ڪَڏِهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏِهِن کُلَنِ دَرَ دوسَ جا
ڪَڏِهِن اچان، اچڻُ نہ لَهان، ڪَڏِهِن ڪوٺِيو نِينِ
ڪَڏِهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِهِن ڳُجهاندَرُ ڳَرَهِينِ
اِهِڙائِي آهِين، صاحِبَ ! مُنهِنجا سُپِرِين
سُرُ بَرِوو سنڌي
طاقِيُون = تاڙيون، پٽيون، دريون
دوسَ = محبوب
اچڻ نہ لهان = اچڻ جي اجازت نہ مليم
ڪوٺيو = سڏيو
ڳُجهاندَرُ = راز، دل جون ڳالهيون
ڳَرِهِين = اورين، سلين
صاحِبَ = حاڪم، دل تي حڪومت ڪرڻ وارا
بيت جو پس منظر
~ محبوب گهر جا در، دريون بند ڪيو ڇڏين ۽ ڪڏهن کوليو ڇڏين.
~ ڪڏهن اچڻ جي اجازت ناهي، ڪڏهن سڏي پاڻ سان ويهارين.
~ ڪڏهن ڳالهائڻ لاءِ سڪان، ڪڏهن دل جا راز پيا اورين.
~ منهنجا پرين، دل جا ڌڻي بس اهڙائي آهين.
سمجهاڻي
پيار جي پهرين ڏهاڙن ۾ محبوب کي پسڻ لاءِ سندس گهر ۽ در جا چڪر لڳائبا آهن تہ شايد در ۽ درين جي وٿين مان جهاتي پائيندي درشن ٿئي. محبوب ڪڏهن گهر جو در ۽ دريون بند ڪريو ڇڏين تہ وري ڪڏهن کوليو ڇڏين. ڪڏهن ملڻ جو چئي نہ ملن ۽ ڪڏهن سڏي ڀر ۾ ويهارين. محبوب سان ڳالهائڻ لاءِ اڪثر ماڻهون سڪندا آهن، ڪڏهن پاڻ گهرائي پيا اندر جا احوالاوري خوش ڪريو ڇڏين.
جيتوڻيڪ اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ واسطا ۽ رابطا سولا ٿي پيا آهن ۽ پيغام رسائڻ جو طريقو بدليو آهي باقي محبوبن جون عادتون ۽ ادائون اڃان تائين ساڳيون آهين.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي