29/09/2015

جِنءَ سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگردان سَنسارَ ۾



جِنءَ سو هَرَڻُ هُماءُ، سَرگردان سَنسارَ ۾
هِيُ پَڳُ نہ کوڙَي پَٽِيَين، هُو ڌڙ سِرِ ڌرَي نہ ساهُ
جَيڪُسِ تَنِ مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرايا


سر ديسي سسئي

هَرَڻُ = هڪ قسم جو هڪ نريو هرڻ جنهن جي دُنَ ۾ مُشڪ جو ٻِيڙو ٿيندو آهي. هرڻ کي اها خبر ناهي هوندي تہ اها خوشبو ڪٿان اچي ٿي. تنهنڪري هر وقت ان کي ڳوليندي ڊوڙندو وتندو آهي.
هُماءُ = هي هڪ قسم جو وهمي يا خيالي پکي آهي جيڪو عقاب جيان ٿيندو آهي. سدائين پيو آسمان ۾ اڏامندو آهي . ڏند ڪٿائي روايتن مطابق سندس پاڇو جنهن ماڻهون تي پيو سو بادشاھ يا بخت وارو ٿيندو.
سرگردان = حيران، پريشان، چوڌاري ڦرندڙ، سک سان نہ ويهندڙ.
سَنسارُ = جڳ، جهان، دنيا
پَڳُ = پير، قدم
پَٽِيَين = پَٽَ تي، زمين تي
ڌڙ سِرِ ڌري نہ ساهُ = پنهنجي ڌڙ ۾ ساھ نٿو رکي
جَيڪُسِ = شايد، يا تہ
مُلاءُ = وٽان طرفان، کان

بيت جو پس منظر

~ جيئن هرڻ ۽ هُما پکيءَ کي جڳ ۾ سڪون ناهي.
~ جيئن هرڻ زمين تي پير نٿو کوڙي ۽ هُما هميشهه بي آرام ۽ بي قرار آهي.
~ تيئن سسئيءَ بہ شايد انهن وٽان سور پرايا آهن.

سمجهاڻي

محبوب زندگي آهي، سر ساھ جو مالڪ ٿييندو آهي. ان جي وڇوڙي جو غذاب، اذيتون، پيڙائون، ڀوڳنائون، اوجاڳا ۽ اوسيئڙا جيءُ جهوري وجهندا آهن. نيڻن مان ننڊ ڀڙڪو کائي اڏامي هلي ويندي آهي. اکين جي پنبڻين مان موتين مالهائون وسي ڪنهن برسات جو ڏيک ڏينديون آهن. محبوب سواءِ سُک ۽ چين ڦٽي ويندو آهي.
پنهونءَ پڄاڻان سسئي حيران ۽ پريشان آهي، سندس سک ۽ آرام ڦٽل آهي. هوءَ هر وقت هرڻ جيان جتن جي قافلي پٺيان ڊوڙندي ٿي وڃي.
سسئيءَ جي حالت آسمان تي اڏامندڙ هما پکيءَ جهڙي آهي. جيڪو اڃ ۽ بک جي پرواھ نہ ڪندي هر پل ڪنهن جي تلاش ۾ اڏامندو رهي ٿو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

گڏيو ڌوٻيُن ڌوءِ، پنهونءَ پارِچَو هَٿَ ۾



گڏيو ڌوٻيُن ڌوءِ، پنهونءَ پارِچَو هَٿَ ۾
اُتي آرِيءَ ڄام جو، قاصدُ آيُس ڪوءِ
ايءُ ڪامِلَ ڪَمُ نه سَندوءِ، جِئن پَهَسَ پڇاڙِيين پوتِيَين


سر ديسي- سسئي

ڌوٻيين= ڌوٻين سان
پارچو= هي فارسي ٻولي لفظ پارچه مان ورتل آهي معنى ٿيندي ڪپڙا، وڳا.
آري ڄام= ڪيچ مڪران جو حڪمران، پنهونءَ جو پيءُ.
پَهَسَ= هي لفظ پراڪرت ٻوليءَ جي لفظ پسه ۽ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ پرَسهيه مان ورتل آهي معنى ٿيندي زبردستيءَ، سختيءَ ۽ زور سان.
پَڇَاڙيين= ڌوئين، سَٽين.
پوتيين= سنڌي ٻوليءَ جي لفظ پوتي مان ورتل عورتون مٿي ڍڪڻ لاءِ پوتي ڍڪينديون آهن.

بيت جو پس منظر

~ ٻين ڌوٻين سان گڏ پنهونءَ ڪپڙا پئي ڌوتا.
~ اُتي آري ڄام جو ڪو قاصد نياپو کڻي آيس.
~ اي سردار ! هي تنهنجو ڪم ناهي جو تون ڪپڙا ڌوئيندو وتين.

سمجهاڻي

سسئيءَ سان پنهونءَ جي شاديءَ لاءِ جڏهن پڻس انڪار ڪيو هو تہ پنهون هڪ تہ پرديسي آهي، ٻيو اسانجي ذات جو بہ ناهي. تنهن تي سسئيءَ جي اڳ ئي سمجهايل سهيليءَ چيس پنهون ذات جو گاذر يعني کٽي آهي. توهان ڀلي گهرائي چئوس تہ ڪپڙن جي هڪ کُنڀ ڌوئي اچي. تڏهن پنهون ڌوٻي بڻجي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو هو.
هي عشق جو معراج آهي جو ڪڏهن ڄام تماچي نوريءَ جي عشق ۾ ڄار ڪلهي تي کڻي مڇيون ٿو ماري. تہ وري ڪڏهن ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جو ولي عهد سسئيءَ جي عشق ۾ ڌوٻي بڻجي درياھ تي ڪپڙا ٿو ڌوئي. جڏهن آري ڄام کي اها خبر پئي تہ نياپو موڪليائينس ته اي سردار ! هي تنهنجو شان نہ آهي جو ڌوٻي ٿي درياھ تي ڪپڙا ڌوئين.

ڀٽائي هن بيت ۾ عشق جي اُرهه زورائي، بي واجبي جي ڳالهه ڪئي آهي.عشق وقت جي حاڪمن کي جهڪائي، سندن انا ختم ڪري ٿو ڇڏي.جيئن ڄام تماچي بادشاه هوندي به درياه مان ڄار کڻي مڇيون پئي ماريون ايئين ئي پنهون ڌوٻي ٿي درياهه تي ڪپڙا پيو ڌوئي. عشق بادشاهه ۽ بي پرواهه آهي. هي حضرت عشق جنهن کي لڳي ٿو تنهن کان سڀ وسري وڃي ٿو. پرين پسڻ لاءِ هر پل هر ڪم لاءِ تيار ڏسجي ٿو.


______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

28/09/2015

وارو ! وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَرَي جورُ



وارو ! وَرُ وَٺِي وِئا، جابِرَ ڪَرَي جورُ
بَيدِي ٿِئو ڀَنڀورُ، حَشَرُ ڪَرَي هَلِيا


سر ديسي سسئي

وارو = وارو ڪريو، جلدي ڪريو، مدد ڪريو - هي سڏ آهي جيڪو مصيبت جي وقت ۾ پنهنجن کي ڪبو آهي.
وَرُ = مڙس، ڀتار، ڪانڌ
جابِرَ = ڏاڍا، ظالم، قهري
بَيدِي = سڃ، رڻ پٽ
ڀَنڀورُ = سسئيءَ جو شهر جتي پنهونءَ سان عشق ڪيائين
حَشَرُ = قيامت، ماتم

بيت جو پسمنظر

~ وارو ڪريو ! ظالم زبردستي منهنجي پنهونءَ کي کنيون ٿا وڃن.
~ ڀنڀور سڃو ٿي ويو، جتن قيامت ڪري ڇڏي.

سمجهاڻي

جڏهن ڪا اوچتي آفت ڪڙڪندي آهي تڏهن مظلوم ماڻهون پنهنجي مائٽن، پاڙي وارن ۽ دوستن کي وڏي واڪي سڏ ڪندو آهي. مان مصيبت ۾ آهيان وارو ڪريو، مون کي بچايو منهنجي مدد ڪيو واهر ڪيو.
پنهونءَ کي پرھ ڦٽيءَ ويل جت زبردستي کڻي ويا. صبح جو سسئي جاڳي تہ ماحول سوڳوار ڏٺائين. هنڌ خالي هيو، اوطاق، ڪوٺيون، جايون سڀ سڃيون هيون. اٺ، مهمان ۽ پنهون غائب هيا.
تڏهن سڏ, واڪا, رڙيون ۽ دانهون ڪرڻ لڳي هئي. وارو ڪريو منهنجي مدد ڪيو جت زوري پنهون کنيون
ٿا وڃن.
اڄ سسئيءَ جي مَنَ ۾ ماتام متل آهي. اکين مان لڙڪ لارون جاري آهن. ڀنڀور خاموش آهي. سسئيءَ جي آھ و پڪار، سڏڪا آهن ۽ سسئيءَ لاءِ قيامت ٿي وئي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

24/09/2015

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وڏو ڪِئو



وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وڏو ڪِئو
نِهارِيندِيَسِ نِڪرِي، بوتَنِ ڪارِڻِ بَرُ
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَه رَتِيُون ٿِيَين


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

وَرَ = مڙس، ڀتار، ڪانڌ
وَرُ = ڏنگائي، زبردستي، زورآوري، سازش
بوتَنِ ڪارِڻِ = اٺن لاءِ
بَرُ = پَٽُ، ميدان ،بيابان، رڻ
ٽَڪَرَ = جبل، پهاڙ
روھَ = جبل
ٽَرُ = هٽي وڃ
رَتِيُون = ذريون ذريون

بيت جو پس منظر

~ منهنجي مڙس ۾ ڏنگائي نہ هئي، پر ڏيرن ڌوڪو ڪيو.
~ ڀنڀور مان نڪري اٺن جي قافلي پويان وينديس.
~ اي جبل ! منهنجي آڏو ٽري وڃو نہ تہ ذريون ذريون ٿي ويندئو.

سمجهاڻي

سسئي پنهونءَ پڄاڻان لڙڪ لاڙيندي چئي ٿي :
هي سڄي سازش، زورآوري ۽ زبردستي منهنجي ڏيرن جي آهي نہ تہ پنهون اهڙو ڪونہ هئو. منهنجي هر ڳالھ مڃيندو هو ۽ مون تان سر ساھ صدقو ڪندو هو. هاڻي هتي رهي ڇا ڪنديس، ڀڀنڀور کان موڪلائي پنهل جي اٺن جي قافلي پويان وينديس، لڪ لتاڙيينديس ۽ جبل جهاڳينديس.
سسئي جبلن کي للڪاريندي چئي ٿي :
اي جبل منهنجي راھ جي رنڊڪ نہ بڻجو، منهنجي آڏو نہ اچو نہ تہ ذريون ذريون ٿي ويندئو.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوبَ ۽ منزلون تلاشيندي آڏو ڪيڏيون بہ رڪاوٽون اچن، تن کي ٽوڙي جدوجهد ۽ جاکوڙ جاري رکو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

23/09/2015

اُسَ مَ لَڳَي اوٺِيَين، لَيڙان لُڪَ مَ لَڳَ




اُسَ مَ لَڳَي اوٺِيَين، لَيڙان لُڪَ مَ لَڳَ
الله ! آرِيچن کَي، ڪوسو واءُ مَ وَڳَ
جَتَ جَهجَها ۾ جَڳَ، مُنهِنجِي پِرِتِ پُنهُوءَ سِين


دَيسِي سَسُئِي

مَ = نہ
اوٺِيَين = جتن کي، اٺن وارن کي
لَيڙان = اٺن کي
لُڪَ = جهولو، منهن ساڙيندڙ گرم هوا
لَڳَ = لڳي
آرِيچَنِ = آري ڄام جو اولاد
ڪوسو واءُ = گرم هوا
وَڳَ = ڌڻ، ولر، ٽولا
جَهجَها = گهڻا، بيشمار، لاتعداد
جَڳَ = ملڪ، جهان، دنيا
پِرِتِ = پريت، محبت، نينهن، عشق

بيت جو پس منظر

~ شال جتن کي اُسَ ۽ اُٺَنِ کي لُڪَ نہ لڳي.
~ او مولا پاڪ ! آريءَ جي اولاد ۽ اٺن کي شال ڪوسو واءُ نہ لڳي.
~ جت ملڪ ۾ ٻيا بہ گهڻا آهن پر منهنجي پريت پنهونءَ سان ئي آهي.

سمجهاڻي

چوندا آهن دل جو دلبر هڪڙو ئي هوندو آهي، توڙي جو سهڻن ماڻهن جي ڪمي ڪانهي پر دل الائي ڇو هڪ سان اڙجي ويندي آهي. جنهن سان دل لڳي ويندي آهي ان جي گهر، ماڻهن، گهٽين، پاڙي، ڳوٺ، رستن، وڻن، ولين ۽ جانورن سان بہ اُنسيت ۽ پيار فطري عمل آهي. محبوب سان جڙيل هر شئي مان محبوب جي مهڪ ۽ خوشبو ايندي آهي.
پنهونءَ سان پريت جا پيچ پختا ٿيڻ کان پوءِ سسئيءَ کي بہ پنهونءَ سان جڙيل هر شئي سان پيار ٿي ويو آهي. تڏهن تہ سسئي ٻاڏائيندي چئي ٿي :
جيڪي بہ جَت ۽ سندن اُٺ آهن تن کي شال ڪڏهن سانوڻ جو منهن ساڙيندڙ جهولو ۽ لُڪَ نہ لڳي. آريءَ جي اولاد ۽ سندن اٺن کي ڪڏهن ڪوسو واءُ نہ لڳي. جَت ملڪن ۾ ٻيا بہ گهڻا آهن پر منهنجو عشق صرف هڪڙي پنهونءَ سان آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

22/09/2015

گَھَ سِرِ ٿِيَي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پِرِيَ تَي



گَھَ سِرِ ٿِيَي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پِرِيَ تَي
جِنهِن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تِنهِن اُٺَ مَ لَڳَي اُسَ
پُنهُون پاڪَ پُرِسَ ! ، هوت ! نه ڪَجَنِ هَيڏِيُون


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

گَھَ سِرِ = گَسَ يا رستي تي
مَ = نه
گُسَ = دز، لَٽَ
پَڻِي = مٽي
پِرِيَ = پرينءَ ، محبوبَ
سِرِ = تي
ساڄَنُ = سڄڻ، پرين، محبوب
پُرِسَ = سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ پُرِشَ مان ورتل لفظ جنهن جي معني آهي پاڪ پوتر ڀتار، مڙس

بيت جو پس منظر

~ شل دڳ تان دز نہ اٿي، متان منهنجي پرينء کي مٽي لڳي.
~ انهيءَ اٺ کي اُسَ نہ لڳي، جنهن تي منهنجو پنهون سوار آهي.
~ او منهنجا پوتر مڙس! منهنجا جانب ! توکي ايئين ڪرڻ مناسب نہ هو.

سمجهاڻي

مرد جي دل شايد پٿر جيان سخت هجي ٿي ۽ عورت جي ميڻ جيان نرم, نازڪ ۽ نفيس هجي ٿي. مرد توڙي جو عورت سان بي وفائي ڪري ٿو پر عورت جي دل ۾ پيار، پاٻوھ ۽ پنهنجائپ سوائي آهي.
صبح جو سسئيءَ کي جڏهن جاڳ ٿي، پنهون نہ ڏسي سندس اکين جا بند ڀڄي پيا. سرتيون کيس سمجهائڻ ۽ آٿت ڏيڻ لاءِ گڏ ٿي ويون. تڏهن هنجون هاريندي چئي ٿي :
او سرتيون ! جنهن دڳ سان منهنجي پنهونءَ جو قافلو هجي شال انهيءَ دڳ جي ڌوڙ نہ اٿي متان مٽي منهنجي پنهل کي لڳي. انهيءَ اٺ کي اُسَ نہ لڳي جنهن تي پنهون سوار آهي.
سسئي پنهونءَ کي ڏوراپو ڏيندي چئي ٿي :
او منهنجا جانب ! مون کي بنا ڏوھ ڇني ڌار ڪيئي، ايئين توکي جڳائي نٿو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

21/09/2015

جَي ڄاڻان جَتَنِ، پوءِ پَٽاندَرُ هَيتَرو



جَي ڄاڻان جَتَنِ، پوءِ پَٽاندَرُ هَيتَرو
آئُون ڪِنءَ مُلا تِنِ، سَرَتِيُون سُورَ پِرائِيان


سُرُ دَيسِي _ سسئي

پوءِ = پٺيان، بعد ۾
پَٽاندَرُ = نقصان، نتيجو
ڪِنءَ = ڪيئن
مُلا = وٽان، کان، طرفان

بيت جو پس منظر

~ جي اڳواٽ خبر هجي ها تہ جت مون کي نقصان ڏيندا.
~ او سرتيون ! تہ آئون سندن وٽان هي سور ڇو پرايان ها.

سمجهاڻي

هر رات جيان آخري رات بہ سسئيءَ پنهونءَ جي ڀائرن يعني ڏيرن جِي خدمت شاهاڻا لذيذ طعامن، مختلف قسم جي مشروبات ۽ سڪل ميون سان مهمان نوازي ڪئي هئي. انهيءَ رات گهڻي ڪم ڪار سبب سسئي ٿڪجي پئي هئي ۽ ٿڪاوٽ سبب کيس ننڊ اچي وئي هئي.
صبح جو جڏهن پنهون پاڻ سان نہ ڏٺائين تہ کيس گهر ۽ اوطاق ۾ گهڻو ئي ڳوليائين. پر پنهون، ڏير ۽ اٺ غائب هئا ۽ رهجي ويا هئا پوئتي سسئيء جا سُورَ. سسئي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي تي هنجون هاريندي ۽ لڙڪ لاڙيندي چئي ٿي :
مون پنهونءَ جي ڀائرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، خدمتون ڪيون پر مون کي اهيا خبر نہ هئي تہ مون سان هيئن ڪلور ڪندا.
ڀٽائي اسان کي خبردار ڪندي سيکاري ٿو تہ :
ڪنهن نقصان ۽ حادثي کان بچڻ لاءِ اڳواٽ تياري، رٿابندي ۽ چوڪسي اوهان کي گهڻين تڪليفن ۽ آفتن کان بچائي سگهي ٿي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

20/09/2015

اَڱَڻَ مَٿَي اوپِرا، جَڏِهن ڏاگها ڏِينهَن ڏِٺاءِ



اَڱَڻَ مَٿَي اوپِرا، جَڏِهن ڏاگها ڏِينهَن ڏِٺاءِ
ڪُنجُون جَي قُفِلَنِ جِيُون، تان ڪِنهِن لَلِ لِڪاءِ
تَہ سُڀاڻي سَندِياءِ، ٿِيَي سارَوڻِي سَسُئِي !


سُرُ دَيسِي _ سَسُئِي

اوپِِرا = ڌاريا، ٻاهران آيل
ڏاگها = اُٺَ
ڏِٺاءِ = جڏهن ڏٺا هيئي
قُفِلَنِ = ڪُلِفَنِ، ڪُرِفَنِ، تالَنِ
لَلِ = ريت، رمز، پر، حرفت، اٽڪل، نموني، تجويز، بهاني
سَندِياءِ = تنهنجي، سندءِ
ساروڻِي = يادگيري، سارَ، سنڀارَ

بيت جو پس منظر

~ جڏهن ڏينهن ڏٺي جو اڱڻ تي ڌاريا اٺ ڏٺا هيئي.
~ تڏهن ڪنهن اٽڪل سان ڪلفن جون ڪنجون لڪائي رکين ها.
~ او سسئي ! تہ پرھ ڦٽيءَ ويل توکي ڳوليو وڃي ها.

سمجهاڻي

ڀٽائي سسئيءَ کي سمجهائيندي چئي ٿو :
جڏهن ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻاهران آيل ڌاريا اٺ ڏٺا هيئي تہ عقل ۽ هوش کان ڪم وٺي. در بند ڪري ڪلفن جون ڪنجون ڪنهن محفوظ جڳھ تي لڪائي رکين ها. صبح ٿيڻ کان اڳ دروازا بند ڏسي توکي ڳولين ها ۽ ڪنجين جي پڇا ڪئي وڃي ها.
او سسئي تو غفلت ڪئي، تنهنجو عقل ۽ سمجھ تنهنجي ڪم نہ آيا. توکي ڌارين ماڻهن تي اعتبار نہ ڪرڻ گهرجي ها، نہ تہ هي هيڏو وڏو حادثو ۽ هاڃو پيش نہ اچي ها.
ڀٽائي ڪنهن وڏي حادثي ۽ هاڃي کان اڳواٽ تياري ۽ رٿابندي جي صلاح ڏيندي خبردار ڪري ٿو تہ :
ڌاري آبادڪاري ڌرتيءَ لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. اڄڪلھ سنڌ ۾ مهمان ٿي آيل ڌارين جا رولاڪ ٽولا، سنڌ جا غدار ۽ سنڌ دشمن حاڪم سنڌ ورهائڻ جي سازشن ۾ رڌل آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڌُرِيان ئي ڌارِيا، مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿِئا



ڌُرِيان ئي ڌارِيا، مِٽَ مُئيءَ جا نه ٿِئا
مَدِي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِيو کِينڪارِيان
صُبح ٿِي سارِيان، ته اُٺَ نه اوطاقُنِ ۾


سر ديسي _ سَسُئي

ڌُرِيان = اصل کان
مَدِي = نيت جي خرابي
کِينڪارِيان = کيڪاريان، ڀليڪار، آجيان، خوش خيرعافيت ڪيان
سارِيان = ياد ڪيان ( جان کڻي نهاريان )

بيت جو پس منظر

~ هو اصل کان هئا ئي ڌاريا، جيڪي منهنجا مائٽ ٿي نہ سگهيا.
~ ڏيرن جي نيت خراب هئي ۽ مون کين ڀليڪارون پئي ڪيون.
~ صبح جو ڏسان تہ اٺ اوطاق ۾ آهن ئي ڪونہ .

سمجهاڻي

سسئي راجا دلوراءِ جي دور ۾ نائون نالي ٻانڀڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماءُ جو نالو مُنڌرِ هئو، هيءَ سندن اڪيلي اولاد هئي. سسئي جيَ معني' چنڊ آهي. سسئيءَ جي پالنا ڀنڀور شهر ۾ محمد نالي کٽيءَ ڪئي، جنهن وٽ پنج سئو ڪاريگر ڪپڙا ڌوئندا هيا.
پنهون ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جو اولاد هيو. چنري، هوتي ۽ نوتي سندس ڀائر ۽ سسئيءَ جا ڏير هئا جيڪي پنهونءَ کڻي ويا هئا.
هن بيت ۾ سسئي پنهونءَ جي ڀائرن جِي بي وفائيءَ تي پڇتاءُ ۽ افسوس ظاهر ڪندي چئي ٿي :
هو تہ اصل کان هيا ئي ڌاريا جيڪي منهنجا مائٽ ٿي نہ سگهيا. مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ سندن نيت خراب آهي ۽ مون سان قهر ڪندا.
مون تہ سندن آجيان ۽ مرحبائيءَ ۾ ڪيترن ڏينهن تائين خوشيءَ ۾ جهمريون، جمالا ۽ جشن ڪيا. آخري رات اڌيءَ ويلي تائين محفل پئي هلي تہ مون کي ننڊ وٺي وئي. صبح اک کوليم تہ اوطاق اٺن ۽ مهمانن کان خالي هئي.

* ڀٽائيءَ جو ٽي سؤ سال اڳ لکيل بيت سنڌ جي اڄوڪين حالتن سان ڪيڏو ٺهڪي ٿو.
هن بيت مان اسان کي سبق ملي ٿو تہ ڌرتيءَ تي ڌارين جون ڪاهون سنڌ جي وحدت جي خلاف آهن.
هي ڌاريا ويري بڻجي سنڌ کي ورهائڻ جون ناپاڪ سازشون ڪندا. وڏن شهرن ۾ ڌارين ماڻهن جون لوڌون ڪاهي پيون آهن. پنجابي، پٺاڻ، پناهگير، گلگتي، بلتستاني، ,برمي ۽ بنگالي لکن ۽ ڪروڙن جي تعداد ۾ قبضا ڪري ويٺا آهن.
ڀٽائي اسان کي خبردار ڪري ويو آهي ته ڌاريا دشمن آهن انهن مان ڪا چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻيرَ گهرڻ جي برابر آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

18/09/2015

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ



رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ
وَلِوَلو ۽ وُوڪَ، اِيَ تان آهي عِشقَ جِي


سُرُ مَعذُورِي سسئي

رُڃُنِ = رڻ پٽن - اهڙي زمين جتي پاڻي اڻلڀ هجي جيئن ٿر، ڪوهستان ۽ ڪاڇو
رَڙِ = وڏي دانهن، آھَ
ڪَرَ = جيئن، ڄڻ
ڪووَلَ = ڪوئل پکي
ڪُوڪَ = دانهن، رڙ
وَلِوَلو = جوش، آواز، گوڙ
وُوڪَ = ڪُوڪَ، ورلاپ
اِيَ = هيءَ
تان = ته

بيت جو پس منظر

~ هنن رڻ پٽن ۾ سسئيءَ جو آواز ايئين آهي، جيئن ڪوئل جي ڪُوڪَ.
~ هي دانهون ۽ ڪُوڪُون عشق جو ئي آواز آهي.

سمجهاڻي

پکي قدرت ۽ فطرت جا حسين شاهڪار آهن. سندن خوبصورت انڊلٺي رنگ، مٺيون لاتيون ۽ مڌر آواز من کي موهي وجهن ٿا. پکين ۾ ڪوئل جي ڪُوڪَ مشهور آهي. جنهن ۾ سُرُ، لئہ، ردم، تانَ ۽ ترنم سان گڏ، هڪ درد، دانهن، آھَ ۽ جيءَ کي جهوري وجهندڙ آلاپ شامل آهن
هنن رڻ پٽن، بيابانن ۽ جهنگلن ۾ سسئي اڪيلي پنهونءَ جا پيرا بہ ڳولي ٿي ۽ وڏي آواز ۾ رڙيون، دانهون ۽ سَڏَ بہ ڪندي پئي وڃي.
ڀٽائي هن بيت ۾ سسئيءَ جي رڙين، دانهن ۽ سڏن کي ڪوئل جي مڌر آواز سان ڀيٽا ڏني آهي. هي واڪا، سڏ، پڪارون، آهون ۽ دانهون سسئيءَ جي اندرَ ۽ عشق جا آواز ۽ ورلاپ آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

16/09/2015

پَرَي پَڙاڏا ڪَرَي، اَورَي نه آهَي



پَرَي پَڙاڏا ڪَرَي، اَورَي نه آهَي
ڪَمِترِ ڪا ڪاهَي، پَهُچَي هِنَ پَٽِيَ کَي


سر معذوري سسئي

پَڙاڏا = آواز جي موٽ، واڪا، سَڏَ، رڙيون، داهون، ڪوڪون، ڪشالا
اَورَي = ويجهو، نزديڪ، اورتي، هيڏي، هن پاسي
ڪَمِترِ = وِرِلَي، مشڪل
پَٽِيَ = ميدان، پَٽَ ( منزل، مرتبو)

بيت جو پس منظر

~ اهڙي ڪير آ، جيڪا پري يا اوري هوندي ڪشالا ڪري.
~ ڪا ورلي اهڙي هوندي جيڪا هن منزل تي رَسَي.

سمجهاڻي

ڀٽائي سسئيءَ جي ڪردار، جاکوڙ ۽ جدوجهد کي ساراهيو آهي. ڀٽائي چئي ٿو :
سسئيءَ جهڙي دلير. بهادر. ارڏي ۽ اڏول عورت شايد ئي ڪا ٻي هجي. سسئيءَ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي اڪيلي سر پهاڙن جا پنڌ ڪيا آهن، لَڪ لتاڙيا آهن ۽ جبل جهاڳيا آهن. سسئي اڃ ۽ بک برداشت ڪندي پنهنجي محبوب جي قافلي پٺيان، پيرن جي نشانن تي لڳاتار هلندي رهي ٿي.
ڀٽائي شاندار لفظن ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪندي چئي ٿو :
سسئي جهڙي سورمي اڄ تائين ڪا پيدا ناهي ٿي ۽ نہ وري ٿيندي جيڪا هن منزل تي پهچي سگهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کَي، هِي پِڻُ ڏِينهُن وِئو



آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کَي، هِي پِڻُ ڏِينهُن وِئو
نِهوڙَي ناڀُنِ سِين، مُون کي نِينهَن نِئو
مُٺِيَ موتُ ٿِئو، پِيُ پِيُ ڪَندَي پَنڌَ ۾


سُرُ مَعذُورِي سسئي

نِهوڙَي = نابود ڪري، فنا ڪري
ناڀُنِ = نَنهَن، رانڀوٽا، چنب، نيزا
نِينهُن = عشق، محبت
نِئو = ماري ڇڏيو، ختم ڪيو
مُٺِي = مصيبت ۾ آيل، آزار ۾ اڙيل
پِيُ = پِيا، پرين، دوست، محبوب

بيت جو پس منظر

~ اڄوڪو ڏينهن بہ گذري ويو، محبوب سان ملاقات نہ ٿي.
~ عشق مون کي نيزن تي چاڙهي فنا ڪري ڇڏيو.
~ هن مصيبت ماريءَ پنڌ ۾ پرين پرين ڪندي پساھ پورا ڪيا.

سمجهاڻي

هي عشق جنهن کي بہ لڳي ٿو تنهن کي ٽياس تي ٽنگي ٿو ڇڏي. عشق جا هي نيزا، تيرن، ڀالن بڙڇين ۽ ڪاتين جي تيز تکين چُنهنبن جيان ماس ۾ کُپِي سڪون، سرور، ننڊ ۽ آرام کسي وٺن ٿا. هن رڻ پٽ، بيابان، جهنگل ۽ اوچن پهاڙن ۾ اڪيلي سسئي شڪايت ڪندي چئي ٿي :
افسوس ! اڄوڪو ڏينهن بہ لڪ لتاڙيندي، جبل جهاڳيندي گذري ويو پر محبوب سان ملاقات نہ ٿي. پنهونءَ جي سڪ، اُڪير ۽ عشق مون کي نيزن ۽ ڀالن جي تيز تکين چُنهنبُن تي چاڙهي منهنجو سڄو وجود فنا ڪري ڇڏيو آهي. نيٺ مصيبت جي ماريل پر دلير ۽ بهادر عورت سسئي پنهنجي پنهونءَ کي ساريندي، سڏ ڪندي اڄ مري وئي.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوب ۽ منزلن جي طلب رکندڙ سسئيءَ جيان ڪيل واعدا ۽ وچن نڀائيندي آخري دم تائين جاکوڙ جاري رکو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

15/09/2015

آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کَي، سَهَسِين سِڄَ وِئا




آئُون نه گَڏِي پِرِينءَ کَي، سَهَسِين سِڄَ وِئا
هَلَڻَ وَيرَ هِئا، دَيکِي شالَ دَمُ ڏِيان


سُرُ مَعذُورِي سسئي

گَڏِي = ملي، ملاقات ڪئي
سَهَسِين = سوين، ڪيترائي
سِڄَ = سِجَ
وِئا = لٿا اڀريا، لهي ويا
هَلَڻَ = مرڻ وقت، ساھ ڏِيندَي
وَيرَ = ويل، وقتِ، گهڙي
هِئا = هتان
دَيکِي = ڏسي، پسي، ڏِٺَي
دَمُ = ساھ

بيت جو پس منظر

~ سوين سج لهي ويا آهن، پر پرينءَ سان ملاقات نه ٿي آهي.
~ شال محبوب ڏسي پوءِ مران.

سمجهاڻي

ڪيئي سج اڀري لهي ويا. سوين راتيون ۽ ڏينهن رڻن ۾ رلندي، لڪ لتاڙيندي ۽ جبل جهاڳيندي گذري ويا آهن پر سسئي اڃان پنهون پسي ناهي سگهي. سسئيءَ جي هن عزم ۽ مستقل مزاجيءَ کي سلام آهي، جو هوءَ پنهونءَ جي پيرن سان گڏ هلندي رهي ٿي.
سسئي پنهنجي آخري خواهش ظاهر ڪندي چئي ٿي :
هي لڪ لتاڙيندي ۽ جبل جهاڳيندي جيڪڏهن ڪٿي مري پوان تہ ان کان اڳ دعا آهي تہ شال هڪ دفعو پنهونءَ جو منهن پسان پوءِ ساھ ڏيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

14/09/2015

ڏِسَڻُ ڏِکا اَڳَرو، سَسُئِي ! آڻِ مَ شَڪُ



ڏِسَڻُ ڏِکا اَڳَرو، سَسُئِي ! آڻِ مَ شَڪُ
ٿِيُ ٻانِهي، ڀَرِ اوئِيُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪَ
وَرُ پُنهُونءَ سِين پَلَڪَ، کوءِ ٻارَهَ ماهَ ٻِيَنِ سِين


سر معذوري - سسئي

ڏسَڻُ = پسڻ، مشاهدو ماڻڻ
ڏِکا = سينگار، عيش عشرت
اَڳَرو = بهتر
اوئِيُون = پکالون، سانداريون - ٻڪريءَ جي کَلَ مان پاڻي ڀرڻ جي ٺهيل پکالَ
وَرُ = مبارڪ، بهتر، ڀلو
کوءِ = کڏ ۾ پئي
ٻارَهَ = ٻارنهن
ماهَ = مهينا

بيت جو پس منظر

~ اي سسئي ! انهيءَ ۾ شڪ ناهي تہ محبوب کي پسڻ، سينگار کان وڌيڪ آهي.
~ پنهونءَ جي نوڪرياڻي ٿي پکالون ڀر، ۽ لڪ ڏسي لڏي نہ پئجان.
~ پنهونءَ سان گهاريل هڪ گهڙي بهتر آهي، ٻين سان گهاريل ٻارهن مهينن کي کڏ ۾ اڇلائي ڇڏ.

سمجهاڻي

ڀٽائي اڄ سسئيءَ مٿان گهڻو مهربان ٿو ڏسجي. کيس سمجهائيندي چئي ٿو :
اي سسئي ! انهيءَ ڳالھ ۾ ذري برابر بہ شڪ ۽ گمان نہ ڪجان تہ عيش عشرت، ويس وڳا، آرام، فرحتون ۽ هار سينگار واري زندگيءَ کان ڪيئي ڀيرا بهتر آهي. محبوب جو مشاهدو، ملاقات ۽ رهاڻيون. سو تنهنڪري ٻين ڳالهين کي ترڪ ڪري محبوب سان ملڻ لاءِ پنهنجي جاکوڙ ۽ جدوجهد جاري رکيو اچجان.
ان لاءِ توکي جيڪڏهن محبوب جي نوڪرياڻي ٿي سندس گهر جو ڪم ڪار ۽ مٽ دلا بہ ڀرڻا پون تہ پنهنجي خوشنصيبي سمجهجان. هي اوچا پهاڙ ۽ جبل ڏسي، لڪن جا لوڏا پسي متان گهٻرائين. بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪري وک وڌاءِ.
ٻين سان گهاريل ٻارهن مهينن کي تيلي ڏئي ساڙي ڇڏ، کڏ ۾ اڇلائي ڇڏ. ڇو تہ محبوب سان گهاريل هڪ پل بہ وڏي سوغات ۽ نعمت آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

12/09/2015

وَڌو ڪِيمَ وَڻاهُه ! ، اُنچا ڏُنگَرَ مَ ٿِيو



وَڌو ڪِيمَ وَڻاهُه ! ، اُنچا ڏُنگَرَ مَ ٿِيو
ٽِمو مَ نَيڻاهُه ! ، ته پَيرُ نِهارِيان پُنهونءَ جو


سر معذوري - سسئي

وَڻاھُ = اي وَڻَئو، اي درختو
اُنچا = اوچا، ڊگها، قدآور
ڏُنگَرَ = ڏونگر، جبل، پهاڙ
مَ = نہ
ٽِمو = لڙڪ وهايو، ڳوڙها ڳاڙيو
نَيڻاھُ = اي اکڙيون، اي نيڻئو

بيت جو پس منظر

~ اي وڻئو ۽ پهاڙئو وڌي منهنجي راهه ۾ رڪاوٽ نه ٿيو.
~ اي منهنجا نيڻئو ! لڙڪ نه وهايو ته جيئن پنهل جا پير صاف ڏسي سگهان.

سمجهاڻي

سسئي جڏهن پنهونءَ جَي قافلي جا پيرا کنيا ها تہ هوءِ ڪراچيءَ سان لڳ لس ٻيلي مان لنگهي هئي. هڪ جهنگ گهاٽو ۽ ٻيا ٻيلي جا ڊگها وڻ سندس راھ جي رڪاوٽ بڻيا هئا. تڏهن سسئي چئي ٿي :
اي وڻئو ! ايڏا وڌي ويا آهيو جو پريان ويندڙ منهنجي پنهونءَ جي قافلي کي آئون ڏسي نٿي سگهان.
لس ٻيلي جي وندر نديءَ مان گذري جڏهن سسئي پٻ جبل جي اوچن پهاڙن کي ڏسي ٿي تہ کين بہ ميار ڏيندي
چئي ٿي :
توهان جي اوچائي منهنجي پنهونءَ جي قافلي کي پڻ اوٽ آهي.
پنهونءَ جون ساروڻيون ساريندي سسئيءَ جي اکڙين ۾ جڏهن لڙڪ تري آيا تہ کين چئي ٿي :
اوهان جي هينئن لارون بڻجي وهندا رهندئو تہ قافلي جي پيرن جا صاف نشان ڪئن ڏسي سگهنديس.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ :
وڻ، جبل ۽ لڙڪ جيئن سسئيءَ لاءِ رڪاوٽ بڻيا، ايئين محبوب ۽ منزلون تلاشيندي ضرور ڪي رنڊڪون ۽ رڪاوٽون اينديون جن لاء اڳواٽ تيار رهڻ گهرجي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

10/09/2015

سَيڻَنِ ڪارَڻَ سَسُئِي ! وَڃَڻَ ڪَجَي وَسُ



سَيڻَنِ ڪارَڻَ سَسُئِي ! وَڃَڻَ ڪَجَي وَسُ
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيَين، سَندو گُنگَنِ گَسُ
ڏوٿِي ڏِيندَئِي ڏَسُ، اَڳِيان ٻاروچَنِ جو


سر سسئي آبري

سَيڻَنِ = محبوبن
ڪارَڻِ = لاءِ، خاطر
وَڃَڻَ = پنڌ ڪرڻ، ڳولڻ
وَسُ = ڪوشش
جِمَ = متان
وِرِچِي = ٿڪجي، سست ٿي
ڇَڏِيَين = ڇڏي ڏين، ڦٽي ڪرين
گُنگَنِ = گونگن، اٺن
گَسُ = واٽ، دڳ، رستو، پيچرو
ڏوٿِي = ڏٿ چونڊيندڙ
ڏَسُ = خبر، پتو، ڄاڻ، ايڊريس

بيت جو پس منظر

~ او سسئي ! محبوبن کي ڳولڻ لاءِ اڃان وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
~ متان ٿڪجي اٺن وارو رستو ڇڏي ڏين.
~ اڳيان ڏٿ چونڊيندڙ توکي ٻاروچن جي قافلي جو پتو ڏيندئي.

سمجهاڻي

ڀٽائي سسئيءَ جي رهبري ڪندي کيس تاڪيد پيو ڪري :
هينئر تائين پنهونءَ جي ڳولا ڪندي، تو جيڪي جبل جهاڳيا آهن، لڪ لتاڙيا آهن انهيءَ جاکوڙ کي جاري رکيون اچجان. جيڪڏهن ٿڪجي ويهي رهندينءَ تہ پنهونءَ جي اٺن واري قافلي جا پير وڃائي وِهندِينءَ . تون ساڳي عزم ۽ حوصلي سان هلندي رھ، جي ڪٿي رستو ڀلجي وڃي تہ جبل جا ڏوٿي قافلي جو ڏس ڏيندئي.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي هدايت ٿو ڪري :
محبوب ۽ منزلن جي ڳولا ڪندي ڪڏهن بہ ٿڪجي ويهي نہ رهو. مسلسل اورچائيءَ سان منزل ڏانهن اڳتي وڌندا رهو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

09/09/2015

ڪَجَي پَنڌُ پُڇان تو، ڪَيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئن؟



ڪَجَي پَنڌُ پُڇان تو، ڪَيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪِيئن؟
بَيخُودِ هَلِجِ بَرَ ۾، آئون ٿو چوان اِيئن
سِڪَڻُ ساڄَنَ سِيئن، مَتان مُٺِي ! ڇَڏِئين


سر سسئي آبري

ڪَيچِيَنِ = ڪيچ وارن، مڪران ۾ رهندڙ پنهونءَ جي وطن وارن
ڪارَڻِ = لاءِ، خاطر
بَيخُودِ = پاڻ وساري
بَرَ ۾ = رڻ پٽ، بيابان ۾
چُئان = چوان، مان چوان ٿو
اِينءَ = ايئن
سِڪَڻُ = اُڪِيرَ ۾ رهڻ، سدا سڪ ۾ رهڻ
ساڄَنَ = سڄڻ، محبوب
سِينءَ = تائين، پهچڻ ملڻ تائين
مُٺِي = مصيبت ۾ آيل

بيت جو پس منظر

~ مان توکان پڇان ٿو تہ ڪيچين لاءِ پنڌ ڪيئن ڪجي؟
~ مان چوان ٿو هن بيابان مان پاڻ وساري هلندي هل.
~ او مصيبت ماريل ! محبوب جي ملڻ تائين متان سڪ ڇڏي ڏين.

سمجهاڻي

ڀٽائي سسئيءَ جي ٿڪاوٽ ۽ ساهيون کڻڻ کي محسوس ڪندي چئي ٿو :
مان پڇان ٿو تہ ڪيچ ويندڙ قافلي جي پٺيان پنڌ ڪيئن ڪرڻ گهرجي؟
ڄڻ کيس چوندو هجي ؛ هنن ٿڪل وکن سان ڪڏهن ڪيچ پهچندينءَ؟
ڀٽائي سسئيءَ جي رهنمائي ڪندي کيس آٿت ۽ حوصلو ڏيندي چئي ٿو ؛ هن بيابان مان پاڻ وساري هلندي رھ، همٿ نہ هارجان ۽ پنهونءَ جي سڪ اُڪيرَ ڪڏهن نہ وساري ڇڏجان.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ حالتون ڪهڙيون بہ اذيتناڪ ڇونہ هجن، پر محبوبَ ۽ منزلن جي تلاش، جاکوڙ ۽ جدوجهد جاري رکو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ٻَلَرِ لڳو ٻاڻُ، پَسو جوءِ جَرا ٿِيَي




ٻَلَرِ لڳو ٻاڻُ، پَسو جوءِ جَرا ٿِيَي
سا مُنڌَ مَرَي نه جِيَي، پَيئِي پَڇاڙَي پاڻُ
سَسُئِي سُورَنِ ساڻُ، سَنڀوڙِي سَيدُ چَي


سر سسئي آبري

پَلَرِ = ٻارڙي، معصومڙي، ابهم ( سسئي )
ٻاڻُ = تير
پَسو = ڏسو
جوءِ = زال
جَرا = رتيون، ذراذرا، ٽڪراٽڪرا، ڳڀاڳڀا
مُنڌَ = عورت ( سسئي)
پَڇاڙَي = پتوڙي
سنڀوڙِي = تيار ٿئي، تياري ڪري، سنڀري

بيت جو پس منظر

~ هن معصومڙيءَ کي عشق جو تير لڳو آهي، ڏسو هوءَ ڪيئن وڍجي ٽڪر ٿي پئي آهي.
~ هي عورت مري ۽ نہ وري جيئي ٿي، تہ بہ پاڻ پتوڙي ٿي.
~ سسئي سورن ۾ گهيريل آهي پر پنهونءَ جي ڳولا لاءِ تيار بيٺي آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائي سسئيءَ جي عشقيہ داستان منجهان هڪ نئين دلير ۽ بهادر سورمي سسئي تخليق ڪئي. جنهن تي پنج سُر
لکيا اٿس. هيءَ سسئي سچي عاشقياڻي، بهادر ۽ همٿ جي علامت آهي. جيڪا اڪيلي عورت جبل جهاڳي، لڪ لتاڙي ٿي ۽ پهڻن کي پرزا ڪري اڳتي ڪاهيندي ٿي وڃي.
هن بيت ۾ ڀٽائي سسئيءَ کي معصومڙي ۽ ابهم ٻارڙي سڏيو آهي، جيڪا عشق جي تير لڳڻ ڪري گهايل ٿي پئي آهي. گهايل سسئي نه مري ٿي ۽ نه وري جِي سگهي ٿي پر پنهونءَ جي ڳولا لاءِ هر پل تيار پئي ڏسجَي.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو ته عذاب، اذيتون، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون سهندي به محبوبَ ۽ منزلن جي تلاش ڪندا رهو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____