هَر دَمُ هوتَ پُنهُوءَ جو، ڏِسَڻُ ڀائجِ ڏِکَ
وَرُ پُنهُوءَ ساڻُ پَلَڪَ !، ٻَنِ ٻارَھَ وَرِھَ ٻِئَنِ سِين
سُرُ مَعذُوري (سَسُئِي)
هَر دَمُ = هرهر، هر وقت، هر گهڙي،ساھ ساھ ۾، هر ساھ ۾
هوتَ = پنهونءَ، محبوب
ڏِسَڻُ = ديدارڪرڻ، درشن ڪرڻ
ڀَائجِ = ڀانئجُ، سَمجُھ
ڏِکَ = نظارو، هار سينگار، فرحت، خوشي، سُرورُ، سڪُون.
وَرُ = بهتر، ڀلو
پَلَڪَ = گهڙي، پَلُ
ٻَنِ = کڏ ۾ اڇلايان، باھ ڏيانسِ
وَرِھَ = سالَ
ٻِئَنِ = ٻين
بيت جو پس منظر
~ محبوب پنهونءَ جو هر هر ديدار بہ ڪنهن دلڪش نظاري پسڻ کان گهٽ ناهي.
~ ٻين سان ٻارهن سالَ جيڪر کڏ ۾ اڇلائجن، پر پنهونءَ سان گهاريل هڪ گهڙي بہ انهن ٻارهن سالن کان وڌيڪ آهي.
سمجهاڻي
محبوب جهڙي انمول، حَسِينُ، سهڻي، دلبر ۽ دلربا شئي دنيا ۾ ٻي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. سندس ڏسڻ، ڳالهائڻ، مرڪڻ، رسڻ پرچڻ، نازانداز، ويس وڳا، هارسينگار ۽ هر ادا سڀ باڪمال ۽ بي مثال آهن. سندس سونهن سندرتا، ريشمي زلفن، ناسي نيڻن، ڳاڙهن چپن، گلابي پَتِيُنِ جي ڇُهاءَ جهڙن ڳلن جَي، هرهر ديدار ڪرڻ سان اڻ مَئِي خوشي، مسرت، سڪون ۽ سُرورُ ملي ٿو.
ٻين سان زندگيءَ جا گهاريل ٻارهن سال دل چوندي آهي تہ جيڪر باھ ڏئي ساڙجن. پر محبوب سان گهاريل هڪ پَلُ بہ انهن ٻارهن سالن کان وڌيڪ اهميت وارو، بهتر ۽ بي مثال لڳندو آهي.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي