ڪَو جَو قَهَرُ ڪَلَاچَ ۾، جَو گهڙي سَو نئَي
خَبَرَ ڪَو نَه ڏئَي، رَڇَ ڪُڄَاڙي رَنڊيَا !!؟
رَڇَ = ڄَارَ
ڪُڄَاڙَي = ڇو؟ ، ڇا لاءِ؟ ، ڇا جي ڪري؟
رَنڊيَا = روڪيا ويا، ڦاسي پيا، جهلجي پيا
بيت جو منظر
اڄ ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ ڪو ته ڪيسُ, قهرُ , ظلم ٿئي پيو جو جيڪو گهڙي ٿو سو ڳوليو نٿو لڀي.
آخر ڪهڙو سبب آهي؟ نيٺ ڇو؟ ڇا لاءِ ؟ ۽ ڇا جي ڪري؟ ,اهڙو ڪو به ناهي ڇا؟ جيڪو اهيا خبر ڏئي ته هن اوڙاهه اندر ڄارَ ڇو ڦاسي ٿا پون؟ ڪو ته سبب هوندو..!!؟
سمجهاڻي
ڀٽائي هر دور جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ ايڏي وسعت آهي جيڏي هيءَ ڪائنات وشال آهي. هي بيت بظاهر ته مورڙي جي ڀائرن کي مانگر مڇَ جي کائي وڃڻ واري پس منظر ۾ لکيل آهي . جڏهن ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ رهندڙ مانگر مَڇَ مورڙي جي ڀائرن کي ڳڙڪائي ويو هو.
پر ڀٽائي اصل ۾ سنڌي قوم کي سمورن مانگر مڇن پوءِ اهي سنڌي دلال وڏيرا، پير، مير، ڪامورا ۽ وقت جا غدار حڪمران هجن يا پنجابي، پناهگير هجن انهن سڀني جي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف قوم کي خبردارڪيو آهي. اڄ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ روزاني بيگناه ماڻهن جو قتل عام جاري آهي. وري ظلم هي آهي ته جن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيوسين، سي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جا سانباهاپيا ڪن.اچو ته ڀٽائيءَ جي هن عظيم فڪر کي سمجهون، پروڙيون ۽ پوءِ ان تي عمل به ڪيون.
______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي