص هنڌُ
مَرُ = ڀلي، سدا
مِيهَ = مِينهَن
ڏِيهَڙا = ڏينهڙا

بيت جو پس منظر

~ اڱڻ تي تازي گهوڙا، ٻاهر ڪُنڍيُون مَينهُون ۽ ميدان تي پکا پيا سُونهَنِ.
~ سرهي سيج تي پرين ستل آهي ۽ مينهن پيا وسن.
~ محبوب ۽ اسان شال زندگيءَ جا هي ڏينهن هڪجيترا ماڻيون.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت هڪ حَسِينُ خواب آهي. ٿر جَي ماروئڙن جِي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جِي نهايت دلڪش عڪاسي آهي.
اڱڻ ۾ تازي گهوڙن جي سونهن پئي جهلڪي، ٻاهر ڪُنڍِيُنِ مَينهِنِ جو حُسنُ ڏسڻ وٽان آهي. وشال ۽ وسيع ميدانن تي ماروئڙن جا پکا ڪيڏا نہ سھڻا پيا لڳن. وايو منڊل ۾ مِينهَن وسڻ کان پوءِ ڀنل مٽيءَ جي مهڪ ڦهلجي وئي آهي. سرهي سيج تي، پاسي ۾ پرين ستل آهي ۽ مِينهَن اڃان بس ناهي ڪئي. هڪ دعا دل مان نڪتي آهي، مولا پاڪ اسان ۽ محبوب شال هڪجيتري زندگي ماڻيون.
ڀٽائيءَ جَي هن خواب جِي ساڀيان هڪ ڏينهن ضرور ٿيندي ۽ ڪاري سون جَي ڌرتيءَ جا اڃايل ۽ بکايل ماروئڙا آسودگي ۽ خوشحاليءَ واري زندگي نيٺ ماڻيندا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَهِڙو پَسَڻُ پِرِيَ جو




آگَمَ اِيَ نه اَنگَ، جَهِڙو پَسَڻُ پِرِيَ جو
سَيڻَنِ رِيَ سَيدُ چَي، رُوحَ نه رُچَنِ رَنگَ
سَهَسِين ٿِيا سَارَنگَ، جَانِي آيو جُوءِ ۾


سُرُ سَارَنگُ

آگَمَ = جُهڙَ، ڪَڪرَ
اِيَ = اهڙا، ايئين
اَنگَ = رنگ، چِٽَ، آثار، عضوا
پَسَڻُ = ڏسڻ
پِرِيَ = پرينءَ، محبوبَ
سَيڻَنِ = محبوبن
رُچَنِ = خوش ڪن، وڻن، فرحت، سُرورُ ۽ سُڪونُ ڏين
رَنگَ = رنگيني، اثر
سَهَسِين = سوين
سَارَنگَ = جهڙ ، مينهن، برساتون، وسڪارا
جَانِي = پرين, محبوب - جنهن محبوب ۾ ساھ اٽڪيل هجي ان کي پيار مان جاني چئبو آهي.
جُوءِ = جاءِ، مڪان، گهر، وطن

بيت جو پس منظر

~ جهڙ ۾ اهڙي سونهن ڪٿي آهي، جهڙي منهنجي محبوب جَي ڏسڻ ۾ آهي.
~ محبوبن کان سواءِ تہ ڪا روح کي راحت ناهي.
~ جي محبوب موٽي اچي تہ مون لاءِ ڄڻ سوين سارنگ اڱڻ آئيا.

سمجهاڻي

جهڙ جيڪڏهن اڇي رنگ جو آهي تہ ڄڻ ڪپهه جون پوڻيون آهن. جن ۾ نہ چِٽُ، گل، رنگ ۽ نہ وري ڪا سونهن اٿس.وري جڏهن ڪارا ڪڪر آسمان تي ڇانئجي کنوڻين جا تجلا ۽ گجگوڙون ڪن ٿا تہ خوف ۽ دهشت ڦهلائين ٿا. پر منهنجي محبوب جي ڏسڻ سان سڀ ٿڪ لهي وڃن ٿا، هو جڏهن ڳالهائي ٿو تہ لفظن مان ڄڻ ڪي گلاب ۽ رابيل ٽڙي ٿا پون. هر طرف خوشبووئون ۽ مهڪارون ڦهلجي ٿيون وڃن. سندس سونهن ۽ سندرتا ڏسي هرڪو هوش وڃائي ويهي ٿو.
اڄ محبوب هتي ناهي تہ روح کي ڪا راحت ناهي. ڪا خوشي، فرحت، سُرورُ ۽ سڪون ناهي.جڏهن محبوب گهر موٽي ايندو تہ هڪڙو سارنگ نہ پر سوين سارنگ ڄڻ گڏجي اڱڻ تي وسڪارا لائي ڏيندا. خوشيون موٽي ملنديون ۽ اڱڻ تي عيدون ٿي وينديون.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____



جُهڙ نَيڻئُون نہ لَهَي، ڪَڪرَ هُونِ نَہ هُونِ




جُهڙ نَيڻئُون نہ لَهَي، ڪَڪرَ هُونِ نَہ هُونِ
سارِيَو سُپَيرِيُنِ کَي، لُڙڪَ ڳَلَنِ تَي پُونِ
سَي مَرُ رَويَو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپرِين


سُرُ سارَنگُ

نَيڻئُون = اکڙين مان
هُونِ = هجن
سُپيرِيُنِ = پرين، محبوب
پُونِ = پَوَنِ
مَرُ = ڀلي، سدا
رُونِ = روئن

بيت جو پس منظر

~ ڪڪر هجن يا نہ ھجن، پر اکڙين منجهان جُهڙ لهيئي نٿو.
~ محبوب کي ياد ڪيون، ويٺي لڙڪن لارون لاڙيان.
~ سي سدا روئنديون رهن ٿيون، جن جا محبوب پسڻ کان پري آهن.

سمجهاڻي

جهڙ، ڪڪر يا بادل تہ سدائين آسمان تي ڇانئجن ٿا، هتي اکڙين جَي اندر جهڙ جِي موجودگي ڀٽائيءَ جِي شاعراڻي نازڪ خيالي، نفاست ۽ ڪومل احساسن جِياوت آهي.
آسمان تي ڪڪر تہ چؤماسي، آبڪلياڻيءَ جي مندُ ۽ بسنت رُتِ ۾ ڇانئبا آهن. جيڪي ڪجھ ڏينهن وسي، اڃاري ڌرتيءَ کي سيراب ڪري هليا ويندا آهن. پر هن وينگس جَي آلين اکڙين منجھ ڪڪر سدائين موجود رهن ٿا، لهن ئي نٿا.
پنهنجي پرينءَ کي ساري هر وقت هنجون هاريندي رهي ٿي. سندس پنبڻين جون هي موتين مالهائون پرڏيھ ويل پرينءَ جَي ڏيھ واپسيءَ تائين ايئين ئي وسنديون رهنديون شايد.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

تصوير: بهار علي وساڻ جي ٿورن سان

____



12/06/2015

جَيڪِي ڏَڏَنِ ڏَي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾



جَيڪِي ڏَڏَنِ ڏَي، ڳُجِهيان ئِي ڳُجَهه ۾
سَو جَي سُڻَنِ ڪَڏِهِه، ڪِرِتِ وارَا ڪَي
تَه سازَ مِڙوئِي سَي، هُندَ پِٿُون ڪَنِ پَلَڪَ ۾


سُرُ پِرڀَاتِي

ڏَڏَنِ = موڳن، اڻ ڄاڻن
ڳُجِهيان ئِي = اندران ئي، دل ۾، لِڪَ ۾
ڳُجَھ ۾ = راز ۾
سُڻَنِ = ٻڌن، معلوم ٿئين، جي خبر پوين
ڪَڏِهِ = ڪڏهن، ڪڏهين
ڪِرِتِ وارَا = ماهر، ڳائڻا، ساز وڄائيندڙ، چارڻ
هُندَ = هوند، جيڪر
پِٿُون = ذراذرا، پرزاپرزا
پَلَڪَ = گهڙي، پَلَ

بيت جو پس منظر

~ جيڪي هنن موڳن جي اندر ۾ راز لڪل آهن.
~ سي جي هنن سياڻن ماڻهن کي معلوم ٿين.
~ تہ جيڪر حيرت ۾ پئجي وڃن ۽ کين ڏندين آڱريون اچي وڃن.

