سر مارئي

سر سهڻي

نوان پيغام

17/05/2017

گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا



گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا 
تِهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏَ ميهارَ جا

شاهه لطيف
سر سهڻي 
داستان : 01 بيت : 23


ڏکين لفظن جي معني' 

مُنڌَ = ننڍي نيٽي نوجوان زال سهڻي زال هتي سهڻي
وَسِيلا = آسرا، اُميدون، اُپاءَ ، ذريعا ، واسطا
تِهان = تنهن کان، ان وقت کان
سُئا = ٻڌا

بيت جو پس منظر 

* دلو ڀڄي پيو، سهڻي ٻڏي وئي هاڻي ڪا اميد نه رهي.
* تنهن کان پوءِ ئي سهڻيءَ ميهار جا سڏ ٻڌا.

سمجهاڻي

سر سهڻيءَ جو هي بيت تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل آهي. ڀٽائي هن سر ۾ عاشق عورت کي ۽ مرد کي معشوق بڻايو آهي. تنهنڪري ساهڙ حقيقي محبوب ۽ سهڻي سالڪ آهي. جڏهن سهڻيءَ جو دلو ڀڄي پيو ته هوءَ لهرن ۾ لڙهي لهواري ٿي ۽ حق سان ملي هڪ ٿي وئي.



ڊزائن : آفتاب حسیں کوهارو
محترم  مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

24/12/2015

لاھِ مَ پَچاران، سُک مَ سُمُھ جِندِڙا !



لاھِ مَ پَچاران، سُک مَ سُمُھ جِندِڙا !
ڪَرِ جَهورِي ڪَيڻان، ڪالُوڻا اَڄِ گَهڻِي


سُرُ رِپَ

لاھِ مَ = لاهي نہ ڇڏ، وساري نہ ڇڏ
پَچاران = سندن پچارون، تات، يادگيريون، سندن سارون
سُک = سک سان، آرام، سڪون، سرور ۽ فرحت سان
مَ = نہ
جِندِڙا = اي جسم، جان، ساھ، اي روح
جَهورِي = ڳڻتي، ڳارو، پريشاني، آنڌ مانڌ، لڇ پڇ، بيچيني، بيقراري، انتظاري
ڪِيڻان = هُنن جي
ڪالُوڻا = ڪالهوڻيان، ڪلھ کان
گَهڻِي = اڃان وڌيڪ

بيت جو پس منظر

~ اي جسم ! سک سان سمهي نہ رھ، نہ وري انهن جي ياد کي وساري ڇڏ.
~ هنن جي ڳڻتي ڪلھ کان اڄ وڌيڪ ڪر.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ محبوب سان ڪيل واعدن، وچنن کي پاڙڻ ۽ يادن ۽ ساروڻين کي وڌيڪ سگهاري انداز ۾ سارڻ جي هدايت ٿو ڪري.
اي جسم، جان، دل، ساھ، اي روح ! محبوب سان گهاريل پيار جا پل ۽ ڪيل روح رهاڻيون وساري سک سان سمهي
ننڊون نہ ڪر. محبوب جون يادگيريون، ساروڻيون ۽ ڪيل وچن متان دل تان لاهي ڇڏين. محبوب سان ملڻ جي سڪ، ڇڪ ۽ تانگھ جيتري ڪلھ هيئي، اڄ ان کان اڃان وڌيڪ ڪجان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

23/12/2015

عاشِقُ ڀانئَي اِيئن، ته آئون سِڪَ ڪنهنکي نه سَلان



عاشِقُ ڀانئَي اِيئن، ته آئون سِڪَ ڪنهنکي نه سَلان
وِچِ رهندِي ڪِيئن؟ وَهَنِ اَکِيون، وِرِڄَي هِنئون

سُرُ آسا

ڀانئَي = سمجهي ٿو، خيال ڪري ٿو، سوچي ٿو
سِڪَ = اڪير، تنوار، تانگهه
سَلان = سليان، اوريان، ٻڌايان
وِچِ = وچ ۾، ماڻهن وچ ۾
وَهَنِ = ڳوڙها ڳاڙن، لڙڪ لاڙن
وِرِڄَي = ڳري، ڦٿڪي، پريشان ٿئي
هِنئون = مَنُ، دل

بيت جو پس منظر

~ عاشق ايئين سمجهندو آهي تہ مان ماڻهن کان محبت لڪايان ٿو.
~ پر اداس دل ۽ روئندڙ اکيون ماڻهن کان ڪيئن لڪائي سگهبيون؟

سمجهاڻي

چوندا آهن تہ عشق ۽ مُشڪ لڪي ناهن سگهندا. هٻڪارون ۽ مهڪارون هوا ۾ ملي پري تائين پکڙجي ماحول کي خوشبو خوشبو ڪري ڇڏينديون آهن. ڀلا هي سرها ساهه ڪير ڪيئن ٿو لڪائي سگهي؟
هر وقت اداس رهڻ، ٿڌا ساھ ڀرڻ، گم سم رهڻ، ڪنهن ڳالھ ۾ دل نہ لڳڻ ۽ هر پل در جي کڙڪي تي ڇرڪجي پوڻ اهيي سڀ ڳالهيون آخر ڪهڙي ڳالھ ڏانهن اشارو آهي...!!؟
ڀٽائي هن بيت ۾ عشق جي اهڃاڻن تان پردو کنيو آهي. ڪو ماڻهون جڏهن ڪنهن جي ناسي نيڻن جي گهري ساگر ۾ وڃائجي ويندو آهي تہ پاڻ کي ماڻهن کان لڪائڻ جي وڏي ڪوشش ڪندو آهي تہ ڪٿي هي راز کلي نہ پئي.
هي دل جون ڳالهيون، ساھ ۾ سانڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي. نيٺ آخر هي خوشبو ڦهلجي ويندي آهي. هي راز فاش ڪرڻ ۾ ڪنهن ٻئي نہ سندس دل ۽ اکين جو وڏو هٿ هوندو آهي. بنا ڪنهن سبب جي جڏهن دل اداس ٿي ڦٿڪي
پوندي آهي ۽ اکين جا بند ڀڃي جڏهن لڙڪ لارون ڪري وسي پوندا آهن. تڏهن هي آثار ڏسي سڀڪو سمجهندو آهي تہ حضرت عشق هن جو مهمان ٿيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

22/12/2015

نَظَرُ نَزِدِڪونِ، سَهِي نہ سَگهان ساعَتَ سِين



نَظَرُ نَزِدِڪونِ، سَهِي نہ سَگهان ساعَتَ سِين
پَسَڻُ پَرَي سَندونِ، آئون نالَي ڳِيَڙي نِجُهران

سُرُ آسا

نَظَرُ = ديد، ديدار، نگاھ
نَزِدِيڪونِ = ڀرسان، ويجهڙائيءَ کان
ساعَتَ = گهڙي، پلڪ، پل
سِين = لاءِ، تائين
پَسَڻُ = ڏسڻ
سَندونِ = سندن کي ( محبوبن کي )
ڳِيَڙي = ڳنهندي، وٺندي، کڻندي
نِجُهران = جهڄان، جُهران، ڳران

بيت جو پس منظر

~ محبوب جِي ويجهو کان ديد هڪ پل لاءِ بہ سهي نٿو سگهان.
~ سندن ديدار تہ پري جي ڳالهه، نالي وٺندي بہ جهڄان ۽ جُهران ٿو.

سمجهاڻي

الائي ڪهڙو سبب آهي جو عاشق محبوب سان ملڻ لاءِ آتو، بيچين ۽ بيقرار هوندو آهي. وڏي لُڇَ پُڇَ ۽ آنڌ مانڌ هوندي آهي ساڻس گڏ گهارڻ لاءِ. پر محبوب جڏهن سامهون ايندو آهي ڏسڻ تہ پري جي ڳالھ، ڳالهائڻ لاءِ بہ زبان اٽڪي پوندي آهي.
ڀٽائي ان پيار جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل احساسن ۽ لمحن جي بيحد دلڪش عڪاسي ڪئي آهي. محبوب پري هوندو آهي تہ سندس ڏاڍي سڪ لڳندي اٿم. سندس سڪ ۽ اڪير سمهڻ ناهي ڏيندي. پر محبوب جڏهن ويجهو ايندو آهي تہ هڪ پل بہ کيس ڏسي ناهيان سگهندو.
محبوب کي ڏسڻ، ديدار ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ پر زبان تي نالو ايندي ئي جهڄي جُهري پوندو آهيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

18/12/2015

اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين



اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي


سُرُ آسا

اُلٽي = اُبتي
ڌارِ = اختيار ڪر
وَنءُ = هل، وڃ
عامَ سِين = عام ماڻهن کان
لَهوارو = هيٺاهينءَ طرف
لوڪُ = ماڻهون، عوام
وَهَي = هلن
اوڀارِ = ابتو
نُوچَ = نياز نوڙت، نماڻائي
نِهارِ = ڏِسُ
پُرُ = اڳتي وڌ، اڳتي هل
پُٺيرو = پوئين پير

بيت جو پس منظر

~ اک ابتي اختيار ڪر ۽ ماڻهن جي ابتڙ هلڻ جي ڪوشش ڪر.
~ ماڻهون دنيا جي وهڪري ۾ وهي وڃن ٿا, تون پاڻ سنڀالي هل.
~ محبوب ڏي منهن ڪري, ادب سان سندس پٺيان هلندو هل.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي اصلاحي بيت وڃايل ماڻهپو حاصل ڪرڻ ۽ زندگي گهارڻ جا نوان گس ۽ طريقا اختيار ڪرڻ جو
درس ڏئي ٿو. اڄڪلھ اسان جو سماج اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار آهي، انساني قدر پائمال ٿي رهيا آهن. سهپ، رواداري، ڀائيچارو، امن ۽ نياز نوڙت ختم ٿي چڪي آهي. ان جي جاءِ ڏاڍ، زبردستي، نفرت، ساڙ ۽ حسد والاري آهي. پيار، محبتون، اخلاق ۽ مهذب روايتون ڳوليي نٿيون لڀن. مقدس رشتن جو احترام موڪلائي ويو آهي.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ جيئن ٻيا ماڻهون غلط روين سان نفرتن کي جنم ڏين ٿا، ان جي ابتڙ اوهان پيار، امن ۽ نياز نوڙت سان هلي ڪي نوان مثال قائم ڪريو.
ڪَنڊن پوکڻ بجاءِ ڪي گلاب ۽ رابيل پوکي هن ڌرتيءَ کي محبتن ۽ خوشبووئن سان مهڪايو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

17/12/2015

اَکَڙِيَنِ آرو، مُنها پُڇِي نہ ڪِئو



اَکَڙِيَنِ آرو، مُنها پُڇِي نہ ڪِئو
اُتَي وَڃِي اَڙِيُون، جِتَي چَوَڻَ نہ چارو
هِنئَڙو وَيچارو، واٽُون جَهلِئو وِجُهلَي


سُرُ آسا

آرو = لاڙو، عشق، چاھ، محبت، لڳاءُ
مُنها = مون کان
ڪِئو = ڪيو
اَڙِيُون = اٽڪيون، ڦاٿيون، گرفتار ٿيون، قيد ٿيون
چَوَڻَ = ڪُڇڻ پڇڻ، دانهن ڏيڻ
چارو = ڇوٽڪارو، حل، نجات، آزادي
هِنئَڙو = مَنُ، دل
واٽُون = رستا، دڳ، راھ
وِجُهلَي = جهڄي، جُهري، ڳري، روڄ راڙو ڪري

بيت جو پس منظر

~ اکين مون کان پڇي محبت ڪونہ ڪئي هئي.
~ اُتي وڃي ڦاٿيون آهن، جتان ڇوٽڪاري جي واٽ ئي ڪانهي.
~ محبوب جي اچڻ جا دڳ جهليو پيو ويچارو من جهڄي ۽ جهري.

سمجهاڻي

عشق جي ابتدا اکين کان ئي ٿيندي آهي ۽ لوڙيندي سڄي زندگي ويچاري دل آهي. انساني جسم ۾ سڀ عضوا پنهنجي ليکي هڪجيتري اهميت جوڳا آهن، هر حصو پنهنجو پنهنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي ٿو، تڏهن هي بُت تحرڪ ڪري ٿو.
شايد اکين ۽ دل جي اهميت سڀني عضون کان مٿاهين آهي، وري محبت جي معاملي ۾ ٻئي عضوا هڪجيترا جوابدار آهن. پر اکيون سدائين دل ۽ دماغ سان صلاح ۽ مشوري ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ ئي ڪٿي اڙجي ٿيون وڃن.
اکيون محبوب کي ڳولي پسند بہ پاڻ ئي ڪن ٿيون ۽ وري سندس عشق ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ سڄي حياتي ان ئي قيد ۾ گذارن بہ ٿيون.
اکين جي ڪيل ان واردات جي ويچاري دل کي سزا ملي ٿي، جو هميشھ پئي محبوب لاءِ جهڄي، جُهري ۽ ڳري.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

16/12/2015

تَنِ نَيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سَيڻَ سانڀَيٽِئا



تَنِ نَيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سَيڻَ سانڀَيٽِئا
جِيَ، جُسَي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِئو


سُرُ آسا

نَيڻَنِ = اکڙين
ڪِي = ڪئي
نَيرانِ = نيرن، ناشتو، صبح جي ماني
ساجُهرِ = سويل ئي، صبح ساڻ ئي، سج اڀرڻ کان اڳ۾
سَيڻَ = محبوب، پرين، جانب
سانڀَيٽِئا = سامهون ديدار ڪيائون، درشن ڪيائون
جِيَ = روح
جُسَي = جسم، بدن
جانِ = ساھ، جسم
ڪَرَ = جيڪر، ڄڻ
حُضُورِي حَجُ = وڏو حج، حَجِ اڪبر، اڪبري حج

بيت جو پس منظر

~ انهن اکين نيرن ڪئي، جن صبح جو ئي محبوب جو ديدار ڪيو.
~ روح، جسم ۽ ساھ ڄڻ وڏو حج ڪيو.

سمجهاڻي

محبوب کي پسڻ لاءِ عاشق جون ديدون دڳن ۾ هجن ٿيون. الائي ڪهڙي طرف کان اچي پاڻ پسائيندو.
اکيون هر پل محبوب جي ئي ڳولا ۾ رهن ٿيون. ڪائنات جو فطري حسن، رنگينيون، دلڪشيون ۽ حسناڪيون محبوب کان سواءِ ڇسيون ۽ ٻُسيون لڳنديون آهن.
ڀٽائي هن بيت ۾ سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي محبوب جو آمهون سامهون ديدار ڪرڻ کي، اکڙين جي ناشتي سان ڀيٽا ڏيندي چئي ٿو :
ڏينهن جي شروعات ٿيندي ئي جنهن محبوب جو ديدار ڪيو تہ ان جي جسم، ساھ ۽ روح ڄڻ اڪبري حج جي سعادت حاصل ڪئي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

30/11/2015

صُورَتَ سُوجِھ مَ تَنهِنجِي، پِيُ پُڇِين ٿو جو



صُورَتَ سُوجِهه مَ تَنهِنجِي، پِيُ پُڇِين ٿو جو
سُخُنُ ناهَي سو، جو مُنهَن مُقابِلِ نَه ٿِيَي


سُرُ آسا

صُورَتَ = چهرو، پيشاني، مُنهُن
سُوجِھ = ڳول، تلاش ڪر
مَ = نہ
تَنهِنجِي = اُن جي
پِيُ = پرين، محبوب
پُڇِين ٿو جو = جنهن کي معلوم ڪرڻ چاهين ٿو
سُخُنُ = ٻولُ، گفتگو، ڪچهري
مُنهَن مُقابِلِ = روبرو، آمهون سامهون

بيت جو پس منظر

~ ان جَي صورت جِي ڳولا نہ ڪر، جنهن محبوب کي ڳولين ٿو.
~ انهن لفظن کي گفتگو نہ چئبو، جيڪي پرپٺ ڳالهايا وڃن.

سمجهاڻي

ڪنهن سان گفتگو يا ڪچهري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ اهو توهان جي سامهون ويٺل هجي. اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي منهن ويهي اندر جا احوال اورڻ کي گفتگو نٿو چئي سگهجي. ايئين ئي محبوب حقيقي يعني مولا پاڪ جي صورت کي ڳولڻ جي ڪوشش نہ ڪر، ڇو تہ هنن اکين سان تون ڏسي نہ سگهندين.
اچو تہ ڀٽائيءَ کان ئي معلوم ڪيون تہ پوءِ کيس ڪيئن ڏسي سگهبو؟
” پرين سي پسن، ٻيئي جنين ٻُوٽِيُون “ ڀٽائي چئي ٿو ته هنن اکين کي جڏهن بند ڪندين تہ پوءِ اندرئينءَ اک سان کيس ڏسي سگهدين.
ٻئي هنڌ ڀٽائي چئي ٿوته ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار “ ؛
اي محبوب ! هن ڪائنات ۾ جيڪي هزارين، لکين ۽ ڪروڙين مظهر ۽ صورتون آهن سي سڀ تنهنجون ئي آهن ڇو تہ تون ئي هر شئي ۾ موجود آهين.
قران جي آيت آهي؛ ”ظاهِرُ و باطِنُ “ يعني پردي ۾ بہ آهي ۽ ظاهر بہ آهي. ظاهر ان کي چئبو آهي جنهن کي ڏسي سگهبو آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل