09/10/2015

اَچِئو اَچئو چُونِ، وِهُه، وِئا تان گهورِئا



اَچِئو اَچئو چُونِ، وِهُه، وِئا تان گهورِئا
سَرَتِنِ سانگُ ! سُکَنِ سِين، مُون جِنءَ رَتُ نه رُونِ
اُو مَرُ وَيٺِيُون هُونِ، مُون ساڱاتُو سُورَ ٿِئا


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

اَچِئو اَچِئو = ايندي ئي، اچڻ ساڻ
چُونِ = چون ٿيون، چوڻ لڳيون
وِھُ = زهر
وِئا تان گهورئا = ويا تہ صدقي ٿيا، چڱو ٿيو
سَرَتِنِ = سهيلين، سنگتياڻين
سانگُ = سانگو، ڪم
جِنءَ = جيئن
رُونِ = روئن
اُو = اُهي، هو سرتيون
مَرُ = ڀلي
هُونِ = هجن
ساڱاتُو = سنگتي، دوست، همسفر

بيت جو پس منظر

~ اچڻ سان چوڻ لڳيون، ”زهر هئا، ويا تہ صدقي ٿيا“ .
~ سرتين کي سکن سان ڪم آهي، مون جيان رت جا ڳوڙها ڇو ڳاڙينديون.
~ اهي ڀلي ويٺيون رهن، سور منهنجا سنگتي آهن سي ساڻ هلندا.

سمجهاڻي

پنهونءَ کي کنڀي ڀائر کڻي ويا هليا، تڏهن سسئيءَ مٿان مصيبتن جا پهاڙ ڪري پيا ها. تڏو وڇائي پنهل لاءِ پار ڪڍي پئي روئي. سرتيون ڏک ونڊڻ لاءِ اچي گڏ ٿيون هيون. سسئيءَ کي آٿت ڏيڻ بجاءِ اهڙيون ڳالهيون ٿي ڪيائون جو سسئيءَ جو اندر ٿي جليو.
تڏهن سسئي سرتين لاءِ ٿي چئي :
مون کي دلجاءِ ۽ دلاسا ڏيڻ بجاءِ سرتيون چوڻ لڳيون، زهر هيا تولاءِ چڱو ٿيو جو هليا ويا صدقي ٿيا تو مٿان. هي سرتيون سُک جون پليل آهن، کين ڪهڙي خبر تہ ڏک ڇا ٿيندا آهن، نہ تہ جيڪر اکين مان پاڻيءَ بجاءِ رت جا ڳوڙها ڳاڙن ها.
هي سرتيون هتي ڀلي پنهنجي مڙسن سان ٻکين هجن، مون ساڻ گڏجي نہ هلن. مان ۽ منهنجا سور پنهونءَ جي قافلي پويان سنگتي ٿي گڏ جبل جهاڳينداسين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
___

08/10/2015

سُتَي پونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا



سُتَي پونِ ڇِرِڪَ، آيَلِ ٻاروچَنِ جا
وَمَ وِهاٽِي، وو! ڙَي ! ڪوهِيارَي ڪِرِڪَ
ڌَڙُ ڌُوڻِئو تِهِ ڌَڪَ، جَڏِيَ جِيَڻُ نہ ٿِيَي


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

پُونِ = پَونِ، پَونِمِ
ڇِرِڪَ = درهڙيون، ڏڪڻيون، خوف، ڊڄ ٿيڻ
آيَلِ = جيجل، ماءُ، امڙ
وَمَ = ورم جو مخفف، رئيسہ عضوو، جسم جو اندريون نازڪ حصو
وِهاٽِي = ڦهڪائي، زور سان هنيئي
وو = دانهن، رڙ
ڙَي = الا ڙي
ڪوهِيارَي = جبل جي ماڻهونءَ يعني پنهونءَ
ڪِرِڪَ = تير، ڪمان، ٻاڻ
ڌَڙُ = جسم، بدن، سرير
ڌُوڻِئو = لوڏيو، لوڏي ڇڏيو
تِهِ = تنهن
ڌَڪَ = زخم، ڦٽ، گهاءُ

بيت جو پس منظر

~ او جيجل ! ننڊ ۾ سُتِي پئي آهيان تہ ٻاروچن جي ياد ايندي ئي ڇرڪ نڪري ٿا وڃن.
~ الا ڙي ! ڪوهياري مون کي زور سان سنڌائتو ڌڪ هنيو آهي.
~ هن ڌڪ تہ منهنجو سڄو جسم لوڏي ڇڏيو آهي، هن ڦَٽِيَلِ جو جيئڻ ڪيئن ٿيندو.

سمجهاڻي

هر ڪم هر ڳالھ وسري سگهي ٿي، پر محبوب سان گهاريل پيار جا پل، روح رهاڻيون ۽ ڪچهريون وسري ناهن سگهنديون. اها ئي محبوب جي ڏنل سوغات ۽ سوکڙي انمول ۽ املھ ماڻڪ هوندي آهي، جيڪا سدائين ساھ ۾ سانڍيل
هوندي آهي.
اڄ سسئيءَ کي پنهنجي محبوب پنهونءَ سان گهاريل پيار جا پل، رهاڻيون ۽ ڪچهريون وري وري ياد پيون اچن.
سسئي انهن ساروڻين کي ساريندي چئي ٿي :
او جيجل ! پنهونءَ پڄاڻان منهنجيون نيڻين ننڊون ڦٽل آهن، پر جيڪڏهن ڪڏهن کڻي اک لڳي بہ ٿي تہ پنهونءَ جي ياد ايندي ئي ڇرڪ ڀري اٿي پوان ٿي.
الا ڙي ! پنهونءَ منهنجي ساري وجود تي اهڙو زوارائتو ڌ ڪ هنيو آهي جو منهنجو سڄو وجود ڌڏي، لُڏِي ويو آهي. هاڻي هن گهايل جو پنهونءَ سواءِ جيئڻ مشڪل ٿي پيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
___

07/10/2015

ڏُنگَرَ ڀونئيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ مَيخُون ڏُونگَرَين



ڏُنگَرَ ڀونئيِنِ ڪِيرَ، سَڄَڻَ مَيخُون ڏُونگَرَين
هِهَڙا سَيڻَ سُڌِيرَ، ڪِينَ لَهندِينءَ ڪَي ٻِئا


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

ڏُونگَرَ = جبل
ڀُونئيِنِ = زمين لاءِ
ڪِيرَ = ڪِلا، ڪِلِيُون
مَيخُون = جَڙون
ڏُونگَرَين = جبلن جون
هِهَڙا = اهڙا، هن جهڙا
سَيڻَ = دوست، پرين، محبوب
سُڌِيرَ = هوشيار، دلبر

بيت جو پس منظر

~ جبل زمين جا ڪِلا آهن، محبوب جبلن جي جڙن جيان آهن.
~ اهڙا ھوشيار ۽ دلبر ڪي ٻئا ڳوليي نہ لڀندا.

سمجهاڻي

هن بيت ۾ ڀٽائي قران جي آيت ”ڇا اسان زمين کي هموار نہ بڻايو، ۽ ان تي جبلن کي ڪِيرَنِ جيان نہ کوڙيوسين“
جو حوالو ڏيئي سمجهائي ٿو تہ جبل زمين جا ڪِلا آهن، کيس لُڏَڻَ ۽ کسڪڻ کان بچائي مظبوطيءَ سان جهلي بيهن ٿا.
جبلن کي زمين جي ڪلَنِ ۽ جڙن سان تشبيھ ڏيئي ڀٽائي سندن مظبوط ۽ سگهاري هجڻ جي ڳالھ ڪئي آهي.
سسئي پنهنجي محبوب پنهونءَ کي جبلن سان ڀيٽي چئي ٿي :
جيئن جبل زمين لاءِ سهارو آهن، تيئن پنهون مون لاءِ وڏو ڏڍ، آٿت ۽ اتساھ آهي. منهنجي دلبر جهڙو مظبوط ۽ دلير ماڻهون ٻئي هنڌ ڳوليي نہ لڀندو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

06/10/2015

ڏُنگَرَ ! ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گڏِجان ته چُئان




ڏُنگَرَ ! ڏُکَ سَنداءِ، پِرِينءَ گڏِجان ته چُئان
ڀِنِي ٿِيَين ڀَوارِئون، ٻِئا وِنگا وَرَ سَنداءِ
چَڱِي ڪانہ ڪِياءِ، پَيرُ وِڃايَئِي پِرِينءَ جو


سُرُ ڪوهِيارِي سسئي

ڏُنگَرَ = جبل
سَنداءِ = تنهنجا
چُئان = چونديس
ڀِنِي = پرڀات، اسر ويل، پرھ ڦٽيءَ ويل
ٿِيَين = ٿي پئين ٿو
ڀَوارِئون = خوفناڪ، هيبتناڪ، ڊپ وارو، ڊيڄاريندڙ
وِنگا = ڦِڏا، اڙانگا
وَرَ = ور وڪڙ
ڪِياءِ = ڪيئي، تو ڪئي

بيت جو پس منظر

~ اي جبل ! جڏهن پنهونءَ سان ملنديس تنهنجي ڏنل ڏکن جي شڪايت ڪنديس.
~ پرھ ڦٽيءَ ويل تون خوفناڪ لڳندو آهين، ٻيا تنهنجا ور وڪڙ اڙانگا آهن.
~ تو مون سان ڪا چڱائي ناهي ڪئي، منهنجي پنهونءَ جا پير گم ڪري ڇڏيا اٿئي.

سمجهاڻي

سسئي پنهونءَ جي قافلي پويان لڪ لتاڙيندي جبل جهاڳيندي، رستي ۾ ملندڙ جهنگ جي جانورن، پکين، وڻن ۽ جبلن سان پنهنجي اندر جا احوال اوريندي ٿي وڃي.
انسان جي فطرت آهي تہ هو پنهنجي اندر جو اظهار ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهون نہ مليس تہ پنهنجو پاڻ سان، ڀتين، وڻن ۽ پکين سان ڳالهائي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي.
سسئي هن سفر ۾ اڪيلي آهي، ساڻس ڪير گڏ ناهي، تنهنڪري هوءَ جبل کي ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندي چئي ٿي :
اي جبل ! جڏهن پنهنجي محبوب پنهونءَ سان ملنديس تہ تنهنجي مليل ڏکن ۽ سورن جون شڪايتون ضرور ڪنديس.
هڪ تون اوچو ۽ اُتاهون آهين، ٻيو تنهنجا لنگھ، لاهيون ۽ چاڙهيون موتمار ۽ خطرناڪ آهن. پرھ ڦٽيءَ ويل تنهنجي مٿان دونهون، ڪوهيڙو ۽ ماڪ ڦهلجي ٿي تہ ويتر هيبتناڪ ۽ دھشت جي علامت بڻجيو وڃين.
اي جبل ! تنهنجي سخت نوڪدار پٿرن منهنجا نازڪ پير ڦاڙي ۽ ڦٽي وڌا آهن. تو منهنجي پنهونءَ جا پيرا گم ڪري ڇڏيا آهن، تو ڪا چڱائي ناهي ڪئي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

05/10/2015

مَتان ڪا، ٻَڙِي ! ٻولَ ٻاروچَي وِسَهَي



مَتان ڪا، ٻَڙِي ! ٻولَ ٻاروچَي وِسَهَي
هُندَ نه سُتِيَسِ، سَرَتِيُون ! وَيهِي رَهيَسِ وَڙِي
جَتَ پَنهِنجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گَهڙِي
ڪَيچِيَنِ آن نه ڪَڙِي، ڪِنهِن ڏُکِيَ ڏاوَڻُ ڏائِيو


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

ٻَڙِي = اي ادي، هڪ عورت جو ٻيءَ عورت سان مخاطب ٿيڻ وقت سڏڻ جيئن ” اڙي “
ٻولَ = واعدا، وچن، اقرار، ڳالهيون
وِسَهَي = اعتبار ڪري، ويساھ ڪري
ٻاروچَي = ٻروچ، جت
هُندَ = هوند، جيڪر
وَڙِي = واڳي، واڻجي، مڙهجي
مانَ = مَنَ
ڪَيچِيَنِ = ڪيچ مڪران مان آيل جت، پنهونءَ جا ڀائر
آن = آئون، مان
ڪَڙِي = ڪوڙِي
ڏاوَڻُ = شاديءَ جا ساٺَ - گهوٽ جي سالي يا ڪا سهاڳڻ گهوٽ جي هٿ ۽ پير جي آڱوٺي کي ڳاڙهي سٽ جي ڌاڳي سان ست ڦيرا ڏيندي آهي. گهوٽ ان ڌاڳن کي ڪيئنچيءَ سان ڪٽي خرچي ڏئي ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ٿيندو آهي. جي ڪنهن اڀاڳيءَ ڏاوڻ ڏائيا تہ گهوٽ ڪنوار ۾ اڻبڻت ٿيندي آهي.
ڏائيو = لائيو، ٻَڌو

بيت جو پس منظر

~ اڙِي ! متان ڪا ٻي ٻروچ جي واعدن تي اعتبار ڪري.
~ جيڪر پنهونءَ کي پاڻ سان واڳيان ها ۽ ننڊ نہ ڪريان ها.
~ شال جت پنهنجي ماڳ تي ڪا گهڙي اچي گڏ گذارين.
~ مان جتن کي ڪوڙِي ڪونہ هيس پر ڪنهن اڀاڳيءَ ڏاوڻ ڏائيا ها.

سمجهاڻي

پنهونءَ جي ڪيل بي وفائيءَ تي هنجون هاريندي سسئي چئي ٿي:
اڙي سرتيون ! جَت بي وفا آهن، سو متان ڪا ٻروچن سان نينهن لائي ۽ ڪُوڙن واعدن تي اعتبار ڪري.
او سرتيون ! مون کان غلطي ٿي وئي، پنهونءَ کي چيلهه ۾ رسو ٻڌي پاڻ سان واڳي پوءِ بي فڪري ٿي ننڊ ڪيان ها.
منهنجي آس آهي تہ جَت وري ڪڏهن موٽي اڱڻ اچن تہ ساڻن ڪي پل گڏ گذاريان. جَتن کي آئون ڪوڙِي ڪونہ هيس پر شاديءَ واري رات شايد ڪنهن اڀاڳيءَ پنهونءَ کي ڏاوڻ ڏائيا ها.
ڀٽائي عوامي شاعر آهي تڏهن تہ سنڌ جي شادين جي ريتن رسمن ۽ وهم وسوسن جي هن بيت ۾ عڪاسي ڪئي اٿائين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

03/10/2015

ڪَڏِهِن تان ٻاجَهه پَئِي، ساڄَنَ مُنجُ سَلامُ



ڪَڏِهِن تان ٻاجَهه پَئِي، ساڄَنَ مُنجُ سَلامُ
سِڪَ تُنهِنجِي سُپِرِين، ڪِئو تَنُ تَمامُ
هَٿَين حاجَ وِهُه ٿِي، نَيڻَين نِنڊَ حَرامُ
دوسَ نه سَهان دامُ، وِندُرِ ٿو وَيلا ڪَرِين


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

ٻاجَھ = مِهِرَ، رحم، ڪرم
پَئِي = پوئي
ساڄَنَ = پرين، محبوب
مُنجُ = موڪل
تَنُ = بُت، بدن، سرير، جسم
تَمامُ = پورو، سڄو
حاجَ = پھچ
وِھُ = زهر
دوسَ = دوست، پرين، محبوب
دامُ = دم، پل، گهڙي
وِندُرِ = لس ٻيلي لڳ واديءَ جو نالو جتان سسئي لنگهي هئي.
وَيلا = ديريون جمع، واحد دير
ڪَرِين = وقت گذارين، دير ڪرين

بيت جو پس منظر

~ او پرين ! ڪڏهن مهر پوئي تہ ڪي سلامَ ڏياري موڪل.
~ او سپرين ! تنهنجي سڪ ساھ کي سوڙهو ڪيو آهي.
~ مون کان ڪو ڪم پڄي نٿو، نيڻين ننڊ حرام آهي.
~ او جانب ! مان توکان پل پري رهي نٿي سگهان ۽ تون وتين ديريون ڪندو.

سمجهاڻي

رابطو، دعا سلام ۽ نياپو سنيهو ضروري آهي نہ تہ محبتون دورين ۽ جدائين ۾ بدلجي وڃن ٿيون. پوءِ اُهي محبتون ڪيڏيون بہ گهاٽيون ۽ گهريون ڇونہ هجن. وهمن، وِسوِسَنِ سبب انهن ۾ وٿيون ۽ وڇوٽيون پئجي وڃن ٿيون.
هن بيت ۾ سسئيءَ طرفان پنهونءَ کي شڪايت ڪيل آهي. ميارون ۽ ڏوراپا ڏنل آهن تہ مونکان پل پري نہ ٿيڻ وارا او پرين ! ايئين صفا وساري ويٺو آهين. ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪو نياپو سنيهو ۽ دعا سلام موڪليندو رھ تہ هڪٻئي جي زندھ هجڻ جي خبر پوندي رهي.
او پرين ! تنهنجي سڪ ۽ اڪير من کي ماندو ۽ ساھ کي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. مون کان وڌيڪ انتظار نٿو ٿي سگهي. هنن نيڻن کان ننڊ ڪوهين ڏور هلي وئي آهي.
او محبوب ! مان تنهنجي هڪ پل جي جدائي بہ سهي نٿي سگهان. تون اچڻ ۾ ايڏي دير لڳائي ڇڏي آهي ڄڻ صديون گذري ويون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

02/10/2015

جَبَلُ مارَي جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کَي



جَبَلُ مارَي جَکَ، جو آڏو آرِيچَنِ کَي
توڻِي لَڪَنِ لَکَ، سَڀِ لَنگَهدِيَسِ سِڪَ سان


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

جَکَ = بڪواس، ڪوڙ هڻڻ، ڊاڙيون هڻڻ
آڏو = اڳيان
آرِيچَنِ = آري ڄام جو اولاد، پنهونءَ جا ڀائر
لَڪَنِ = هي جمع آهي واحد ٿيندو لَڪَ، جنهن جي معني' لنگھَ، جبل مان گذرڻ جا رستا.
لَنگَهدِيَسِ = پار ڪنديس
سِڪَ = اُڪِيرَ

بيت جو پس منظر

~ هي جبل جيڪو جتن جَي قافلي آڏو آهي سو بڪواس ٿو ڪري.
~ توڙي لک لڪَ هجن تہ بہ پنهونءَ جي سڪ ۾ لتاڙي وينديس.

سمجهاڻي

پنهونءَ کي کنڀي سندس ڀائر جن جبلن کان گذريا هئا انهن ۾ هڪ پٻ جبل آهي. جيڪو ڪراچيءَ لڳ لس ٻيلي ويجهو هالار جبل جي ڏاکڻي قطار آهي ۽ ٻيو هاڙهو جبل آهي. هي جبل خطرناڪ لَڪن، اوچائي ۽ اُتاهين ٽڪرين سبب مشهور آهن. هتان ئي جتن جو قافلو گذريو هيو ۽ بعد ۾ سسئيءَ بہ ساڳيا جبل جهاڳيا هئا.
سسئي عزم ۽ حوصلي جو اظهار ڪندي چئي ٿي :
هي جبل بڪواس ڪن ٿا، ڊاڙيون هڻن ٿا تہ اسان اوچا آهيون. اسان جون خطرناڪ چاڙهيون ۽ موتمار لَڪَ ڪير لتاڙي نہ سگهندو. پر اهڙا لَکين لَڪ هجن تہ بہ پنهونءَ جي عشق ۾ پار ڪري وينديس.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته جبل علامت آهي هر ڏاڍ ۽ جبر جي، سو محبوبَ ۽ منزلون تلاشيندي عزم ۽ حوصلن سان هر ڏاڍ ۽ جبر جو بهادريءَ سان مقابلو ڪريو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

01/10/2015

سَسُئِيءَ لَنگِهيو سو، مَردَ جِنهِن ماتِ ڪِئا



سَسُئِيءَ لَنگِهيو سو، مَردَ جِنهِن ماتِ ڪِئا
جَبَلُ وَڏو جو، نَوڻِ مِڙوئِي نِينهَن کَي


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

سو = اُهو جبل
ماتِ = چُپ، ماٺ
نَوڻِ = هيٺاهين زمين، لسا پَٽَ
نِينهَن = عشق، محبت، پيار

بيت جو پس منظر

~ سَسُئيءَ اُهو پهاڙ پار ڪيو، جيڪو جُنگَ مڙسن کي جهڪايو ڇڏي.
~ هي اوچا جبل عشق وارن لاءِ هيٺاهين زمين جيان آهن.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ هن بيت ۾ سسئيءَ جي امر ۽ لازوال ڪردار جي ساراھ بيحد سهڻن لفظن ۾ ڪئي آهي. وِندر، پَٻُ ۽ هاڙهو جبل پنهنجي اوچاين، مٿانهن لڪن ۽ ورن وڪڙن سبب نهايت سخت ترين ۽ اوچن جبلن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا. مٿين جبلن کي پار ڪرڻ لاءِ مردَ ماڻهون بہ وري وري سوچين ٿا، دليون هڻن ٿا نيٺ چُپ ٿي رُخُ مٽائين ٿا.
پر هي اڪيلي عورت سسئي بنا ڪنهن سُونهَين جي جڏهن لَڪ لتاڙي ۽ جبل جهاڳي ٿي تہ ڀٽائي سسئيءَ جي دليري، بهادري ۽ ارڏائپ تي فخر محسوس ڪندي، کيس مَردَنِ کان مٿانهون سمجهي ٿو. ڀٽائيءَ جي خيال مطابق سسئيءَ ۾ اِها قؤت ۽ طاقت پنهونءَ جي عشق جي ڪري پيدا ٿي آهي. جو هيڏا اُتاهان پهاڙ بہ کيس هيٺاهين زمين ۽ لَسا پَٽَ
لڳن ٿا.
اچو سوچيون تہ :
هن جيجل سنڌ سان اسان جي جيڪا لَنئُون لڳل آهي سا هن سسئيءَ واري عشق ۾ ڪڏهن تبديل ٿيندي...!!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____