سمجهاڻي

هن علامتي بيت ۾ ڀٽائي وقت جي حاڪمن کي للڪاريندي چئي ٿو تہ :
هي غريب ۽ پورهيت عوام جنهن کي اوهان ڄٽ، جاهل ۽ موڳا سمجهي، سندن هر طرح جو استصحال ڪيو ٿا. اهي ئي تہ هن ڌرتيءَ جا ڌڻي، وارث ۽ مالڪ آهن. هنن ننڊ پيل شِينهَنِ جي دلين ۾ هزارين طوفان لڪل آهن. هنن جي اندر ۾ ڪيئي لاوا پچي رهيا آهن. هي ڪروڙين ماڻهون جڏهن پنڪيءَ مان جاڳي گڏ ٿيا، هڪ آواز ٿيا، پنهنجي حقن ۽ آزاديءَ لاءِ اٿي پيا تہ توهان پنهنجيون ڪرسيون ڇڏي ڀڄي ويندئو.
عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ مائو زي تنگ چيو هو :
هي پورهيت عوام جڏهن جاڳي پيو تہ هٿن سان ٽينڪون اونڌيون ڪندو ۽ پٿرن سان جهاز ڪيرائيندو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

10/06/2015

جَنِين سُکُ ناهِ ڪو، چارَڻَ سَي چَئِجَنِ



جَنِين سُکُ ناهِ ڪو، چارَڻَ سَي چَئِجَنِ
رُڃُنِ راهَ پُڇَنِ، مَٿَي ڪُلَنِ ڪِينَرَا


سُرُ پِرِڀاتِي

جَنِين = جن کي
سُکُ = آرام، ننڊ، سڪون
ناهِ = ناهي
چارَڻَ = جاجڪ، مڱڻهار، منگتا
رُڃُنِ = جمع آهي واحد ٿيندو رُڃَ جنهن جي معني' آهي جتي پاڻي نہ هجي.
رَاهَ = واٽ، گَسُ، دڳ، رستو
ڪُلَنِ = ڪُلَهنِ
ڪِينَرَا = سازَ، سُرندَا، سارنگيون، تنبورا

بيت جو پس منظر

~ چارڻ انهن کي چئجي، جن کي ڪو آرام ناهي.
~ جيڪي ڪلهن ۾ ساز وجهيو، سدائين سڃ جي واٽ پيا ڳولين.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي علامتي بيت بظاهر تہ انهن منگتن، مڱڻهارن ۽ ساز وڄائيندڙ فنڪارن جي باري ۾ آهي. جيڪي سدائين سُرندا، سارنگيون، تنبورا ۽ ٻيا ساز ڪلهي ۾ وجهيو روزي تلاش ڪندا وتندا آهن. پر دراصل هي بيت انهن کاهوڙين ۽ انقلابين جي باري ۾ آهي جيڪي ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف سدائين ويڙهه ۾ مصروف آهن. هو جڏهن وقت جي غدار حاڪمن ۽ ڌارين جي ملي ڀڳت سان وسيلن جي ڦرلٽ، ننگن ۽ دنگن تي ناجائز قبضا ٿيندي ڏسن ٿا تہ سندن سک ۽ آرام ڦٽي پوندو آهي. هي انقلابي نظريي سان هٿياربند کاهوڙي ڪلهي ۾ ڪلاشنڪوف، چيلهه سان گوليون، بم ۽ بارود ٻڌي ڌرتيءَ جي آزادي ۽ آجپي لاءِ ويڙهه وڙهن ٿا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

پُورَبَ پُورَبَ تَبِ ڪَرُون، جَبِ هِنئَڙَي آوَنِ پُورَ



پُورَبَ پُورَبَ تَبِ ڪَرُون، جَبِ هِنئَڙَي آوَنِ پُورَ
سِڪَندَي کَي سَڄَڻَين، نِڪُون لَايُون نُورَ
مَارِيَسِ تَنهِين سُورَ، جِئَن سَاڄَنُ سُڄَي نه مِلَي


سُرُ پُورَبُ

پُورَبَ = اوڀر، شاھ جي رسالي جو هڪ سُرُ - هندستان جي اتر پرديش ۾ ڪانپور کان بهار تائين واري علائقي کي پورب چوندا آهن. جت هندن جا تيرٿ يعني پوتر آستان آهن.
تَبِ = تڏهن
ڪَرُون = ڪيان، چوان، پڪاريان
جَبِ = جڏهن
هِنئَڙَي = دل ۾، مَنَ ۾، ساھ ۾
آوَنِ = اچن
پُورَ = خيالَ
نِڪُون = نهرون، ڪَسيُون، لڙڪن لارون، زاروقطار روئڻ
لَايُون = وهايون
نُورَ = اکين
سَاڄَنُ = ساجن، سڄڻ، پرين، محبوب
سُڄَي = ٻُجَهي، ٻڌڻ ۾ اچي

بيت جو پس منظر

~ پورب پورب تڏهن ٿو ڪيان جڏهن، دل ۾ جوڳين جا خيال ٿا اچن.
~ پرين لاءِ سڪندي لڙڪن لارون بس ئي نٿيون ڪن.
~ مون کي اهو درد ٿو ماري، جو ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ هو ڪڏهن موٽي نہ ملندا.

سمجهاڻي

هي بيت انهن جوڳين ۽ سنياسين جي ساروڻين، سِڪَ ۽ اُڪير جي عڪاسي ٿو ڪري، جن سان ڀٽائيءَ ٽي سال گڏ گذاريا هئا. حيدرآباد جي گنجي ٽڪر واري آستان کان ٿيندي لاهوت، هنگلاج ۽ رڻ ڪڇ ۾ ڪن ڦاڙ ڪاپڙين سان گڏ، سندن مڙهين ۽ مندرن جَي سَنَتَن کان سندن ويساهن ۽ پوڄا بابت ڀٽائيءَ ڄاڻ ورتي. توحيد ۽ تصوف جي روشنيءَ ۾ ساڻن وِرُونھَ ڪئي.
پورب اصل ۾ جوڳين جي آخري منزل يعني دارالبقا آهي، جنهن ۾ هو ابدي زندگي ماڻڻ لاءِ هن جهان ۾ ڪشالا ڪن ٿا.ڀٽائيءَ جو پارکو، اديب، دانشور، تاريخدان ۽ محقق سائين انور پيرزادو صاحب پنهنجي ڪتاب “ڀٽائي“ ۾ لکي ٿو تہ تحقيقات ٿيڻ گهرجي تہ ڀٽائي جڏهن 28 سالن جي ڦوھ جوانيءَ ۾ هو، تہ 1717ع ۾ شاھ عنايت شهيد جي هارين واري تحريڪ کي ڪچليو ويو هو. ڪيترائي صوفي روپوش ٿي ويا هئا ۽ باقي سڀني کي شهيد ڪيو ويو هو. لاهوت جي پاسي ۾ جيئن ڪو انڊر گرائونڊ ٽريننگ سينٽر هجي، جتي هي جوڳي دائرن ۾ دونهيون دکائي اونها پَھَ پيا پچائين ۽ پوءِ مختلف پاسن ڏانهن ورهائجي ٿا وڃن.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

09/06/2015

پُورَبَ مارِياسِ، ڪِهِ دَر ڏِيان دانهَڙي؟



پُورَبَ مارِياسِ، ڪِهِ دَر ڏِيان دانهَڙي؟
مَتيُون ڏِيندَي لَوڪَ کَي، چَرِي پاڻَ ٿِياسِ
جَنِين نه جَيهِياسِ، مان لَنءُ لَڳو تَنِ سِين


سُرُ پُورَبُ

ڪِهِ = ڪنهن
مَتيُون = صلاحون، خبرون (مت جي ٻي معنا هوشياري، عقل، هوش پڻ آهي)
لَوڪَ = عوام
جَيهِياسِ = جهڙي، ان جهڙي
مان = مونکي
لَنءُ = عشق، نينهن، محبت
سِين = سان

بيت جو پس منظر

~ پورب پاسي ويل جوڳين جِي سِڪَ مارَي وڌو آهي، سندن دانهن ڪنهن کي ڏيان؟
~ ٻين کي صلاحون ڏيندَي، مان پاڻ ئي هوش وڃائي ويٺو آهيان.
~ جنهن جهڙو ٿي ئي نٿو سگهان، تن سان محبت ٿي وئي آهي.

سمجهاڻي

هن بيت ۾ ڀٽائيءَ انهن سامين، سنياسين، ڪاپڙين ۽ جوڳين سان گڏ گهاريل ساروڻيون ساري ساڻن عشق ۽ محبت جو
اظهار ڪيو آهي. جن سان دل، منَ ۽ روح سندا رشتا هوندا آهن، سي جڏهن بنا موڪلاڻي هليا ويندا آهن تہ دل اداس ٿي پوندي آهي، روح رهڙجي پوندو آهي. اکڙين جي پنبڻين منجهان موتين مالهائون برسات جيان بنا ساھيءَ وسنديون ئي
رهنديون آهن.
حضرت عشق جنهن جو مهمان ٿيندو آهي، تنهن جو سک، سڪون ۽ آرام کسي وٺندو آهي. موٽ ۾ انتظار، اوسيئڙا، اوجاڳا، عذاب ۽ اذيتون ڏيندو آهي. ٻين کي صلاحون ڏيڻ وارا پاڻ ٻين کان صلاحون وٺندا آهن. ڇو تہ عشق ماڻهونءَ جا هوش حواس ختم ڪري ڇڏيندو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

08/06/2015

نه سَي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نه سَي ڪَاتارِيُون




نه سَي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نه سَي ڪَاتارِيُون
پَسِئو بازَارِيُون، هِيَڙو مُون لُوڻُ ٿِيَي


سُرُ ڪَاپَائِتِي

ڪَاتَارِيُون = ڪَتِڻَ واريون
پَسِئو = ڏِسيَو
هِيَڙو = هنئڙو, دل, مَنُ
لُوڻُ ٿِيَي = ڳريو وڃي، جهوريءَ ۾ جهڄي


بيت جو پس منظر
~ نہ وڻن ۾ اُهي وؤڻ آهن ۽ نہ وري اُهي ڪَتِڻَ واريون موجود آهن.
~ سڃيون ۽ سکڻيون بازاريون ڏِسِي منهنجو هنيانءُ ڳريو ٿو وڃي.

سمجهاڻي

ٽي سؤ سال اڳ سنڌ جي معاشي ۽ اقتصادي بدحالي ڏسي ڀٽائيءَ جي اکين رت جا ڳوڙها ڳاڙيا آهن. ڀٽائي جڏهن پورهيتن جا خشڪ چپ، سُڪلَ مُنهَن، اُگهاڙا پير، بت تي ليڙون لڙڪيل، بک ۾ پاھ ٿيندي ڏسي ٿو، بازارون ويران ٿيندي ڏسي ٿو تہ سندس اندر ۾ وَڍَ ۽ هنيانءَ ۾ مُٺ پئجي وڃي ٿي.
جيتوڻيڪ ٿر کان سواءِ اڄوڪي سنڌ ۾ ڏڪار واريون حالتون ناهن، پر پوءِ بہ اڳي جَي ڀيٽ ۾ ڪا تبديلي ۽ ڦيرو ناهي آيو. بک، بي روزگاري، اڻ هوند ۽ مهانگائيءَ ماڻهن جو ساھ ڪڍي ڇڏيو آهي. گذر جي وسيلن، سمنڊ، واپار، تيل، گيس ۽ ڪوئلي تي سنڌي ماڻهن جَي اختيار نہ هجڻ ڪري، ماڻهون پنهنجا ٻار پيا وڪڻن ۽ خودڪشيون پيا ڪن.
سو اچو تہ غور ڪيون سنڌ آسودِي هوندي بہ آخر اسان ايڏا ننڌڻڪا، لاوارث ۽ يتيم ڇو ۽ ڪهڙي سبب جي ڪري آهيون...!!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

07/06/2015

اَڄُ پِڻُ اُجَهڻَ کَي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪَالَ



اَڄُ پِڻُ اُجَهڻَ کَي مَرِين، نَڪِي ڪِتُءِ ڪَالَ
ڀَورِي ! تَو سَان ڀَالَ، ڪَاندُ ڪَرِيندَو ڪَيتِرَو؟


سُرُ ڪَاپَائِتِي

اُجَهڻَ کَي مَرِين = گهمڻ لاءِ تيار ٿي ڏسجين، رلڻ لاءِ آتي آهين، آرام لاءِ آرس ٿي ڀڃين
ڪِتُءِ = ڪَتِيَئي
ڪَالَ = ڪالھ
ڀَورِي = اي موڳي، چري، نادان
ڀَالَ = ڀلايون، چڱايون
ڪَاندُ = ڪانڌ، ڀتارُ
ڪَرِيندَو = ڪندو

بيت جو پس منظر

~ ڪالھ بہ ڪونہ ڪَتِيَئي ۽ اڄ وري آرام ڪرڻ يا گهمڻ لاءِ تيار پئي ڏسجين.
~ او چري ! توسان آخر ڪيستائين ڀتار ڀلايون ڪندو رهندو ؟

سمجهاڻي

ڪاپائتي اُها پورهيت عورت آهي جيڪا ائٽ تي سُٽُ ڪَتَي چرخي تي چاڙهي، ان مان ڪپڙو ٺاهي پاڻ بہ ڍڪي ٿي ۽ ٻين کي بہ ڍڪائي ٿي. ڀٽائي هڪ سُستُ ۽ ڪاهل عورت کي تنبيھ ڪندي چئي ٿو تہ :
تو ڪالھ بہ سُٽُ ڪونہ ڪتيو هو ۽ اڄ بہ آرام ڪرڻ يا ڪيڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ تيار پئي ڏِسجِين. تنهنجي اها سُستي ۽ ڪاهلي جاري رهي تہ سرتين ۽ ڪانڌ اڳيان ڪهڙو ڪنڌ کڻي گهمندينءَ ؟
دراصل ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ سُستِي ۽ ڪاهلي ڇڏي مسلسل ۽ لاڳيتي محنت، جفاڪشي، جاکوڙ ۽ جدوجهد وسيلي ئي ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

06/06/2015

ٽَيئِي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارَو ڪَنڌُ



ٽَيئِي پَرچِئا پاڻَ ۾، تَندُ، ڪَٽارَو ڪَنڌُ
تِهِ جِهَوئِي ناهِ ڪِي، جو تو چارَڻَ! ڪِئو پَنڌُ
اِيُ شُڪرُ اَلحَمدُ، جِنءَ مَٿو گُهريَوءِ مَڱڻا


سُرُ سَورَٺِ

تَندُ = يڪتاري يا سُرندَي جي تارَ
ڪَٽارَو = ڪاتي، خنجر
جِهَوئِي = جهڙوئي، ان جهڙو
ناهِ = ناهيڪِي = ڪو
چَارَڻُ = جاجڪ، مڱڻهار، منگتو
ڪِئو = ڪيو
اِيُ = اِيءُ، هيءُ، هي
شُڪرُ اَلحَمدُ = ڌڻيءَ جو احسانُ
جِنءَ = جيئن
مَڱڻَا = اي مڱڻهار

بيت جو پس منظر

~ ٻيجل جَي سُرندَي جِي تارَ، خنجر ۽ راءِ ڏياچ نيٺ سِرُ وٺڻ ۽ ڪپڻ جِي ڳالھ تي راضيٿي ويا.
~ اي منگتا ! تو جهڙو ڪو ٻيو ناهي، جو تون ايڏو پري کان ڪشالا ڪري آيو آهين.
~ اي مڱڻهار ! اهو مولا پاڪ جو ڪرم آهي، جو تون سِرَ جي سَينَ هنئي.

سمجهاڻي

ٻيجل جَي سُرندَي مان نڪرندڙ مڌر آلاپن راءِ ڏياچ تي اهڙو سحر طاري ڪري ڇڏيو، جو نيٺ هو پنهنجو ڪنڌ ڪوري ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو. راءِ ڏياچ جنهن جي سخاوت ڏيهان ڏيھ مشهور هئي، ان ويتر ٻيجل جا ٿورا مڃيا تہ تو سر جي صدا هنئي.پر ڪنهن اهڙي شئي جي گهر نہ ڪيئي جيڪا منهنجي وس ۾ ئي نہ هجي ها.
ڀٽائيءَ جي هن بيت مان اسان کي درس ٿو ملي تہ، محبوب ۽ منزلون جيڪڏهن شهادتن ذريعي ئي ملن تہ سودو مهانگو ناهي.ڇو تہ راءِ ڏياچ جيان شهيد ڪڏهن مرندا ناهن، امر ٿي ويندا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

04/06/2015

ڪِنِي ڪِنِي مَاڙُهين، پَيئي ڪَلَ ڪائِي



ڪِنِي ڪِنِي مَاڙُهين، پَيئي ڪَلَ ڪائِي
رَسِئا جَي رَمزَ کَي، تَنِ پارِسِي پائِي
اَلاِنسَانُ سِرِي وَ اَنَا سِرهُ، وَرَتِي اِيَ وَائِي
رَاجَا رَاڳائِي، هَرِدَوئِي هَيڪُ ٿِئَا


سُرُ سَورَٺِ

ڪِنِي ڪِنِي = ڪنهن ڪنهن
مَاڙُهين = ماڻهن کي
ڪَلَ = ڄاڻ، خبر
رَسِئا = پهتا، معلوم ٿي سگهيُنِ
رَمزَ = ڳُجُھ، رازُ، اشارو
پَارِسِي پَائي = هن ڳُجھ کي پروڙيو، هن راز کي سمجهو، هي ڳجهارت ڀڳي
اَلاِنسَانُ سِرِي وَ اَنَا سِرهُ = انسان منهنجو ڳُجُھ آهي ۽ مان انسان جو ڳُجُھ آهيان - حديث
اِيَ وَائِي = اِها پچار، اها وائي، اها ٻولي
رَاجَا = راءِ ڏياچ
رَاڳَائِي = ٻيجل - جنهن سرندو وڄائي سِرَ جي سَينَ هنئي
هَيڪُ ٿِئَا = هڪ ٿيا، گڏجي ويا، ملي ويا

بيت جو پس منظر

~ ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ کي ڄاڻ آهي.
~ جن هي راز ڄاتو سي ئي هي مام پروڙي سگهيا.
~ اِها ئي پچار پئي هلي تہ انسان خدا جو ڳُجُھ آهي ۽ خدا انسان جو ڳُجُھ آهي.
~ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا.

سمجهاڻي

هي هڪ راز آهي جيڪو هر ماڻهون ڄاڻي ۽ سمجهي نٿو سگهي. لکين ۽ ڪروڙين انسانن مان ڪي عارف هوندا، جن جي رمز ۽ اندرئين اک ئي هن راز کي پروڙي سگهي ٿي.
خدا تعالي' فرمايو: ”انسان منهنجو ڳُجُھ آهي ۽ مان انسان جو ڳُجُھ آهيان“
صوفي چون ٿا ان جو مطلب اهو ٿيو تہ خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ڪو راز آهي، ڪو لِڪُ آهي، ڪا ويجهڙائي ۽ هڪجهڙائي آهي.
هن الجهيل ۽ منجهيل سُٽَ کي سڀڪو سلجهائي نٿو سگهي. هي روحاني ڳجهارتون جهڙي تهڙي جي سمجھ کان
مٿي آهن. ڇو تہ جيڪو راءِ ڏياچ ۾ آهي سو ئي ٻيجل ۾ بہ آهي. تڏهن ئي تہ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

هَر دَمُ هوتَ پُنهُوءَ جو، ڏِسَڻُ ڀائجِ ڏِکَ



هَر دَمُ هوتَ پُنهُوءَ جو، ڏِسَڻُ ڀائجِ ڏِکَ
وَرُ پُنهُوءَ ساڻُ پَلَڪَ !، ٻَنِ ٻارَھَ وَرِھَ ٻِئَنِ سِين


سُرُ مَعذُوري (سَسُئِي)

هَر دَمُ = هرهر، هر وقت، هر گهڙي،ساھ ساھ ۾، هر ساھ ۾
هوتَ = پنهونءَ، محبوب
ڏِسَڻُ = ديدارڪرڻ، درشن ڪرڻ
ڀَائجِ = ڀانئجُ، سَمجُھ
ڏِکَ = نظارو، هار سينگار، فرحت، خوشي، سُرورُ، سڪُون.
وَرُ = بهتر، ڀلو
پَلَڪَ = گهڙي، پَلُ
ٻَنِ = کڏ ۾ اڇلايان، باھ ڏيانسِ
وَرِھَ = سالَ
ٻِئَنِ = ٻين

بيت جو پس منظر

~ محبوب پنهونءَ جو هر هر ديدار بہ ڪنهن دلڪش نظاري پسڻ کان گهٽ ناهي.
~ ٻين سان ٻارهن سالَ جيڪر کڏ ۾ اڇلائجن، پر پنهونءَ سان گهاريل هڪ گهڙي بہ انهن ٻارهن سالن کان وڌيڪ آهي.

سمجهاڻي

محبوب جهڙي انمول، حَسِينُ، سهڻي، دلبر ۽ دلربا شئي دنيا ۾ ٻي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. سندس ڏسڻ، ڳالهائڻ، مرڪڻ، رسڻ پرچڻ، نازانداز، ويس وڳا، هارسينگار ۽ هر ادا سڀ باڪمال ۽ بي مثال آهن. سندس سونهن سندرتا، ريشمي زلفن، ناسي نيڻن، ڳاڙهن چپن، گلابي پَتِيُنِ جي ڇُهاءَ جهڙن ڳلن جَي، هرهر ديدار ڪرڻ سان اڻ مَئِي خوشي، مسرت، سڪون ۽ سُرورُ ملي ٿو.
ٻين سان زندگيءَ جا گهاريل ٻارهن سال دل چوندي آهي تہ جيڪر باھ ڏئي ساڙجن. پر محبوب سان گهاريل هڪ پَلُ بہ انهن ٻارهن سالن کان وڌيڪ اهميت وارو، بهتر ۽ بي مثال لڳندو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

01/06/2015

مَاڙهُو ڏَيئِي مَيهِڻَا، مُون کَي ڪَندَا ڪَوهُ ؟





مَاڙهُو ڏَيئِي مَيهِڻَا، مُون کَي ڪَندَا ڪَوهُ ؟
جِه ڇَورِيَ ۾ ڇَوهُ، سَا پِٿُون ٿِيندِي پَيرَ تَي


سُرُ مَعذُوري (سَسُئِي)

مَاڙهُو = ماڻهون
مَيهِڻَا = مهڻا، طعنا، ٽوڪون
ڪَوهُ = ڇا
جِه = جنهن
ڇَورِيَ = ڇوريءَ، ڇوڪريءَ
ڇَوهُ = عشق جو جنون، جوش، جذبو
پِٿُون = پرزاپرزا، ذراذرا، ڳڀاڳڀا
پَيرَ تَي = پيرن جي نشان تي، پيچري تي، پنڌ تي، اُتي جو اُتي

بيت جو پس منظر

~ ماڻهون مهڻا ڏئي مون کي ڇا ڪندا ؟
~ جنهن ڇوڪريءَ ۾ عشق جو جنون آهي، سا تہ محبوب جَي پيرن جَي نشان تي ئي پرزاپرزا ٿيندي.

سمجهاڻي

عشق ۾ ماڻهن طرفان طعنا ۽ مهڻا ملڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي. عاشقن کي ماڻهون الائي ڪهڙن ۽ ڪيترن نالن، لقبن سان نوازيندا آهن. سسئي چئي ٿي :
مون کي ان جي ڪا پرواھ ناهي تہ ماڻهون ڇا ٿا چون، ڪهڙا طعنا ۽ مهڻا ٿا ڏين ؟ جنهن کي جيئن وڻي تيئن ڀلي چئي. مان محبوب پنهونءَ جي سر جي ڪري سڀ اکين تي ٿي رکان. ڇا بہ ٿي پئي مان محبوب پنهونءَ جي تلاش جاري رکنديس ۽ سندس پيرن تي سر ساھ صدقو ڪنديس.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولا ۾ ماڻهن جي چيل ڳالهين جي پرواھ نہ ڪيو. پنهنجي جستجو ۽ تلاش جاري رکو توڙي جو اوهان کي تڪليفون ۽ سور سهڻا پون يا جان جوکي ۾ وجهڻي پوي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل