30/10/2015

وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کَي



وَسِي وِساڻِيُون، رَتو روئِي پِرِينءَ کَي
پَييُون کَڻَنِ پَٻَ ڏَي، نَظَرَ نِماڻِيُون
سَي ڪِيئن ٻَيلِياڻِيُون؟ جَنِ وِيندو هوتُ نه وارِيو

سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

وَسِي = روئي روئي
وِساڻِيُون = ساڻيون ٿي پيون، ٿڪجي پيئيون، اجهاڻيون
رَتو روئي = رت روئي، رت جا ڳوڙها ڳاڙي
پَٻَ = جبل جو نالو
نَظَرَ = نگاھ، نهار
ٻَيلِياڻِيُون = سڄڻ، مددگار، ساٿياڻيون
هوتَ = محبوب، پرين، پنهون
وارِيو = موٽايو، واپس ڪيو

بيت جو پس منظر

~ اکيون پنهونءَ لاءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿڪجي پيون آهن.
~ اڃان تائين پٻ جبل طرف پيون نهارين.
~ تن کي پنهنجو سڄڻ ڪيئن سمجهان؟ جن ويندي پنهونءَ کي نہ موٽايو.

سمجهاڻي

انسان جا سڀ عِضوا سندس مددگار ۽ ساٿي آهن. جيڪي کيس هلڻ، ٻڌڻ، وزن کڻڻ سوچڻ، ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. ڀٽائيءَ جو هي بيت انهن عِِضون مان هڪ اکين جي باري ۾ دلڪش شاعراڻي نازڪ خيالي آهي. هن بيت ۾ سسئي پنهنجي اکين جي ساراھ سان گڏ هڪ شڪايت، ميار ۽ ڏوراپو ڏيندي چئي ٿي :
پنهونءَ جي وڇوڙي کان پوءِ هي اکيون رت روئي روئي ٿڪجي پيون آهن. اڃان تائين اکيون پٻ جبل ڏانهن پيون نهارين، جتان پنهونءَ جو قافلو گذريو هيو. پر جن اکين ننڊ جي خمار ۾ الوٽ ٿي پنهونءَ جي قافلي سان هليو وڃڻ جو خيال ئي نہ رکيو. تن کي ڀلا آئون پنهنجو سڄڻ ڪيئن سمجهان؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

29/10/2015

ڪاتِيءَ تان نه ڪَهِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِئو



ڪاتِيءَ تان نه ڪَهِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِئو
مارِيَسِ سُورَ تَهِين، جو نه جِيارَي جَيڏِيُون


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

تان نَہ = تہ نہ، ڪڏهن بہ نہ
ڪَهِين = ڪنهن
مَنُ = دل، هنيانءُ، هنيون، اندرُ
وِجُهلَڻَ = ڳرڻ، جهوريءَ ۾ جهڄڻ
وَڍِئو = ڪپيو، ڳڀا ڳڀا ڪيو
مارِيَسِ = ماريو آهي، فنا ڪيو آهي
سُورَ = درد، پيڙا، اذيت، ڀوڳنا
تَهِين = تنهن
جِيارَي جَيڏِيون = او سرتيون جيئڻ ئي نٿو ڏئي.

بيت جو پس منظر

~ مون کي ڪنهن ڪاتيءَ ناهي ڪٺو، پر دل جهوريء ۾َ جهڄي وڍجي پئي آهي.
~ مونکي هن درد ماري فنا ڪيو آهي، جيئڻ ئي نٿو ڏئي.

سمجهاڻي

محبوب جي جدائي ۽ وڇوڙو نهايت ئي اذيتناڪ ۽ ڪربناڪ هجي ٿو. ماڻهون اندران اُڏوهيءَ کاڌل ڪاٺ جيان ڳرندو ۽ جهرندو ويندو آهي. چيو ويندو آهي تہ هن مرض جو ڪو علاج ناهي، محبوب جي ديدار سان ئي شفا ملي سگهي ٿي.
پنهونءَ پڄاڻان سسئي جدائيءَ ۾ هنجون هاريندي، لڙڪ لاڙيندي، ڳرندي ۽ جهرندي ڪنهن گل جيان ڪومائجڻ لڳي هئي. سرتيون هيڻا حال ڏسي کانئس پڇڻ آيون تڏهن سسئي کين چوڻ لڳي:
مون کي ڪنهن ڪاتيءَ ناهي ڪُٺو پر هي دل محبوب پنهونءَ جي وڇوڙي ۾ جهرندي پئي وڃي. پنهونءَ جو پيار، رهاڻيون ۽ ساروڻيون درد بڻجي مون کي جيئڻ ئي ڪونہ ٿيون ڏين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

28/10/2015

دُکائيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ سَيڻانِي وَڃُ



دُکائيندِي دُونهَڙا، مُنڌَ سَيڻانِي وَڃُ
پِرِياڻونِ مَ ڀَڃُ، ساٿُ چَڙهندو لَڪِيَين


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

دُکائيندِي دُونهَڙا = محبت جا مچ ٻاريندي، دردن جا دونهان دکائيندي
مُنڌَ = اي عورت، او سسئي
سَيڻانِي = ساڻن ئي، هنن سان ئي، قافلي وارن سان ئي
پِرِياڻونِ = پيرو، سندن پيرن جا نشان، پريت جو پيچ، دوستي، سنگت
مَ = نہ
ڀَڃُ = ٽوڙ، ڀڃي ڇڏ
ساٿُ = قافلو
لَڪِيَين = لڪن تان، جبلن جي لنگهن، رستن تان

بيت جو پس منظر

~ اي سسئي ! محبت جا مچ ٻاريندي، قافلي وارن ساڻ گڏ وڃجان.
~ هي پريت جا پيچ نہ ٽوڙ، اڃان قافلي کي لڪن مان لنگهڻو آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائي سسئيءَ کي سمجهائيندي چئي ٿو :
او سسئي ! گهڻي غمگين ۽ پريشان نہ ٿيءُ، قافلي وارا اڃان گهڻو پري نڪري ڪونہ ويا هوندا. اڃان تہ کين اوچن جبلن جون چاڙهيون چڙهڻڻيون ۽ لهڻيون آهن ۽ لَڪَ لنگهڻا آهن.
تون اجائي دير نہ ڪر، پنهونءَ جي پٺي نہ ڇڏ. سندن پيرن جي نشانن تي هلندي کين پهچي ويندينءَ، پوءِ ڪيچ ساڻن گڏ وڃجانءِ. هي محبتون ۽ پريت جا پيچ، پنهونءَ سان ڪيل قول اقرار، واعدا ۽ وچن متان وسارين، نہ تہ جبل جهاڳي رُلِي مرندينءَ.
دراصل ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ پنهنجي نظريي، قوم ۽ انهن سان ڪيل واعدا ۽ وچن نڀائڻ لاءِ اورچائيءَ سان جدوجهد ۽ جاکوڙ جاري رکو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

27/10/2015

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ



ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِيَي

سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

ڏورِيان = ڳوليان
مَ لَهان = لڀي ئي نہ ، ملي ئي نہ ، ملاقات نہ ٿئي
مَ = نه
هوتَ = محبوبن سان، پرين سان
لوچَ = اُساٽ، اُڃ، ڳولها، سِڪ، اُڪير
مَڇُڻِ = متان، مبادا
ماٺِي = جهڪي، هلڪي

بيت جو پس منظر

~ محبوب سان ملاقات نہ ٿئي, کيس سڄي زندگي ڳوليندي ڳوليندي گذري.
~ هيءَ اندر جي اُساٽ, ملڻ سان متان جهڪي نہ ٿي وڃي.

سمجهاڻي

محبوب جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ ۾ جيڪي راتيون ۽ ڏينهن تڙپندي، لڇندي ۽ ڦٿڪندي گذرندا آهن. انهن ۾ بہ هڪڙو سرور، سڪون، لطف ۽ مزو هوندو آهي. هر ڏينهن بيچيني، بيقراري، آھ زاري، سڏڪا، ساروڻيون ۽ دڳن ۾ ديدون هجن ٿيون. هر کڙڪي تي ڇرڪ ڀري اٿي پوڻ تہ شايد محبوب اچي ويو آهي.
هر رات ڊگهي ٿي وڃي ٿي، اوجاڳا، اوسيئڙا، انتظار ننڊون ڦٽائي ڇڏيندا آهن. رات روئندي، سڏڪندي ۽ پاسا ورائيندي گذرندي آهي.
تنهنڪري دل چئي ٿي :
جيڪر سڄي زندگي ايئين ئي محبوب لاءِ تڙپندي ۽ ڳوليندي ڳوليندي گذري وڃي پر ملاقات نہ ٿئي. ڇو تہ ملڻ کان پوءِ هن محبت ۾، سڪ ۽ اُڪِيرَ ۾ متان ڪا گهٽتائي نہ اچي وڃي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____


اڪثر دوست ڳوليان ڳوليان مَ لهان پڙهندا آهن جيڪو غلط آهي صحيح ڏوريان ڏوريان آهي.

حوالو رسالا

غلام محمد شاهواڻي صاحب
صفحو 214

ڊاڪٽر گربخشاڻي
صفحو 423

ڪلياڻ آڏواڻي
صفحو 214

سر حسيني سسئي
داستان ستون

24/10/2015

ڏَاڙِهِي رَتَ رَتِيَاسِ، ڏَندَ تَه مَوتِيُنِ ڳُتِيَا



ڏَاڙِهِي رَتَ رَتِيَاسِ، ڏَندَ تَه مَوتِيُنِ ڳُتِيَا
چَوڏهين مَاهَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙ ۾ پَيشَانِيَاسِ
اَللهُ نُورُ السَمَاوَات وَ الاَرض، جَلوَو زَمِينِيَاسِ
سيمَا هُم في وُجُوههم، مُنهَن ۾ مَڻِ ڳَتِيَاسِ
ڪَڪِرَا ڪَربَلا جَا، مَادَرِ ٿَي مَيڙِيَاسِ
ڦٽَنِ تَان رَتَ ڦَڙا، عَلِيءَ ٿَي اُگِهيَاسِ
مِڙَئِي مَعَافُ ڪِيَاسِ، خَالِقَ بَدلَي خُونَ جَي


سُرُ ڪَيڏَارَو

رَتيَاس = رت ۾ رنڱجي وئي
مَوتيُن ڳَتيَا = جيئن موتين مالها
پَيشَانيَاس = سندن چهرو مبارڪ
اللهُ نُورُ السَمَاوَات وَالاَرض= الله جو نور زمين ۽ آسمان ۾ ڦهليل آهي
جَلوَو = تجلو
زَمينيَاس = زمين تي
سيمَا هُم في وُجُوههم= سندن منهن ۾ سجدي جي نشاني آهي
مَڻ = موتيءَ جيان
ڳَتيَاس = نظر پئي آيو
ڪَڪرَا = پٿريون، واري، مٽي، دز، بجري
مَيڙيَاس = صاف پئي ڪيا

بيت جو پس منظر

ڪربلا جي ميدان تي امام حسين عليه سلام جي شهادت جو جيءُ جهوريندڙ منظر:

~ تيرن، نيزن، ڀالن ۽ ترارين لڳڻ ڪري امام حسين عليه سلام جي ڏاڙهي مبارڪ رت ۾ رڱجي وئي آهي. سندس ڏند مبارڪ موتين جي مالها جيان پيا جرڪن.

~ سندن چهرو مبارڪ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪي رهيو آهي ۽ سندن چهري مان نور الاهي تجلا ڏئي رهيو آهي. سجدي جي نشان جي جڳهه ڄڻ ڪي لعل، ياقوت ۽ موتي جرڪي رهيا آهن.

~ خاتون جنت بي بي فاطمه زهره عليه سلام سندن جسم تي لڳل مٽي ۽ دز پئي صاف ڪئي، جڏهن ته مولائي ڪائنات حضرت علي عليه سلام سندن ڦٽن تي لڳل گهاون مان رت اگهي رهيا آهن.

امام حسين عليه سلام جي ناحق خون جي بدلي امت بخشي ويندي..!!؟

سمجهاڻي

اڄ سڄي ڪائنات ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي, اڄ هر اک آلي آهي. اڄ هر پاسي اداسي ڇانيل آهي. اڄ اکيون لڙڪن جي ۽ دليون رت جي ڀيٽا پيش ڪري رهيون آهن.
اڄ انهيءَ دلير ۽ بهادر شهزادي جي شهادت جو ڏينهن آهي جنهن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جنگ رڳو هٿيارن ۽ ماڻهن سان نه پر همٿ، ثابت قدمي، ڏاهپ ۽ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي جذبي سان به وڙهي سگهجي ٿي.
اڄ امام عليه سلام جي شهادت جو ڏهاڙو آهي، جنهن دنيا جي سڀني محڪوم ۽ مظلوم ماڻهن ۽ قومن کي دلجاءِ، دلاسو، اميد، آسرو، آٿت ۽اتساه ڏنو. جنهن سمجهايو ته جي توهان حق ۽ سچ تي آهيو پوءِ ڀلي ٿورا ئي هجو ڪوڙ سان مهاڏو اٽڪايو پوءِ ڀلي ماريا ڇو نه وڃو.
اڄ هر طرف آه و بقا ۽ ماتم برپا آهي. اڄ امام حسين عليه سلام کي لڙڪن سان گڏ خوشبووئن، مهڪارن دعائن ۽ سلامن جي ڀيٽا پيش ٿي رهي آهي. اڄ سڄي ڪائنات ۾ احتجاج ۽ حسين زنده باد جون صدائون بلند ٿي رهيون آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

22/10/2015

حَسَنَ مِيرَ حُسَينَ کَي، رُنَو ٽِنِ ٽَولَنِ



حَسَنَ مِيرَ حُسَينَ کَي، رُنَو ٽِنِ ٽَولَنِ
گهرَ مَاڙُهَين، جَهنگ مِرُون، اُڀَنِ ۾ مَلڪَنِ
پَکِيُنِ پَاڻُ پَڇَاڙِيَو، ته لَڏِيَو هَوتَ وَڃنِ
اَلَا شَهَزَادَنِ، سَوڀُون ڏِئِينِ سَچَا ڌَڻِي


سُرُ ڪَيڏَارَو

مَاڙُهَين = ماڻهن
اُڀَن = آسمانن
مَلَڪَن = ملائڪن
پُڇَاڙيَو = سس پس ڪئي، هڪ ٻئي کي چيو

سمجهاڻي

امام حسن عليه سلام ۽ امام حسين عليه سلام جي عظيم شهادتن تي گهرن ۾ ماڻهن، جهنگن ۾ جانورن ۽ آسمانن ۾ ملائڪن زار وقطار رنو آهي، ماتم ڪيو آهي.
پکين هڪ ٻئي سان چهنبون ملائي روئي پئي چيو ته شهزادا لڏيو ٿا وڃن.
او منهنجا مولا پاڪ هنن شهزادن جي عظيم شهادتن کي قيامت تائين سرخرو، سوڀارو ۽ امر رکجان.

بيت جو پس منظر

امام حسن عليه سلام ۽ امام حسين عليه سلام لاءِ زمين توڙي آسمانن ۾ سندن عظيم ۽ بيمثال قربانين ۽شهادتن تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هر سال محرم مهيني ۾ تڏا وڇايا وڃن ٿا، ماتم ڪيو وڃي ٿو ۽ احتجاج جون صدائون بلند ٿين ٿيون. گهرن ۾ ماڻهون، جهنگن ۾ جانور، وڻن ۾ پکي ۽ آسمانن ۾ ملائڪ پنهنجي لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪن ٿا. ڪربلا جو واقعو ڏاڍ، زور زبردستي، قهر، جبر ۽ ظلم جو هي داستان پنهنجي جاءِ تي عظيم سانحو آهي. جيڪو هر نسل لاءِ ڪيترائي سوال، سبق ۽ سمجهاڻيون پيش ڪري ٿو.
سچ ۽ ڪوڙ جو هي ازلي ۽ ابدي مقابلو جاري رهندو. هر دور جا يزيد مظلومن تي ظلم، بربريت، وحشتون ۽ دردندگيون ڪندا رهندا ۽ مظلوم حسين عليه جي واٽ تي هلي حق ۽ سچ کي سرخرو ڪندا رهندا. ڪوڙ سدائين سچ کان شڪست کائيندو رهندو ۽ سچ جا سورج روشن ٿيندا رهندا.
اچو ته اسان پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيون ته اسان ڪنهن جي طرف آهيون...!!؟ظالم جي پاسي يا مظلوم جا ساٿي آهيون...!!؟

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

21/10/2015

ڏَاڙهي رَتَ رَتِيَاسِ، ڏَندَ تَه ڏَاڙهُونءَ گُلَ جِيئَن




ڏَاڙهي رَتَ رَتِيَاسِ، ڏَندَ تَه ڏَاڙهُونءَ گُلَ جِيئَن
چَوڏِهِينءَ مَاهَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙ ۾ پَاڳِڙِيَاسِ
مَيڙَي ۾ مُحَمَدَ جَي، مَرَ مُرڪَي مَاسِ
تَنهن سُورِهَه کَي شَابَاسِ، جَو مَٿَي پِڙ پُرِزَا ٿِيَو


سُرُ ڪَيڏَارَو

رَتيَاس = رت ۾ رنڱجي ويس، رت ۾ ڳاڙهي ٿي ويس
ڏَاڙهُونءَ گُلَ جيئَن = جيئن ڏاڙهونءَ جا گل ڳاڙها ٿيندا آهن
پِڙ = پٽ، ميدان، صحرائي ڪربلا
پَاڳڙيَاس = امام حسين عليه سلام جي دستار، پڳ مبارڪ
مَيڙَي = قيامت جي ڏينهن ماڻهن جو گڏ ٿيڻ
چَوڏهينءَ مَاهَ = چوڏهينءَ جي چنڊ جيان
مَاس = امام حسين عليه سلام جي امڙ - خاتون جنت بي بي فاطمه زهرا عليه سلام

بيت جو پس منظر

هن بيت ۾ ڀٽائي امام حسين عه جي شهادت جو منظر بيان ڪيو آهي.

سندس ڏاڙهي مبارڪ رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي آهي. تيرن، ڀالن ۽ نيزن جي گهاون لڳڻ ڪري سڄي جسم مان رت ٽمي رهيو آهي. منهن مبارڪ مان رت وهي جڏهن ڏندن تائين پهتو آهي ته ڏند ڏاڙهونءَ جي گل جيان ڳاڙها ٿا لڳن.
امام حسين عليه سلام جي پڳ مبارڪ ڪربلا جي ميدان ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جيان روشن پئي ڏسجي.
جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ۽ سڄي امت مديني جي آقا صلي الله عليه و آله وسلم جي چؤڦير گڏ هوندي تنهن ويل سانئڻ خاتون جنت بي بي فاطمه زهرا عليه سلام پنهنجي جگر گوشي امام حسن عليه سلام ۽ امام حسين عليه سلام جي عظيم شهادتن تي فخر ڪندي.
امام حسين عليه سلام جهڙي بهادر، دلير ۽ عظيم سپه سالار کي لکين درود، سلام، شاباسون ۽ آفرين جنهن بهادريءَ سان وڙهندي وڙهندي عظيم شهادت ماڻي.

سمجهاڻي

جنگ ۾ هٿيار، افرادي قؤت، رسد يا سپلاءِ جي وڏي اهميت هجي ٿي پر ان کان به وڌيڪ اهميت فوج جي ڪمانڊر جي هجي ٿي. سندس ڦڙتي، حاضر جوابي، صحيح ۽ وقتائتو فيصلو، رهبري ۽ قائدانه صلاحيت دشمن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي. اڳئين دؤر جنگيون آمهون سامهون وڙهيون وينديون هيون جنهن ۾ ان وقت جا هٿيار تير، نيزا، ڀالا ۽ تراريون استعمال ٿينديون هيون.
جڏهن ته اڄ جي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڪمپيوٽر جي دور ۾ افرادي قؤت جي ايڏي وڏي ڪا اهميت نه رهي آهي. هاڻي جنگيون دماغ، شعور، ڏاهپ ۽ سائنسي ٽيڪنالاجيءَ سان وڙهيون وڃن ٿيون.هڪ ماڻهون پري ويهي جديد هٿيارن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان هزارين نه بلڪه لکين ماڻهن کي موت جي ننڊ ڏئي سگهي ٿو.
سو اچو ته اسان به سوچيون ته ڀٽائيءَ جي قوم وٽ اها گهربل سائنسي ڄاڻ ٽيڪنالاجي مهيا آهي؟
يا اسان رڳو کوکلن نعرن، هڙتالن، مظاهرن ۽ بائيڪاٽن تي زندهه آهيون...!!؟

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

20/10/2015

ڳِجُهڙيُن ڳَارَو، رَاتَو ڏِينهَان رِڻَ ۾



ڳِجُهڙيُن ڳَارَو، رَاتَو ڏِينهَان رِڻَ ۾
ڀُڻِيُون پُڇَنِ پَاڻَ ۾، ڪَنهن مُنهُن ڪَيڏَارَو
کَائِنِ کَڳَمَارَو، ڪَانئِرُ پيَو ڪِنَو ٿِئَي


سُرُ ڪَيڏَارَو

ڳَارَو = کاڄ، کاڌ خوراڪ
رڻُ = صحرا، برپٽ، بيابان، خالي ميدان
ڀُڻيُون = پرواز ڪندڙ، هوا ۾ اڏامندڙ
ڪَنهن مُنهن = ڪهڙي پاسي، ڪهڙي طرف
ڪَيڏَارَو = جنگ
کَڳمارو = جمع کَڳمارا ، صفت. تلوار جو ماريل ، جنگ ۾ ماريل

بيت جو پس منظر

ڳجهن کي ته رات ڏينهن پنهنجي پيٽ جي ڳڻتي آهي تنهنڪري پيون رڻ پٽن ۾ لامارا ڏين.
هڪٻئي کان پيون پڇن ته ڏسو ته جنگ ڪٿي لڳي آهي ته گوشت کائڻ لاءِ ملي.
ڳجهون ڳولي ڦولي گوشت به انهن دليرن ۽ بهادرن جو ٿيون کائن جيڪي مُنهُن ڏئي سامهون ٿي هٿيارن سان وڙهيا آهن ۽ سندن منهن ۾ ڌڪ آهن.
باقي جيڪي بزدل پٺي ڏئي ڀڳا ۽ ماريا ويا تن جا لاش ڪنا پيا ٿين، ڳجهون سندن ويجهو به نٿيون وڃن.

سمجهاڻي

ڪنهن به سماج ۾ ڀاڙيائپ ۽ بزدليءَ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو، ننديو وڃي ٿو. جيڪي ماڻهون ضمير فروش، بيغيرت، عوام دشمن، قوم دشمن ۽ غدار آهن انهن کي پلئه پون ٿيون ٿڪون، لعنتون، خواريون، نفرتون ۽ ذلتون.جيڪي ماڻهون دلير، ارڏا، اڏول، دودا ۽ جوڌا آهن انهن تي قومون ناز ڪن ٿيون ۽ فخر کان سندن ڳاٽ اوچا ٿين ٿا.
ڀٽائي هن بيت ۾ ٻن ڪردارن کي پيش ڪيو آهي هڪڙا قوم دشمن، ڪانئر، بزدل ۽ ٻيا دودا، دلير، ڪوڏيا۽ ڪوپا.
اچو ته اڄ اسان به طئه ڪيون ته اسان جي قوم ۾ ڪهڙا قوم دشمن ۽ غدار آهن؟ڪهڙا ماڻهو هماليه جي پهاڙن کان به اوچا، ارڏا ۽ اڏول آهن؟ جن پنهنجيون جوانيو، پيار ۽ محبتون قربان ڪري ڇڏيون جيجل سنڌ تان.
هڪ ڀيرو وري سوچون ته اسان پنهنجي دلير ۽ بهادرن کي ڇڏي گيدي، ڪانئر، وطن دشمنن ۽ غدارن جي پٺيان ته نه لڳي پيا آهيون...!!؟

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

ڀَڳو آئُون نَه چَوَان، مَاريَو تَه وِسَهَان




ڀَڳو آئُون نَه چَوَان، مَاريَو تَه وِسَهَان
ڪَانڌَ مُنهَن ۾ ڌَڪِڙا، سَيڪِيندَي سُونهَان
تَه پِڻَ لَڄَ مَرَان، جَي هَونِسِ پُٺِ ۾


سُرُ ڪَيڏَارَو

وسَهَان = اعتبار ڪيان، مڃان - هي لفط ويسهُه يا ويساهَه مان ورتل آهي.
ڪَانڌَ = ورُ، مڙس، محبوب
سَيڪَيندَي = لڳل زخمن کي ٽڪور ڪيان نيم گرم پاڻيءَ سان
سُونهَان = فخر ڪيان، ڳاٽ اوچو ڪري گهمان
هَونس= هجنس، لڳنس

بيت جو پس منظر

جنگ ۾ وڙهندڙ هڪ سورمي جي زال يا محبوبه ٿي چئي ته جي ڪير چئي ته تنهنجو مڙس هلندي جنگ مان ڀڄي آيو آهي ته مون کي اعتبار ئي نه ايندو، پر چون ته وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو آهي ته اها ڳالهه دل سان لڳندي، ڇو ته هو بهادرته آهي ئي.
مان پنهنجي مڙس جي مُنهَن ۾ لڳل ڌڪن کي سيڪا ڏيندي فخر محسوس ڪنديس ڇو ته هو مُنهُن ڏئي بهادريءَ سان وڙهيو جو آهي.
پر جي خبر پئي ته کيس پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳا آهن ته جيڪر ٻڏي مران، ڇو ته هو هلندي جنگ مان پٺي ڏئي ڀڳو هوندو تڏهن ته پٺيءَ ۾ ڌڪ لڳا اٿس.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو ته مظلوم ۽ محڪوم قومون جڏهن پنهنجي آزاديءَ لاءِ وڙهنديون آهن ته ڪجهه فرد پنهنجي قوم سان غداري ڪري ظالم قوم سان ملي ويندا آهن، جيئن اڄ سنڌي قوم جا ڪجهه ماڻهون هڪ شهري نسلي ۽ دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿي سنڌ ورهائڻ واري عمل ۾ شريڪ آهن.
اهڙن چنيسرن ۽ قاضي قادنن جي هڪ وڏي کيپ هر مظلوم قوم جي اندر موجود هجي ٿي جيئن اڄ جا غدار وڏيرا، پير، مير ۽ وقت جا حڪمران اڄ سنڌ سان نه پر سنڌ جي دشمنن سان بيٺل آهن. هي فرد ۽ ٽولا نه رڳو هلندي جدوجهد پر جنگ ۽ ويڙهه واري محاظ تان به قوم سان ويساهه گهاتي ڪن ٿا.
ڀٽائي هن بيت ۾ اهڙن سورمن ۽ سورهين جي به ڳالهه ڪئي آهي جيڪي وڙهندي وڙهندي رتورت ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجي ريٽي رت سان جيجل امڙ جو ڳاٽ اوچو ڪري تاريخ ۾ امرتا ماڻن ٿا.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

19/10/2015

سُورِهَه مَرِين سَوڀَ کَي، ته دِلِ جَا وَهَمَ وِسَارِ



سُورِهَه مَرِين سَوڀَ کَي، ته دِلِ جَا وَهَمَ وِسَارِ
هَڻُ ڀَالا وِڙُهه ڀَاڪُرَين، آڏِي ڍَالَ مَ ڍَارِ
مَٿَان تَيغ تَرَار، مَار ته مَتَارَو ٿِئَين


سُرُ ڪَيڏَارَو

سَوڀَ = فتح، ڪاميابي، نصرت
وَهَمَ = زماني جا وسوسا، فڪرَ، ڊَپُ ڊَاءُ، خوف خطرا
ڍار = جَهلَ
تَيغَ = ترار
مَتَارَو = بهادر

بيت جو پس منظر

او دلير پُٽَ جنهن فتح ۽ ڪاميابيءَ لاءِ تون جنگ جوٽي آهي ته پوءِ دل ۾ اجائي ڊڄ ڊپ ۽ خوف خطرن کي وساري ڇڏ.
ويڙهه جا هٿيار کڻي دشمن تي حملو ڪر ۽ دشمن جي ويجهو ٿيئي ته ٻکين پئجي وڃينس ۽ دسي مارينس.
پنهنجي ترار جي آڏو ڍال ڏئي نه وڙهه نه ته دشمن سمجهندو ته بزدل آهي. دشمن جي توتي ترار تاڻي ته تون سندس ترار تي پنهنجي ترار هڻي ڪيرائي وجهينس، تڏهن ته بهادر سڏيو ويندين.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ جنگ جا هنر ۽ حڪمت عمليون ٿو سيکاري.جي اوهين چاهيو ٿا ته فتح، ڪاميابي ۽ سوڀ ماڻيو ته دل مان خوف خطرا ڪڍي ڇڏيو. دلير ۽ بهادر ٿي وڙهو، دشمن جي حملي کان اڳ ئي پاڻ حملو ڪري کيس ختم ڪري ڇڏيو.
ڀٽائي هن بيت ۾ جنگ کان اڳ هڪ نفسياتي جنگ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هن اصلي جنگ کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿي. جنگ ۾ وڙهندڙ سپاهي جي اهو سوچي ته اسان جي ڀيٽ ۾ دشمن وڌيڪ طاقت رکي ٿو.کيس هٿيار به جديد ۽ گهڻا آهن ۽ افرادي قؤت به وٽس آهي، ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو ته هن نفسياتي برتري، رعب، دٻدٻي اسلحي ۽ افرادي قؤت جي ڪري دشمن جو مقابلو نه ڪري سگهندؤ ۽ جنگ هارائيندؤ.
سو اچو ته ڀٽائيءَ جي صلاح تي عمل ڪندي جنگ جا جديد طريقا ۽ حڪمت عمليون اختيار ڪري بهادرن جيان وڙهون ۽ ڪاميابيون ماڻيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

17/10/2015

ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُلِ رَتَا پَيرَ



ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُلِ رَتَا پَيرَ
سَٽُون ڏيندَي شَيرَ، مَٿَان سِجُ مُرڪيَو


سُرُ ڪَيڏَارَو

ڪَڪَوري = ريٽي رت سان رڱجي وئي، رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي.
دُلدُل = امام حسين عليه سلام جو گهوڙو جنهن کي ذوالجناح چئبو آهي.
رَتَا = رتو رت، رتو واهه
سَٽُون = حملا، ڪاهُون، وَارَ
شَيرَ = امام حسين عليه سلام کي چيو ويو آهي.

بيت جو پس منظر

جنگ هلندي ڪربلا جي ڌرتي ريٽي رتَ سان رڱجي وئي آهي، ڳاڙهي ٿي وئي آهي. هر طرف رڳو لاشا ۽ رت پيو نظر اچي . امام حسين عليه سلام جي ذوالجناح جا پير پڻ رت ۾ ٻڏي ويا آهن.
امام حسين عليه سلام جيڪي يزيدي فوج تي حملا ٿي ڪيا، وارَ ٿي ڪيا اهي ايڏا مظبوط ۽ منظم هيا جو مٿان سج به ڏسي مرڪي پيو آهي.

سمجهاڻي

ڪربلا جو واقعو جنهن کي ڪيئي صديون گذري ويون آهن پر اڄ تائين دنيا جا مظلوم ۽ محڪوم ماڻهون ۽ قومون ياد رکندا اچن ته ڪيئن ٿورن ۽ هٿين خالي ماڻهن گهڻن ۽ هٿياربند يزيدين کي شڪست ڏني.
رڳو مسلمان نه پر دنيا جا سڀ حق ۽ سچ تي هلڻ وارا ماڻهو هن واقعي کي پنهنجو آئيڊيل ڪوڙ، ٺڳي، مڪر، فريب، ظلم ۽ جبر جي خلاف وڙهندا رهندا. امام حسين عليه سلام ۽ ان جي ساٿين جي جيڪا اخلاقي فتح ٿي تنهن کي وڏي ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.هر ظالم ۽ جابر جيان يزيد تي به سدائين لعنتون وسنديون رهنديون ۽ امام حسين عليه سلام لاءِ لکين، ڪروڙين درودن ۽ سلامن جي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي. امام حسين عليه سلام عظمتن ۽ بلندين جو اهڃاڻ آهي.هر سال محرم مهيني ۾ سڄي دنيا جي هر ملڪ، هر شهر، هر ڳوٺ، هر وستي ۽ هر واهڻ ۾ هي احتجاج ۽ "حسين زنده باد" جون صدائون بلند ٿينديون رهنديون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

16/10/2015

حَسَنُ نَاهِه حُسَينَ وَٽِ، ٻَيلِي نَه ٻَاهُون




حَسَنُ نَاهِه حُسَينَ وَٽِ، ٻَيلِي نَه ٻَاهُون
سَاڙيه شَهَزَادَن جَو، آهَي آڳاهُون
يَزيدَ جُلَاهُون، تَيلَان ڪَريَين تَڪڙِيُون


سُرُ ڪَيڏَارَو

ٻَيلي = همراهه
ٻَاهُون = مددگار، سهارو، ڏڍ، آٿت
آڳاهُون = پري، ڏور
جُلَاهُون = ڪاهون، هلائون، حملا
تَيلَان = تڏهن، تنهنڪري

بيت جو پس منظر

امام حسن عه کي ڪربلا جي واقعي کان ٻارهن سال اڳ يزيدي ٽولي زهر ڏئي شهيد ڪيو هو. هاڻي ته اهو به نه رهيو جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪري هان. حسين عه اڄ اڪيلو ٿي ويو آهي، کيس سهارو، ڏڍ ۽ آٿت ڏيڻ وارو ڪو به ناهي.
او شل باه لڳئي يزيد هنن شهزادن جو وطن به هتان تمام گهڻو پري آهي.
تڏهن ئي ته تون شهزادن کي اڪيلو ڏسي پيو وري وري حملا ڪرين.

سمجهاڻي

ڪربلا جو واقعو سڄي دنيا جي پيڙهيل، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۽ قومن لاءِ وڏي وٿ، ڏڍ، آٿت ۽ اتساهه آهي. امام حسين عه ۽ ان جي ساٿين ثابت ڪيو ته جنگ رڳو وڏي لشڪر ۽ هٿيارن سان نه پر عزم ۽ حوصلي سان به کٽي سگهجي ٿي.دنيا جا مظلوم ۽ محڪوم ماڻهون ۽ قومون هن ڪربلا جي واقعي کي Ideal ۽ Symbol طور پنهنجي اڳيان رکي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي سگهن ٿا.
اچو ته اسان به پنهنجا حوصلا ۽ عزم هماليه جي پهاڙن جيڏا مظبوط بڻايون ۽ وقت جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪائي امن، انصاف، آزادي ۽ آجپو ماڻيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

15/10/2015

ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾، آيَا جُنگ جُوانَ



ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾، آيَا جُنگ جُوانَ
ڌَرتِي ڌُٻِي لَرزِي, ٿرٿليَا آسمَانَ
ڪَرَهَه هُئي ڪَانَه، هَو نَظَارَو نينهَن جَو


سُرَ ڪَيڏَارَو

ڪَاملَ = ڪمال جا ڌڻي، بيمثال - اهڙا ڪم ڪندڙ جيڪي ٻيو ڪو ڪري ئي نه سگهي.
جُنگ = اجگر، جبل جيڏا، زبردست قؤت ۽ طاقت جا مالڪ - هي فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي معنى ٿس وڏو جهاز
لَرزي = ڏڪي وئي، لُڏي وئي
ٿرٿليَا = ڪنبي ويا
ڪَرَهَه = جنگ، لڙائي، ويڙهه

بيت جو پس منظر

هي عظيم سپهه سالار ۽ سورهيه پُٽ ڪربلا جي ميدان تي آيا آهن ته سندن دليري، بهادري ۽ حشمت ڏسي ڌرتي ڌڏي وئي آهي، آسمانن ۾ زلزلا آهن.
دراصل هيءَ ڪا عام قسم جي جنگ نه هئي پر حق جي ذات سان محبت ۽ عشق جو اعلى، بيمثال ۽ ڪمال درجي جو اظهار هيو.

سمجهاڻي

مولائي ڪائنات حضرت علي عليه سلام جا شهزادا جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ داخل ٿين ٿا دشمن جي فوجن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ٿا وڃن. ڌرتي ڌڏي ٿي ۽ آسمانن ۾ به زلزلا برپاٿين ٿا.حق ۽ باطل جي وچ ۾ هي جنگ هڪ پاسي ظلم، ڏاڍ، وحشت، بربريت جي انتها آهي ته ٻئي پاسي حق ۽ سچ جي عظمتن جو اهڃاڻآهي. هڪ پاسي ڪوڙ کي رسوايون، خواريون، ذلتون ۽ لعنتون ملن ٿيون ته ٻئي پاسي حق جي ذات سان عشق ۽ محبت جي انتها جو اظهار آهي. حق ۽ سچ جو فخر کان ڳاٽ اوچو ٿئي ٿو ۽ سچ ڪاميابيون ماڻي سرخرو ٿئي ٿو، امرتا ماڻي ٿو.

_____چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

14/10/2015

مُسافَرِنِئُون، ماءِ ! وِرِھُ وِهايُمِ وِتِرو



مُسافَرِنِئُون، ماءِ ! وِرِھُ وِهايُمِ وِتِرو
اَچَي ٿِيَمِ اوچِتَي، تَنِ سانگِيَنِ سِين ساڃاءِ
جِيجا ! جَهلَ مَ پاءِ، هِيُون هوتَ هڻِي وِئا


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

مُسافَرِنِئُون = مسافرن کان، سفر ڪندڙن کان
ماءِ = جيجل ، امڙ، امان
وِرِھُ = درد، وڇوڙو، عشق جو عذاب
وِهايُمِ = مليم، حاصل ٿيم، خريديم، پلئہ پيم
وِتِرو = جهجهو، گهڻو، وڌيڪ
سانگِيَنِ = پرديسين، پرڏيهين
ساڃاءِ = ڄاڻ سڃاڻ، واقفيت، ملاقات
جيجا = جيجل، او امان
جَهلَ = روڪ
مَ پاءِ = نہ ڪر
هِيُون = هنيانءُ، دل، مَنُ

بيت جو پس منظر

~ او جيجل ! هنن مسافرن کان مون گهڻو ئي درد پرايو آهي.
~ هنن پرديسين سان منهنجي اوچتي ملاقات ٿي هئي.
~ او امان ! مون کي نہ روڪ، منهنجي دل کي پرين زخم ڏئي ويا آهن.

سمجهاڻي

پنهون ۽ سندس ڀائر ڀنڀور شهر جا نہ، پر هو بلوچستان پرڳڻي جي ڪيچ مڪران کان سنڌ ۾ خوشبوءِ جي واپارين جا ويس ڍڪي آيا هئا. سسئي ۽ ڀنڀور جي ماڻهن لاءِ هي نوان، اوپرا ۽ ٻاهريان مسافر هئا، جيڪي واپار سانگي قافلا وٺي سنڌ ۾ آيا هئا.
پنهونءَ جي بي وفائيءَ ڪري ڪيچ موٽڻ کان پوءِ سسئي هنجون هاريندي چئي ٿي :
او جيجل ! هي مسافر جيڪي ڪيچ کان هتي آيا هئا، تن کان مون گهڻا ڏک، سور ۽ درد پرايا آهن. هي پرديسي مون اڳ ڪڏهن ڪونہ ڏٺا هئا، سي مون لاءِ نوان اوپرا ۽ ٻاهريان آهن. جن سان ملاقات بہ ڀنڀور جي بازارين ۾ خوشبو خريد ڪندي اوچتي ٿي هئي.
او امان ! مونکي سندن قافلي پويان وڃڻ کان نہ روڪجان. ڇو تہ هي واپارين جي ويس ۾ آيل پرڏيهي منهنجو سر ساھ، دل ۽ سڀ ڪجھ پاڻ سان گڏ کڻي هليا ويا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

12/10/2015

سانڍِ پَنهِنجِي ساهِ، ٻاهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان



سانڍِ پَنهِنجِي ساهِ، ٻاهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان
واڳِيُون جَي وَرَنِ سِين، تَنِ سَرَتِيَن سَيڄَ سُهاءِ
مُنکَي طعنا تَي ڏِيَين، مُون جِنءَ مُٺِنءِ نہ ماءِ
آرِي جَي آڪاهِ، رُلايَسِ روهَنِ ۾


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

سانڍِ = لڪائي رک، سنڀالي رک، هٿيڪا ڪر
ساهِ = زيور، زيورن جو سيٽ
ٻاهِين = عاج جا چوڙا
ٻُورا = ڇيهون ڇيهون، ذريون ذريون
واڳِيُون = واڳيل، ٻڌل، مليل
سَيڄَ = سيج، شاديءَ رات وارو پلنگ
سُهاءِ = سُونهَين ٿو، ٺهي ٿو
مُٺنءَ = آزار ۾ پئينءَ
ماءِ = جيجل
آرِي = آري ڄام
آڪاهِ = آڪھِ، ڪٽنب، خاندان
روهَنِ = جبلن، پهاڙن

بيت جو پس منظر

~ هي پنهنجا زيور هٿيڪا ڪر، چوڙيون ڀڃي ڀورا ٿي ڪيان.
~ هي سيج پلنگ تہ انهن کي سُونهَين ٿي جيڪي مڙسن جي ٻکن ۾ آهن.
~ او جيجل مون کي مهڻا ڏيڻ واريون شال هيئن آزار ۾ نہ پون.
~ مونکي آريءَ جي اولاد جبلن ۾ رلايو آهي.

سمجهاڻي

سنڌي سماج ۾ عورت لاءِ ڇپر ڇانوَ سندس مڙس ئي هوندو آهي. هو نہ رڳو گهر سنڀالي ٿو پر معاشي ۽ اقتصادي طور سڀني اختيارن جو مالڪ بہ هجي ٿو. ڪنهن سبب جي علحدگي ٿئي ٿي تہ نقصان وري بہ عورت کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. مڙس زال لاءِ ڏڍ، آٿت، اميد، آسرو ۽ اتساھ آهي.
پنهون نہ رڳو سسئيءَ جو محبوب پر بيحد پيار ڪندڙ مڙس بہ هئو. هاڻي هوءِ اڪيلي ٿي وئي آهي. سڀ هار سينگار، ويس وڳا ڦٽي ڪري قيمتي زيور ماءُ جي حوالي ڪندي چئي ٿي:
هي هارسينگار ڪري ويس وڳا پائي ڪنهن کي ڏيکـارينديس. هي سڀ زهر ٿا لڳن. هي ٺاھ ٺوھ تہ مڙسن وارين کي سونهن ٿا جيڪي سندن ٻکين پيل آهن.
هي سڀ ويل، قهر ۽ جبلن جا رولاڪا مون کي ڪيچ مڪران جي آري ڄام جي خاندان جا تحفا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

اُجاڙا ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون ! سَکَرُ ڀائِيان




اُجاڙا ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون ! سَکَرُ ڀائِيان
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيَنِ سِين


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

اُجاڙا = سڃ کان، ويرانيءَ کان
ڀَنڀورُ = سسئيءَ جو شهر - جتي پنهونءَ سان عشق ڪيائين
سَرَتِيُون = سهيليون
سَکَرُ = سٺو، بهتر
ڀائِيان = سمجهان
آرِياڻي = آري ڄام، آريءَ جو اولاد يعني پنهون
اَتُورُ = اڻلڀ، بي مثال

بيت جو پس منظر

~ اي سرتيون ! هي ويران ۽ سڃو ڀنڀور آهي پر مان ان کي سٺو سمجهان ٿي.
~ هتي ئي مون بيمثال پنهونءَ کي اکڙين سان پسيو هئو.

سمجاڻي

جڏهن ڪنهن سان محبت ٿي ويندي آهي تہ ساڻس لاڳاپيل هر شئي وليون، وڻ، ڳليون، ڳوٺ ۽ شهر پيارو
لڳندو آهي. هر شئي منجهان محبوب جي مهڪ ۽ هٻڪار ايندي آهي.
توڙي جو ڀنڀور جون بازاريون ويران، سڃيون ۽ سنسان بڻجي ويون آهن. هر شئي ڪنهن کنڊر جو ڏيک
ڏئي رهي آهي. جتي هر وقت بازارين ۾ رونقون ۽ ميلا متل هوندا هئا، اتي هاڻي سڃ جو راڪاس واڪا پيو ڪري. هي سڀ پنهونءَ جي سسئيءَ سان بي وفائيءَ يا زبردستي کنڀجي کڄي وڃڻ کٰان پوء تباهي آئي آهي.
پر تڏهن بہ سسئي چئي ٿي :
هن اجڙيل ۽ ويران ڀنڀور شهر کي سڀني شهرن کان ڀلو ۽ اُتم ٿي ڀايان. ڇو تہ مون پنهنجي بي مثال ۽ املھ ماڻڪ محبوب پنهونءَ کي هن ئي ڀنڀور شهر جي بازارين ۾ وٽانئس خوشبو خريد ڪندي پهريون ڀيرو ڏٺو هو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ



ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ
ڇَپَرَ ڪوسو واءُ، هَرِيا تو نَيڻَ ڪِئا


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

ڏاڍِي = زبردست، گهڻي
لُڪَ = جهولو، گرم هو
لَڪَنِ = لنگهن، رستن، جبل مان گذرڻ جي رستن
پَٽَنِ = ميدانن
پَچاءُ = سوز، گرمي
ڇَپَرِ = جبلن ۾
واءُ = هوا
هَرِيا = آلا
نَيڻَ = اکيون
ڪِئا = ڪيا

بيت جو پس منظر

~ اڄ لڪن ۾ گرم هوائون پيون لڳن، ميدانن ۾ پڻ گرمي آهي.
~ جبلن ۾ ڪوسيون هوائون پيون گُهلن، سسئيءَ جا نيڻ آلا آهن.

سمجهاڻي

جاگرافيائي حوالي سان سنڌ دنيا جي گرم ترين خطن مان هڪ آهي. سياري جي مند جي ڪجھ مهينن کي ڇڏي باقي هتي گرمي پد سدائين بلند ترين سطح تي پهچي وڃي ٿو. بلوچستان جو پڻ گهڻو حصو صحرا ۽ جابلو علائقي جي ڪوهستاني حصن تي مشتمل آهي. جتان جي موسم پڻ سنڌ جيان سانوڻيءَ جي مند ۾ اڪثر گرم رهي ٿي.
ڀنڀور کان ڪيچ مڪران تائين وارو پنڌ جيڪو پنهونءَ جي قافلي ۽ پوءِ سسئيءَ بہ جهاڳيو. سو پڻ اڪثر جبل جي لڪن، لنگهن يا رستن تي مشتمل آهي، جيڪو اڪيلي سسئيءَ پيرين پنڌ جهاڳيو هو.
هن بيت ۾ ڀٽائي سسئيءَ جي پنڌ جا پيرا کڻي ٿو:
اڄ جبلن جي لڪن يا لنگهن ۾ سانوڻي مند جون تيز لُڪُون يا جهولا لڳي رهيا آهن. جنهن سان هٿ، پير، منهن ۽ سڄو بدن سڙيو وڃي ٿو. پٽن ۽ ميدانن ۾ پڻ شديد گرمي آهي. جبلن ۾ گرم ترين هوائون گُهلي رهيون آهن. سسئي اهڙي سخت گرمي ۽ لُڪُنِ ۾ پنهونءَ جي قافلي جا پيرا کنيون ٿي وڃي.
پنهونءَ کي ساريندي سسئيءَ جون اکيون آليون ٿي ويون آهن. سندس ظبط ٽُٽي پيو آهي ۽ اکڙين جا بند ڀڄي پيا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
___

09/10/2015

اَچِئو اَچئو چُونِ، وِهُه، وِئا تان گهورِئا



اَچِئو اَچئو چُونِ، وِهُه، وِئا تان گهورِئا
سَرَتِنِ سانگُ ! سُکَنِ سِين، مُون جِنءَ رَتُ نه رُونِ
اُو مَرُ وَيٺِيُون هُونِ، مُون ساڱاتُو سُورَ ٿِئا


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

اَچِئو اَچِئو = ايندي ئي، اچڻ ساڻ
چُونِ = چون ٿيون، چوڻ لڳيون
وِھُ = زهر
وِئا تان گهورئا = ويا تہ صدقي ٿيا، چڱو ٿيو
سَرَتِنِ = سهيلين، سنگتياڻين
سانگُ = سانگو، ڪم
جِنءَ = جيئن
رُونِ = روئن
اُو = اُهي، هو سرتيون
مَرُ = ڀلي
هُونِ = هجن
ساڱاتُو = سنگتي، دوست، همسفر

بيت جو پس منظر

~ اچڻ سان چوڻ لڳيون، ”زهر هئا، ويا تہ صدقي ٿيا“ .
~ سرتين کي سکن سان ڪم آهي، مون جيان رت جا ڳوڙها ڇو ڳاڙينديون.
~ اهي ڀلي ويٺيون رهن، سور منهنجا سنگتي آهن سي ساڻ هلندا.

سمجهاڻي

پنهونءَ کي کنڀي ڀائر کڻي ويا هليا، تڏهن سسئيءَ مٿان مصيبتن جا پهاڙ ڪري پيا ها. تڏو وڇائي پنهل لاءِ پار ڪڍي پئي روئي. سرتيون ڏک ونڊڻ لاءِ اچي گڏ ٿيون هيون. سسئيءَ کي آٿت ڏيڻ بجاءِ اهڙيون ڳالهيون ٿي ڪيائون جو سسئيءَ جو اندر ٿي جليو.
تڏهن سسئي سرتين لاءِ ٿي چئي :
مون کي دلجاءِ ۽ دلاسا ڏيڻ بجاءِ سرتيون چوڻ لڳيون، زهر هيا تولاءِ چڱو ٿيو جو هليا ويا صدقي ٿيا تو مٿان. هي سرتيون سُک جون پليل آهن، کين ڪهڙي خبر تہ ڏک ڇا ٿيندا آهن، نہ تہ جيڪر اکين مان پاڻيءَ بجاءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙن ها.
هي سرتيون هتي ڀلي پنهنجي مڙسن سان ٻکين هجن، مون ساڻ گڏجي نہ هلن. مان ۽ منهنجا سور پنهونءَ جي قافلي پويان سنگتي ٿي گڏ جبل جهاڳينداسين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
___

08/10/2015

سُتَي پونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا



سُتَي پونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا
وَمَ وِهاٽِي، وو! ڙَي ! ڪوهِيارَي ڪِرِڪَ
ڌَڙُ ڌُوڻِئو تِهِ ڌَڪَ، جَڏِيَ جِيَڻُ نہ ٿِيَي


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

پُونِ = پَونِ، پَونِمِ
ڇِرِڪَ = درهڙيون، ڏڪڻيون، خوف، ڊڄ ٿيڻ
آيَلِ = جيجل، ماءُ، امڙ
وَمَ = ورم جو مخفف، رئيسہ عضوو، جسم جو اندريون نازڪ حصو
وِهاٽِي = ڦهڪائي، زور سان هنيئي
وو = دانهن، رڙ
ڙَي = الا ڙي
ڪوهِيارَي = جبل جي ماڻهونءَ يعني پنهونءَ
ڪِرِڪَ = تير، ڪمان، ٻاڻ
ڌَڙُ = جسم، بدن، سرير
ڌُوڻِئو = لوڏيو، لوڏي ڇڏيو
تِهِ = تنهن
ڌَڪَ = زخم، ڦٽ، گهاءُ

بيت جو پس منظر

~ او جيجل ! ننڊ ۾ سُتِي پئي آهيان تہ ٻاروچن جي ياد ايندي ئي ڇرڪ نڪري ٿا وڃن.
~ الا ڙي ! ڪوهياري مون کي زور سان سنڌائتو ڌڪ هنيو آهي.
~ هن ڌڪ تہ منهنجو سڄو جسم لوڏي ڇڏيو آهي، هن ڦَٽِيَلِ جو جيئڻ ڪيئن ٿيندو.

سمجهاڻي

هر ڪم هر ڳالھ وسري سگهي ٿي، پر محبوب سان گهاريل پيار جا پل، روح رهاڻيون ۽ ڪچهريون وسري ناهن سگهنديون. اها ئي محبوب جي ڏنل سوغات ۽ سوکڙي انمول ۽ املھ ماڻڪ هوندي آهي، جيڪا سدائين ساھ ۾ سانڍيل
هوندي آهي.
اڄ سسئيءَ کي پنهنجي محبوب پنهونءَ سان گهاريل پيار جا پل، رهاڻيون ۽ ڪچهريون وري وري ياد پيون اچن.
سسئي انهن ساروڻين کي ساريندي چئي ٿي :
او جيجل ! پنهونءَ پڄاڻان منهنجيون نيڻين ننڊون ڦٽل آهن، پر جيڪڏهن ڪڏهن کڻي اک لڳي بہ ٿي تہ پنهونءَ جي ياد ايندي ئي ڇرڪ ڀري اٿي پوان ٿي.
الا ڙي ! پنهونءَ منهنجي ساري وجود تي اهڙو زوارائتو ڌ ڪ هنيو آهي جو منهنجو سڄو وجود ڌڏي، لُڏِي ويو آهي. هاڻي هن گهايل جو پنهونءَ سواءِ جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
___

07/10/2015

ڏُنگَرَ ڀونئيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ مَيخُون ڏُونگَرَين



ڏُنگَرَ ڀونئيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ مَيخُون ڏُونگَرَين
هِهَڙا سَيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهندِينءَ ڪَي ٻِئا


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

ڏُونگَرَ = جبل
ڀُونئيِنِ = زمين لاءِ
ڪِيرَ = ڪِلا، ڪِلِيُون
مَيخُون = جَڙون
ڏُونگَرَين = جبلن جون
هِهَڙا = اهڙا، هن جهڙا
سَيڻَ = دوست، پرين، محبوب
سُڌِيرَ = هوشيار، دلبر

بيت جو پس منظر

~ جبل زمين جا ڪِلا آهن، محبوب جبلن جي جڙن جيان آهن.
~ اهڙا ھوشيار ۽ دلبر ڪي ٻئا ڳوليي نہ لڀندا.

سمجهاڻي

هن بيت ۾ ڀٽائي قران جي آيت ”ڇا اسان زمين کي هموار نہ بڻايو، ۽ ان تي جبلن کي ڪِيرَنِ جيان نہ کوڙيوسين“
جو حوالو ڏيئي سمجهائي ٿو تہ جبل زمين جا ڪِلا آهن، کيس لُڏَڻَ ۽ کسڪڻ کان بچائي مظبوطيءَ سان جهلي بيهن ٿا.
جبلن کي زمين جي ڪلَنِ ۽ جڙن سان تشبيھ ڏيئي ڀٽائي سندن مظبوط ۽ سگهاري هجڻ جي ڳالھ ڪئي آهي.
سسئي پنهنجي محبوب پنهونءَ کي جبلن سان ڀيٽي چئي ٿي :
جيئن جبل زمين لاءِ سهارو آهن، تيئن پنهون مون لاءِ وڏو ڏڍ، آٿت ۽ اتساھ آهي. منهنجي دلبر جهڙو مظبوط ۽ دلير ماڻهون ٻئي هنڌ ڳوليي نہ لڀندو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

06/10/2015

ڏُنگَرَ ! ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گڏِجان ته چُئان




ڏُنگَرَ ! ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گڏِجان ته چُئان
ڀِنِي ٿِيَين ڀَوارِئون، ٻِئا وِنگا وَرَ سَنداءِ
چَڱِي ڪانہ ڪِياءِ، پَيرُ وِڃايَئِي پِرِينءَ جو


سُرُ ڪوهِيارِي سسئي

ڏُنگَرَ = جبل
سَنداءِ = تنهنجا
چُئان = چونديس
ڀِنِي = پرڀات، اسر ويل، پرھ ڦٽيءَ ويل
ٿِيَين = ٿي پئين ٿو
ڀَوارِئون = خوفناڪ، هيبتناڪ، ڊپ وارو، ڊيڄاريندڙ
وِنگا = ڦِڏا، اڙانگا
وَرَ = ور وڪڙ
ڪِياءِ = ڪيئي، تو ڪئي

بيت جو پس منظر

~ اي جبل ! جڏهن پنهونءَ سان ملنديس تنهنجي ڏنل ڏکن جي شڪايت ڪنديس.
~ پرھ ڦٽيءَ ويل تون خوفناڪ لڳندو آهين، ٻيا تنهنجا ور وڪڙ اڙانگا آهن.
~ تو مون سان ڪا چڱائي ناهي ڪئي، منهنجي پنهونءَ جا پير گم ڪري ڇڏيا اٿئي.

سمجهاڻي

سسئي پنهونءَ جي قافلي پويان لڪ لتاڙيندي جبل جهاڳيندي، رستي ۾ ملندڙ جهنگ جي جانورن، پکين، وڻن ۽ جبلن سان پنهنجي اندر جا احوال اوريندي ٿي وڃي.
انسان جي فطرت آهي تہ هو پنهنجي اندر جو اظهار ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهون نہ مليس تہ پنهنجو پاڻ سان، ڀتين، وڻن ۽ پکين سان ڳالهائي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي.
سسئي هن سفر ۾ اڪيلي آهي، ساڻس ڪير گڏ ناهي، تنهنڪري هوءَ جبل کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندي چئي ٿي :
اي جبل ! جڏهن پنهنجي محبوب پنهونءَ سان ملنديس تہ تنهنجي مليل ڏکن ۽ سورن جون شڪايتون ضرور ڪنديس.
هڪ تون اوچو ۽ اُتاهون آهين، ٻيو تنهنجا لنگھ، لاهيون ۽ چاڙهيون موتمار ۽ خطرناڪ آهن. پرھ ڦٽيءَ ويل تنهنجي مٿان دونهون، ڪوهيڙو ۽ ماڪ ڦهلجي ٿي تہ ويتر هيبتناڪ ۽ دھشت جي علامت بڻجيو وڃين.
اي جبل ! تنهنجي سخت نوڪدار پٿرن منهنجا نازڪ پير ڦاڙي ۽ ڦٽي وڌا آهن. تو منهنجي پنهونءَ جا پيرا گم ڪري ڇڏيا آهن، تو ڪا چڱائي ناهي ڪئي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

05/10/2015

مَتان ڪا، ٻَڙِي ! ٻولَ ٻاروچَي وِسَهَي



مَتان ڪا، ٻَڙِي ! ٻولَ ٻاروچَي وِسَهَي
هُندَ نه سُتِيَسِ، سَرَتِيُون ! وَيهِي رَهيَسِ وَڙِي
جَتَ پَنهِنجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گَهڙِي
ڪَيچِيَنِ آن نه ڪَڙِي، ڪِنهِن ڏُکِيَ ڏاوَڻُ ڏائِيو


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

ٻَڙِي = اي ادي، هڪ عورت جو ٻيءَ عورت سان مخاطب ٿيڻ وقت سڏڻ جيئن ” اڙي “
ٻولَ = واعدا، وچن، اقرار، ڳالهيون
وِسَهَي = اعتبار ڪري، ويساھ ڪري
ٻاروچَي = ٻروچ، جت
هُندَ = هوند، جيڪر
وَڙِي = واڳي، واڻجي، مڙهجي
مانَ = مَنَ
ڪَيچِيَنِ = ڪيچ مڪران مان آيل جت، پنهونءَ جا ڀائر
آن = آئون، مان
ڪَڙِي = ڪوڙِي
ڏاوَڻُ = شاديءَ جا ساٺَ - گهوٽ جي سالي يا ڪا سهاڳڻ گهوٽ جي هٿ ۽ پير جي آڱوٺي کي ڳاڙهي سٽ جي ڌاڳي سان ست ڦيرا ڏيندي آهي. گهوٽ ان ڌاڳن کي ڪيئنچيءَ سان ڪٽي خرچي ڏئي ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ٿيندو آهي. جي ڪنهن اڀاڳيءَ ڏاوڻ ڏائيا تہ گهوٽ ڪنوار ۾ اڻبڻت ٿيندي آهي.
ڏائيو = لائيو، ٻَڌو

بيت جو پس منظر

~ اڙِي ! متان ڪا ٻي ٻروچ جي واعدن تي اعتبار ڪري.
~ جيڪر پنهونءَ کي پاڻ سان واڳيان ها ۽ ننڊ نہ ڪريان ها.
~ شال جت پنهنجي ماڳ تي ڪا گهڙي اچي گڏ گذارين.
~ مان جتن کي ڪوڙِي ڪونہ هيس پر ڪنهن اڀاڳيءَ ڏاوڻ ڏائيا ها.

سمجهاڻي

پنهونءَ جي ڪيل بي وفائيءَ تي هنجون هاريندي سسئي چئي ٿي:
اڙي سرتيون ! جَت بي وفا آهن، سو متان ڪا ٻروچن سان نينهن لائي ۽ ڪُوڙن واعدن تي اعتبار ڪري.
او سرتيون ! مون کان غلطي ٿي وئي، پنهونءَ کي چيلهه ۾ رسو ٻڌي پاڻ سان واڳي پوءِ بي فڪري ٿي ننڊ ڪيان ها.
منهنجي آس آهي تہ جَت وري ڪڏهن موٽي اڱڻ اچن تہ ساڻن ڪي پل گڏ گذاريان. جَتن کي آئون ڪوڙِي ڪونہ هيس پر شاديءَ واري رات شايد ڪنهن اڀاڳيءَ پنهونءَ کي ڏاوڻ ڏائيا ها.
ڀٽائي عوامي شاعر آهي تڏهن تہ سنڌ جي شادين جي ريتن رسمن ۽ وهم وسوسن جي هن بيت ۾ عڪاسي ڪئي اٿائين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

03/10/2015

ڪَڏِهِن تان ٻاجَهه پَئِي، ساڄَنَ مُنجُ سَلامُ



ڪَڏِهِن تان ٻاجَهه پَئِي، ساڄَنَ مُنجُ سَلامُ
سِڪَ تُنهِنجِي سُپِرِين، ڪِئو تَنُ تَمامُ
هَٿَين حاجَ وِهُه ٿِي، نَيڻَين نِنڊَ حَرامُ
دوسَ نه سَهان دامُ، وِندُرِ ٿو وَيلا ڪَرِين


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

ٻاجَھ = مِهِرَ، رحم، ڪرم
پَئِي = پوئي
ساڄَنَ = پرين، محبوب
مُنجُ = موڪل
تَنُ = بُت، بدن، سرير، جسم
تَمامُ = پورو، سڄو
حاجَ = پھچ
وِھُ = زهر
دوسَ = دوست، پرين، محبوب
دامُ = دم، پل، گهڙي
وِندُرِ = لس ٻيلي لڳ واديءَ جو نالو جتان سسئي لنگهي هئي.
وَيلا = ديريون جمع، واحد دير
ڪَرِين = وقت گذارين، دير ڪرين

بيت جو پس منظر

~ او پرين ! ڪڏهن مهر پوئي تہ ڪي سلامَ ڏياري موڪل.
~ او سپرين ! تنهنجي سڪ ساھ کي سوڙهو ڪيو آهي.
~ مون کان ڪو ڪم پڄي نٿو، نيڻين ننڊ حرام آهي.
~ او جانب ! مان توکان پل پري رهي نٿي سگهان ۽ تون وتين ديريون ڪندو.

سمجهاڻي

رابطو، دعا سلام ۽ نياپو سنيهو ضروري آهي نہ تہ محبتون دورين ۽ جدائين ۾ بدلجي وڃن ٿيون. پوءِ اُهي محبتون ڪيڏيون بہ گهاٽيون ۽ گهريون ڇونہ هجن. وهمن، وِسوِسَنِ سبب انهن ۾ وٿيون ۽ وڇوٽيون پئجي وڃن ٿيون.
هن بيت ۾ سسئيءَ طرفان پنهونءَ کي شڪايت ڪيل آهي. ميارون ۽ ڏوراپا ڏنل آهن تہ مونکان پل پري نہ ٿيڻ وارا او پرين ! ايئين صفا وساري ويٺو آهين. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪو نياپو سنيهو ۽ دعا سلام موڪليندو رھ تہ هڪٻئي جي زندھ هجڻ جي خبر پوندي رهي.
او پرين ! تنهنجي سڪ ۽ اڪير من کي ماندو ۽ ساھ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. مون کان وڌيڪ انتظار نٿو ٿي سگهي. هنن نيڻن کان ننڊ ڪوهين ڏور هلي وئي آهي.
او محبوب ! مان تنهنجي هڪ پل جي جدائي بہ سهي نٿي سگهان. تون اچڻ ۾ ايڏي دير لڳائي ڇڏي آهي ڄڻ صديون گذري ويون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

02/10/2015

جَبَلُ مارَي جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کَي



جَبَلُ مارَي جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کَي
توڻِي لَڪَنِ لَکَ، سَڀِ لَنگَهدِيَسِ سِڪَ سان


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

جَکَ = بڪواس، ڪوڙ هڻڻ، ڊاڙيون هڻڻ
آڏو = اڳيان
آرِيچَنِ = آري ڄام جو اولاد، پنهونءَ جا ڀائر
لَڪَنِ = هي جمع آهي واحد ٿيندو لَڪَ، جنهن جي معني' لنگھَ، جبل مان گذرڻ جا رستا.
لَنگَهدِيَسِ = پار ڪنديس
سِڪَ = اُڪِيرَ

بيت جو پس منظر

~ هي جبل جيڪو جتن جَي قافلي آڏو آهي سو بڪواس ٿو ڪري.
~ توڙي لک لڪَ هجن تہ بہ پنهونءَ جي سڪ ۾ لتاڙي وينديس.

سمجهاڻي

پنهونءَ کي کنڀي سندس ڀائر جن جبلن کان گذريا هئا انهن ۾ هڪ پٻ جبل آهي. جيڪو ڪراچيءَ لڳ لس ٻيلي ويجهو هالار جبل جي ڏاکڻي قطار آهي ۽ ٻيو هاڙهو جبل آهي. هي جبل خطرناڪ لَڪن، اوچائي ۽ اُتاهين ٽڪرين سبب مشهور آهن. هتان ئي جتن جو قافلو گذريو هيو ۽ بعد ۾ سسئيءَ بہ ساڳيا جبل جهاڳيا هئا.
سسئي عزم ۽ حوصلي جو اظهار ڪندي چئي ٿي :
هي جبل بڪواس ڪن ٿا، ڊاڙيون هڻن ٿا تہ اسان اوچا آهيون. اسان جون خطرناڪ چاڙهيون ۽ موتمار لَڪَ ڪير لتاڙي نہ سگهندو. پر اهڙا لَکين لَڪ هجن تہ بہ پنهونءَ جي عشق ۾ پار ڪري وينديس.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته جبل علامت آهي هر ڏاڍ ۽ جبر جي، سو محبوبَ ۽ منزلون تلاشيندي عزم ۽ حوصلن سان هر ڏاڍ ۽ جبر جو بهادريءَ سان مقابلو ڪريو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

01/10/2015

سَسُئِيءَ لَنگِهيو سو، مَردَ جِنهِن ماتِ ڪِئا



سَسُئِيءَ لَنگِهيو سو، مَردَ جِنهِن ماتِ ڪِئا
جَبَلُ وَڏو جو، نَوڻِ مِڙوئِي نِينهَن کَي


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

سو = اُهو جبل
ماتِ = چُپ، ماٺ
نَوڻِ = هيٺاهين زمين، لسا پَٽَ
نِينهَن = عشق، محبت، پيار

بيت جو پس منظر

~ سَسُئيءَ اُهو پهاڙ پار ڪيو، جيڪو جُنگَ مڙسن کي جهڪايو ڇڏي.
~ هي اوچا جبل عشق وارن لاءِ هيٺاهين زمين جيان آهن.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ هن بيت ۾ سسئيءَ جي امر ۽ لازوال ڪردار جي ساراھ بيحد سهڻن لفظن ۾ ڪئي آهي. وِندر، پَٻُ ۽ هاڙهو جبل پنهنجي اوچاين، مٿانهن لڪن ۽ ورن وڪڙن سبب نهايت سخت ترين ۽ اوچن جبلن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. مٿين جبلن کي پار ڪرڻ لاءِ مردَ ماڻهون بہ وري وري سوچين ٿا، دليون هڻن ٿا نيٺ چُپ ٿي رُخُ مٽائين ٿا.
پر هي اڪيلي عورت سسئي بنا ڪنهن سُونهَين جي جڏهن لَڪ لتاڙي ۽ جبل جهاڳي ٿي تہ ڀٽائي سسئيءَ جي دليري، بهادري ۽ ارڏائپ تي فخر محسوس ڪندي، کيس مَردَنِ کان مٿانهون سمجهي ٿو. ڀٽائيءَ جي خيال مطابق سسئيءَ ۾ اِها قؤت ۽ طاقت پنهونءَ جي عشق جي ڪري پيدا ٿي آهي. جو هيڏا اُتاهان پهاڙ بہ کيس هيٺاهين زمين ۽ لَسا پَٽَ
لڳن ٿا.
اچو سوچيون تہ :
هن جيجل سنڌ سان اسان جي جيڪا لَنئُون لڳل آهي سا هن سسئيءَ واري عشق ۾ ڪڏهن تبديل ٿيندي...!!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____