آءُ اَورَاهَون، سُپَرِين! ڏُکِيَ ڏَيجُ مَ ڏَاگُھ
وَٽِ ڇَڏَي مُون وَاگُھ، آرِي ! وَئين عِشقَ جَو
سُرُ سَسُئِي آبِرِي
اَورَاهَون = ويجهو، اورتي
مَ = نہ
ڏَاگُھ = داغ، چُٽَو، سوز، ساڙو، ڏَنڀُ، الزام
وَاگُھ = چِيتَو (عشق جو)
آرِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم جو اولاد _ پنهون
بيت جو پس منظر
~ اي پرين! منهنجي ويجهو اچ، هن ڏکويلَ کي اِهو وڇوڙي جو داغ نہ ڏي.
~ مون وٽ عشق جو چِيتَو ڇڏي پاڻَ هليو ويو آهين.
سمجهاڻي
ڪنهن وڃائجي وَيَلَ ساٿيءَ کي ڳولي ڳولي جڏهن ٿڪجي پئبو آهي تہ پوءِ کيس سَڏَ ڪبا آهن تہ شايد اِهو آواز ٻڌيموٽي اچي. ايئين ئي سسئي بہ جڏهن جبل جهاڳي پنهونءَ کي ڳولي ٿڪجي پئي آهي تہ پوءِ کيس سَڏَ ڪرڻُ شروع ڪيا اٿئين.
او پرين !! تون ڪٿي آهين؟ هلي آ، منهنجي ويجهو اچ. مون ڏکيءَ کي هي جدائيءَ جو عذاب ڏئي تون الائي ڪاڏي هليو آهين.
او آري ڄام جي اولاد، پنهون !! منهنجا محبوب، هي عشق جو شِينهُن تہ مون کي کائي ختم ڪري ڇڏيندو.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي