نُوريءَ جَي نَوَازيَو، ٿيَو تماچي تَي
گاڏيءَ چاڙهي گندري، مَاڙهُو ڪَيَو مَي
ڪينجُهر چُندا ڪَي، ته سَچُ سَڀائي ڳالهڙي
سُرُڪَاموڏُ
نوري ڄام تماچي
تماچي = ڄام تماچي - سَمَا جادو گهراڻي جا راجپوت هئا. ٺٽو سندن گاديءَ جو هنڌ هيو. ڄام انڙ پهريون ۽ ڄام فيروز خان آخري حڪمران رهيو. ڄام تماچي سن 1333ع ڌاري تغلق گهراڻي سان بغاوت ڪري تخت نشين ٿيو.
تَي = تڏهن، تنهنڪري
گندري = مهاڻن جي ذات - هن سُر ۾ ڀٽائيءَ مهاڻن جي ڪيترين ئي ذاتين جو ذڪر ڪيو آ انهن مان "گندرا" به هڪ ذات آهي.
مَاڙهُو = ماڻهون
مَي = مُهاڻي
چُندا = چوندا، شاهدي ڏيندا
ڪَي = ڪيترائي
سَچُ سَڀائي ڳالهڙي = ته ها اها سچي ڳالهه آهي.
بيت جو منظر
تاريخ ۾ ڄام تماچيءَ کي نوريءَ جي ڪري شُهرت، مشهوري ۽ امرتا ملي نه ته سَما گهراڻي جا ٻيا به ڪيترا حڪمران هيا. جيڪڏهن ڄام تماچيءَ نوريءَ کي نوازيو هو ته وري نوريءَ جي ڪري ڄام تماچيءَ کي سڃاڻپ ملي.
ڄام تماچيءَ پنهنجي شاهيءَ گاڏيءَ ۾ نوريءَ کي شاهي آدابن سان چاڙهي سير ڪرايو ۽ کيس مهاڻيءَ مان پَٽَ راڻي بڻائي ماڻهپو عطا ڪيو.
اڄ تائين به ڪيترائي ماڻهون ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا ۽ تصديق ڪندا ته ها اهيو سچ ۽ حقيقت آهي.
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ جو شين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو پنهنجو هڪ الڳ ۽ نرالو انداز آهي. هن وٽ مرد جي حيثيت ثانوي آهي. ڀٽائي عورت جي عظمت جو حامي آهي، تڏهن ئي مرد سندس هيرا ناهن پر عورتون سُورميُون آهن جن مان نوري به هڪ آهي.
ڀٽائيءَ جو خيال آهي ته سَما گهراڻي جا ڪيترائي حاڪم ٿي گذريا آهن جن جو تاريخ ۾ ڪو ورلي نالو ملندو، پر جيڪا مڃتا ۽ مشهوري ڄام تماچيءَ کي ملي سا ٻين کي نه ۽ اها "نوريءَ" جي ڪري ملي .
______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي