31/07/2015

چَتُرُ رَهَي نَہ چِتُ، وَيڻَين واڳِيو نَہ رَهَي



چَتُرُ رَهَي نَہ چِتُ، وَيڻَين واڳِيو نَہ رَهَي
رَئِيءَ لَٽِجَي نِتُ، هِيَڙو واٽَ وِرِکَ جِنءَ


سُرُ رِپَ

چَتُرُ = هوش ۾، ريڌل، سجاڳ
چِتُ = دل
وَيڻَين = طعنن، مهڻن، ملامتن سان
واڳِيو = ٻڌل، جڙيل، ڳنڍيل، سلهاڙيل
رَئِيءَ = دز، مٽي، ڌوڙ، لَٽُ
نِتُ = هر هر، وري وري، هر روز
هِيَڙو = هنئڙو، مَنُ، دل

بيت جو پس منظر

~ دل ڪڏهن هوش ۾ نٿي رهي. کيس ماڻهن جي طعنن. مهڻن جي پرواھ ناهي.
~ دل دڳ تي بيٺل وڻ جيان آهي. جنهن تي سدائين ڌوڙ پوندي رهي ٿي.

سمجهاڻي

جيتوڻيڪ هر ماڻهونءَ وٽ علم، عقل، شعور ۽ ڏاهپ موجود آهي ۽ ماڻهون پاڻ تي ٿيندڙ وارتائن تي سوچي، ڪنهن نتيجي تي پهچي ان مسئلي جو حل بہ ڪڍي ٿو. پر سندس اندر ۾ ئي موجود دل تي سندس اختيار ناهي هوندو. دل دماغ جي محتاج ناهي، پنهنجا فيصلا پاڻ ئي ڪندي آهي.
پر ڇو تہ دل سوچي نٿي، غور ۽ فڪر نٿي ڪري. تنهنڪري سندس جذباتي فيصلا اڪثر ماڻهونءَ کي ڳچيءَ ۾ پئجي ٿا وڃن.
چوندا آهن دل بادشاھ آهي ۽ بادشاھ پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ٿيندا آهن. ڀلا بادشاهن جي ڪيل فيصلن کي ڪير ڪيئن ٿو چئيلينج ڪري سگهي؟ دل تہ اُتي وڃي اڙبي آهي جتي سندس ڪو وس ناهي هلي سگهندو. تنهنڪري پنهنجي ڪيل غلط فيصلن جَي ڪري سدائين اداس ۽ غمگين رهندي آهي. تنهن هوندي بہ ماڻهن جي طعنن ۽ مليل مهڻن جي ڪا کيس پرواھ ناهي هوندي.
دل ڪنهن ويران گس تي ان اڪيلي وڻ جيان آهي، جنهن تي هر روز دز ۽ ڌوڙ پوندي رهندي آهي. هي دز ۽ ڌوڙ دراصل دل تي ٿيندڙ وارتائون، جفائون ۽ ڪربناڪيون ئي آهن جيڪي دل تي گهرا گهاوَ ڪري وجهنديون آهن.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

سُتَي سَنڀِرِئومِ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچنِ جو



سُتَي سَنڀِرِئومِ، ڪو ڳُڻُ ٻاروچنِ جو
ڪَنڌِ وِهاڻو ڀِنو، هَرِيو هَٿُ ٿِئومِ
سَڄَڻُ يادِ پِئومِ، جاڙَ جِيان ٿِي جَيڏِيُون



سُرُ رِپَ

سَنڀِرِئومِ = ياد پيوم
ڳُڻُ = خوبي. ڀلائي
ٻاروچَنِ = پرين. محبوبن
ڪَنڌِ = ڪنڌ هيٺان
ڀِنو = ڀڄي پيو. پسي پيو
هِرِيو = آلو. ڀنل
ٿِئومِ = ٿيم
پِئومِ = پيم
جاڙَ = اجايو. بيڪار
جَيڏِيُون = سرتيون. سهيليون

بيت جو پس منظر

~ ستي هيس تہ محبوب سان ڪيل رهاڻيون ياد پيون.
~ روئي وهاڻو ڀڄايم ۽ ڳوڙها اگهندي هٿ آلا ٿيم.
~ او سرتيون ! سڄڻ کان سواءِ جيئڻ اجايو آهي.

سمجهاڻي

اڪثر ايئين ٿيندو آهي تہ محبوب کان سواءِ ڪا گهڙي، ڪو پل آرام ناهي ايندو. سڄو ڏينهن سندس راهن ۾ نيڻ وڇائي اوسيئڙو ڪندي گذرندو آهي. در جي هر کڙڪي تي دل ڌڙڪي، ڇرڪي پوندي آهي تہ شايد هو اچي ويو. وري رات جي تاريڪين ۾ جڏهن ڪائنات خوابن جو سير ڪندي آهي تہ الائي ڇو اندر جي آنڌ ماند جي ڪري اک اک سان لڳي ناهي سگهندي.
محبوب سان گهاريل پيار جا پل جڏهن ياد پوندا آهن تہ جسم لرزجي پوندو آهي. لڙڪن لارون اکين جي پنبڻين مان، موتين مالهائن جيان، سانوڻيءَ جي ڪنهن برسات جيان برسي هنڌ، رلهيون ۽ وهاڻا ڀڄائي ڇڏينديون آهن.
جڏهن اڪيلائيءَ جو هڪ پل گهارڻ بہ عذاب بڻجي پوندو آهي. تڏهن هيءَ هيڏي ساري زندگي محبوب کان سواءِ گذارڻ جو تصور ڪندي ساھ نڪرندي محسوس ٿئي ٿو.
ڀلا محبوب کان سواءِ جيئڻ بہ ڪا زندگي آهي ڇا !!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

30/07/2015

جِهڄَي جَهانءِ ڪَرَي، ماٺِ نہ اَچَي مُون هِيَين



جِهڄَي جَهانءِ ڪَرَي، ماٺِ نہ اَچَي مُون هِيَين
سَڄَڻَ سَي سارَي، هُو جَنِين جو هَيرِئو


سُرُ رِپَ

جِهڄَي = ڳري، روئي
جَهانءِ ڪَرَي = روڄ راڙو ڪري، واويلا ڪري، دانهون ڪري
هِيَين = مَنَ کي، دل کي
سارَي = ياد ڪري
هَيرِئو = هيراڪُ، هِريَلُ، هيرايل، عادي

بيت جو پس منظر

~ مَنَ کي ماٺ ناهي، پيو ڳڻتين ۾ ڳري ۽ روڄ راڙو ڪري.
~ کيس انهن محبوبن جي تانگهه آهي، جن سان هريل آهي.

سمجهاڻي

سائنس ۽ ميڊيڪل جَي حوالي سان دل رت گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ ۽ سڄي جسم کي پهچائڻ جو ڪم ڪندي آهي. جيڪڏهن هن عمل ۾ ڪا رنڊڪ پيدا ٿئي تہ دل پنهنجو ڪم جاري نہ رکي سگهندي آهي ۽ جياپو مشڪل ٿيو پئي.
ٻئي پاسي چيو ويندو آهي تہ ڪي دليون پٿر جهڙيون سخت تہ ڪي وري انتهائي نازڪ، نفيس، ريشمي ۽ ڪومل جذبن سان ٽمٽار هونديون آهن. ڪنهن سان لنئون لڳائڻ جي شروعات اکيون ڪنديون آهن پر شايد اکين ۽ دل جو ڪو پاڻ ۾ گهاٽو سٻنڌ ٿو ڏسجي. جو جڏهن ڪنهن سان اک اٽڪي پوندي آهي تہ دل بہ اتي ئي ڦاسي پوندي آهي.
اها دل جڏهن ڪنهن سان ڦاسندي آهي تہ پوءِ کيس چپ ناهي هوندي. پئي واويلا ڪندي، ڳڻتين ۾ ڳرندي، روڄ راڙو ۽ دانهون ڪندي آهي. تڏهن هن دل جو سڪون ۽ قرار ڦِٽي پوندو آهي. هر گهڙي، هر پل ان محبوب کي ئي ياد ڪندي آهي جنهن جي هوءَ هيراڪ هوندي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

29/07/2015

اُڀِرِيامِ اَنگُورَ، سُتَي سُپِرِيَنِ جا



اُڀِرِيامِ اَنگُورَ، سُتَي سُپِرِيَنِ جا
کايو کايو سُورَ، لُڇِئو لَوچِئو اُٿِيان



سُرُ رِپَ

اُڀِرِيامِ = ڦُٽي پيا، نسري پيا، جاڳي پيا، اٿلي پيا
اَنگُورَ = گونئچ، گوشا، سَلا، غم
کايو کايو = برداشت ڪري ڪري، سهندي سهندي
لُڇِئو = ڦٿڪي ڦٿڪي، تڙپي تڙپي
لَوچِئو = جهاڳيندي، ڀوڳيندي، ڳوليندي

بيت جو پس منظر

~ اک لڳندي ئي وڻن جي ٽارين ۽ شاخن مان نڪرندڙ گوشن جيان سور جاڳي پون ٿا.
~ رات سڄي لڙڪ لاڙيندي، لڇندي، ڦٿڪندي ۽ پرين کي ياد ڪندي ٿي گذري.

سمجهاڻي

رات جي سانت ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي، تڙپي تڙپي، لڇي لڇي جڏهن اڃان مس اک لڳي ٿي تہ محبوب سان ڪيل رهاڻيون ۽ گهاريل پيار جا پل ايئين اندر مان ڦٽي نڪرن ٿا. جيئن پن ڇڻ جي مند ختم ٿيندي بسنت رُتِ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي هر شاخ ۽ ٽاريءَ مان نوان گوشا، گونئچ ۽ گل ڦٽڻ شروع ڪندا آهن.
جڏهن محبوب جا ڏنل گهاوَ ۽ ڦٽ اٿلي پون ٿا تہ اندر ۾ ڪيئي زلزلا ۽ طوفان جنم وٺندا آهن. نيڻن جي مٺي ننڊ اُڏامي ڪوهين ڏور هلي ويندي آهي.
اِها اذيتن، عذابن ۽ ڪربناڪين ۾ گهاريل ڪاري رات ڊگهي ٿي، ڪيئي سال ۽ صديون محسوس ٿيندي لڇندي، ڦٿڪندي ۽ پرينءَ جي ڳولا ڪندي، ساريندي گذرندي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

28/07/2015

ڪَهَڻُ تہ ڪَچائِي، سُورَ نہ سانڍِڻُ سُٿِرا




ڪَهَڻُ تہ ڪَچائِي، سُورَ نہ سانڍِڻُ سُٿِرا
اَڃان تہ آئِي ! ڏِيلَ مُهِجَي ڏُ کَ سِين


سُرُ رِپَ

ڪَهَڻُ = چوڻ، شڪايت ڪرڻ، ٻاهر ٻاڦ ڪڍڻ، ٻين کي ٻڌائڻ
ڪَچائِي = هلڪڙائي، وعدي خلافي
سانڍِڻُ = سنڀالڻ، لڪائڻ، برداشت ڪرڻ
سُٿِرا = سولا، آسان
آئِي = اي مائي، او جيجل ماءُ
ڏِيلَ = سرير، بدن، جسم، بت
مُهِجَي = منهنجي

بيت جو پس منظر

~ شڪايت ڪرڻ هلڪڙائي آهي، سورَ سانڍڻ سولو ڪم ناهي.
~ او جيجل ! اڃان ته هي جان ڏکن ۾ ورتل آهي

سمجهاڻي

اهو ڪو معجزو چئبو تہ ڪنهن سان نينهن لائجي ۽ پوءِ سک سان سمهي ننڊون ڪجن. هي عشق تہ اندر ۾ کاٽ هڻي ماڻهونءَ جو سک، چين، ننڊ، آرام ۽ خوشيون کسي ويندو آهي.جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ ڦٿڪي ساھ ڏيندي آهي. گل خوشبو کان سواءِ مرجهائجي ويندو آهي ۽ چڪور چنڊ کي پسڻ لاءِ اڏري اڏري پساھ پورا ڪندو آهي. ايئين ئي عاشق جو جياپو بہ محبوب جَي ڪارن، ڊگهن ۽ ريشمي زلفن کي سنوارڻ ۽ ناسي نيڻن جي پسڻ سان ئي ممڪن آهي.
محبوب کان سواءِ ڪنهن عام سان سور سلڻ، شڪايت ڪرڻ روا ناهي، وڙ ناهي. هي هلڪڙائپ ڪنهن عاشق کي نٿي سونهين. محبوب جَي ڏنل گهاوَنِ، اهنجن ۽ اذيتن کي سهڻ ۽ برداشت ڪرڻ ۾ بہ هڪڙو لطف، مزو، سُرورُ ۽ سڪون هجي ٿو. نيٺ ماڻهون ان جو هيراڪ بڻجي وڃي ٿو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____


27/07/2015

لائَي جو وِئا، سو مَنجِهِين ٿو مَچُ ٻَرَي




لائَي جو وِئا، سو مَنجِهِين ٿو مَچُ ٻَرَي
سو اُجهامَي ڪِئا، جِهِ سورِيندَڙ سُپِرِي
ن

سُرُ رِپَ

لائَي = ٻارَي، مچائَي، دونهين دکائي
وِئا = ويا
مَنجِهِين = اندر ۾، بدن ۾، دل ۾
مَچُ = باھ جو آڙاھ
اُجهامَي = وسامي، جهڪو ٿئي
ڪِئا = ڪيئن، ڪٿان، ڪهڙي طرح
جِهِ = جنهن
سورِيندَڙُ = مچائيندڙ، زور وٺائيندڙ
سُپِرِين = محبوب، جانب، سڄڻ، پرين

بيت جو پس منظر

~ محبوب جيڪو ٻاري ويا، سو اندر ۾ مچ اڃان پيو ٻري.
~ اُها باھ ڀلا ڪيئن وسامندي, جنهن کي مچائڻ وارا پاڻ محبوب آهن.

سمجهاڻي

چوندا آهن عشق باھ آهي، جيڪا ڪنڀر جَي آوِيءَ، سِرُنِ پچائڻ جَي کُورَي ۽ ڌماڪي سان ڦاٽندڙ ڪنهن جبل جَي لَاوَي جيان، رات ڏينهن، هر گهڙي، هر پل ٻرندي رهندي آهي.
هيءَ ساڃاھ سڀني کي آهي پر هن باھ جي لذت، لطف ۽ مزو ايڏو تہ وڻندڙ ۽ موهيندڙ آهي. جو چقمق جيان هر ماڻهون ڇڪجيو، سوگهو ٿيو پيو هن باھ ۾ سڙندو ۽ پڄرندو آهي. اڄ ڏينهن تائين الائي ڪيترا عاشق پتنگ جيان هن باھ جو کاڄ بڻجي سڙي مري ويا ۽ الائي ڪيترا اڃان سڙي کامي مرڻ لاءِ تيار پيا ڏسجن.
ماڻهون جڏهن ڪنهن وينگس جي ريشمي زلفن، ناسي نيڻن ۽ قاتل ادائن جو اَسِيرُ بڻجي ٿو تہ هيءَ عشق جي باھ سندس سڄي وجود کي ويڙهي، سمهڻ نہ ٿي ڏئي. هن باھ ۾ نہ رڳو دل پر دماغ، اکيون ۽ بدن جو هر حصو جلي، سڙي، پڄري زخمي ٿيو پئي.
هيءَ عشق جي باھ شايد ڪڏهن نہ وسامي سگهندي؟ ڇو تہ هن باھ کي لڳائڻ ۽ مچائڻ وارو محبوب پاڻ ئي پنهنجي ادائن سان دل کسي باھ لڳائي هليو وڃي ٿو.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

25/07/2015

اُٺَي جِنءَ مَورَنِ، اوڀَرَ وَلَهارَنِ ۾



اُٺَي جِنءَ مَورَنِ، اوڀَرَ وَلَهارَنِ ۾
سا پَرِ گُوندَرَ ڪَنِ، جُہ ڦوڙائو سَڄَڻَين



سُرُ رِپَ

اُٺَي = مِينهَن وسڻ کان پوءِ
جِنءَ = جيئن
مَورَنِ = اُڀِرَن، ڦُٽَن، ڄمن، پيدا ٿين
اوڀَرَ = فصل، گاھ، ٻوٽا
وَلَهارَنِ = ساوڪون، چراگاھ، جتي قدرتي طور گاھ، وڻ، گل ٻوٽا پيدا ٿيندا آهن.
پَرِ = ريت، ڪارِ
گُوندَرَ = غَمَ
جُہ = جڏهن
ڦوڙائو = وڇوڙو، جدائي

بيت جو پس منظر

~ جيئن مِينهَن وسڻ کان پوءِ, گاھ, گل ٻوٽا اُڀري پوندا آهن.
~ تيئن محبوب جي جدائيءَ ۾ هزارين غم ورائي وڪوڙي ٿا وڃن.

سمجهاڻي

سنڌ قدرتي طور مختلف ڀاڱن ۽ حصن ۾ ورهايل آهي. جنهن ۾ ڪاڇو, ڪچو, ڪوهستان, لاڙ, اتر, ڊيلٽائي علائقا ۽ صحرائي ٿر شامل آهي. سنڌو درياھ جُڳنِ کان سنڌ جي اُڃاري ڌرتيءَ کي پنهنجي پاڪ، پوتر، اڇي، اُجرَي پاڻيءَ سان سيراب ڪندو رهيو آهي.پر تڏهن بہ بيئراجي علائقن کي ڇڏي ڪاڇي، ڪوهستان، ڊيلٽائي علائقن ۽ ٿر جي جيوت جو جياپو برساتن تي ئي آهي.
مِينهَن جو پاڻي ماڻهون ۽ سندن مال پئي ٿو ۽ فصل بہ ٿين ٿا. هتي جڏهن برساتون وسن ٿيون تہ مختلف قسم جا گاھ، وڻ، گل ٻوٽا ۽ ساوڪون ڦٽي پون ٿيون.
ڀٽائي ان سڄي منظر کي هن بيت ۾ فوڪس ڪيو آهي. جيئن برسات کان پوءِ قسمين قسمين گاھ، وڻ، گل ٻوٽا ۽ ساوڪون ڦٽي پون ٿيون. تيئن محبوب جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ کان هزارين غم، ڏک، تڪليفون، ايذاءَ، اهنج، عذاب ۽ اذيتون اُسري، نِسري جيءُ جهوري ۽ مَنَ کي ماندو ڪري وجهن ٿا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____


24/07/2015

گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻَين



گُوندَرَ گَڏِياسِ، صِحَتَ نِيَڙِيَمِ سَڄَڻَين
مادَرِ ! مارِياسِ، ڦوڙائَي پِرِيَ جَي


سُرُ رِپَ

گُوندَرَ = غَمَ
گَڏِياسِ = مليا اٿم، ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن
صِحَتَ = چاڪائي، تندرستي، خوشي
نِيَڙِيَمِ = پاڻ سان کڻي ويو، کسي ويو، کڻي ويو
سَڄَڻَين = سڄڻن، پرين، محبوبن
مادَرِ = ماءُ، امڙ، جيجل
ڦوڙائَي = فراق، جدائي، وڇوڙو، غم، عشق
پِرِيَ = پرينءَ، محبوب

بيت جو پس منظر

~ سور ساٿي بڻيا آهن، محبوب خوشيون پاڻ سان کڻي ويو آهي.
~ او جيجل ماءُ ! جانب جي جدائيءَ تہ مون کي ماري فنا ڪري ڇڏيو آهي.

سمجهاڻي

هن زندگيءَ ۾ جياپي جون شيون ڪيتريون ئي آهن، جن کان سواءِ جيئڻ مشڪل ٿيو پئي. اٽو، لٽو، اجهو ۽ ٻيون بنيادي ضرورت جون شيون، جن کان سوا زندگيءَ جو تصور بنھ اڻ پورو ٿو لڳي. پر ! شايد, محبوب ۽ ان جو پيار انهن سڀني شين کان مٿاهون، اُتم ۽ اعلي' ٿيندو آهي.
محبوب ئي تہ زندگي آهي، جنهن سوا ماڻهون نامڪمل ٿو لڳي. محبوب جي هڪ جهلڪ پسڻ سان رات جي اوجاڳيل اکين ۽ ڏينهن جَي وِلوڙ جا ٿڪ لهي وڃن ٿا. محبوب جَي ملڻ سان ئي تہ صدين جا سڪايل نيڻ ۽ مرجهايل ۽ ڪومايل دلين کي راحتون، فرحتون، مسرتون، سُرورُ ۽ سُڪون ملندو آهي.
محبوب رُسي وڃي تہ سڀ خوشيون ۽ مسرتون بہ پاڻ سان ساڻ کڻي ويندو آهي. تڏهن باقي بچندا آهن اوجاڳا، اوسيئڙا، عذاب، اذيتون ۽ ڪربناڪيون، جيڪي جيءَ کي جهوري ۽ روح رهڙي وجهنديون آهن. هر عاشق جي زندگيءَ جي ڪل ميراث ۽ ملڪيت محبوب سان ڪيل رهاڻيون ۽ ساروڻيون ئي هجن ٿيون. انهن جَي سهاري باقي زندگي لڙڪ لاڙيندي، آهون ۽ دانهون ڪندي ۽ سڏڪا ڀريندي گذارڻي پوندي آهي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءُ ! مُهِجو جِندَڙو



گُوندَرَ ڪِئو غَرَقُ، ماءُ ! مُهِجو جِندَڙو
ڏکويَنِ مَرَڪُ، مَٿَي سَڳرَ پَنڌِڙو

سُرُ رِپَ

رِپَ = پربت، آفت
گُوندَرَ = غم
ڪِئو = ڪيو
غَرَقُ = لوڙهي، ٻوڙي، نهوڙي ڇڏيو
مُهِجو = منهنجو
جِندَڙو = جان، جسم، بدن
مَرَڪُ = فخر
مَٿي = تي
سَڳَرَ = رستو، راھ، پيچرو، واٽ، گس، منزل

بيت جو پس منظر

~ او جيجل ماءُ ! غمن تہ منهنجي جسم کي نهوڙي فنا ڪري ڇڏيو آهي.
~ ڏکويلن لاءِ منزل جي ڳولا فخر جو باعث آهي.

سمجهاڻي

تڪليفون، ايذاءَ، عذاب ۽ اذيتون انسان جون ازل کان ساٿي ۽ دوست رهيون آهن. زندگيءَ جَي هن ڊگهي ۽ اڻانگي سفر ۾ جڏهن سڀ ساٿ ڇڏي اڪيلو ڪري ويندا آهن. تڏهن انسان جا اهي غم، ڳڻتيون، اوجاڳا، اوسيئڙا، انتظار ۽ ڀوڳنائون ئي مددگار بڻجي کيس ڏڍ، آٿت، اتساھ ۽ جيئڻ جو حوصلو ڏيندا آهن.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ ڏاڍ، جبر، ايذاءَ، عذاب، قيد، جيل ۽ کوليون ڏسي ڪڏهن بہ نہ گهٻرايو. پر نئين عزم، همٿ ۽ حوصلي سان محبوبَ ۽ منزلن جي تلاش، ڳولا، جاکوڙ ۽ جدوجهد جاري رکو. ڪاميابيون گلابن ۽ رابيلن جون مالهائون کڻي سدائين اوهان جون منتظر آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

23/07/2015

هَيٺِ جَرُ، مَٿَي مَڃَرُ، ڪَنڌِيَ ڪَونرَ تَرَنِ



هَيٺِ جَرُ، مَٿَي مَڃَرُ، ڪَنڌِيَ ڪَونرَ تَرَنِ
وَرِئَي واهُوندَنِ، ڪِنجُهرُ کَٿُورِي ٿِيَي

سُرُ ڪاموڏ

جَرُ = پاڻي
مَڃَرُ = وڻن جا جهڳٽا، وڻن جون لڙڪندڙ ٽاريون
ڪَنڌِيَ = ڪنارن ۽ ڪپن سان
ڪَونرَ = ڪنول، ڪنول جا گل
وَرِئَي = اچڻ سان، گُهلڻ سان
واهُوندَنِ = بهار جي مند جون هيرون، ٿڌيون هوائون، ڏکڻ جون هوائون
ڪِنجُهرُ = ڪينجهر ڍنڍ
کَٿُورِي = سرهاڻ، خوشبو، مهڪ، هٻڪار، هڳاءُ، عطر عنبير ۽ مشڪ
ٿِيَي = ٿئي

بيت جو پس منظر

~ هيٺ پاڻي، چوڌاري وڻن جا جهڳٽا ۽ ڪنارن سان ڪنول تري رهيا آهن.
~ جڏهن هيرون گُهلن ٿيون تہ سڄي ڪينجهر سرهاڻ سان واسجي ٿي وڃي.

سمجهاڻي

فطرت جا رنگين نظارا, حسناڪيون ۽ دلڪشيون ماڻهونءَ کي موهي مست ڪري ٿيون ڇڏين. فطرت جو حُسن دائمي آهي، جيڪوڪُن فََيڪُون کان شروع ٿي، ڪُل مَن عَلَيها فانِ تي اچي ختم ٿيندو. سمنڊ، درياھ، نديون، آبشار، بادل، جبل، ٻيلا، وڻ، گل ٻوٽا ۽ڍنڍون قدرت ۽ فطرت جا حسين شاهڪار آهن.
هن بيت پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو تہ ڀٽائيءَ جي هٿ ۾ قلم ۽ ڪاغذ جَي جاءِ تي ڪيميرا آهي. جنهن سان هو ڪينجهر ڍنڍ جَيدلڪش ۽ حَسِينُ نظارن کي فلمبند ڪري رهيو آهي. يا وري ڀٽائيءَ جَي هٿ ۾ ڪو برش آهي جنهن سان ڪينجهر جَي حسناڪينجِي چترڪاري ڪري رهيو آهي.
ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ساون چهچ وڻن جا جهڳٽا آهن جن جون لامون ۽ ڇُڳا لڙڪي رهيا آهن. هيٺ سوين ڪوهن تي ڦهليل اڇي، اُجري ۽ شفاف پاڻيءَ تي جڏهن سج جا ڪرڻا پون ٿا تہ ڪنهن وينگس جَي ڳلي جون مالهائون ڀاسن ٿيون. هي ڪنول جا گل پاڻيءَ ۾ تري ڪنهن ماھ لقا جَي آمد جو انتظار ڪري رهيا آهن.
هنن ساون وڻن، گلن ۽ ٻوٽن جَي مٿان جڏهن بسنت رُتِ جون ٿڌيون هوائون ۽ هِيرُون گُهلن ٿيون تہ سڄي ڪينجهر مهڪارن ۽هٻڪارن سان واسجي ٿي وڃي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____


13/07/2015

تِهَڙو ڪِنجَهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، جِهَڙِي سُنهَه سَندِياسِ



تِهَڙو ڪِنجَهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، جِهَڙِي سُنهَه سَندِياسِ
مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُڙا، مِڙئِي مَعافُ ٿِئاسِ
مُورِڇَلَ مَٿاسِ، اُڀو تماچِي تَي هَڻَي


سُرُ ڪاموڏ

ڪِنجَهرُ = ڪينجهر ڍنڍ - هي ڍنڍ ٺٽي ۽ جهرڪن جَي وچ ۾ هيلايا ٽڪريءَ جَي هيٺان آهي، چؤطرف گهٽا ٻيلا اٿس.
چون ٿا تہ ڄام تماچيءَ هيلايا ٽڪريءَ تي هڪ عاليشان ماڙي اڏائي هئي، جتي شڪار ڪري وڃي آرام ڪندو هئو.
ڪڏهن ڪڏهن نوريءَ کي وٺي وڃي رهاڻيون رچائيندو هو. ماڙي هاڻي ڦِٽِي وئي آهي پر نشان اڃان موجود آهن.
سُنھَ = سونهن، حُسنُ، جمالُ
سَندِياسِ = سندس ( نوريءَ جَي )
مَڏَ = مڇيءَ جا ڍير، ننڍڙي ٻيڙي
مِياڻِيُون = واحد مياڻي - اُها جاءِ جتي مهاڻا مڇيون ماري ڍير اچي ڍير ڪندا آهن.
مَڪُڙا = واحد مڪڙي، ننڍڙيون ٻيڙيون
ٿِئاسِ = ٿيس
مُورِڇَلَ = مور جي کنڀن مان ٺهيل پکو، وِڃڻو
مَٿاسِ = مٿانئس، کيس، نوريءَ جي مٿان
اُڀو = بيٺو
تَي = تنهنڪري

بيت جو پس منظر

~ جهڙو جمال نوريءَ کي هئو, اهڙي ڪينجهر ۾ ٻي ڪا مهاڻي نہ هئي.
~ نوري مڇي مارڻ جَي سڀني ڪمن کان آجي ٿي وئي.
~ تڏهن ئي تہ تماچي کيس مور جَي کنڀن مان جڙيل پکو بيٺو ٿو هڻي.

سمجهاڻي

ڪينجهر تي هر وقت ماڻهن جو ميلو متل ٿو رهي. هتي نہ رڳو مڇي پر بِيهَه، پٻڻ، پاٻوڙا ۽ پکين جو شڪار ڪيو وڃي ٿو. مهاڻن جا مٽيءَ جا ٺهيل ڪچا گهر، لانڍيون، مَنَهِيُون ۽ ڪکاوان گهر اڏيل آهن. هنن هزارين مهاڻين ۾ نوري تارن ۾ چنڊ جيان آهي. جهڙو حُسنُ، جمالُ، نازانداز، دلبريون، دلڪشيون، حسناڪيون ۽ گُهورَ سان گهائڻ جون ادائون نوريءَ ۾ هيون، اهڙي ڪا ڪينجهر ۾ ٻي مهاڻي نہ ھئي.
سُٽَ مان رَڇَ ٺاهڻ، ٻيڙي هلائڻ، مڇي مارڻ، کارين ۾ کڻي واٽن تي ويهي وڪڻڻ ۽ ٻيا پورهيا هاڻي نوري ڪونہ ڪندي. ڇو تہ هوءَ هاڻي ڄام تماچيءَ جَي سمين ۽ سومرين راڻين ۾ پَٽَ راڻي جو ٿي وئي آهي. هي عشق جِي انتها ۽ معراج آهي جو وقت جو راجا، حاڪم ۽ بادشاھ ڄام تماچي، نوريءَ جَي مٿان مور جَي کنڀن مان ٺهيل پکي جِي ڇانوَ ڪري بيٺو آهي. جڏهن اُسَ تکي ۽ تيز ٿئي ٿي تہ ڄام تماچي پکو هڻي سندس پگهر ٿو سُڪائي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

12/07/2015

مي مَڇِيَ ۾ هَٿَڙا، وَيٺِي ڪَرَي وَرَنَ



مي مَڇِيَ ۾ هَٿَڙا، وَيٺِي ڪَرَي وَرَنَ
راءِ اَڳِهِم رَکِيِي، مُهاڻِي مَنجِھ مَنَ
تماچِيَ جَي تَنَ، ڳالِيُون چَيُسِ ڳُجِهيُون


سُرُ ڪاموڏ

مي = مهاڻي ( نوري )
وَرَنَ = رنگ روپ، ناز انداز، ادائون
راءِ = راجا، بادشاهه، ڄام تماچي
اَڳِهِم = اڳهين، اڳي ئي، اصل کان، ازل کان
رَکِيِي = رکي هئي، سانڍيل هئي، سمايل هئي
مَنجِهه مَنَ = دل ۾، من ۾، اندر ۾، سيني ۾
تَنَ = بدن، جسم
ڳالِيُون = ڳالهيون، رهاڻيون
ڳُجِهيُون = راز، اندر جون ڳالهيون

بيت جو پس منظر

~ هٿن ۾ مڇي هوندي، نوريءَ جا ناز انداز ڏسڻ وٽان آهن.
~ ڄام تماچيءَ جي دل ۾ نوري اڳ ئي سمايل هئي.
~ سو تنهنڪري نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي جسمن پاڻ ۾ ملي رهاڻيون ڪيون.

سمجهاڻي

نوري مهاڻي هئي، سندن نڪي ڪي پڪا گهر اڏيل هئا ۽ نہ وري ڪو مال ملڪيت. سندن کائڻ پيئڻ، رهڻ ۽ سمهڻ ٻيڙيءَ تي ٿيندو هو. مرد توڙي مايون مڇي ماري وڪڻندا هئا ۽ پيٽ پاليندا هئا. پر جيئن ڍنڍ ۾ ڪنول ٽڙندو آهي تيئن مهاڻين ۾ بہ نوريءَ جي حُسنَ جا هُلَ هليل هئا. سندس سونهن سوڀيا، حسناڪيون ۽ ادائون ماڻهن کي موهي وجهنديون هيون.
ڄام تماچيءَ جي روح ۾ الست واري واعدي کان ئي نوري سمايل هئي. سندس لکيو پنهنجي ڪنهن مهاڻي سان نہ پر وقت جي حاڪم ڄام تماچيءَ سان ٿيڻو هيو. جڏهن نوريءَ جو نڪاح ڄام تماچيءَ سان ٿيو تہ جُڳنِ ۽ صدين جا سڪايل سرير هڪٻئي ۾ سمائجي ويا.
ڄام تماچيءَ پنهنجي بادشاھي نوريءَ جَي ناسي نيڻن حوالي ڪري ڇڏي تہ، وري نوريءَ بہ پنهنجو بخملي بدن ڄام تماچيءَ جي حوالي ڪرڻ جو وچن ورجايو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

11/07/2015

نُورِيَ جَي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ



نُورِيَ جَي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ هوءِ
سَمُون سِرُ سَڀَنِ ۾، مِي مُورَڇِئو سوءِ
اَچِئو اُڀِيُنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِيَين


سُرُ ڪاموڏ

نُورِي = ڄام تماچيءَ جي محبوبا - نوري هونئن تہ مهاڻي هئي پر سونهن سندرتا ۾ ڪا اُپسرا ۽ ڪوھ ڪاف جي پري لڳندي هئي.
نِيازُ = نوڙت، عاجزي، انڪساري
اَجَهلُ = ڳاڻيٽي کان ٻاهر، وڌيڪ، سرس، نهايت
هوءِ = هئي, لڳندي هئي
سَمُون = هڪ ذات, سمون ڄام
مِي = مهاڻي ( نوري ) - مي مهاڻن جي هڪ ذات آهي
مُورَڇِئو = موهيو، مست ڪيو، سحر طاري ڪيو
سوءِ = سو
اُڀِيَنِ = بيهن، پٺيان، مرتبي ۾ هيٺ
حُجَتَ = ڌاڪو، لَئَي، مرتبو، دعوي'
ڀَڳِي = ختم ڪئي، ڀوراڀورا ٿي وئي
راڻِيَين = راڻين جي، بادشاھزادين جي

بيت جو پس منظر
~ نوريءَ جي نوڙت انتها درجي جِي عجيب ۽ حيران ڪندڙ هئي.
~ سمون جيڪو سڀني راڻين جو سردار هيو، تنهن کي مهاڻيءَ موهي وڌو.
~ سڀ راڻيون نوريءَ جي پٺيان ٿيون بيهن، سندن دعوائون ڀڄي ڀورا ٿي ويون.

سمجهاڻي

نوري هونئن تہ مهاڻي هئي پر سندس نوڙت، عاجزي ۽ انڪساري ڪمال جي هئي. نوريءَ جي نماڻائي ۽ هيٺاهين سڀني راڻين کان مختلف، منفرد ۽ حيران ڪندڙ هئي. نوريَ جيتوڻيڪ بخملي ويس وڳن، پٽ ۽ ريشم جي پوشاڪن، تيل ڦليل ۽ هارسينگار جي هيراڪ ڪونہ هئي، پر ڄام تماچي جيڪو سڀني راڻين جو سردار هيو ان کي نوريءَ جي نوڙت، عاجزي ۽ انڪساريءَ موهي وڌو هو.
ڄام تماچي جڏهن محلات اندر ايندو هيو تہ سڀ راڻيون هٿ ادب جا ٻڌي نوريءَ جي پٺيان ڪنڌ هيٺ ڪري بيهنديون هيون. نوري نہ رڳو پنهنجي سونهن سوڀيا پر پيار، پنهنجائپ، پاٻوھ ۽ عاجزيءَ ذريعي سڀني راڻين جون دعوائون ڌوڙ ڪري ڇڏيون هيون.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____



سوڍا ! صَبرُ تُهِجَو، مَرَڪُ لَڄايُنِ



سوڍا ! صَبرُ تُهِجَو، مَرَڪُ لَڄايُنِ
چُپِ سِين جَي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجَي اُنِ جو


سُرُ مُوملَ رَاڻَو

تُهِجَو = تنهنجو
مَرَڪُ = فخر
لَڄايُنِ = لڄي ٿيندڙ، شرمسار ٿيندڙ، حياءَ ۾ ٻڏل
چُپِ = خاموشي، ماٺ، صبر
اَدَبُ = لحاظ، خيال رکڻ، اهميت ڏيڻ
اُنِ جو= انهن جو

بيت جو پس منظر

~ سوڍا ! تنهنجو صبر حياءَ ۾ ٻُڏِلِيُنِ لاءِ فخر جو باعث آهي.
~ جن جِي ماٺ ئي ڪلام ۽ نصيحت برابر آهي، تن جو لحاظ ڪرڻ گهرجي.

سمجهاڻي

راڻَي جڏهن مومل کي غير مرد سان ستل ڏٺو هو تہ خيال آيس ٻنهي کي ڪهاڙي هڻي ڳڀاڳڀا ڪيان، پر ايئين نہ ڪيائين.
راڻي زهر جو ڍڪ پي، مومل جَي پاسي ۾ لڪڻ رکي، خاموشيءَ سان ڪاڪ محل مان نڪري ڍٽ هليو آيو.
مومل چئي ٿي :
او سوڍا ! تو جيڪي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ان تي خاموشي اختيار ڪئي. تنهنجو اهو عمل پنهنجي لڄ ۾ ٻڏي وَيَلِنِ لاءِ فخر جو باعث آهي. تنهنجو مسلسل ماٺ رهڻ، ڪنهن سان ڳالھ نہ ڪرڻ ويتر منهنجي دل ۾ تنهنجي لاءِ لکين عزتون ۽ احترام پيدا ٿيا آهن.
ڪارو ڪاريءَ جي هي ڪُڌِي رسم سنڌ ۾ واپار جِي شڪل اختيار ڪندي پئي وڃي. اڳي اوطاقون جتي تفريح ۽ مهمان نوازيءَ جي علامت هيون اُتي هاڻي ظالم پير، وحشي وڏيرا ۽ جرڳائي جاگيردار نياڻين جي قسمتن جا فيصلا
ڪن ٿا.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ قيمتي انساني جانيون ضايع ڪرڻ کان اڳ، اهڙن معاملن ۾ سوچ ويچار، غورفڪر، سنجيدگي، اورچائي ۽ ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

09/07/2015

تَنِ باغِئُون بَسِ، جَي ڪَنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا



تَنِ باغِئُون بَسِ، جَي ڪَنڌِيَ ڪاڪِ ڪَڪورِيا
سوڍَي رِيَ سَرَتِيُون !، ڪاڪِ نَہ اَچَي ڪَسِ
رَاڻَي پائَي رَسِ، تَنُ ٻَيڙِيَ جِنءَ تاڻِيو


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

باغِئُون = باغن کان
ڪَنڌِيَ = ڪپ تي، ڪناري تي
ڪَڪورِيا = ڦولاريا، بهاريا، گلن سان ٽڙي پيا
رِيَ = ريءَ، کان سواءِ
ڪَسِ = پسند، وڻي، راسِ اچي
رَسِ = رَسَو، رَسِي، نوڙُ - جنهن سان ٻيڙي ٻڌبي آهي.
تَنُ = جسم، بدن، بُت
جِنءَ = جيئن
تاڻِيو = ٻَڌَو، ٻَڌِي ڇڏيو، سَٽَ ڏئي ڇڪي ٻڌي ڇڏيو

بيت جو پس منظر

~ جَي ڪاڪِ ڪنڌيءَ ڦولاريا آهن، مون تن باغن کان ئي بس ڪئي.
~ او سرتيون ! سوڍي کان سواءِ ڪاڪ مون کي بنهه نٿي وڻي.
~ راڻو مون کي ٻيڙيءَ جَي رَسَي جيان پاڻ سان ٻڌي هليو ويو آهي.

سمجهاڻي

جڏهن ڪاڪ محل جوڙايو ٿي ويو تڏهن مومل پنهنجي سياڻي ڀيڻ سومل جَي صلاح سان، محل جَي چوڌاري عمده ۽ خوشنما باغ به رکرايا هئا. جنهن ۾ مختلف قسم جا ميوي دار ۽ خوبصورت وڻ، گلاب، رابيل، چنبيلي، رات جِي راڻِي ۽ قسمين قسمين رنگن ۽ خوشبووئن وارا گل ٻوٽا ڪنارين ۾ پوکايا هئا. مومل چئي ٿي :
روزاني صبح ۽ شام راڻَي جي هٿ ۾ هٿ ڏئي اسين باغن جو سير ڪرڻ ويندا هئاسين. وڻن ۽ حسين گلن ٻوٽن جِي مهڪ سان سڄو وايو منڊل واسجي خوشبو خوشبو ٿي پوندو هئو. راڻو جڏهن ڪو خوبصورت گل پٽي منهنجي ريشمي زلفن ۾ لڳائيندو هو تہ مان گلن جيان ٽڙي پوندي هيسِ.
او سرتيون ! هاڻي اهي باغ، گل ٻوٽا، هٻڪارون ۽ ڪاڪِ بنهه نٿي وڻي، ڇو تہ راڻو جو مون کان رُسِي ويو آهي. راڻو منهنجي سِرَ، ساهه ۽ سرير کي پنهنجي پيار جي زنجير سان ويڙهي، وڪوڙي، قابو ڪري ٻَيڙِيءَ جيان ٻَڌِي هليو ويو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

08/07/2015

وَيٺِي نِتُ نِهارِيان، راڻا ! تُهِجو راهُ



وَيٺِي نِتُ نِهارِيان، راڻا ! تُهِجو راهُ
موٽائَي ماڳنِ تَي، آڻِيندَوءِ اللهُ
سوڍا تو ڳَرِ ساهُ، ناتَ راڻا گهڻا راڄَ ۾


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

نِتُ = هرهر، وري وري
تُهِجَو = تنهنجو
راهُ = دڳ، واٽون، گس، اچڻ جا رستا
ماڳنِ = هنڌن، جاين
آڻِيندَوءِ = آڻيندئي
ڳَرِ = وَٽِ، ڳچيءَ، قبضي ۾، هٿ ۾
ناتَ = نه ته

بيت جو پس منظر

~ او راڻا ! دڳن ۾ ديدون لائي تنهنجي راھ پئي تڪيان ويٺي.
~ شال مولا پاڪ وري هنن ماڳن تي موٽائي آڻيندئي.
~ سوڍا ! تو ۾ منهنجو ساھ آهي، نه ته ملڪ ۾ راڻا تہ ٻيا به گهڻا آهن.

سمجهاڻي

دل جو دلبر تہ هڪڙو ئي ٿيندو آهي، توڙي جو حَسِنُ ۽ دلربا ماڻهن سان هيءَ دنيا ڀري پئي آهي. پر ڇا ڪجي چري دل کي جيڪا ڪنهن هڪ لاءِ ئي ڌڙڪندي آهي. هي اکيون تہ ان ئي پرينءَ جو اوسيئڙو ۽ انتظار ڪنديون آهن. جنهن سوا پل بہ ناهي گذرندو، جيڪو سر ساهه جو وارث ۽ مالڪ هجي ٿو.
راڻَي جي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل پنهنجا ناسي نيڻ راڻَي جَي راهن ۾ وڇائي رات ڏينهن، هر گهڙي ۽ هر پل راڻَي جو ئي انتظار ڪندي رهي ٿي. مومل چئي ٿي :
او منهنجا محبوب ! مون کي ڀروسو آهي تہ تون ضرور هڪ ڏينهن هن ويران ۽ سُنسان ڪاڪِ کي اچي آباد ڪندين. پنهنجي مومل کي هنج ۾ ۽ ڀاڪر ۾ ڪري پيار ونڊيندين.
او راڻا ! منهنجو هي ساهه تنهنجي قبضي ۾ آهي ۽ مان صرف تنهنجي ئي آهيان. هن مَنَ جَي مَندرَ ۾ هڪڙي ئي مُورتَ آهي جيڪا تنهنجي ئي آهي، نت ته ملڪ ۾ راڻا ٻيا بہ ڪيترائي آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

07/07/2015

راڻَي رِڻُ ڪِئو، جَيڏِيُون ! مُهِجَي جِيَ سِين



راڻَي رِڻُ ڪِئو، جَيڏِيُون ! مُهِجَي جِيَ سِين
مَنُ مَيڌِرَي وَڍِئو، ڌُٻِي ڌَڙُ پِئو
ٻُجَهان ٻَهَرِ وِئو، هِيُون هَنڌِ نه هَيڪَڙَي


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

رِڻُ ڪِئو = برباد ڪيو، ظلم، قهر، ڪِيسُ ، بغداد ڪيو، تباهه ڪيو
مُهِجَي = منهنجي
جِيَ سِين = ساھ سان، روح، بدن، دل ۽ مَنَ سان
وَڍِئو = ڪپيو، ٽڪرٽڪر ڪيو، ڳڀاڳڀا ۽ ذراذرا ڪيو
ڌُٻِي = ڌُڏِي، لرزي
ڌَڙُ = جسم، بدن، جانِ
پِئو = پيو
ٻُجَهان = سمجهان ٿي، ڀانيان ٿي
ٻَهَرِ = ٻاهر
هِيُون = هنيانءُ، مَنُ، دل، ساهه

بيت جو پس منظر

~ او سرتيون ! راڻَي منهنجي جانِ سان وڏو ظلم ڪيو آهي.
~ راڻَي منهنجي دل کي ڪپي ڳڀاڳڀا ڪري وڌوآهي، ۽ بدن لرزجي پيو آهي.
~ سمجهان ٿي مَنُ هڪ جاءِ تي ناهي، شايد راڻَي جَي ڳولا ۾ آهي.

سمجهاڻي

راڻَي جَي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل کي سرتيون سمجهائڻ ۽ آٿت ڏيڻ لا۽ گڏ ٿيون آهن. مومل جَي الماسي اکڙين مان لڙڪن لارون بس ئي نٿيون ڪن.
سهيلين جَي سمجهائڻ تي مومل سڏڪا ڀريندي چئي ٿي :
او سرتيون ! راڻَي مون سان قهر ڪيو آ، ڪِيسُ ڪيو آ ۽ ظلم ڪيو آ. هاڻي اڪيلي سر هيءَ زندگي ڪيئن گذارينديس. منهنجي محبوب مينڌري دل کي وڍي ٽڪرٽڪر ۽ ذراذرا ڪري ڇڏيو آهي. جيئن زلزلي ۾ شيون لڏنديون لمنديون آهن ايئين دل سيني ۾ ڦٿڪي ٿي پئي. ڀانيان ٿي دل سيني مان نڪري راڻَي کي ريجهائڻ ۽ پرچائي وٺي اچڻ لاءِ سندس پويان
ويل آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

06/07/2015

سَوڍَي سِرُ نِئو، هِتِ ڪَرَنگَهرُ سَکِڻو



سَوڍَي سِرُ نِئو، هِتِ ڪَرَنگَهرُ سَکِڻو
راڻَي جَي رِهاڻِ کَي، سِڪِي ساهُه پِئو
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تو رِيَ اَکَڙِيَنِ سِين


سُرُ مُوملَ راڻَو

سِرُ = ساهه، روح
نِئو = پاڻ سان کڻي ويو
ڪَرَنگَهرُ = هڏائون پنڃرو، بُتُ، بدن
سَکِڻو = خالي، فقط
رِهاڻِ = صحبت، ڪچهري
پَسان = ڏَسان

بيت جو پس منظر

~ سوڍو منهنجو ساھ پاڻ سان کڻي ويو آهي، هتي هڏائون پنڃرو وڃي بچيو آهي.
~ راڻَي جَي رهاڻين ۽ صحبتن لاءِ ساھ سِڪَي ٿو.
~ او راڻا ! توکان سواءِ هنن اکين کي ٻيو ڪجھ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

سمجهاڻي

سائنسي حوالي سان ڀلي اهيا ڳالھ سچ نہ بہ کڻي هجي تہ ڪنهن ماڻهونءَ جو ساھ ڪنهن ٻئي ماڻهونءَ ۾ هوندو آهي. پر پيار جَي بين الاقوامي نظريي مطابق هر عاشق جو ساھ پنهنجي محبوب ۾ ئي هوندو آهي. جڏهن محبوب گڏ هوندو آهي، هنج ۽ ڀاڪر ۾ هوندو آهي تہ ساھ بہ سرير ۾ هوندو آهي. جڏهن محبوب جدا ٿي هليو ويندو آهي تہ ساھ بہ پاڻ سان گڏ کڻي هليو ويندو آهي.
راڻو جڏهن رُسِي مومل کي اڪيلو ڪري هليو ويو آهي تڏهن مومل چئي ٿي :
منهنجو ساھ ۽ روح راڻو پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي. هتي باقي بچيو آهي هڏائون پنڃرو، خالي هڏن مُٺِ. ڪي ڏينهن هيا جو راڻو پنهنجي ٻانهن ورائي منهنجي ڪنڌ هيٺان ڏيندو هو. پيار ونڊيندي راتيون گذري وينديون هيون. آئون راڻَي جَي هنج ۽ ڀاڪر ۾ سمهندي هيس. هاڻي تہ راڻي جَي رهاڻين ۽ صحبتن لاءِ سڪان ٿي.
او راڻا ! تون يقين ڪر، تو سوا هنن اکڙين سان ڪنهن غير مرد ڏي نهارڻ پاپ ۽ گناھ ٿي سمجهان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

لُڊَوڻِئا لَطِيفُ چَي، کَٽُون کَنيائُون



لُڊَوڻِئا لَطِيفُ چَي، کَٽُون کَنيائُون
ڇَڏَي حِيلَا هَلِئا، مُومَلَ مارِيائُون
ڀَيرَو ڀَڳائُون، آسَڻَ آرامِي ٿِئا


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

لُڊَوڻِئا = لڊاڻي مان
چَي = چئي
کَٽُون کَنيائُون = تعلق ختم ڪيائون، ڇِنِي ڇڏيائون
حِيلَا = آهون، دانهون، ايلاز، منٿون
ڀَيرو ڀَڳائُون = اچڻ ڇڏي ڏنائون
آسَڻَ = جڳهون، گهر

بيت جو پس منظر

~ لُڊَاڻَي سان سڀ رشتا ناتا ڇني ڇڏيائون.
~ آهُنِ ۽ دانهُنِ کي نظر انداز ڪري، مومل کي ماري هليا ويا.
~ ڪاڪ اچڻ ڇڏي ڏنائون، پنهنجي گهر آرامي ٿيا.

سمجهاڻي

محبوب، جيڪي سر ساھ جا مالڪ ٿين ٿا، جن جي ڏٺي ڏينهن ٿئي ٿو ۽ رس رهاڻيون ڪندي راتيون گذرن ٿيون. جيڪي ساڻ آهن تہ ڄڻ ڪائنات مُٺِ ۾ بند آهي، جڏهن جدا ٿين ٿا تہ اکيون ۽ دل رت جا ڳوڙها ڳاڙن ٿيون.
هاڻي لُڊاڻَي سان، ڪاڪِ ۽ مومل سان سڀ سنڱ ڇني، راڻو ڪاڪِ مان رُسِي هليو ويو آهي. راڻَي موملَ جي آزين، ايلازن، منٿن ۽ ٻانهُنِ ٻڌڻ کي ڪوبہ مانُ ۽ مڃتا ناهي ڏني. هميشهه لاءِ وڇوڙي جو داغ ڏئي راڻَو موملَ کي ماري ويو آهي.
سڀ سُٻَنڌَ تہ راڻَي اڳ ئي ختم ڪيا ها، هاڻي ڪاڪِ اچڻ بہ ڇڏي ڏنائين. مومل کي اڪيلو ڪري راڻَو پاڻَ ڍَٽ جي محلاتن ۾ آرامي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

04/07/2015

کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻَا وَيههُ رَهِي



کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾، راڻَا وَيههُ رَهِي
ماڙهُو جَي مَحَلاتِ جا، سوڍَا ڪَرِ سَهِي
وَيندَئِي ڳالهِه وَهِي، وِڪَرِ پَوَندَين وَلَها


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

کوڙِ = کوڙي، هڻي، لڳائي
قَناتُون = خيما، تنبو، شاميانا
ماڙهُو = ماڻهون
ڪَجِ سَهِي = جاچ ڪر، پڇاڳاڇا ڪر، ڳولا ڪر
وَهِي = هٿن مان هلي، نڪري
وِڪَرِ = فڪر، ڳڻتيون، پڇتاءُ، پشيماني
وَلَها = منهنجا گهوٽ، مڙس، ڀُتار، ڪانڌ

بيت جو پس منظر

~ او راڻا ! ڪاڪِ ۾ تنبو هڻي اچي رھ.
~ او سوڍا محلات ۾ جيڪي ماڻهون رهن ٿا، انهن کان جاچ ڪر.
~ او منهنجا وَرَ ! جڏهن ڳالھ هٿن مان نڪري ويندئي، ڏاڍو پريشان ٿيندين.

سمجهاڻي

راڻَي جڏهن مومل کي ڪنهن غير مرد سان ڀاڪر پائي ستل ڏٺو هو تہ سندس غيرت جوش ۾ آئي هئي ۽ ڪجهه ڪرڻ کان اڳ، مومل جي پاسي ۾ لڪڻ رکي واپس ڍٽ هليو ويو هو. مومل راڻَي ڏانهن نياپو ڪندي چئي ٿي :
او راڻا ! توکي جنهن ڳالھ جو شڪ آهي تَنهِن جَي پَڪَ ڪرڻ لاءِ ڪاڪِ ۾ الڳ شاميانو هڻي اچي رهي پئو. توکي قسم آهي منهنجي پيار جو جنهن سبب ڪاوڙجي ڇڏي هليو ويو آهين. ان جي تحقيق ڪر، جاچ لهه انهن ماڻهن کان جيڪي ان ويل محلات ۾ موجود هئا تہ مان ڪنهن سان ستل هُيَسِ.
او منهنجا گهوٽ ! جَي تو ايئين نہ ڪيو تہ ڳالهه هٿن مان نڪري ويندي ۽ سڄي زندگي مون کي بي ڏوھ سزا ڏيڻ جَي ڪري پڇتائيندو رهندين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

لَوڌِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻَي جَي ناهِ ڪو



لَوڌِي لَکَ اَچَنِ، رُوءِ راڻَي جَي ناهِ ڪو
هِڪُ اَکِيُون، ٻِئا اَنڱِڙا، پَرِ ۾ ٿا پَچَنِ
سَي ڪِنءَ مَيڌِرا مَچَنِ؟ جَي تو سُورِيَ چاڙهِيُون


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

لَوڌِي = شڪاري، تڙجي نڪتل، لڊاڻي وارا، سڌڙيا
رُوءِ = صورت، شڪل، رونق
اَنڱِڙا = عضوا، انگَ
پَرِ ۾ = ڳجھ ۾، لڪ ڇپ ۾
پَچَنِ = جلن، سڙن، سيخ ڪباب ٿين
ڪِنءَ = ڪيئن
مَيڌِرا = مينڌرا، راڻا
مَچَن = خوش گذارن
سُورِيَ = ڦاسيءَ

بيت جو پس منظر

~ ڪاڪ تي لکين سڌڙيا ٿا اچن، پر انهن سڀني ۾ راڻي جهڙو ڪوئي ناهي.
~ هنن ٻنهي اکين سوڌو سڄي بدن ۾ آڳ لڳل آهي.
~ او راڻا ! اُهي ڪيئن خوش گذارينديون جن کي جيئري ئي تو ڦاهيءَ ڏئي ڇڏي آهي.

سمجهاڻي

مومل جيڪو ڪاڪ نديءَ جي ڪپ تي ڪاڪ محل جوڙايو هو ان جَي گلن جِي سرهاڻ ۽ مومل جي حُسنَ جي هاڪ پري پري تائين پکڙجي وئي آهي. هتي نہ رڳو ڏيهي پر پرڏيهي ملڪن جا واپاري، سياح ۽ شهزادا مومل جَي الماسي اکڙين ۽ حُسنَ جو واس وٺڻ لاءِ، ڀونئر جيان لڊاڻي تي لامارا ڏيندا هئا ۽ پوءِ ڪيئي گهوٽ گهائجي ويندا هئا. انهن لکين عاشقن مان مومل راڻَي جي ڪلهن تي پوندڙ ڪارن زلفن، نشيلن نيڻن، چنڊ جهڙي چهري ۽ ڏاهپ جِي اسير بڻي هئي.
هاڻي جڏهن راڻو رُسي ويو آهي تڏهن مومل پنهنجي انبوري اکڙين مان وڏڦڙو مينهن وسائيندي چئي ٿي :
او راڻا ! هي ناسي نيڻ ۽ بخملي بدن تنهنجي وڇوڙي ۾ سيخ ڪباب جيان جلي ۽ سڙي رهيا آهن. هي تنهنجي حسن جون هيراڪ عاشقياڻيون تو سوا ڀلا ڪيئن خوش گذارينديون، جن کي جيئري تو ٽياس تي ٽنگي ڇڏيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

02/07/2015

پَسُ توشَڪُون تَڪِيا، سَي ئِي وِهاڻَا




پَسُ توشَڪُون تَڪِيا، سَي ئِي وِهاڻَا
پَسِئو هَنڌَ پَچَي هِيِون، جَي حَبِيبَنِ هاڻَا
هِڪُ ڏُنگا ڏاڏاڻَا، ٻِئو موٽِيو تان نَہ مَينڌِرَو


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

پَسُ = ڏِسُ، اچي ڏس
توشَڪُون = گاديلا، پٿرڻيون
تَڪِيا = طول وهاڻا
پَسِئو = ڏسئو
هَنڌَ = بسترا، چادرون، ڪمبل
پَچِي = جَلِي، سَڙِي
هِيِون = دل، مَنُ
حَبِيبَنِ هاڻَا = جن تي محبوب سُتا آهن
ڏُنگا = داٻا، دڙڪا، ڌمڪيون، دهمان
ڏاڏاڻَا = ڏاڏاڻن کان

بيت جو پس منظر

مومل چئي ٿي :
~ او راڻا ! هي خالي گاديلا، پٿرڻيون، پلنگ ۽ وهاڻا تہ اچي ڏسي وڃ.
~ اُهي بسترا جن تي مومل راڻَي سان رهاڻيون ڪندي هئي ڏسيو من کي باھ لڳي ٿي وڃيسِ.
~ هڪ پاسي ڏاڏاڻن جا دڙڪا تہ ٻئي پاسي راڻو بہ نہ آيو.

سمجهاڻي

جڏهن محبوب ڪاوڙجي هليا ويندا آهن تہ سندس استمعال ڪيل شيون جيڪي محبوب جون نشانيون بہ هونديون آهن. چمي ڪڏهن اکين سان لائبيون آهن تہ ڪڏهن ڇاتيءَ سان. اهي محبوب جون ڇڏيل نشانيون ڏسي ڪڏهن تہ خوشي ۽ سرهائي محسوس ٿيندي آهي تہ وري ڪڏهن اکين جا بند ڀڄي پوندا آهن.
اڄ ڪاڪِ تي سانت ڇانيل آهي ويراني ۽ اُداسي آهي چوطرف، مومل جو سڀ ڪجھ لٽجي ويو آهي، راڻو جو رُسِي ويو آهي. ڪاڪِ جو اُهو بيڊ روم جيڪو صرف مومل ۽ راڻَي جي رهاڻين لاءِ مخصوص هو. ان جا خالي پلنگ ڏسي مومل کي راڻو ڏاڍو ياد پيو اچي.
مومل جڏهن ريشمي ۽ بخملي شاهاڻا هنڌ بسترا ٿي ڏسي، جن تي راڻي جي وڪوڙيل ٻانهن تي ننڊ تي ڪندي هئي. راڻَي جي هنج ۽ ڀاڪر ۾ سمهندي هئي تہ سندس ڳچ ڳري ٿا پون، جيءُ جُهري ۽ جان جلي وڃي ٿي.
مومل اڄ ٻٽي ويل ۾ آهي، هڪ پاسي مائٽن جا دڙڪا تہ وري ٻئي پاسي راڻَي بہ اچڻ جِي نہ ڪئي. اڄ مومل کي ڪو آٿت ڏيڻ ۽ ڳلن تان ڳوڙهن اگهڻ وارو ڪير بہ نہ ناهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

01/07/2015

حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻَو



حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻَو
فِدا ٿِيَ فَقِيرِ جو، شَلَ رُسَي مَ رَاڻَو
مُيِنِ سِين ماڻَو، مُناسِبُ نَہ مَيڌِرا


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

قُربانُ = صدقو ڪيان، فدا ڪيان، گهوريان
لُڊَاڻَو = پراڻو نالو لودورو- جيسلمير ڀرسان جبل ٽڪريءَ تي اڏيل شهر جو نالو، لڊاڻو ڏهين کان ٻارهين صدي عيسويءَ تائين راجپوتن جَي گاديءَ جو هنڌ هو. شهر کي ٻارهن دروازا ۽ ٻہ وڏا مندر هئا هڪ ماتا جو مندر ۽ ٻيو پارشو ناٿ جو مندر.
فَقِيرِ = فقيرياڻي، جوڳياڻي
مَ = نہ
مُيِنِ = مئلن سان، قرب جي ڪٺلن سان
ماڻَو = رُسامو، ليکو، ڪاوڙ، ڏمر

بيت جو پس منظر

مومل چئي ٿي:
~ راڻَي تان تنُ، منُ، ڌنُ ۽ لُڊاڻَو بہ گهوري ڇڏيان.
~ شال راڻو هن فقيرياڻيءَ سان نہ رُسَي.
~ او راڻا ! جيڪي تنهنجي قرب ڪُٺِيُون آهن تن سان ليکا نہ ڪر.

سمجهاڻي

محبوب اهڙي ملڪيت، املھ ماڻڪ ۽ انمول هيرو آهي, جنهن تان سڀ ڪجھ صدقو ڪرڻ لاءِ دل چوندي آهي. تڏهن ئي تہ مومل پنهنجو سر ساھ، سُونهَن سُندرتا، مال دولت، ڪاڪ محل ۽ لُڊاڻَو بہ گهورڻ لاءِ آتي آهي.
جڏهن راڻو رُسِي ڍٽِ هليو ۽ موٽڻ جِي نہ ڪيائين تڏهن مومل ڪارو ويس ڍڪي فقيرياڻي ۽ جوڳياڻي بڻجي راڻَي کي پرچائڻ لاءِ سندس ڍٽ واري محلات جَي سامهون، هڪ عاليشان ماڙي جوڙائي رهڻ لڳي هئي. جنهن جا ڦٽل نشان اڄ تائين امر ڪوٽ کان سڏ پنڌ تي موجود آهن.
راڻَي سان چوپَڙِ راند ڪندي نقاب پهريل مومل جي ٻانهَن تان ڪپڙو لهي ويو. راڻَي ٻانهَن جو تِرُ ڏسي سڃاڻي ورتو تہ
هيءَ مومل آهي. راڻَي مُنهُن ڦيريو تہ مومل سندس پيرن تي ڪري پئي، ٻانهون ٻڌي ايلاز منٿون ڪندي چيائينسِ :
ڏس راڻا ! تنهنجي عشق ۾ جيڪي قتل ٿيل آهن تن سان هي رنجشون ۽ رُوساما نہ ڪر، مون کي معافي ڏي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____