17/05/2017

گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا



گهڙو ڀڳو مُنڌَ مُئِي، وَسِلا وِئا 
تِهان پوءِ سُئا، سهڻيءَ سڏَ ميهارَ جا

شاهه لطيف
سر سهڻي 
داستان : 01 بيت : 23


ڏکين لفظن جي معني' 

مُنڌَ = ننڍي نيٽي نوجوان زال سهڻي زال هتي سهڻي
وَسِيلا = آسرا، اُميدون، اُپاءَ ، ذريعا ، واسطا
تِهان = تنهن کان، ان وقت کان
سُئا = ٻڌا

بيت جو پس منظر 

* دلو ڀڄي پيو، سهڻي ٻڏي وئي هاڻي ڪا اميد نه رهي.
* تنهن کان پوءِ ئي سهڻيءَ ميهار جا سڏ ٻڌا.

سمجهاڻي

سر سهڻيءَ جو هي بيت تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل آهي. ڀٽائي هن سر ۾ عاشق عورت کي ۽ مرد کي معشوق بڻايو آهي. تنهنڪري ساهڙ حقيقي محبوب ۽ سهڻي سالڪ آهي. جڏهن سهڻيءَ جو دلو ڀڄي پيو ته هوءَ لهرن ۾ لڙهي لهواري ٿي ۽ حق سان ملي هڪ ٿي وئي.



ڊزائن : آفتاب حسیں کوهارو
محترم  مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

24/12/2015

لاھِ مَ پَچاران، سُک مَ سُمُھ جِندِڙا !



لاھِ مَ پَچاران، سُک مَ سُمُھ جِندِڙا !
ڪَرِ جَهورِي ڪَيڻان، ڪالُوڻا اَڄِ گَهڻِي


سُرُ رِپَ

لاھِ مَ = لاهي نہ ڇڏ، وساري نہ ڇڏ
پَچاران = سندن پچارون، تات، يادگيريون، سندن سارون
سُک = سک سان، آرام، سڪون، سرور ۽ فرحت سان
مَ = نہ
جِندِڙا = اي جسم، جان، ساھ، اي روح
جَهورِي = ڳڻتي، ڳارو، پريشاني، آنڌ مانڌ، لڇ پڇ، بيچيني، بيقراري، انتظاري
ڪِيڻان = هُنن جي
ڪالُوڻا = ڪالهوڻيان، ڪلھ کان
گَهڻِي = اڃان وڌيڪ

بيت جو پس منظر

~ اي جسم ! سک سان سمهي نہ رھ، نہ وري انهن جي ياد کي وساري ڇڏ.
~ هنن جي ڳڻتي ڪلھ کان اڄ وڌيڪ ڪر.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ محبوب سان ڪيل واعدن، وچنن کي پاڙڻ ۽ يادن ۽ ساروڻين کي وڌيڪ سگهاري انداز ۾ سارڻ جي هدايت ٿو ڪري.
اي جسم، جان، دل، ساھ، اي روح ! محبوب سان گهاريل پيار جا پل ۽ ڪيل روح رهاڻيون وساري سک سان سمهي
ننڊون نہ ڪر. محبوب جون يادگيريون، ساروڻيون ۽ ڪيل وچن متان دل تان لاهي ڇڏين. محبوب سان ملڻ جي سڪ، ڇڪ ۽ تانگھ جيتري ڪلھ هيئي، اڄ ان کان اڃان وڌيڪ ڪجان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

23/12/2015

عاشِقُ ڀانئَي اِيئن، ته آئون سِڪَ ڪنهنکي نه سَلان



عاشِقُ ڀانئَي اِيئن، ته آئون سِڪَ ڪنهنکي نه سَلان
وِچِ رهندِي ڪِيئن؟ وَهَنِ اَکِيون، وِرِڄَي هِنئون

سُرُ آسا

ڀانئَي = سمجهي ٿو، خيال ڪري ٿو، سوچي ٿو
سِڪَ = اڪير، تنوار، تانگهه
سَلان = سليان، اوريان، ٻڌايان
وِچِ = وچ ۾، ماڻهن وچ ۾
وَهَنِ = ڳوڙها ڳاڙن، لڙڪ لاڙن
وِرِڄَي = ڳري، ڦٿڪي، پريشان ٿئي
هِنئون = مَنُ، دل

بيت جو پس منظر

~ عاشق ايئين سمجهندو آهي تہ مان ماڻهن کان محبت لڪايان ٿو.
~ پر اداس دل ۽ روئندڙ اکيون ماڻهن کان ڪيئن لڪائي سگهبيون؟

سمجهاڻي

چوندا آهن تہ عشق ۽ مُشڪ لڪي ناهن سگهندا. هٻڪارون ۽ مهڪارون هوا ۾ ملي پري تائين پکڙجي ماحول کي خوشبو خوشبو ڪري ڇڏينديون آهن. ڀلا هي سرها ساهه ڪير ڪيئن ٿو لڪائي سگهي؟
هر وقت اداس رهڻ، ٿڌا ساھ ڀرڻ، گم سم رهڻ، ڪنهن ڳالھ ۾ دل نہ لڳڻ ۽ هر پل در جي کڙڪي تي ڇرڪجي پوڻ اهيي سڀ ڳالهيون آخر ڪهڙي ڳالھ ڏانهن اشارو آهي...!!؟
ڀٽائي هن بيت ۾ عشق جي اهڃاڻن تان پردو کنيو آهي. ڪو ماڻهون جڏهن ڪنهن جي ناسي نيڻن جي گهري ساگر ۾ وڃائجي ويندو آهي تہ پاڻ کي ماڻهن کان لڪائڻ جي وڏي ڪوشش ڪندو آهي تہ ڪٿي هي راز کلي نہ پئي.
هي دل جون ڳالهيون، ساھ ۾ سانڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي. نيٺ آخر هي خوشبو ڦهلجي ويندي آهي. هي راز فاش ڪرڻ ۾ ڪنهن ٻئي نہ سندس دل ۽ اکين جو وڏو هٿ هوندو آهي. بنا ڪنهن سبب جي جڏهن دل اداس ٿي ڦٿڪي
پوندي آهي ۽ اکين جا بند ڀڃي جڏهن لڙڪ لارون ڪري وسي پوندا آهن. تڏهن هي آثار ڏسي سڀڪو سمجهندو آهي تہ حضرت عشق هن جو مهمان ٿيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

22/12/2015

نَظَرُ نَزِدِڪونِ، سَهِي نہ سَگهان ساعَتَ سِين



نَظَرُ نَزِدِڪونِ، سَهِي نہ سَگهان ساعَتَ سِين
پَسَڻُ پَرَي سَندونِ، آئون نالَي ڳِيَڙي نِجُهران

سُرُ آسا

نَظَرُ = ديد، ديدار، نگاھ
نَزِدِيڪونِ = ڀرسان، ويجهڙائيءَ کان
ساعَتَ = گهڙي، پلڪ، پل
سِين = لاءِ، تائين
پَسَڻُ = ڏسڻ
سَندونِ = سندن کي ( محبوبن کي )
ڳِيَڙي = ڳنهندي، وٺندي، کڻندي
نِجُهران = جهڄان، جُهران، ڳران

بيت جو پس منظر

~ محبوب جِي ويجهو کان ديد هڪ پل لاءِ بہ سهي نٿو سگهان.
~ سندن ديدار تہ پري جي ڳالهه، نالي وٺندي بہ جهڄان ۽ جُهران ٿو.

سمجهاڻي

الائي ڪهڙو سبب آهي جو عاشق محبوب سان ملڻ لاءِ آتو، بيچين ۽ بيقرار هوندو آهي. وڏي لُڇَ پُڇَ ۽ آنڌ مانڌ هوندي آهي ساڻس گڏ گهارڻ لاءِ. پر محبوب جڏهن سامهون ايندو آهي ڏسڻ تہ پري جي ڳالھ، ڳالهائڻ لاءِ بہ زبان اٽڪي پوندي آهي.
ڀٽائي ان پيار جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل احساسن ۽ لمحن جي بيحد دلڪش عڪاسي ڪئي آهي. محبوب پري هوندو آهي تہ سندس ڏاڍي سڪ لڳندي اٿم. سندس سڪ ۽ اڪير سمهڻ ناهي ڏيندي. پر محبوب جڏهن ويجهو ايندو آهي تہ هڪ پل بہ کيس ڏسي ناهيان سگهندو.
محبوب کي ڏسڻ، ديدار ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ پر زبان تي نالو ايندي ئي جهڄي جُهري پوندو آهيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

18/12/2015

اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين



اک اُلٽي ڌارِ، وَنءُ اُلٽو عامَ سِين
جَي لَهوارو لوڪُ وَهَي، تون اوچو وَهُ اوڀارِ
منجهان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺيرو پِرِيَ ڏي


سُرُ آسا

اُلٽي = اُبتي
ڌارِ = اختيار ڪر
وَنءُ = هل، وڃ
عامَ سِين = عام ماڻهن کان
لَهوارو = هيٺاهينءَ طرف
لوڪُ = ماڻهون، عوام
وَهَي = هلن
اوڀارِ = ابتو
نُوچَ = نياز نوڙت، نماڻائي
نِهارِ = ڏِسُ
پُرُ = اڳتي وڌ، اڳتي هل
پُٺيرو = پوئين پير

بيت جو پس منظر

~ اک ابتي اختيار ڪر ۽ ماڻهن جي ابتڙ هلڻ جي ڪوشش ڪر.
~ ماڻهون دنيا جي وهڪري ۾ وهي وڃن ٿا, تون پاڻ سنڀالي هل.
~ محبوب ڏي منهن ڪري, ادب سان سندس پٺيان هلندو هل.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي اصلاحي بيت وڃايل ماڻهپو حاصل ڪرڻ ۽ زندگي گهارڻ جا نوان گس ۽ طريقا اختيار ڪرڻ جو
درس ڏئي ٿو. اڄڪلھ اسان جو سماج اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار آهي، انساني قدر پائمال ٿي رهيا آهن. سهپ، رواداري، ڀائيچارو، امن ۽ نياز نوڙت ختم ٿي چڪي آهي. ان جي جاءِ ڏاڍ، زبردستي، نفرت، ساڙ ۽ حسد والاري آهي. پيار، محبتون، اخلاق ۽ مهذب روايتون ڳوليي نٿيون لڀن. مقدس رشتن جو احترام موڪلائي ويو آهي.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ جيئن ٻيا ماڻهون غلط روين سان نفرتن کي جنم ڏين ٿا، ان جي ابتڙ اوهان پيار، امن ۽ نياز نوڙت سان هلي ڪي نوان مثال قائم ڪريو.
ڪَنڊن پوکڻ بجاءِ ڪي گلاب ۽ رابيل پوکي هن ڌرتيءَ کي محبتن ۽ خوشبووئن سان مهڪايو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

17/12/2015

اَکَڙِيَنِ آرو، مُنها پُڇِي نہ ڪِئو



اَکَڙِيَنِ آرو، مُنها پُڇِي نہ ڪِئو
اُتَي وَڃِي اَڙِيُون، جِتَي چَوَڻَ نہ چارو
هِنئَڙو وَيچارو، واٽُون جَهلِئو وِجُهلَي


سُرُ آسا

آرو = لاڙو، عشق، چاھ، محبت، لڳاءُ
مُنها = مون کان
ڪِئو = ڪيو
اَڙِيُون = اٽڪيون، ڦاٿيون، گرفتار ٿيون، قيد ٿيون
چَوَڻَ = ڪُڇڻ پڇڻ، دانهن ڏيڻ
چارو = ڇوٽڪارو، حل، نجات، آزادي
هِنئَڙو = مَنُ، دل
واٽُون = رستا، دڳ، راھ
وِجُهلَي = جهڄي، جُهري، ڳري، روڄ راڙو ڪري

بيت جو پس منظر

~ اکين مون کان پڇي محبت ڪونہ ڪئي هئي.
~ اُتي وڃي ڦاٿيون آهن، جتان ڇوٽڪاري جي واٽ ئي ڪانهي.
~ محبوب جي اچڻ جا دڳ جهليو پيو ويچارو من جهڄي ۽ جهري.

سمجهاڻي

عشق جي ابتدا اکين کان ئي ٿيندي آهي ۽ لوڙيندي سڄي زندگي ويچاري دل آهي. انساني جسم ۾ سڀ عضوا پنهنجي ليکي هڪجيتري اهميت جوڳا آهن، هر حصو پنهنجو پنهنجو ڪم خوش اسلوبيءَ سان سرانجام ڏئي ٿو، تڏهن هي بُت تحرڪ ڪري ٿو.
شايد اکين ۽ دل جي اهميت سڀني عضون کان مٿاهين آهي، وري محبت جي معاملي ۾ ٻئي عضوا هڪجيترا جوابدار آهن. پر اکيون سدائين دل ۽ دماغ سان صلاح ۽ مشوري ڪرڻ کان سواءِ پنهنجو پاڻ ئي ڪٿي اڙجي ٿيون وڃن.
اکيون محبوب کي ڳولي پسند بہ پاڻ ئي ڪن ٿيون ۽ وري سندس عشق ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ سڄي حياتي ان ئي قيد ۾ گذارن بہ ٿيون.
اکين جي ڪيل ان واردات جي ويچاري دل کي سزا ملي ٿي، جو هميشھ پئي محبوب لاءِ جهڄي، جُهري ۽ ڳري.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

16/12/2015

تَنِ نَيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سَيڻَ سانڀَيٽِئا



تَنِ نَيڻَنِ ڪِي نَيرانِ، جَنِ ساجُهرِ سَيڻَ سانڀَيٽِئا
جِيَ، جُسَي ۽ جانِ، ڪَرَ حُضُورِي حَجُ ڪِئو


سُرُ آسا

نَيڻَنِ = اکڙين
ڪِي = ڪئي
نَيرانِ = نيرن، ناشتو، صبح جي ماني
ساجُهرِ = سويل ئي، صبح ساڻ ئي، سج اڀرڻ کان اڳ۾
سَيڻَ = محبوب، پرين، جانب
سانڀَيٽِئا = سامهون ديدار ڪيائون، درشن ڪيائون
جِيَ = روح
جُسَي = جسم، بدن
جانِ = ساھ، جسم
ڪَرَ = جيڪر، ڄڻ
حُضُورِي حَجُ = وڏو حج، حَجِ اڪبر، اڪبري حج

بيت جو پس منظر

~ انهن اکين نيرن ڪئي، جن صبح جو ئي محبوب جو ديدار ڪيو.
~ روح، جسم ۽ ساھ ڄڻ وڏو حج ڪيو.

سمجهاڻي

محبوب کي پسڻ لاءِ عاشق جون ديدون دڳن ۾ هجن ٿيون. الائي ڪهڙي طرف کان اچي پاڻ پسائيندو.
اکيون هر پل محبوب جي ئي ڳولا ۾ رهن ٿيون. ڪائنات جو فطري حسن، رنگينيون، دلڪشيون ۽ حسناڪيون محبوب کان سواءِ ڇسيون ۽ ٻُسيون لڳنديون آهن.
ڀٽائي هن بيت ۾ سج اڀرڻ کان اڳ ۾ ئي محبوب جو آمهون سامهون ديدار ڪرڻ کي، اکڙين جي ناشتي سان ڀيٽا ڏيندي چئي ٿو :
ڏينهن جي شروعات ٿيندي ئي جنهن محبوب جو ديدار ڪيو تہ ان جي جسم، ساھ ۽ روح ڄڻ اڪبري حج جي سعادت حاصل ڪئي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

30/11/2015

صُورَتَ سُوجِھ مَ تَنهِنجِي، پِيُ پُڇِين ٿو جو



صُورَتَ سُوجِهه مَ تَنهِنجِي، پِيُ پُڇِين ٿو جو
سُخُنُ ناهَي سو، جو مُنهَن مُقابِلِ نَه ٿِيَي


سُرُ آسا

صُورَتَ = چهرو، پيشاني، مُنهُن
سُوجِھ = ڳول، تلاش ڪر
مَ = نہ
تَنهِنجِي = اُن جي
پِيُ = پرين، محبوب
پُڇِين ٿو جو = جنهن کي معلوم ڪرڻ چاهين ٿو
سُخُنُ = ٻولُ، گفتگو، ڪچهري
مُنهَن مُقابِلِ = روبرو، آمهون سامهون

بيت جو پس منظر

~ ان جَي صورت جِي ڳولا نہ ڪر، جنهن محبوب کي ڳولين ٿو.
~ انهن لفظن کي گفتگو نہ چئبو، جيڪي پرپٺ ڳالهايا وڃن.

سمجهاڻي

ڪنهن سان گفتگو يا ڪچهري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ اهو توهان جي سامهون ويٺل هجي. اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي منهن ويهي اندر جا احوال اورڻ کي گفتگو نٿو چئي سگهجي. ايئين ئي محبوب حقيقي يعني مولا پاڪ جي صورت کي ڳولڻ جي ڪوشش نہ ڪر، ڇو تہ هنن اکين سان تون ڏسي نہ سگهندين.
اچو تہ ڀٽائيءَ کان ئي معلوم ڪيون تہ پوءِ کيس ڪيئن ڏسي سگهبو؟
” پرين سي پسن، ٻيئي جنين ٻُوٽِيُون “ ڀٽائي چئي ٿو ته هنن اکين کي جڏهن بند ڪندين تہ پوءِ اندرئينءَ اک سان کيس ڏسي سگهدين.
ٻئي هنڌ ڀٽائي چئي ٿوته ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار “ ؛
اي محبوب ! هن ڪائنات ۾ جيڪي هزارين، لکين ۽ ڪروڙين مظهر ۽ صورتون آهن سي سڀ تنهنجون ئي آهن ڇو تہ تون ئي هر شئي ۾ موجود آهين.
قران جي آيت آهي؛ ”ظاهِرُ و باطِنُ “ يعني پردي ۾ بہ آهي ۽ ظاهر بہ آهي. ظاهر ان کي چئبو آهي جنهن کي ڏسي سگهبو آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

28/11/2015

اُڀِرَندَيئِي سِجِ، پِرِين جَي نَه پَسَندِيُون



اُڀِرَندَيئِي سِجِ، پِرِين جَي نَه پَسَندِيُون
ڪَڍِي ٻَيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کَي


سُرُ آسا

اُڀِرَندَيئِي سِجِ = سج اڀرڻ ساڻ ئي
پِرِين = محبوب، جاني، جانب
پَسَندِيُون = ڏسنديون
ڏِجِ = ڏيئي ڇڏ، وڃي ڏي
ڪانگَنِ کَي = ڪانوَنِ کي

بيت جو پس منظر

~ سج اڀرڻ سان جيڪي محبوب کي نٿيون ڏسن.
~ سي ٻيئي اکيون ڪڍي ڪانوَن کي کارائجن.

سمجهاڻي

اڄ ڪلھ زندگي ڏاڍي مصروف بڻجي وئي آهي. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ انسان پاڻ بہ هڪ مشيني پرزو بڻجي ويو آهي. صبح جو سوير اٿي چانھ سان گڏ اخبار جو مطالعو، پوءِ تيار ٿي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، اداري يا دفتر ۾ ڪم ڪندي سڄو ڏينهن مصروف گذري ٿو.
پورهيت طبقي جا ماڻهون پڻ سج اڀريي مختلف ڪمن تي روانا ٿين ٿا، شام جو ٿڪجي واپس ٿين ٿا. هن مصروفيت جي ڪري پنهنجي پيارن ۽ مقدس رشتن کي وقت نٿو ڏيئي سگهجي.
ڀٽائي چئي ٿو:
سج اڀرڻ ساڻ هي اکيون جيڪڏهن محبوب کي نٿيون ڏسن تہ پوءِ هنن جو هجڻ ئي اجايو آهي. پوءِ هي ٻيئي اکيون ڪڍي وڃي ڪانون کي کارائجن.
ٻين لفظن ۾ ڀٽائي اسان کي هدايت ٿو ڪري تہ ڪيڏيون بہ مصروفيتون ڇونہ ھجن پنهنجي پيارن ۽ مقدس رشتن کي وسارڻ نہ گهرجي. ڇوتہ پيار ۽ محبتون ئي بهتر جياپي جو سبب آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

وَهِيان ٿِيَنَ وَٿاڻَ، ڏوکاهِي هُئانِ جَي



وَهِيان ٿِيَنَ وَٿاڻَ، ڏوکاهِي هُئانِ جَي
اَوءِ ڀَيڻِيُون ۽ ڀاڻَ، مَوٽِي مارُن اَڏِئا


سُرُ مارُئِي

وَهِيان = شاهوڪار، سکيا ستابا، آسودا
وَٿاڻَ = ماڳ، هنڌ، بيٺڪ، رهڻ جون جايون
ڏوکاهِي = ويڌن ۾، مشڪلات، تڪليف، ڏکيائيءَ ۾
هُئانِ جَي = انهن جا هئا، جي سندن هئا
اَوءِ = اُهَي
ڀَيڻِيُون = وٿاڻ، ماڳ، جايون
ڀاڻَ = وٿاڻ، ماڳ، وستيون
اَڏِئا = وري ٻيهر ٺاهيائون

بيت جو پس منظر

~ شال سندن اهنج ايذاءَ دور ٿين ۽ وستيون ويڙها خوشحال ٿين.
~ اُهي ماڳ ۽ هنڌ شاهوڪار ٿين, جيڪي ٻيهر آباد ڪيائون.

سمجهاڻي

ڪنهن بيئراج يا ڪيئنال نہ هئڻ ڪري ٿر جا ماڻهون اڪثر پاڻيءَ لاءَ ٻاڏائيندا رهن ٿا. ٿري ماڻهن جو کوهن ۽ برسات جي پاڻيءَ کانسواءِ ڪو ٻيو ذريعو ناهي. وسڪارا نہ ٿيڻ ڪري ڏڪار جون حالتون پيدا ٿين ٿيون. مارو اڃ، بک ۽ بدحاليءَ سبب مال جا ڌڻ ڪاهي بيئراجي علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا.
ڀٽائي هن بيت ۾ ٿرين جي عذاب ۽ اذيت واري زندگيءَ کي فوڪس ڪندي دعا ڪئي آهي تہ شال ملير جي ملڪ تي پلر جي پالوٽ ٿئي. جيئن مارن ۽ سندن مال لاءِ اناج، ميوا، ڀاڄيون، چارو ۽ گهڻي مقدار ۾ گاھ پيدا ٿين.
بيئراجي علائقن ڏانهن لڏي ويل مارو واپس اچن ۽ سندن وستيون، ويڙها، ڳوٺ ۽ شهر خوشحال ٿين ۽ سکيا ستابا ٿين.
هر سال حڪومتون ۽ فلاحي ادارا ٿرين جي امداد واسطي ڪروڙين، اربين روپيا منظور ڪري پنهنجا پيٽ ڀرين ٿا ۽ ٿر جا ماڻهون بُڱ وگهي پيا مرن ۽ خودڪشيون پيا ڪن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

26/11/2015

پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ جا، نِياپا نَي ڪَي



پانڌِي پِرِينءَ پَنوهارَ جا، نِياپا نَي ڪَي
سارَي ڏَيجِ سَرَتِيَين، يادِ پُنَئِي جَيڪَي
وَلِيُون، وَڻَ ڦُلارِئا، ڪِرِڙَ پَڪا ڪَي ڪَي
سَڱَرَ کِينِ سَرَتِيُون، سَيُئَنِ جِنءَ سَيڪَي
زَيرِيُون ڀَڃِي جَيڪَي، مِلان مارُوئَڙَنِ کَي


سُرُ مارُئِي

پانڌِي = قاصد، نياپو کڻي ويندڙ
نَي = کڻي وڃ
پُنَئِي = پَوَنِي
ڦُلارِئا = ٻُورُ جهليائون، انگوريا
سَڱَرَ = سڱريون، ڪنڊيءَ جَي وڻ جو ڦلُ
کِينِ = کائن
سَيُئِنِ جِنءَ سَيڪَي = جيئن سَيُون پچائي کائبيون آهن
زَيرِيُون = پيرن جون ڪڙيون ، زنجيرون
ڀَڃِي = ٽوڙي

بيت جو پس منظر

~ اي قاصد ! محبوب لاءِ جيڪي نياپا ۽ سلام ڏيانءِ سي کڻي وڃجان
~ منهنجي سنگتياڻين مان جيڪي ياد اچني تن کي سلام چئجان.
~ ٿر ۾ وليون وڻ ٻوٽا ڦٽي پيا هوندا ۽ ڪرڙ جا ڏيلها پُسيون بہ پچي ويا هوندا.
~ منهنجون سهيليون سڱريون سيئن جيان رڌي کائينديون هونديون.
~ جيڪي زنجير جڪڙيل آهن سي ٽوڙي، مارن سان ملان.

سمجهاڻي

ملير مان آيل قاصد کان حال احوال وٺڻ کان پوءِ واپس ورندي مارئي کيس چئي ٿي :
سڀ کان پهريائين منهنجي محبوب کيت جنهن جي ڏاڍي سڪ لڳي اٿم، کي پيار، محتون ۽ سلام ڏجان. سهيلين کي منهنجي ۽ مونکي سهيلين جي بيحد سڪ لڳي آهي، کين بہ هڪ هڪ ڪري سلام ڏجان.
برسات وسڻ کانپوءِ هينئر ٿر ۾ گاھ، وڻ، وليون ۽ گل ٻوٽا ڦٽي پيا هوندا، سڄو ٿر ٻُورَ ۽ گلن جِي هٻڪار سان واسيل هوندو. ڪِرِڙَنِ جا ڏيلها ۽ پُسِيُون پڻ پچي راس ٿيون هونديون. سهيليون سڱرين کي رڌي پچائي سَئِيُنِ جيان کائي خوش ٿينديون هونديون.
دل چئي ٿي هي عمر جا لڳل زنجير، هٿ ۽ پير ڪڙيون ٽوڙي وڃي هڪدم مارن سان ملان جو مونکي سڪ لڳي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

25/11/2015

مائِٽَ مُنهِنجا، سُومَرا ! مارُو نَہ مَيرا




مائِٽَ مُنهِنجا، سُومَرا ! مارُو نَہ مَيرا
اُٿِيو ڏِيَنِ اَسُورَ جو، ڀِٽُنِ ڀَرِ ڀَيرا
پَنهُوارَنِ پَيرا، وِڙُهه مَ وَيڙِيچَنِ سِين


سُرُ مارُئِي

مائِٽَ = عزيز
مارُو = ماروئڙا، مالوند، لاڏائو ماڻهون
مَيرا = مٽيءَ هاڻا
اَسُورَ = اَسُرَ، پرھ ڦٽيءَ ويل، صبح ٿيڻ کان اڳ
ڀِٽُنِ = ڀٽون، وارياسا دڙا
ڀَرِ = ڀرسان، لڳ، آس پاس
ڀَيرا = ڦيرا، اچ وڃ
پَنهُوارَنِ = ماروئڙن، جهانگين
وِڙُھ مَ = کئونس نہ، هٿ نہ اٽڪاءِ، هنن سان اُچاءِ نہ
وَيڙِيچَنِ سِين = مارن سان

بيت جو پس منظر

~ اي عمر! منهنجي ملڪ جا مارو ماڻهون دلين جا صاف، اڇا ۽ اجرا آهن.
~ هو پرھ ڦٽيءَ ويل اٿي ٻنين ڏانهن هليا ويندا آهن.
~ مونکي مارن جا پيرا پيا ڏسجن، انهن سان هٿ نہ اٽڪائجان.

سمجهاڻي

عمر بادشاھ مارئيءَ تي ٽوڪ ڪندي چئي ٿو ته تنهنجا اهي مارو جن لاءِ رات ڏينهن پئي روئين، هڪ دفعو بہ ملڻ ڪونہ آيا اٿئي. مارئي جواب ڏيندي چئي ٿي:
اي عمر ! منهنجي مارن جي شان ۾ وڌيڪ نہ ڳالهائجان. هو سادا سٻاجهڙا ۽ اڇين اجرين، صاف شفاف دلين جا مالڪ آهن. هو پرھ ڦٽيءَ ويل مال جا ڌڻ ڪاهي ٻنين ۽ چراگاهن ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ وري سانجهيءَ ويل واپس ورندا آهن. مونکي پڪ آهي تہ منهنجي سنڀال ڪرڻ ضرور ايندا. تون مارن سان گهڻي کئونس نہ ڪجان، هٿ نہ اٽڪائجان نہ تہ تنهنجي بادشاهي خطري ۾ پئجي ويندي.
ڀٽائي هن بيت ۾ سنڌين جَي پاڪ پوتر، صاف شفاف ۽ اڇين اجرين دلين جو ذڪر ڪندي چئي ٿو :
بظاهر هي سادا سٻاجهڙا ۽ معصوم آهن پر جيڪڏهن ڪنهن سندن عزت تي حملو ڪيو تہ هي پلئہ ڪري ڄاڻندا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

22/11/2015

سَتِي تُنهِنجَي سَتَ ۾، ڳالِ گهرجَي ڳَچُ



سَتِي تُنهِنجَي سَتَ ۾، ڳالِ گهرجَي ڳَچُ
وَڍِئو، چِيرِئو، چِچِرِئو، پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ، ته ٿِيِين سَمانِي ساڙَيهَه ۾


سُرُ مارُئِي

سَتِي = سَتَ واري، پاڪدامن
سَتَ ۾ = پاڪدامنيءَ ۾
ڳالِ گُهرِجَي ڳَچُ = گهڻو ڪي گهرجي، وڌيڪ قربانيءَ جي ضرورت پوندي
وَڍِئو چِيرِئو چِچِرِئو = وڍي، ڪپي، چيري
پَرِ ۾ اُڀِي پَچُ = پنهنجي منهن سان اندر ۾ پئي پچ، پنهنجا عزم ۽ حوصلا بلند رک
اَمانَتَ = سَتُ، عزت، عصمت
ساڻُ اَمانَتَ اَچُ = پنهنجي عصمت کي بچائي اچ
سَمانِي = شاناعتي، عزت ۽ آبروءَ واري
ساڙَيھُ = ساڻيھ، وطن، ملڪ

بيت جو پس منظر

~ اي پاڪدامن مارئي ! پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائڻ لاءِ اڃان گهڻو ڪجھ توکي برداشت ڪرڻو آهي.
~ توڙي جو وڍي، ڪپي ۽ چيري وڃين، تہ بہ همٿ ۽ حوصلو نہ ڇڏجان.
~ پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائي ايندينءَ تہ ٿر ۾ شاناعتي سڏي ويندينءَ .

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ ناموس، عزت ۽ عصمت بچائڻ جي تاڪيد ڪندي مارئيءَ کي چئي ٿو:
اي پاڪيزه مارئي ! عمر جَي قيد ۾ توکي هرکائڻ ۽ لالچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويندا. مختلف قسم جون آڇون ويس وڳا، زيور، مال، ملڪيت ۽ پَٽَ راڻِي بڻجڻ جون لالچون ڏنيون وينديون. توکي ڳڀا ڳڀا ڪري قتل ڪرڻ جا ڀَوَ، خوف، دڙڪا دهمان ڏنا ويندا. پر اهو سڀ ڪجھ توکي برداشت ڪرڻو پوندو.
پوءِ جڏهن اهي عذاب ۽ اذيتون سهي پنهنجي عزت ۽ عصمت بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندينءَ تہ ٿر جا ماڻهون تنهنجو شانائتو استقبال ڪندا.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوب ۽ منزلون ماڻڻ لاءِ اوهان کي ٽانڊن تان گذرڻو پوندو. قيد و بند، جيل، کوليون، گوليون، ٽارچر، عذاب ۽ اذيتون برداشت ڪرڻ کان پوءِ ڪاميابيون اوهان جا قدم چمنديون.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جُه سَي لوڙائُو ٿِئا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ



جُه سَي لوڙائُو ٿِئا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ
مارُو مَنجِهه ٿَرَنِ، رَهِي رَهَندا ڪَيتَرو؟


سُرُ مارُئِي

جُه = جَي، جڏهن
لوڙائُو = ڦورو، لٽيرا، چور، ڌاڙيل
ڀَرِ = ڀر ۾، پاسي ۾، آڌار، آسري
مَنجِھ = ۾ ، اندر

بيت جو پس منظر

~ جن جي آڌار تي مارو رهن ٿا، سي ئي جي ايذائيندا.
~ تہ پوءِ مارو ٿر ۾ ڪيئن رهي سگهندا؟

سمجهاڻي

ماڻهن جَي مال، جان، ننگن ۽ دنگن جي سنڀال ۽ حفاظت وقت جَي حڪمرانن جو فرض بڻجي ٿو. جيڪڏهن اُهي حاڪم ئي ماڻهن جي مال، جان، ننگن ۽ دنگن جا دشمن ٿي بيهن تہ پوءِ باقي اتي رهڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو.
مارئي عمر بادشاھ سان مخاطب ٿيندي چئي ٿي:
جن جَي ڏڍ ۽ آسري تي مارو ٿر ۾ رهن ٿا. اُهي ئي حاڪم جيڪڏهن ظالم ٿي عوام جَي ننگن ۾ هٿ وجهندا تہ پوءِ مارو ماڻهون آخر ڪيئن، ڪيترو وقت، باقي ڪنهنجي آسري ٿر ۾ رهندا؟
ڀٽائي ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر آهي. ٽي سؤ سال اڳ لکيل ڀٽائيءَ جو هي بيت سنڌ جَي هاڻوڪين حالتن جي بہ عڪاسي ڪري ٿو. اڄوڪي سنڌ جا ڪرپٽ ۽ غدار حڪمران سنڌ جَي ننگن ۽ دنگن جِي حفاظت ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي تيل، گيس ۽ سڀني وسيلن تي ڌارين سان گڏ ڦرلٽ ۾ شامل آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جو ڏيهُه ڏاڏاڻِئا آئِيو، پَيرَين تِهِ پُئان



جو ڏيهُه ڏاڏاڻِئا آئِيو، پَيرَين تِهِ پُئان
سانگائِتُوءَ سَيدُ چَي، سَندِيُون چِتَ چُئان
هِتَي تان نه هُئان، حَرفُ لَٿَي هَيڪَڙَي

سُرُ مارُئِي

ڏَيھُ = وطن، ملڪ
ڏاڏاڻِئا = ڏاڏاڻن جي، اباڻن جي
تِهِ = تنهن
پُئان = پونديس
سانگائِتُوءَ = سانگائتو، سڱ وارو، مڙس
سَندِيُون چِتُ چُئان = دل جا احوال اوريان
هُئان = هجان، ترسان، رهان
حَرفُ لَٿَي هَيڪَڙَي = هڪ اکر ڳالهائڻ جيترو وقت، گهڙي، پل بہ

بيت جو پس منظر

~ اباڻن جَي ملڪ جو ڪو ماڻهو آيو تہ سندس پيرين پونديس.
~ پنهنجي مڙس سان شڪايتون ۽ دل جا احوال اورينديس.
~ هڪ گهڙي بہ هتي نہ رهنديس، پنهنجي ملڪ وينديس

سمجهاڻي

مارئيءَ کي عمر جي قيد ۾ رهندي ڪافي عرصو لنگهي ويو آهي، پر ڪير ملڻ ڪونہ آيو آهي. مارئيءَ کي اباڻن جي، سهيلين جي ۽ پنهنجي محبوب جي سڪ ۽ اڪير ڏاڍو تڙپائي ٿي. تڏهن مارئي چئي ٿي :
منهنجي اباڻن جَي ملڪ ٿر مان جيڪر ڪو ماڻهون اچي تہ سندس پيرين پونديس، ايلاز ڪنديس ۽ منٿون ڪنديس تہ مونکي پاڻ سان وٺي هلو. پر جيڪڏهن منهنجي سار لهڻ منهنجو محبوب مڙس اچي تہ ساڻس دل جا احوال اوريان، شڪايتون ڪيان، ميارون ۽ ڏوراپا ڏيان تہ توهان ڪا سار ناهي لڌي. عمر جي ڪوٽ ۾ هڪ اکر ڳالهائڻ جيترو وقت بہ نہ ترسان، هڪ گهڙي ۽ هڪ پل نہ رهان ۽ ساڻس گڏ پنهنجي ملڪ ٿر هلي وڃان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

آئون ڪِنءَ سَوِڙِيَين سُمَهان؟ مُون وَرُ گهارَي وِلَ



آئون ڪِنءَ سَوِڙِيَين سُمَهان؟ مُون وَرُ گهارَي وِلَ
کَٿَيرِيءَ تان کِلَ، عُمَرَ ڪَجُ مَ اَهِڙِي

سُرُ مارِئِي

ڪِنءَ = ڪيئن
سَوِڙيَين = سَوِڙِيُنِ ۾
وَرُ = مڙس، ڀتار، ڪانڌ
گهارَي = رهي، گذاري ٿو
وِلَ = وِلَھ، ٿڌ، سيءُ، ماڪَ
کَٿَيرِيءَ = کٿي اوڍيندڙ لوئڙياري، ٿرياڻي يعني مارئي
کِلَ = ٽوڪ، طنز، ٺٺول، مذاق، طعنو

بيت جو پس منظر

~ منهنجو مڙس ٿڌ ۾ کليئي آسمان هيٺ وِلَھ ۾ ٿو گذاري، سو مان تنهنجي سوڙين ۾ ڪيئن سمهنديس؟
~ هن کٿيءَ اوڍڻ واري ٿرياڻيءَ کي غريب هجڻ جو طعنو نہ ڏي.

سمجهاڻي

عمر بادشاھ پنهنجي ڪوٽ جَي اوچين ديوارن اندر قيد ٿر جِي سونهن مارئيءَ کي طرح طرح جون لالچون ڏيئي ريجهائڻ ۽ هرکائڻ جون ڪوششون ڪري ٿو. هاڻي جڏهن مندون ڦري ويون آهن ۽ اتر جون ٿڌين هوائون لڳڻ شروع ٿيون آهن تہ سيءَ ۾ اضافو ٿيو آهي. تڏهن عمر بادشاھ مارئيءَ جِي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ گرم ڪپڙا، اونيون لويون، ڪمبل، سوڙيون ۽ گرم بسترن جِي آڇ ڪئي آهي.
مارئي سندس آڇ کي ٿڏيندي چئي ٿي:
اي عمر ! اسين مارو ماڻهون کليل ميدانن تي اڏيل ڪکاون گهرن ۾ هنن ٿڌين جا هيراڪ بڻيل آهيون. تنهنڪري تنهنجي هنن سڀني شين جِي مونکي ڪا ضرورت ناهي.
منهنجو مڙس ۽ ماروئڙا هن ٿڌ ۾ کليل آسمان هيٺان گذاريندا هوندا سو، تنهنڪري مونکي تنهنجي سوڙين جي ضرورت ناهي اباڻي لوئي ئي منهنجي لاءِ ڪافي آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

18/11/2015

شَمَعَ ٻارَيندَي شَبَ، پِرهَه باکُون ڪَڍِيُون



شَمَعَ ٻارَيندَي شَبَ، پِرهَه باکُون ڪَڍِيُون
موٽُ مَران ٿِي مَينڌِرا، راڻا ڪارَڻَ رَبَ
تُنهِنجِي تاتِ طَلَبَ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا


سُرُ مُومَلَ راڻو

شَمَعَ = ميڻ بتي، بتي، ڏيئو
ٻارِيندَي = جلائيندي
شَبَ = رات
پَرھَ = پرڀات، صبح
باکُون = سج جا ڪرڻا، روشني، صبح جي ڳاڙهاڻ
ڪارَڻِ = واسطي، لاءِ، لڳ
تاتِ = تنوار، پچار، سار، ياد
طَلَبَ = گهرج، ضرورت
ڪانگَ = ڪانوَ، پکي، قاصد
اُڏايَمِ = موڪليم، روانا ڪيم

بيت جو پس منظر

~ راڻَي جَي انتظار ۾ سڄي رات شمعون جلائيندي اچي پرھ ڦٽي آهي.
~ او سوڍا ! خدا جَي واسطي، او راڻا ! موٽي اچ نہ تہ مري ويندي سانءِ.
~ تنهنجي سڪ ۾ ڪيئي ڪانگ قاصد ڪري روانا ڪيا اٿم.

سمجهاڻي

راڻو رُسِي ويو آهي، ڪاوڙجي ويو آهي. مومل کيس پرچائڻ جا ڪيئي جتن ڪيا پر راڻَي کي رحم نہ آيو. مومل راڻي جَي رستي ۾ هر رات الماسي اکڙيون وڇائي اوسيئڙي ۾ آهي. در جي هر کڙڪي تي مومل جِي اميد جاڳي پئي ٿي شايد راڻو آيو آهي. پر راڻو ناهي آيو، هوا جو ڪو تيز جهوٽوهئو. مومل جَي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن، هوءَ هنجون هاريندي چئي ٿي ته سڄي رات شمعون جلائيندي گذري وئي آهي. هاڻي تہ باک ڦٽڻ تي آهي پر راڻو اڃان ناهي آيو. مومل راڻَي کي رب جو واسطو ڏيئي چئي ٿي:
او سوڍا ! جي تون موٽي نہ ايندين تہ مان تنهنجي جدائيءَ ۾ مري ويندي سانءِ. تنهنجي پيار، پاٻوهه، پريت، سڪ ۽ اُڪير ۾ ڪيئي قاصد نياپا ڏيئي موڪليا اٿم، پر اڃان تائين ڪو جواب ناهي آيو.

محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
______

17/11/2015

راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِ ڪَرَي



راڻو ڪا راتِ وِئو، ڳُجِهي ڳالِ ڪَرَي
سوڍَي رِيَ سَرَتِيُون، هَڏِ نَه ساهُه سَرَي
وَڃِي، مانَ وَرَي، آسائِتِي آهِيان


سُرُ مُومَلَ راڻو

ڳُجِهي = لڪل، مخفي، اشارو
ڳالِ = ڳالھ
سوڍَي رِيَ = راڻَي کانسواءِ
سَرَتِيُون = سهيليون، سنگتياڻيون، هڪجيڏيون
هَڏِ = هرگز
ساھُ سَرَي = دم گذري، ساھ کي مونجهارو ٿئي، ساھ ساھ ۾ نٿو ماپي
مانَ وَرَي = من وري، شال موٽي اچي
آسائِتِي = آسروندي، آسري واري، اميد واري

بيت جو پس منظر

~ راڻو رات مونکي ڳجهو اشارو ڏيئي ويو آهي.
~ اي جيڏيون ! راڻَي کان سواءِ منهنجو روح رهي نٿو سگهي.
~ مونکي اميد آهي تہ راڻو وري ڪاڪ تي موٽي ايندو.

سمجهاڻي

راڻَي جَي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل اٻاڻڪي ۽ اڪيلي ٿي پيئي تہ هن پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي قميص، سلوار ۽ پٽڪو پارائي، رات جو پاڻ سان گڏ سمهاريندي هئي. هڪ رات اوچتو جيئن ئي راڻو مومل جَي ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ مومل سان هڪ غير مرد کي ڀاڪر پائي ستل ڏٺائين. سندس مردانگي غيرت جاڳي تہ ٻنهي کي ماري ڇڏيان پر بي انتها پيار هجڻ ڪري مومل جَي ڀر ۾ پنهنجو لڪڻ رکي هليو ويو.
اَسُر ويل يا صبح ٿيڻ تي مومل لڪڻ ڏسي سمجهي وئي تہ رات راڻو آيو هئو ۽ لڪڻ رکي پيغام ڏئي ويو آهي تہ تون سچي ناهين رهي. تڏهن مومل لڙڪ لاڙيندي چئي ٿي:
او سرتيون ! رات راڻو هي ڳجهو پيغام ڏيئي ويو آهي، کيس شڪ پئجي ويو آهي. پر راڻَي سواءِ آئون ڪيئن جي سگهنديس. سوڍي سواءِ مان اڪيلي، اڻپوري ۽ نامڪمل آهيان.
او جيڏيون ! اميد اٿم تہ راڻو منهنجي ڪيل خطا معاف ڪري، ڪاوڙ ڇڏي وري ڪاڪ تي موٽي ايندو.

محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
______

16/11/2015

سوڍَي مُنهِنجَي ساهَه سِين، جَيڏِيُون جِيئن ڪَيو



سوڍَي مُنهِنجَي ساهَه سِين، جَيڏِيُون جِيئن ڪَيو
ڪَڙِي مُون ڪاڪِ ٿِيِي، آتَڻُ وِسريِو
پَسان ڪِينَ ٻِئو، تورِيءَ اَکَڙِيُنِ سِين


سُرُ مُومَلَ راڻو

سوڍَي = راڻَي، مينڌري
ساھَ سِين = روح سان، دل سان، مَنَ سان
جَيڏِيُون = سرتيون، سهيليون، سنگتياڻيون
ڪَڙِي = زهر
آتَڻُ = سٽ ڪتڻ جي جاءِ
پَسان = ڏسان، نهاريان
تورِيءَ = تو سوا، توکان سوءِ
سِين = سان

بيت جو پس منظر

~ او سرتيون ! منهنجي روح سان، دل سان راڻَي هي ڪهڙو قهر ڪيو آهي.
~ سٽ ڪتڻ تہ ٺهيو، ڪاڪ بہ زهر ٿي لڳي
~ او راڻا ! تو سوا هنن اکڙين سان ڪنهن ٻئي ڏانهن نهاري نٿي سگهان.

سمجهاڻي

راڻَي جي رُسِي وڃڻ کان پوءِ مومل هر پل هنجون هاريندي، سوڍي کي ساريندي ٿي رهي. سرتيون کيس آٿت ۽ دلجاءِ ڏيڻ آيون اٿس، تڏهن مومل نيڻين نير وهائيندي چئي ٿي:
او سرتيون ! هي راڻَي منهنجي روح سان، مَنَ سان ۽ دل سان ڪهڙو ويلُ وهايو آهي، ويڌن ڪئي آهي، ڪِيسُ ۽ قهر
ڪيو آهي.
هن ڪاڪ جا هي حسين محل، محلاتون، چرخو، باغ باغيچا، وڻ، گل ٻوٽا ۽ سڀ دلڪشيون ۽ حسناڪيون سوڍي سوا زهر ٿيون لڳن. مان اڳ بہ سوڍي جي هيس، هاڻي بہ سندس آهيان ۽ آخري دم تائين سوڍي جي ئي رهنديس.
هي نيڻ جن ۾ راڻَي جي رهاڻين جا عڪس اڃان موجود آهن، سي ڪنهن ٻئي ڏانهن کڻي نهارڻ پاپ، حرام ۽ گناهه ٿي سمجهان .

محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
______

12/11/2015

راڻا ! رِهاڻِيُون، سوڍا ! وَيٺِي سارِيان



راڻا ! رِهاڻِيُون، سوڍا ! وَيٺِي سارِيان
سَهَسَين سِڄَ اُلَٿا، راتِيوُن وِهاڻِيُون
ڪوڙَين مُون ڪاڻِيُون، ڍولا ! ڍَڪَي آءُ تُون


سُرُ مُومَلَ راڻو

رِهاڻِيُون = ڪچهريون، محبتون، صحبتون
سوڍا = اي راڻا
سارِيان = ياد ڪيان
سَهَسَين = سوين، هزارين
سِڄَ = سجَ
اُلَٿا = لهي ويا
وِهاڻِيُون = گذري ويون
ڪوڙَين = ڪروڙين
ڪاڻِيُون = ڪميون، ڪوتاهيون، خطائون، غلطيون، اوڻايون، گهٽتائيون، قصورَ، عيبَ
ڍولا = اي پرين، محبوب
ڍَڪَي = پردو رکي، عيبن کي لڪائي

بيت جو پس منظر

~ او راڻا ! توسان ڪيل ڪچهريون ڏاڍيون ياد پيون اچن.
~ تو ڏٺي سوين سج اڀري لٿا، ڪيتريون راتيون گذري ويئيون.
~ مون ۾ ئي ڪروڙين ڪوتاهيون آهن پر، او جانب ! هاڻي هلي آ.

سمجهاڻي

ڪاوڙجي پوڻ، رسڻ ۽ پرچڻ محبت جون ئي نشانيون آهن. جڏهن محبوب رُسي ويندو آهي تہ سڪ ۽ اُڪير ۾ اڃان وڌيڪ شدت ۽ اضافو ٿيندو آهي.
ڪاڪ کي الوداع چئي مومل کان راڻو رُسي ڍَٽ هليو ويو آهي، ڪاڪ سُڃي، ٻُسي، ويران ۽ سُنسان ٿي وئي آهي. مومل راڻي جون ساروڻيون ساريندي چئي ٿي:
او راڻا ! توسان ڪيل محبتون ڏاڍيون ياد پيون اچن. تو سوا پل بہ نہ سرندو هيو، تو ڏٺي ڪيئي سج اڀري لهي ويا. ڪيتريون راتيون گذري ويون پر تون اڃان نہ آيو آهين. مڃان ٿي تنهنجو ڪو ڏوهه ناهي، ڪروڙين گهٽيايون، ڪوتاهيون مون ۾ ئي آهن.
او محبوب ! تون منهنجي خطائن ۽ عيبن ڏي نہ نهار، هاڻي پل جي بہ دير نہ ڪر جلدي هلي آ.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____