30/11/2015

صُورَتَ سُوجِھ مَ تَنهِنجِي، پِيُ پُڇِين ٿو جو



صُورَتَ سُوجِهه مَ تَنهِنجِي، پِيُ پُڇِين ٿو جو
سُخُنُ ناهَي سو، جو مُنهَن مُقابِلِ نَه ٿِيَي


سُرُ آسا

صُورَتَ = چهرو، پيشاني، مُنهُن
سُوجِھ = ڳول، تلاش ڪر
مَ = نہ
تَنهِنجِي = اُن جي
پِيُ = پرين، محبوب
پُڇِين ٿو جو = جنهن کي معلوم ڪرڻ چاهين ٿو
سُخُنُ = ٻولُ، گفتگو، ڪچهري
مُنهَن مُقابِلِ = روبرو، آمهون سامهون

بيت جو پس منظر

~ ان جَي صورت جِي ڳولا نہ ڪر، جنهن محبوب کي ڳولين ٿو.
~ انهن لفظن کي گفتگو نہ چئبو، جيڪي پرپٺ ڳالهايا وڃن.

سمجهاڻي

ڪنهن سان گفتگو يا ڪچهري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ اهو توهان جي سامهون ويٺل هجي. اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي منهن ويهي اندر جا احوال اورڻ کي گفتگو نٿو چئي سگهجي. ايئين ئي محبوب حقيقي يعني مولا پاڪ جي صورت کي ڳولڻ جي ڪوشش نہ ڪر، ڇو تہ هنن اکين سان تون ڏسي نہ سگهندين.
اچو تہ ڀٽائيءَ کان ئي معلوم ڪيون تہ پوءِ کيس ڪيئن ڏسي سگهبو؟
” پرين سي پسن، ٻيئي جنين ٻُوٽِيُون “ ڀٽائي چئي ٿو ته هنن اکين کي جڏهن بند ڪندين تہ پوءِ اندرئينءَ اک سان کيس ڏسي سگهدين.
ٻئي هنڌ ڀٽائي چئي ٿوته ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار “ ؛
اي محبوب ! هن ڪائنات ۾ جيڪي هزارين، لکين ۽ ڪروڙين مظهر ۽ صورتون آهن سي سڀ تنهنجون ئي آهن ڇو تہ تون ئي هر شئي ۾ موجود آهين.
قران جي آيت آهي؛ ”ظاهِرُ و باطِنُ “ يعني پردي ۾ بہ آهي ۽ ظاهر بہ آهي. ظاهر ان کي چئبو آهي جنهن کي ڏسي سگهبو آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

28/11/2015

اُڀِرَندَيئِي سِجِ، پِرِين جَي نَه پَسَندِيُون



اُڀِرَندَيئِي سِجِ، پِرِين جَي نَه پَسَندِيُون
ڪَڍِي ٻَيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کَي


سُرُ آسا

اُڀِرَندَيئِي سِجِ = سج اڀرڻ ساڻ ئي
پِرِين = محبوب، جاني، جانب
پَسَندِيُون = ڏسنديون
ڏِجِ = ڏيئي ڇڏ، وڃي ڏي
ڪانگَنِ کَي = ڪانوَنِ کي

بيت جو پس منظر

~ سج اڀرڻ سان جيڪي محبوب کي نٿيون ڏسن.
~ سي ٻيئي اکيون ڪڍي ڪانوَن کي کارائجن.

سمجهاڻي

اڄ ڪلھ زندگي ڏاڍي مصروف بڻجي وئي آهي. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ انسان پاڻ بہ هڪ مشيني پرزو بڻجي ويو آهي. صبح جو سوير اٿي چانھ سان گڏ اخبار جو مطالعو، پوءِ تيار ٿي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، اداري يا دفتر ۾ ڪم ڪندي سڄو ڏينهن مصروف گذري ٿو.
پورهيت طبقي جا ماڻهون پڻ سج اڀريي مختلف ڪمن تي روانا ٿين ٿا، شام جو ٿڪجي واپس ٿين ٿا. هن مصروفيت جي ڪري پنهنجي پيارن ۽ مقدس رشتن کي وقت نٿو ڏيئي سگهجي.
ڀٽائي چئي ٿو:
سج اڀرڻ ساڻ هي اکيون جيڪڏهن محبوب کي نٿيون ڏسن تہ پوءِ هنن جو هجڻ ئي اجايو آهي. پوءِ هي ٻيئي اکيون ڪڍي وڃي ڪانون کي کارائجن.
ٻين لفظن ۾ ڀٽائي اسان کي هدايت ٿو ڪري تہ ڪيڏيون بہ مصروفيتون ڇونہ ھجن پنهنجي پيارن ۽ مقدس رشتن کي وسارڻ نہ گهرجي. ڇوتہ پيار ۽ محبتون ئي بهتر جياپي جو سبب آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

وَهِيان ٿِيَنَ وَٿاڻَ، ڏوکاهِي هُئانِ جَي



وَهِيان ٿِيَنَ وَٿاڻَ، ڏوکاهِي هُئانِ جَي
اَوءِ ڀَيڻِيُون ۽ ڀاڻَ، مَوٽِي مارُن اَڏِئا


سُرُ مارُئِي

وَهِيان = شاهوڪار، سکيا ستابا، آسودا
وَٿاڻَ = ماڳ، هنڌ، بيٺڪ، رهڻ جون جايون
ڏوکاهِي = ويڌن ۾، مشڪلات، تڪليف، ڏکيائيءَ ۾
هُئانِ جَي = انهن جا هئا، جي سندن هئا
اَوءِ = اُهَي
ڀَيڻِيُون = وٿاڻ، ماڳ، جايون
ڀاڻَ = وٿاڻ، ماڳ، وستيون
اَڏِئا = وري ٻيهر ٺاهيائون

بيت جو پس منظر

~ شال سندن اهنج ايذاءَ دور ٿين ۽ وستيون ويڙها خوشحال ٿين.
~ اُهي ماڳ ۽ هنڌ شاهوڪار ٿين, جيڪي ٻيهر آباد ڪيائون.

سمجهاڻي

ڪنهن بيئراج يا ڪيئنال نہ هئڻ ڪري ٿر جا ماڻهون اڪثر پاڻيءَ لاءَ ٻاڏائيندا رهن ٿا. ٿري ماڻهن جو کوهن ۽ برسات جي پاڻيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. وسڪارا نہ ٿيڻ ڪري ڏڪار جون حالتون پيدا ٿين ٿيون. مارو اڃ، بک ۽ بدحاليءَ سبب مال جا ڌڻ ڪاهي بيئراجي علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا.
ڀٽائي هن بيت ۾ ٿرين جي عذاب ۽ اذيت واري زندگيءَ کي فوڪس ڪندي دعا ڪئي آهي تہ شال ملير جي ملڪ تي پلر جي پالوٽ ٿئي. جيئن مارن ۽ سندن مال لاءِ اناج، ميوا، ڀاڄيون، چارو ۽ گهڻي مقدار ۾ گاھ پيدا ٿين.
بيئراجي علائقن ڏانهن لڏي ويل مارو واپس اچن ۽ سندن وستيون، ويڙها، ڳوٺ ۽ شهر خوشحال ٿين ۽ سکيا ستابا ٿين.
هر سال حڪومتون ۽ فلاحي ادارا ٿرين جي امداد واسطي ڪروڙين، اربين روپيا منظور ڪري پنهنجا پيٽ ڀرين ٿا ۽ ٿر جا ماڻهون بُڱ وگهي پيا مرن ۽ خودڪشيون پيا ڪن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

26/11/2015

پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ جا، نِياپا نَي ڪَي



پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ جا، نِياپا نَي ڪَي
سارَي ڏَيجِ سَرَتِيَين، يادِ پُنَئِي جَيڪَي
وَلِيُون، وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪَي ڪَي
سَڱَرَ کِينِ سَرَتِيُون، سَيُئَنِ جِنءَ سَيڪَي
زَيرِيُون ڀَڃِي جَيڪَي، مِلان مارُوئَڙَنِ کَي


سُرُ مارُئِي

پانڌِي = قاصد، نياپو کڻي ويندڙ
نَي = کڻي وڃ
پُنَئِي = پَوَنِي
ڦُلارِئا = ٻُورُ جهليائون، انگوريا
سَڱَرَ = سڱريون، ڪنڊيءَ جَي وڻ جو ڦلُ
کِينِ = کائن
سَيُئِنِ جِنءَ سَيڪَي = جيئن سَيُون پچائي کائبيون آهن
زَيرِيُون = پيرن جون ڪڙيون ، زنجيرون
ڀَڃِي = ٽوڙي

بيت جو پس منظر

~ اي قاصد ! محبوب لاءِ جيڪي نياپا ۽ سلام ڏيانءِ سي کڻي وڃجان
~ منهنجي سنگتياڻين مان جيڪي ياد اچني تن کي سلام چئجان.
~ ٿر ۾ وليون وڻ ٻوٽا ڦٽي پيا هوندا ۽ ڪرڙ جا ڏيلها پُسيون بہ پچي ويا هوندا.
~ منهنجون سهيليون سڱريون سيئن جيان رڌي کائينديون هونديون.
~ جيڪي زنجير جڪڙيل آهن سي ٽوڙي، مارن سان ملان.

سمجهاڻي

ملير مان آيل قاصد کان حال احوال وٺڻ کان پوءِ واپس ورندي مارئي کيس چئي ٿي :
سڀ کان پهريائين منهنجي محبوب کيت جنهن جي ڏاڍي سڪ لڳي اٿم، کي پيار، محتون ۽ سلام ڏجان. سهيلين کي منهنجي ۽ مونکي سهيلين جي بيحد سڪ لڳي آهي، کين بہ هڪ هڪ ڪري سلام ڏجان.
برسات وسڻ کانپوءِ هينئر ٿر ۾ گاھ، وڻ، وليون ۽ گل ٻوٽا ڦٽي پيا هوندا، سڄو ٿر ٻُورَ ۽ گلن جِي هٻڪار سان واسيل هوندو. ڪِرِڙَنِ جا ڏيلها ۽ پُسِيُون پڻ پچي راس ٿيون هونديون. سهيليون سڱرين کي رڌي پچائي سَئِيُنِ جيان کائي خوش ٿينديون هونديون.
دل چئي ٿي هي عمر جا لڳل زنجير، هٿ ۽ پير ڪڙيون ٽوڙي وڃي هڪدم مارن سان ملان جو مونکي سڪ لڳي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

25/11/2015

مائِٽَ مُنهِنجا، سُومَرا ! مارُو نَہ مَيرا




مائِٽَ مُنهِنجا، سُومَرا ! مارُو نَہ مَيرا
اُٿِيو ڏِيَنِ اَسُورَ جو، ڀِٽُنِ ڀَرِ ڀَيرا
پَنهُوارَنِ پَيرا، وِڙُهه مَ وَيڙِيچَنِ سِين


سُرُ مارُئِي

مائِٽَ = عزيز
مارُو = ماروئڙا، مالوند، لاڏائو ماڻهون
مَيرا = مٽيءَ هاڻا
اَسُورَ = اَسُرَ، پرھ ڦٽيءَ ويل، صبح ٿيڻ کان اڳ
ڀِٽُنِ = ڀٽون، وارياسا دڙا
ڀَرِ = ڀرسان، لڳ، آس پاس
ڀَيرا = ڦيرا، اچ وڃ
پَنهُوارَنِ = ماروئڙن، جهانگين
وِڙُھ مَ = کئونس نہ، هٿ نہ اٽڪاءِ، هنن سان اُچاءِ نہ
وَيڙِيچَنِ سِين = مارن سان

بيت جو پس منظر

~ اي عمر! منهنجي ملڪ جا مارو ماڻهون دلين جا صاف، اڇا ۽ اجرا آهن.
~ هو پرھ ڦٽيءَ ويل اٿي ٻنين ڏانهن هليا ويندا آهن.
~ مونکي مارن جا پيرا پيا ڏسجن، انهن سان هٿ نہ اٽڪائجان.

سمجهاڻي

عمر بادشاھ مارئيءَ تي ٽوڪ ڪندي چئي ٿو ته تنهنجا اهي مارو جن لاءِ رات ڏينهن پئي روئين، هڪ دفعو بہ ملڻ ڪونہ آيا اٿئي. مارئي جواب ڏيندي چئي ٿي:
اي عمر ! منهنجي مارن جي شان ۾ وڌيڪ نہ ڳالهائجان. هو سادا سٻاجهڙا ۽ اڇين اجرين، صاف شفاف دلين جا مالڪ آهن. هو پرھ ڦٽيءَ ويل مال جا ڌڻ ڪاهي ٻنين ۽ چراگاهن ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ وري سانجهيءَ ويل واپس ورندا آهن. مونکي پڪ آهي تہ منهنجي سنڀال ڪرڻ ضرور ايندا. تون مارن سان گهڻي کئونس نہ ڪجان، هٿ نہ اٽڪائجان نہ تہ تنهنجي بادشاهي خطري ۾ پئجي ويندي.
ڀٽائي هن بيت ۾ سنڌين جَي پاڪ پوتر، صاف شفاف ۽ اڇين اجرين دلين جو ذڪر ڪندي چئي ٿو :
بظاهر هي سادا سٻاجهڙا ۽ معصوم آهن پر جيڪڏهن ڪنهن سندن عزت تي حملو ڪيو تہ هي پلئہ ڪري ڄاڻندا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

22/11/2015

سَتِي تُنهِنجَي سَتَ ۾، ڳالِ گهرجَي ڳَچُ



سَتِي تُنهِنجَي سَتَ ۾، ڳالِ گهرجَي ڳَچُ
وَڍِئو، چِيرِئو، چِچِرِئو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، ته ٿِيِين سَمانِي ساڙَيهَه ۾


سُرُ مارُئِي

سَتِي = سَتَ واري، پاڪدامن
سَتَ ۾ = پاڪدامنيءَ ۾
ڳالِ گُهرِجَي ڳَچُ = گهڻو ڪي گهرجي، وڌيڪ قربانيءَ جي ضرورت پوندي
وَڍِئو چِيرِئو چِچِرِئو = وڍي، ڪپي، چيري
پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ = پنهنجي منهن سان اندر ۾ پئي پچ، پنهنجا عزم ۽ حوصلا بلند رک
اَمانَتَ = سَتُ، عزت، عصمت
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ = پنهنجي عصمت کي بچائي اچ
سَمانِي = شاناعتي، عزت ۽ آبروءَ واري
ساڙَيھُ = ساڻيھ، وطن، ملڪ

بيت جو پس منظر

~ اي پاڪدامن مارئي ! پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجھ توکي برداشت ڪرڻو آهي.
~ توڙي جو وڍي، ڪپي ۽ چيري وڃين، تہ بہ همٿ ۽ حوصلو نہ ڇڏجان.
~ پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائي ايندينءَ تہ ٿر ۾ شاناعتي سڏي ويندينءَ .

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ ناموس، عزت ۽ عصمت بچائڻ جي تاڪيد ڪندي مارئيءَ کي چئي ٿو:
اي پاڪيزه مارئي ! عمر جَي قيد ۾ توکي هرکائڻ ۽ لالچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويندا. مختلف قسم جون آڇون ويس وڳا، زيور، مال، ملڪيت ۽ پَٽَ راڻِي بڻجڻ جون لالچون ڏنيون وينديون. توکي ڳڀا ڳڀا ڪري قتل ڪرڻ جا ڀَوَ، خوف، دڙڪا دهمان ڏنا ويندا. پر اهو سڀ ڪجھ توکي برداشت ڪرڻو پوندو.
پوءِ جڏهن اهي عذاب ۽ اذيتون سهي پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندينءَ تہ ٿر جا ماڻهون تنهنجو شانائتو استقبال ڪندا.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوب ۽ منزلون ماڻڻ لاءِ اوهان کي ٽانڊن تان گذرڻو پوندو. قيد و بند، جيل، کوليون، گوليون، ٽارچر، عذاب ۽ اذيتون برداشت ڪرڻ کان پوءِ ڪاميابيون اوهان جا قدم چمنديون.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جُه سَي لوڙائُو ٿِئا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ



جُه سَي لوڙائُو ٿِئا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ
مارُو مَنجِهه ٿَرَنِ، رَهِي رَهَندا ڪَيتَرو؟


سُرُ مارُئِي

جُه = جَي، جڏهن
لوڙائُو = ڦورو، لٽيرا، چور، ڌاڙيل
ڀَرِ = ڀر ۾، پاسي ۾، آڌار، آسري
مَنجِھ = ۾ ، اندر

بيت جو پس منظر

~ جن جي آڌار تي مارو رهن ٿا، سي ئي جي ايذائيندا.
~ تہ پوءِ مارو ٿر ۾ ڪيئن رهي سگهندا؟

سمجهاڻي

ماڻهن جَي مال، جان، ننگن ۽ دنگن جي سنڀال ۽ حفاظت وقت جَي حڪمرانن جو فرض بڻجي ٿو. جيڪڏهن اُهي حاڪم ئي ماڻهن جي مال، جان، ننگن ۽ دنگن جا دشمن ٿي بيهن تہ پوءِ باقي اتي رهڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو.
مارئي عمر بادشاھ سان مخاطب ٿيندي چئي ٿي:
جن جَي ڏڍ ۽ آسري تي مارو ٿر ۾ رهن ٿا. اُهي ئي حاڪم جيڪڏهن ظالم ٿي عوام جَي ننگن ۾ هٿ وجهندا تہ پوءِ مارو ماڻهون آخر ڪيئن، ڪيترو وقت، باقي ڪنهنجي آسري ٿر ۾ رهندا؟
ڀٽائي ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي. ٽي سؤ سال اڳ لکيل ڀٽائيءَ جو هي بيت سنڌ جَي هاڻوڪين حالتن جي بہ عڪاسي ڪري ٿو. اڄوڪي سنڌ جا ڪرپٽ ۽ غدار حڪمران سنڌ جَي ننگن ۽ دنگن جِي حفاظت ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي تيل، گيس ۽ سڀني وسيلن تي ڌارين سان گڏ ڦرلٽ ۾ شامل آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جو ڏيهُه ڏاڏاڻِئا آئِيو، پَيرَين تِهِ پُئان



جو ڏيهُه ڏاڏاڻِئا آئِيو، پَيرَين تِهِ پُئان
سانگائِتُوءَ سَيدُ چَي، سَندِيُون چِتَ چُئان
هِتَي تان نه هُئان، حَرفُ لَٿَي هَيڪَڙَي

سُرُ مارُئِي

ڏَيھُ = وطن، ملڪ
ڏاڏاڻِئا = ڏاڏاڻن جي، اباڻن جي
تِهِ = تنهن
پُئان = پونديس
سانگائِتُوءَ = سانگائتو، سڱ وارو، مڙس
سَندِيُون چِتُ چُئان = دل جا احوال اوريان
هُئان = هجان، ترسان، رهان
حَرفُ لَٿَي هَيڪَڙَي = هڪ اکر ڳالهائڻ جيترو وقت، گهڙي، پل بہ

بيت جو پس منظر

~ اباڻن جَي ملڪ جو ڪو ماڻهو آيو تہ سندس پيرين پونديس.
~ پنهنجي مڙس سان شڪايتون ۽ دل جا احوال اورينديس.
~ هڪ گهڙي بہ هتي نہ رهنديس، پنهنجي ملڪ وينديس

سمجهاڻي

مارئيءَ کي عمر جي قيد ۾ رهندي ڪافي عرصو لنگهي ويو آهي، پر ڪير ملڻ ڪونہ آيو آهي. مارئيءَ کي اباڻن جي، سهيلين جي ۽ پنهنجي محبوب جي سڪ ۽ اڪير ڏاڍو تڙپائي ٿي. تڏهن مارئي چئي ٿي :
منهنجي اباڻن جَي ملڪ ٿر مان جيڪر ڪو ماڻهون اچي تہ سندس پيرين پونديس، ايلاز ڪنديس ۽ منٿون ڪنديس تہ مونکي پاڻ سان وٺي هلو. پر جيڪڏهن منهنجي سار لهڻ منهنجو محبوب مڙس اچي تہ ساڻس دل جا احوال اوريان، شڪايتون ڪيان، ميارون ۽ ڏوراپا ڏيان تہ توهان ڪا سار ناهي لڌي. عمر جي ڪوٽ ۾ هڪ اکر ڳالهائڻ جيترو وقت بہ نہ ترسان، هڪ گهڙي ۽ هڪ پل نہ رهان ۽ ساڻس گڏ پنهنجي ملڪ ٿر هلي وڃان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

آئون ڪِنءَ سَوِڙِيَين سُمَهان؟ مُون وَرُ گهارَي وِلَ



آئون ڪِنءَ سَوِڙِيَين سُمَهان؟ مُون وَرُ گهارَي وِلَ
کَٿَيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪَجُ مَ اَهِڙِي

سُرُ مارِئِي

ڪِنءَ = ڪيئن
سَوِڙيَين = سَوِڙِيُنِ ۾
وَرُ = مڙس، ڀتار، ڪانڌ
گهارَي = رهي، گذاري ٿو
وِلَ = وِلَھ، ٿڌ، سيءُ، ماڪَ
کَٿَيرِيءَ = کٿي اوڍيندڙ لوئڙياري، ٿرياڻي يعني مارئي
کِلَ = ٽوڪ، طنز، ٺٺول، مذاق، طعنو

بيت جو پس منظر

~ منهنجو مڙس ٿڌ ۾ کليئي آسمان هيٺ وِلَھ ۾ ٿو گذاري، سو مان تنهنجي سوڙين ۾ ڪيئن سمهنديس؟
~ هن کٿيءَ اوڍڻ واري ٿرياڻيءَ کي غريب هجڻ جو طعنو نہ ڏي.

سمجهاڻي

عمر بادشاھ پنهنجي ڪوٽ جَي اوچين ديوارن اندر قيد ٿر جِي سونهن مارئيءَ کي طرح طرح جون لالچون ڏيئي ريجهائڻ ۽ هرکائڻ جون ڪوششون ڪري ٿو. هاڻي جڏهن مندون ڦري ويون آهن ۽ اتر جون ٿڌين هوائون لڳڻ شروع ٿيون آهن تہ سيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي. تڏهن عمر بادشاھ مارئيءَ جِي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ گرم ڪپڙا، اونيون لويون، ڪمبل، سوڙيون ۽ گرم بسترن جِي آڇ ڪئي آهي.
مارئي سندس آڇ کي ٿڏيندي چئي ٿي:
اي عمر ! اسين مارو ماڻهون کليل ميدانن تي اڏيل ڪکاون گهرن ۾ هنن ٿڌين جا هيراڪ بڻيل آهيون. تنهنڪري تنهنجي هنن سڀني شين جِي مونکي ڪا ضرورت ناهي.
منهنجو مڙس ۽ ماروئڙا هن ٿڌ ۾ کليل آسمان هيٺان گذاريندا هوندا سو، تنهنڪري مونکي تنهنجي سوڙين جي ضرورت ناهي اباڻي لوئي ئي منهنجي لاءِ ڪافي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

18/11/2015

شَمَعَ ٻارَيندَي شَبَ، پِرهَه باکُون ڪَڍِيُون



شَمَعَ ٻارَيندَي شَبَ، پِرهَه باکُون ڪَڍِيُون
موٽُ مَران ٿِي مَينڌِرا، راڻا ڪارَڻَ رَبَ
تُنهِنجِي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا


سُرُ مُومَلَ راڻو

شَمَعَ = ميڻ بتي، بتي، ڏيئو
ٻارِيندَي = جلائيندي
شَبَ = رات
پَرھَ = پرڀات، صبح
باکُون = سج جا ڪرڻا، روشني، صبح جي ڳاڙهاڻ
ڪارَڻِ = واسطي، لاءِ، لڳ
تاتِ = تنوار، پچار، سار، ياد
طَلَبَ = گهرج، ضرورت
ڪانگَ = ڪانوَ، پکي، قاصد
اُڏايَمِ = موڪليم، روانا ڪيم

بيت جو پس منظر

~ راڻَي جَي انتظار ۾ سڄي رات شمعون جلائيندي اچي پرھ ڦٽي آهي.
~ او سوڍا ! خدا جَي واسطي، او راڻا ! موٽي اچ نہ تہ مري ويندي سانءِ.
~ تنهنجي سڪ ۾ ڪيئي ڪانگ قاصد ڪري روانا ڪيا اٿم.

سمجهاڻي

راڻو رُسِي ويو آهي، ڪاوڙجي ويو آهي. مومل کيس پرچائڻ جا ڪيئي جتن ڪيا پر راڻَي کي رحم نہ آيو. مومل راڻي جَي رستي ۾ هر رات الماسي اکڙيون وڇائي اوسيئڙي ۾ آهي. در جي هر کڙڪي تي مومل جِي اميد جاڳي پئي ٿي شايد راڻو آيو آهي. پر راڻو ناهي آيو، هوا جو ڪو تيز جهوٽوهئو. مومل جَي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن، هوءَ هنجون هاريندي چئي ٿي ته سڄي رات شمعون جلائيندي گذري وئي آهي. هاڻي تہ باک ڦٽڻ تي آهي پر راڻو اڃان ناهي آيو. مومل راڻَي کي رب جو واسطو ڏيئي چئي ٿي:
او سوڍا ! جي تون موٽي نہ ايندين تہ مان تنهنجي جدائيءَ ۾ مري ويندي سانءِ. تنهنجي پيار، پاٻوهه، پريت، سڪ ۽ اُڪير ۾ ڪيئي قاصد نياپا ڏيئي موڪليا اٿم، پر اڃان تائين ڪو جواب ناهي آيو.

محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
______

17/11/2015

راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِ ڪَرَي



راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِ ڪَرَي
سوڍَي رِيَ سَرَتِيُون، هَڏِ نَه ساهُه سَرَي
وَڃِي، مانَ وَرَي، آسائِتِي آهِيان


سُرُ مُومَلَ راڻو

ڳُجِهي = لڪل، مخفي، اشارو
ڳالِ = ڳالھ
سوڍَي رِيَ = راڻَي کانسواءِ
سَرَتِيُون = سهيليون، سنگتياڻيون، هڪجيڏيون
هَڏِ = هرگز
ساھُ سَرَي = دم گذري، ساھ کي مونجهارو ٿئي، ساھ ساھ ۾ نٿو ماپي
مانَ وَرَي = من وري، شال موٽي اچي
آسائِتِي = آسروندي، آسري واري، اميد واري

بيت جو پس منظر

~ راڻو رات مونکي ڳجهو اشارو ڏيئي ويو آهي.
~ اي جيڏيون ! راڻَي کان سواءِ منهنجو روح رهي نٿو سگهي.
~ مونکي اميد آهي تہ راڻو وري ڪاڪ تي موٽي ايندو.

سمجهاڻي

راڻَي جَي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل اٻاڻڪي ۽ اڪيلي ٿي پيئي تہ هن پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي قميص، سلوار ۽ پٽڪو پارائي، رات جو پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي. هڪ رات اوچتو جيئن ئي راڻو مومل جَي ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ مومل سان هڪ غير مرد کي ڀاڪر پائي ستل ڏٺائين. سندس مردانگي غيرت جاڳي تہ ٻنهي کي ماري ڇڏيان پر بي انتها پيار هجڻ ڪري مومل جَي ڀر ۾ پنهنجو لڪڻ رکي هليو ويو.
اَسُر ويل يا صبح ٿيڻ تي مومل لڪڻ ڏسي سمجهي وئي تہ رات راڻو آيو هئو ۽ لڪڻ رکي پيغام ڏئي ويو آهي تہ تون سچي ناهين رهي. تڏهن مومل لڙڪ لاڙيندي چئي ٿي:
او سرتيون ! رات راڻو هي ڳجهو پيغام ڏيئي ويو آهي، کيس شڪ پئجي ويو آهي. پر راڻَي سواءِ آئون ڪيئن جي سگهنديس. سوڍي سواءِ مان اڪيلي، اڻپوري ۽ نامڪمل آهيان.
او جيڏيون ! اميد اٿم تہ راڻو منهنجي ڪيل خطا معاف ڪري، ڪاوڙ ڇڏي وري ڪاڪ تي موٽي ايندو.

محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
______

16/11/2015

سوڍَي مُنهِنجَي ساهَه سِين، جَيڏِيُون جِيئن ڪَيو



سوڍَي مُنهِنجَي ساهَه سِين، جَيڏِيُون جِيئن ڪَيو
ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِيِي، آتَڻُ وِسريِو
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تورِيءَ اَکَڙِيُنِ سِين


سُرُ مُومَلَ راڻو

سوڍَي = راڻَي، مينڌري
ساھَ سِين = روح سان، دل سان، مَنَ سان
جَيڏِيُون = سرتيون، سهيليون، سنگتياڻيون
ڪَڙِي = زهر
آتَڻُ = سٽ ڪتڻ جي جاءِ
پَسان = ڏسان، نهاريان
تورِيءَ = تو سوا، توکان سوءِ
سِين = سان

بيت جو پس منظر

~ او سرتيون ! منهنجي روح سان، دل سان راڻَي هي ڪهڙو قهر ڪيو آهي.
~ سٽ ڪتڻ تہ ٺهيو، ڪاڪ بہ زهر ٿي لڳي
~ او راڻا ! تو سوا هنن اکڙين سان ڪنهن ٻئي ڏانهن نهاري نٿي سگهان.

سمجهاڻي

راڻَي جي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل هر پل هنجون هاريندي، سوڍي کي ساريندي ٿي رهي. سرتيون کيس آٿت ۽ دلجاءِ ڏيڻ آيون اٿس، تڏهن مومل نيڻين نير وهائيندي چئي ٿي:
او سرتيون ! هي راڻَي منهنجي روح سان، مَنَ سان ۽ دل سان ڪهڙو ويلُ وهايو آهي، ويڌن ڪئي آهي، ڪِيسُ ۽ قهر
ڪيو آهي.
هن ڪاڪ جا هي حسين محل، محلاتون، چرخو، باغ باغيچا، وڻ، گل ٻوٽا ۽ سڀ دلڪشيون ۽ حسناڪيون سوڍي سوا زهر ٿيون لڳن. مان اڳ بہ سوڍي جي هيس، هاڻي بہ سندس آهيان ۽ آخري دم تائين سوڍي جي ئي رهنديس.
هي نيڻ جن ۾ راڻَي جي رهاڻين جا عڪس اڃان موجود آهن، سي ڪنهن ٻئي ڏانهن کڻي نهارڻ پاپ، حرام ۽ گناهه ٿي سمجهان .

محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
______

12/11/2015

راڻا ! رِهاڻِيُون، سوڍا ! وَيٺِي سارِيان



راڻا ! رِهاڻِيُون، سوڍا ! وَيٺِي سارِيان
سَهَسَين سِڄَ اُلَٿا، راتِيوُن وِهاڻِيُون
ڪوڙَين مُون ڪاڻِيُون، ڍولا ! ڍَڪَي آءُ تُون


سُرُ مُومَلَ راڻو

رِهاڻِيُون = ڪچهريون، محبتون، صحبتون
سوڍا = اي راڻا
سارِيان = ياد ڪيان
سَهَسَين = سوين، هزارين
سِڄَ = سجَ
اُلَٿا = لهي ويا
وِهاڻِيُون = گذري ويون
ڪوڙَين = ڪروڙين
ڪاڻِيُون = ڪميون، ڪوتاهيون، خطائون، غلطيون، اوڻايون، گهٽتائيون، قصورَ، عيبَ
ڍولا = اي پرين، محبوب
ڍَڪَي = پردو رکي، عيبن کي لڪائي

بيت جو پس منظر

~ او راڻا ! توسان ڪيل ڪچهريون ڏاڍيون ياد پيون اچن.
~ تو ڏٺي سوين سج اڀري لٿا، ڪيتريون راتيون گذري ويئيون.
~ مون ۾ ئي ڪروڙين ڪوتاهيون آهن پر، او جانب ! هاڻي هلي آ.

سمجهاڻي

ڪاوڙجي پوڻ، رسڻ ۽ پرچڻ محبت جون ئي نشانيون آهن. جڏهن محبوب رُسي ويندو آهي تہ سڪ ۽ اُڪير ۾ اڃان وڌيڪ شدت ۽ اضافو ٿيندو آهي.
ڪاڪ کي الوداع چئي مومل کان راڻو رُسي ڍَٽ هليو ويو آهي، ڪاڪ سُڃي، ٻُسي، ويران ۽ سُنسان ٿي وئي آهي. مومل راڻي جون ساروڻيون ساريندي چئي ٿي:
او راڻا ! توسان ڪيل محبتون ڏاڍيون ياد پيون اچن. تو سوا پل بہ نہ سرندو هيو، تو ڏٺي ڪيئي سج اڀري لهي ويا. ڪيتريون راتيون گذري ويون پر تون اڃان نہ آيو آهين. مڃان ٿي تنهنجو ڪو ڏوهه ناهي، ڪروڙين گهٽيايون، ڪوتاهيون مون ۾ ئي آهن.
او محبوب ! تون منهنجي خطائن ۽ عيبن ڏي نہ نهار، هاڻي پل جي بہ دير نہ ڪر جلدي هلي آ.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

سوڍا تُهِجَي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون



سوڍا تُهِجَي سُورَ، اَندَرِ آڳِيُون لائِيُون
راڻا ! رِهاڻِنِ جا، مارِينِمِ مَذِڪُورَ
طَعنا ڏِينِمِ تُورَ، اَچُ تَہ پَرِچُون پاڻَ ۾


سُرُ مُومَلَ راڻو

تُهِجَي = تنهنجي
سُورَ = ڏک، غم
اَندَرِ = دل ۾، بدن ۾
آڳِيُون لائِيُون = باهيون ٻاريون
رِهاڻِنِ = ڪچهرين، محبتن، صحبتن
مارِينِمِ = مارن ٿيون
مَذِڪُورَ = پچارون، يادگيريون، ساروڻيون
طَعنا = مِهڻا، ٽوڪون
ڏِينِمِ = ڏين ٿيون، مون کي ٿيون ڏين
تُورَ = هڪجيڏيون، سهيليون، سنگتياڻيون، سرتيون

بيت جو پس منظر

~ او سوڍا ! تنهنجي ڏک منهنجي بت ۾ باهيون ٻاري ڇڏيون آهن.
~ او راڻا ! توسان ڪيل رهاڻيون ياد ٿيون پون تہ ساھ سُڪي ٿو وڃي.
~ هاڻي تہ سرتين مهڻا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، سو موٽي اچ تہ پرچي پئون.

سمجهاڻي

محبوب سان گهاريل پيار جا پل ۽ رهاڻيون جڏهن ياد پونديون آهن تہ، جيءُ جُهري پوندو آهي ۽ اکڙين جا بند ڀڄي پوندا آهن.
راڻو روزاني رات جو ڍٽ مان اٺ تي چڙهي مومل سان ملڻ لاءِ ڪاڪ محل ايندو هيو.پر ڪنهن شڪ پوڻ تي رُسِي، ڪاوڙجي هليو ويو آهي. تڏهن مومل هنجون هاريندي چئي ٿي:
او سوڍا ! تنهنجي وڇوڙي جي ڏک منهنجي دل ۽ بدن ۾ باهيون ٻاري ڇڏيون آهن. رات کان پرھ ڦٽيءَ ويل تائين توسان ڪيل ڪچهريون ۽ رهاڻيون ياد ڪري منهنجو ساھ سُڪِي ٿو وڃي. هاڻي تہ سهيلين مهڻا ڏيڻ شروع ڪيا آهن تہ راڻو توکان هميشهه لاءِ ڪاوڙجي ويو آهي، وري ڪڏهن واپس ڪونہ ايندو.
او راڻا ! توکي قسم آهي منهنجي پيار ۽ پريت جو، ڪاوڙ ڇڏي جلد موٽي اچ تہ وري پاڻ ۾ پرچي وڃون.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

11/11/2015

گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچو اَڏِي اُڀِيَي



گُجَرِ گاروڙِيُنِ، اَچو اَڏِي اُڀِيَي
مَٿا پَيئِي تَنِ، ٻَڌا ٻاڻَ هَڻَنِ جَي


سُرُ مُومَلَ راڻو

گُجَرِ = مومل - گجر قوم آرين جيان وچ ايشيا مان لڏي ڇهين عيسوي صديءَ جي اوائل ڌاري، اتر هندستان ۾ اچي بيٺڪ ڪئي. ٿوري عرصي 840ع ڌاري وڏي بادشاهت جو پايو وڌو ۽ سارو اتر هندستان گجرن جي حڪومت هيٺ هيو.
گاروڙِيُنِ = نانگ مُنڊِيندَڙ جوڳين
اَڏِي = سامهون
اُڀيَي = بيهي رهي
مَٿا = مٿان
تَنِ = تن جي، انهن جي
ٻَڌا = ٻٽ، ٻہ ٻہ گڏي
ٻاڻَ = تير

بيت جو پس منظر

~ مومل نانگ مُنڊيندڙ جوڳين جَي سامهون اچي کين مُنڊي ڇڏيندي هئي.
~ جيڪي شڪاري ٻہ ٻہ تير گڏي شڪار ڪندا هئا، تن مٿان ڪڙڪي غالب پئجي ويندي هئي.

سمجهاڻي

مومل جي حُسن، جمال ۽ ادائن کان بهادر، ڪوپا، راجا توڙي شهزادا ڪير بہ بچي نہ سگهندو هئو. هوءَ جنهن ڏانهن بہ پنهنجيون خماريل، الماسي اکيون کڻندي هئي سي گهوٽ گهائجي پوندا هئا.
مومل سينو ساھي جڏهن نانگ مُنڊيندڙ جوڳين جَي سامهون اچي بيهندي هئي، تہ سندس سونهن ۽ سندرتا کين مُنڊي ڇڏيندي هئي.
ڪيترائي پهلوان، بهادر، راجا، شهزادا ۽ ماهر تير انداز، جيڪي هڪ ئي وقت ٻہ ٻہ تير هلائي شڪار ڪندا هئا سي پاڻ مومل جي ادائن جو شڪار ٿي ويندا هئا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

لفظ گُجر بابت وڌيڪ معنائون سائين ثناءُ الله مهر ڏنيون آهن:

ان ۾ شڪ ڪونھي تہ گجر ھڪَ ذات جو نالو پڻ آھي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جامع سنڌي لغات م ڄاڻايو آھي تہ:

گُجَر = (اسم خاص) بلوچن ، چھواڻن ، راجپوتن ۽ سوڍن جي ھڪَ قوم جو نالو .

پر جيئن تہ ھن بيت م مومل جي سونھن ۽ سندس قاتل اکين جو ذڪر آھي سو ان جي معنى ۾ بلوچ صاحب وڌيڪَ لکيو آھي تہ :

گُجَرِ = (جمع) گجريون (صفت) - سھڻي زال - حسين عورت - پري - اپسراء - حسين - ماھرو - خوبصورت زائفان - عورت.

آءُ لانگوٽيا لال، ڪنھن پر ڏٺي گجريون .(شاھ صاحب سر مومل راڻو)

حسين ڪنيا ، ( ڇوڪرين کي لاڏ مان سڏ ڪرڻ جو لفظ) مٺڙي، پياري، لاڏلي ، البيلي،

09/11/2015

جوڳِيءَ تَي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِيهَ جو



جوڳِيءَ تَي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نِيهَ جو
پَتَنگَ جِنءَ پَيدا ٿِئو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ
آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُئارِنِ ڪَڪورِيو


سُرُ مُومَلَ راڻو

جَڙاءُ = زيب و زينت، رونق، جڙت
نِسورو = نجو، رڳو
نِيهُ = نينهن، عشق، محبت
پَتَنگَ = پرواني جيان، جيڪو شمع تي سڙي خاڪ ٿي ويندو آهي.
جِنءَ = جيئن
سامِي = سنياسي، جوڳي
سِڄَ = سجَ
وَڙاءُ = جڳائي، منهن تي پوي، شان وٽان
تَڙاءُ = تڙ تان
ڪُئارِنِ = ڪنوارين ڇوڪرين، مومل جي سهلين
ڪَڪورِيو = لال ڪيو، ڳاڙهو ڪيو

بيت جو پس منظر

~ جوڳيءَ تي عشق جو رنگ ۽ خمار چڙهيل هئا.
~ پتنگ ۽ پرواني جيان هي سنياسي، سج جيان ٻهڪي رهيو هو.
~ هو ڪاڪ جي تڙ کان آيل هو، جتي ڪنوارين کيس رڱي لال ڪري ڇڏيو هيو.

سمجهاڻي

هي بيت ان جوڳيءَ بابت آهي جنهن کي ڪاڪ محل جي مومل پنهنجي الماسي اکين ۽ گُهورُنِ سان گهائي
وڌو هيو. هي سنياسي همير سومري، راڻي مينڌري ۽ سندس ساٿين کي هرڻ ۽ ڦاڙهن جو شڪار ڪندي اوچتو جهنگل ۾ ملي ويو هو.
شمع تي سر ساھ قربان ڪندڙ پرواني جيان هي جوڳي ڪاڪِ محل جَي ڪنوارين جَي عشق ۾ رڱجي ريٽو ٿي
پيو هيو.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

08/11/2015

ڪالَ گَڏِئوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ




ڪالَ گَڏِئوسُون ڪاپَڙِي، پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ
پَسو سُنهَ سامِيءَ جِي، رَتَ وَرِنو روءِ
جو مُهِ مومل جَي پوءِ، موٽَڻُ تِهِ مَسَ ٿِيَي

سُرُ مُومَلَ راڻَو

ڪالَ = ڪالھ
گَڏِئوسُون = اسان کي گڏيو، مليو
ڪاپَڙِي = جوڳي
پَهَرَ سِڄَ کان پوءِ = جڏهن سج پهر کن مٿي چڙهي آيو هو
پَسو = ڏسو
سُنهَ = سونهن، حسن
سامِيءَ جَي = سنياسيءَ جي، جوڳيءَ جي
رَتَ وَرِنو = رت گاڏڙ، رت مليل
روءِ = روئي پيو، ڳوڙها پئي ڳاڙيائين
مُهِ = مُنهَن تي، سامهون آيس
تِهِ = تنهن
مَسَ ٿِيَي = مشڪل، محال، ڏکيو ٿئي

بيت جو پس منظر

~ ڪالھ سج اڀرڻ کان هڪ پهر پوءِ، اسان کي هڪ جوڳي مليو.
~ هل ! جوڳيءَ جي سونهن تہ ڏسو، هو اکين مان رت جا ڳوڙها پيو ڳاڙي.
~ چيائين پئي، جيڪو هڪ ڀيرو مومل سان مليو، ان جو واپس ورڻ مشڪل آهي.

سمجهاڻي

سن 1400ع ڌاري ٿر ملڪ تي سومرن جي حڪومت هئي ۽ انهيءَ گهراڻي جو پهريون حاڪم همير سومرو هيو. همير سومرو پنهنجي وزيرن ڏؤنر ڀٽِي، سنهڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو سان گڏ هرڻ ۽ ڦاڙهن جو شڪار ڪري رهيو تہ اوچتو کين پراسرار جوڳي مليو.
هي جوڳي سونهن ۾ سرس هيو، مٿي تي پٽڪو، ڪلهي تي شال ۽ ڳچيءَ ۾ سوني مالها پاتل هئيس۔ ڪاڪ محل جي حسينائن جي حسناڪين جي ڳالھ ڪندي سندس اکين مان رت جا ڳوڙها پئي ڳڙيا.
هي سنياسي چئي ٿو: 
جيڪو ماڻهو هڪ ڀيرو ڪاڪ محل جي مومل جي ريشمي زلفن جو اسير بڻيو. سندس ناسي نيڻن، سونهن، حسن، جمال، ناز انداز ۽ ادائن تي مست ٿيو، انهيءَ جو زنده واپس ورڻ مشڪل آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

06/11/2015

اَڳَي اِينءَ هُياسِ، جِنءَ پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا



اَڳَي اِينءَ هُياسِ، جِنءَ پُنهونءَ ڌوتَمِ ڪَپِڙا
هاڻَي اِينءَ ٿِياسِ، جِنءَ جَتَ نَہ نِيَنِمِ پاڻَ سِين


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

اِينءَ = ايئين
هُياسِ = هيس، مان هيسَ
جِنءَ = جيئن
ڌوتَمِ = منهنجا ڌوتائين
ٿِياسِ = ٿي آهيان
نِيَنِمِ = وٺي وڃن، گڏ وٺي وڃن

بيت جو پس منظر

~ اڳي ايئين هوندي هيس جو، آري ڄام جو پٽ پنهون منهنجا ڪپڙا ڌوئندو هيو.
~ هاڻي ايئين ٿي وئي آهيان جو، جت پاڻ سان گڏ نٿا وٺي وڃن.

سمجهاڻي

سسئي پنهونءَ سان پيار جي شاديءَ کان پوءِ واري خوشحال وقت جون ساروڻيون ساريندَي چئي ٿي:
ڪو وقت هيو جڏهن پنهونءَ سان لانئون لڌيون هيم تہ ڪيچ مڪران جي سردار آري ڄام جي پٽ پنهونءَ جَي دل مٿان حڪومت ڪندي هيس. پنهون پنهنجي هٿن سان منهنجا ڪپڙا ڌوئندو هيو .
وقت بدليو آهي تہ هاڻي ايتري حيثيت بہ ناهي رهي جو، پنهونءَ جو پيار تہ پري جِي ڳالھ آهي . پر جَت جڏهن پنهون ساڻ ڪري ڪيچ روانا ٿيا تہ مون کي پاڻ سان گڏ ڪونہ وٺي ويا .

ڀٽائي اسان کي درس ٿو ڏئي تہ وقت بادشاھ آهي، سدائين هڪجهڙو نٿو رهي. تنهنڪري هر مشڪل وقت ۽ حالتن لاءِ اڳواٽ تياري ۽ رٿابندي ڪرڻ گهرجي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

04/11/2015

جَي ڏُونگَرَ ! مُون ۾ ڏکَ، سَي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِيَ رِي



جَي ڏُونگَرَ ! مُون ۾ ڏکَ، سَي پَڌَرِ پُونِ مَ پِرِيَ رِي
وِهَڻُ مُون وِھُ ٿِئو، ڪَيرَ سانڍِيندِي سُکَ
هُيَمِ هوتَن سِين چُکَ، سَڄو سَڱُ نَه سارِيان


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

ڏُونگَرَ = جبل، پهاڙ
پَڌرِ پُونِ = ظاهر ٿي پون
مَ = نہ
پِرِيَ رِي = محبوب کان سواءَ
وِھُ = زهر
ڪَيرَ = ڪهڙي
سانڍَيندِي = لڪائيندي
هوتَنِ = محبوبن، پرين
چُکَ = عشق جي لغار، لِڇَ، محبت
سَڱُ = ناتو رشتو، مٽي مائٽي
نہ ساريان = برابري نٿي ڪريان

بيت جو پس منظر

~ جيڪي منهنجي اندر ۾ محبوب جي ڏکن جا پهاڙ لڪل آهن, سي جيڪر ظاهر نہ ٿين.
~ سُک ڪا لڪائي رکي نہ سگهندي، پر منهنجي زندگي زهر ٿي وئي آهي.
~ منهنجي محبوبن سان ڪا ويجهي مائٽي ڪونہ هئي، رڳو عشق جي لڇ ڳنڍيل هئي.

سمجهاڻي

سسئي پنهونءَ سان عشق، پيار، پريت ۽ محبتن جون ساروڻيون ساريندي چئي ٿي:
منهنجي دل ۾ پنهونءَ جي وڇوڙي کان پوءِ عذابن، اّذيتن ۽ پيڙائن جا پهاڙ سمايل آهن، سي شال ڪڏهن ظاهر
نہ ٿين. سک لڪائي رکڻ ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي هوندي، سک ۽ آرام واري زندگي سڀني اڳيان ظاهر هوندي آهي.
پر منهنجي زندگيءَ مان سک موڪلائي ويا آهن، منهنجي زندگي زهر بڻجي وئي آهي، عذاب بڻجي وئي آهي. منهنجي پنهونءَ سان ڪا ويجهي مٽي مائٽي تہ ڪونہ هئي. باقي هن سان عشق، پيار جو پيچ اٽڪيل هو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

لَڪِيُون ! آن لَڳا، ڪَي پَلَئَه پانڌِيَڙنِ جا؟



لَڪِيُون ! آن لَڳا، ڪَي پَلَئَه پانڌِيَڙنِ جا؟
توهان گَهڻَيرو، ماءِ رُندا رَتُ وِئا


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

لَڪِيُون = جبل مان لنگهڻ جون جايون، رستا، لَڪَ
آن لَڳا = اوهان کي لڳا
پَلَئَہ = دامن، جهولي - پر هتي معني' ٿيندي قافلي لنگهڻ وقت پنهونءَ جي حالت ڪيئن هئي.
پانڌِيَڙنِ = پانڌيئڙن جا، قافلي وارن جا، پنهونء جا
گَهڻَيرو = ڪجھ سرس، وڌيڪ، ويتر
ماءِ = امان، جيجل، امڙ
رُندا = روئندا
رَتُ وِئا = اکين مان رت روئندو ويو

بيت جو پس منظر

~ اي لڪيون ! اوهان جتن جي قافلي ۾ موجود منهنجي پنهونءَ کي ڪيئن ڏٺو؟
~ اي جيجل ! هو توهان کان بہ وڌيڪ رت روئندو ٿي ويو.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت شاعراڻي نازڪ خيالي ۽ منظرنگاري آهي ان وقت جي جڏهن قافلو جبلن جَي لڪن تان لنگهيو هيو.
پنهونءَ جي ڀائرن زبردستي کنڀي پنهونءَ کي اٺ تي چاڙهي جڏهن قافلو ڪيچ ڏانهن روانو ڪيو. سسئي بہ سندن پيرن جي نشانن تي پويان روئندي، رڙندي پڇائون ڪندي ٿي وئي.
سسئي جڏهن جبلن جَي لڪن تان لنگهي هئي تہ هر لڪ کان پڇندي ٿي وئي. اي لڪيون ! جڏهن قافلو هتان لنگهيو هئو تہ پنهونءَ جي حالت ڪيئن هئي؟ خاموش هيو، لڇيو ڦٿڪيو پئي يا روئندو ٿي ويو؟
لڪيون سسئيءَ کي جواب ڏين ٿيون :
اي جيجل ! پنهون رسن ۾ قيد ٿيل هيو، هو لڇندو ڦٿڪندو ۽ اوهان کان بہ وڌيڪ رت روئندو ٿي ويو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

03/11/2015

ڪَڏهن ڪَڏِهن جَيڏِيُون ! ڪو پَهُه اَچِئو پوءِ




ڪَڏهن ڪَڏِهن جَيڏِيُون ! ڪو پَهُه اَچِئو پوءِ
سو پڻ ساڙو هوءِ، هِيُ جو ساهُه سَرِيرَ ۾


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

پَھُ = پُورُ، خيال
ساڙو = جلڻ، پچڻ، اُساٽ، باھ
سَرِيرَ = بدن، جسم، بت

بيت جو پس منظر

~ او سرتيون ! پنهونءَ جي پيار ۽ وڇوڙي جا خيال جڏهن ايندا اٿم.
~ تہ هن سڄي بت ۾ ڄڻ باھ لڳي ويندي آهي.

سمجهاڻي

محبوب سان گهاريل پيار جا پل، رهاڻيون ۽ ڪچهريون، جڏهن ياد پونديون آهن تہ سڄو جسم لرزجي پوندو آهي، ڇرڪ نڪري ويندو آهي. محبوب جي ساروڻين جا عڪس ۽ اولڙا جڏهن دل ۽ پوءِ دماغ جي اسڪرين تي ظاهر ٿيندا آهن تہ سڪون ۽ سُرورَ ۾ خلل پوندو آهي.
سسئيءَ کان جڏهن سندس سهيليون پڇن ٿيون تہ اڃان توکي پنهون ياد ايندو آهي، تڏهن کين چئي ٿي:
او سرتيون ! جڏهن پنهونءَ جو پيار، رهاڻيون ۽ ساڻس گهاريل پيار جا پل ياد ايندا اٿم تہ ڳچ ڳري پوندا آهن، جيءُ جُهري پوندو آهي. سندس سڪ ۽ اڪير سڄي بت ۾ باھ لڳائي ڇڏيندي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

02/11/2015

آن جَي ڏِٺا هُونِ، اَلله ڪارَڻِ ڳالِ ڪَرِيو



آن جَي ڏِٺا هُونِ، اَلله ڪارَڻِ ڳالِ ڪَرِيو
نَيڻَ مُهِجا رُونِ، راتو ڏِيها اُنِ کَي


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

آن = اوهان، توهان
هُونِ = هجن
ڪارَڻِ = خاطر، لاءِ، واسطي
نَيڻَ = اکيون
مُهِجا = منهنجا
رُونِ = روئن
راتو ڏِيها = رات ڏينهن
اُنِ کَي = انهن کي، هنن کي، قافلي وارن کي

بيت جو پس منظر

~ اوهان جَي ڏٺا آهن تہ خدا جي واسطي ڳالھ ڪريو.
~ جن لاءِ منهنجيون اکيون رات ڏينهن پيون روئن.

سمجهاڻي

جڏهن ڪنهنجي ڪا قيمتي شئي وڃائجي ويندي آهي، تہ پهريائين گهر، اوڙي پاڙي ۽ پوءِ ايندن ويندن کان پيو پڇائون ڪندو آهي.
سسئيءَ جو محبوب پنهون جڏهن کانئس ڇني ڌار ڪيو ويو. اٺ تي چاڙهي گم ڪيو ويو تہ هوءَ قافلي پويان پيرن جي نشانن تي سندس ڳولا ڪندي پئي وڃي. رستي هلندي جڏهن ڪي پانڌيئڙا کيس دڳ ۾ مليا تہ سسئي کين چئي ٿي:
اوهان کي خدا جو واسطو آهي مونکي ٻڌايو رستي ۾ ڪٿي منهنجي پنهونءَ جو قافلو تہ اوهان کي ڏسڻ ۾ ڪونہ آيو هو.
جنهن پرينءَ لاءِ هي اکيون رات ڏينهن روئي روئي ٿڪجي پيون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____