19/10/2015

سُورِهَه مَرِين سَوڀَ کَي، ته دِلِ جَا وَهَمَ وِسَارِ



سُورِهَه مَرِين سَوڀَ کَي، ته دِلِ جَا وَهَمَ وِسَارِ
هَڻُ ڀَالا وِڙُهه ڀَاڪُرَين، آڏِي ڍَالَ مَ ڍَارِ
مَٿَان تَيغ تَرَار، مَار ته مَتَارَو ٿِئَين


سُرُ ڪَيڏَارَو

سَوڀَ = فتح، ڪاميابي، نصرت
وَهَمَ = زماني جا وسوسا، فڪرَ، ڊَپُ ڊَاءُ، خوف خطرا
ڍار = جَهلَ
تَيغَ = ترار
مَتَارَو = بهادر

بيت جو پس منظر

او دلير پُٽَ جنهن فتح ۽ ڪاميابيءَ لاءِ تون جنگ جوٽي آهي ته پوءِ دل ۾ اجائي ڊڄ ڊپ ۽ خوف خطرن کي وساري ڇڏ.
ويڙهه جا هٿيار کڻي دشمن تي حملو ڪر ۽ دشمن جي ويجهو ٿيئي ته ٻکين پئجي وڃينس ۽ دسي مارينس.
پنهنجي ترار جي آڏو ڍال ڏئي نه وڙهه نه ته دشمن سمجهندو ته بزدل آهي. دشمن جي توتي ترار تاڻي ته تون سندس ترار تي پنهنجي ترار هڻي ڪيرائي وجهينس، تڏهن ته بهادر سڏيو ويندين.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ جنگ جا هنر ۽ حڪمت عمليون ٿو سيکاري.جي اوهين چاهيو ٿا ته فتح، ڪاميابي ۽ سوڀ ماڻيو ته دل مان خوف خطرا ڪڍي ڇڏيو. دلير ۽ بهادر ٿي وڙهو، دشمن جي حملي کان اڳ ئي پاڻ حملو ڪري کيس ختم ڪري ڇڏيو.
ڀٽائي هن بيت ۾ جنگ کان اڳ هڪ نفسياتي جنگ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هن اصلي جنگ کان به وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿي. جنگ ۾ وڙهندڙ سپاهي جي اهو سوچي ته اسان جي ڀيٽ ۾ دشمن وڌيڪ طاقت رکي ٿو.کيس هٿيار به جديد ۽ گهڻا آهن ۽ افرادي قؤت به وٽس آهي، ته پوءِ نتيجو اهو نڪرندو ته هن نفسياتي برتري، رعب، دٻدٻي اسلحي ۽ افرادي قؤت جي ڪري دشمن جو مقابلو نه ڪري سگهندؤ ۽ جنگ هارائيندؤ.
سو اچو ته ڀٽائيءَ جي صلاح تي عمل ڪندي جنگ جا جديد طريقا ۽ حڪمت عمليون اختيار ڪري بهادرن جيان وڙهون ۽ ڪاميابيون ماڻيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

17/10/2015

ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُلِ رَتَا پَيرَ



ڪَربَلا ڪَڪَورِي، دُلدُلِ رَتَا پَيرَ
سَٽُون ڏيندَي شَيرَ، مَٿَان سِجُ مُرڪيَو


سُرُ ڪَيڏَارَو

ڪَڪَوري = ريٽي رت سان رڱجي وئي، رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي.
دُلدُل = امام حسين عليه سلام جو گهوڙو جنهن کي ذوالجناح چئبو آهي.
رَتَا = رتو رت، رتو واهه
سَٽُون = حملا، ڪاهُون، وَارَ
شَيرَ = امام حسين عليه سلام کي چيو ويو آهي.

بيت جو پس منظر

جنگ هلندي ڪربلا جي ڌرتي ريٽي رتَ سان رڱجي وئي آهي، ڳاڙهي ٿي وئي آهي. هر طرف رڳو لاشا ۽ رت پيو نظر اچي . امام حسين عليه سلام جي ذوالجناح جا پير پڻ رت ۾ ٻڏي ويا آهن.
امام حسين عليه سلام جيڪي يزيدي فوج تي حملا ٿي ڪيا، وارَ ٿي ڪيا اهي ايڏا مظبوط ۽ منظم هيا جو مٿان سج به ڏسي مرڪي پيو آهي.

سمجهاڻي

ڪربلا جو واقعو جنهن کي ڪيئي صديون گذري ويون آهن پر اڄ تائين دنيا جا مظلوم ۽ محڪوم ماڻهون ۽ قومون ياد رکندا اچن ته ڪيئن ٿورن ۽ هٿين خالي ماڻهن گهڻن ۽ هٿياربند يزيدين کي شڪست ڏني.
رڳو مسلمان نه پر دنيا جا سڀ حق ۽ سچ تي هلڻ وارا ماڻهو هن واقعي کي پنهنجو آئيڊيل ڪوڙ، ٺڳي، مڪر، فريب، ظلم ۽ جبر جي خلاف وڙهندا رهندا. امام حسين عليه سلام ۽ ان جي ساٿين جي جيڪا اخلاقي فتح ٿي تنهن کي وڏي ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.هر ظالم ۽ جابر جيان يزيد تي به سدائين لعنتون وسنديون رهنديون ۽ امام حسين عليه سلام لاءِ لکين، ڪروڙين درودن ۽ سلامن جي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ٿي. امام حسين عليه سلام عظمتن ۽ بلندين جو اهڃاڻ آهي.هر سال محرم مهيني ۾ سڄي دنيا جي هر ملڪ، هر شهر، هر ڳوٺ، هر وستي ۽ هر واهڻ ۾ هي احتجاج ۽ "حسين زنده باد" جون صدائون بلند ٿينديون رهنديون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

16/10/2015

حَسَنُ نَاهِه حُسَينَ وَٽِ، ٻَيلِي نَه ٻَاهُون




حَسَنُ نَاهِه حُسَينَ وَٽِ، ٻَيلِي نَه ٻَاهُون
سَاڙيه شَهَزَادَن جَو، آهَي آڳاهُون
يَزيدَ جُلَاهُون، تَيلَان ڪَريَين تَڪڙِيُون


سُرُ ڪَيڏَارَو

ٻَيلي = همراهه
ٻَاهُون = مددگار، سهارو، ڏڍ، آٿت
آڳاهُون = پري، ڏور
جُلَاهُون = ڪاهون، هلائون، حملا
تَيلَان = تڏهن، تنهنڪري

بيت جو پس منظر

امام حسن عه کي ڪربلا جي واقعي کان ٻارهن سال اڳ يزيدي ٽولي زهر ڏئي شهيد ڪيو هو. هاڻي ته اهو به نه رهيو جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي مدد ڪري هان. حسين عه اڄ اڪيلو ٿي ويو آهي، کيس سهارو، ڏڍ ۽ آٿت ڏيڻ وارو ڪو به ناهي.
او شل باه لڳئي يزيد هنن شهزادن جو وطن به هتان تمام گهڻو پري آهي.
تڏهن ئي ته تون شهزادن کي اڪيلو ڏسي پيو وري وري حملا ڪرين.

سمجهاڻي

ڪربلا جو واقعو سڄي دنيا جي پيڙهيل، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۽ قومن لاءِ وڏي وٿ، ڏڍ، آٿت ۽ اتساهه آهي. امام حسين عه ۽ ان جي ساٿين ثابت ڪيو ته جنگ رڳو وڏي لشڪر ۽ هٿيارن سان نه پر عزم ۽ حوصلي سان به کٽي سگهجي ٿي.دنيا جا مظلوم ۽ محڪوم ماڻهون ۽ قومون هن ڪربلا جي واقعي کي Ideal ۽ Symbol طور پنهنجي اڳيان رکي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻي سگهن ٿا.
اچو ته اسان به پنهنجا حوصلا ۽ عزم هماليه جي پهاڙن جيڏا مظبوط بڻايون ۽ وقت جي يزيدن سان مهاڏو اٽڪائي امن، انصاف، آزادي ۽ آجپو ماڻيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

15/10/2015

ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾، آيَا جُنگ جُوانَ



ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾، آيَا جُنگ جُوانَ
ڌَرتِي ڌُٻِي لَرزِي, ٿرٿليَا آسمَانَ
ڪَرَهَه هُئي ڪَانَه، هَو نَظَارَو نينهَن جَو


سُرَ ڪَيڏَارَو

ڪَاملَ = ڪمال جا ڌڻي، بيمثال - اهڙا ڪم ڪندڙ جيڪي ٻيو ڪو ڪري ئي نه سگهي.
جُنگ = اجگر، جبل جيڏا، زبردست قؤت ۽ طاقت جا مالڪ - هي فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي معنى ٿس وڏو جهاز
لَرزي = ڏڪي وئي، لُڏي وئي
ٿرٿليَا = ڪنبي ويا
ڪَرَهَه = جنگ، لڙائي، ويڙهه

بيت جو پس منظر

هي عظيم سپهه سالار ۽ سورهيه پُٽ ڪربلا جي ميدان تي آيا آهن ته سندن دليري، بهادري ۽ حشمت ڏسي ڌرتي ڌڏي وئي آهي، آسمانن ۾ زلزلا آهن.
دراصل هيءَ ڪا عام قسم جي جنگ نه هئي پر حق جي ذات سان محبت ۽ عشق جو اعلى، بيمثال ۽ ڪمال درجي جو اظهار هيو.

سمجهاڻي

مولائي ڪائنات حضرت علي عليه سلام جا شهزادا جڏهن ڪربلا جي ميدان ۾ داخل ٿين ٿا دشمن جي فوجن ۾ ٽاڪوڙا پئجي ٿا وڃن. ڌرتي ڌڏي ٿي ۽ آسمانن ۾ به زلزلا برپاٿين ٿا.حق ۽ باطل جي وچ ۾ هي جنگ هڪ پاسي ظلم، ڏاڍ، وحشت، بربريت جي انتها آهي ته ٻئي پاسي حق ۽ سچ جي عظمتن جو اهڃاڻآهي. هڪ پاسي ڪوڙ کي رسوايون، خواريون، ذلتون ۽ لعنتون ملن ٿيون ته ٻئي پاسي حق جي ذات سان عشق ۽ محبت جي انتها جو اظهار آهي. حق ۽ سچ جو فخر کان ڳاٽ اوچو ٿئي ٿو ۽ سچ ڪاميابيون ماڻي سرخرو ٿئي ٿو، امرتا ماڻي ٿو.

_____چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

14/10/2015

مُسافَرِنِئُون، ماءِ ! وِرِھُ وِهايُمِ وِتِرو



مُسافَرِنِئُون، ماءِ ! وِرِھُ وِهايُمِ وِتِرو
اَچَي ٿِيَمِ اوچِتَي، تَنِ سانگِيَنِ سِين ساڃاءِ
جِيجا ! جَهلَ مَ پاءِ، هِيُون هوتَ هڻِي وِئا


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

مُسافَرِنِئُون = مسافرن کان، سفر ڪندڙن کان
ماءِ = جيجل ، امڙ، امان
وِرِھُ = درد، وڇوڙو، عشق جو عذاب
وِهايُمِ = مليم، حاصل ٿيم، خريديم، پلئہ پيم
وِتِرو = جهجهو، گهڻو، وڌيڪ
سانگِيَنِ = پرديسين، پرڏيهين
ساڃاءِ = ڄاڻ سڃاڻ، واقفيت، ملاقات
جيجا = جيجل، او امان
جَهلَ = روڪ
مَ پاءِ = نہ ڪر
هِيُون = هنيانءُ، دل، مَنُ

بيت جو پس منظر

~ او جيجل ! هنن مسافرن کان مون گهڻو ئي درد پرايو آهي.
~ هنن پرديسين سان منهنجي اوچتي ملاقات ٿي هئي.
~ او امان ! مون کي نہ روڪ، منهنجي دل کي پرين زخم ڏئي ويا آهن.

سمجهاڻي

پنهون ۽ سندس ڀائر ڀنڀور شهر جا نہ، پر هو بلوچستان پرڳڻي جي ڪيچ مڪران کان سنڌ ۾ خوشبوءِ جي واپارين جا ويس ڍڪي آيا هئا. سسئي ۽ ڀنڀور جي ماڻهن لاءِ هي نوان، اوپرا ۽ ٻاهريان مسافر هئا، جيڪي واپار سانگي قافلا وٺي سنڌ ۾ آيا هئا.
پنهونءَ جي بي وفائيءَ ڪري ڪيچ موٽڻ کان پوءِ سسئي هنجون هاريندي چئي ٿي :
او جيجل ! هي مسافر جيڪي ڪيچ کان هتي آيا هئا، تن کان مون گهڻا ڏک، سور ۽ درد پرايا آهن. هي پرديسي مون اڳ ڪڏهن ڪونہ ڏٺا هئا، سي مون لاءِ نوان اوپرا ۽ ٻاهريان آهن. جن سان ملاقات بہ ڀنڀور جي بازارين ۾ خوشبو خريد ڪندي اوچتي ٿي هئي.
او امان ! مونکي سندن قافلي پويان وڃڻ کان نہ روڪجان. ڇو تہ هي واپارين جي ويس ۾ آيل پرڏيهي منهنجو سر ساھ، دل ۽ سڀ ڪجھ پاڻ سان گڏ کڻي هليا ويا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

12/10/2015

سانڍِ پَنهِنجِي ساهِ، ٻاهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان



سانڍِ پَنهِنجِي ساهِ، ٻاهِين ٿِي ٻُورا ڪَرِيان
واڳِيُون جَي وَرَنِ سِين، تَنِ سَرَتِيَن سَيڄَ سُهاءِ
مُنکَي طعنا تَي ڏِيَين، مُون جِنءَ مُٺِنءِ نہ ماءِ
آرِي جَي آڪاهِ، رُلايَسِ روهَنِ ۾


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

سانڍِ = لڪائي رک، سنڀالي رک، هٿيڪا ڪر
ساهِ = زيور، زيورن جو سيٽ
ٻاهِين = عاج جا چوڙا
ٻُورا = ڇيهون ڇيهون، ذريون ذريون
واڳِيُون = واڳيل، ٻڌل، مليل
سَيڄَ = سيج، شاديءَ رات وارو پلنگ
سُهاءِ = سُونهَين ٿو، ٺهي ٿو
مُٺنءَ = آزار ۾ پئينءَ
ماءِ = جيجل
آرِي = آري ڄام
آڪاهِ = آڪھِ، ڪٽنب، خاندان
روهَنِ = جبلن، پهاڙن

بيت جو پس منظر

~ هي پنهنجا زيور هٿيڪا ڪر، چوڙيون ڀڃي ڀورا ٿي ڪيان.
~ هي سيج پلنگ تہ انهن کي سُونهَين ٿي جيڪي مڙسن جي ٻکن ۾ آهن.
~ او جيجل مون کي مهڻا ڏيڻ واريون شال هيئن آزار ۾ نہ پون.
~ مونکي آريءَ جي اولاد جبلن ۾ رلايو آهي.

سمجهاڻي

سنڌي سماج ۾ عورت لاءِ ڇپر ڇانوَ سندس مڙس ئي هوندو آهي. هو نہ رڳو گهر سنڀالي ٿو پر معاشي ۽ اقتصادي طور سڀني اختيارن جو مالڪ بہ هجي ٿو. ڪنهن سبب جي علحدگي ٿئي ٿي تہ نقصان وري بہ عورت کي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. مڙس زال لاءِ ڏڍ، آٿت، اميد، آسرو ۽ اتساھ آهي.
پنهون نہ رڳو سسئيءَ جو محبوب پر بيحد پيار ڪندڙ مڙس بہ هئو. هاڻي هوءِ اڪيلي ٿي وئي آهي. سڀ هار سينگار، ويس وڳا ڦٽي ڪري قيمتي زيور ماءُ جي حوالي ڪندي چئي ٿي:
هي هارسينگار ڪري ويس وڳا پائي ڪنهن کي ڏيکـارينديس. هي سڀ زهر ٿا لڳن. هي ٺاھ ٺوھ تہ مڙسن وارين کي سونهن ٿا جيڪي سندن ٻکين پيل آهن.
هي سڀ ويل، قهر ۽ جبلن جا رولاڪا مون کي ڪيچ مڪران جي آري ڄام جي خاندان جا تحفا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

اُجاڙا ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون ! سَکَرُ ڀائِيان




اُجاڙا ڀَنڀورُ، سَرَتِيُون ! سَکَرُ ڀائِيان
آرِياڻِي اَتورُ، ڏِٺُمِ جِتِ اَکِيَنِ سِين


سُرُ حُسَينِي سَسُئِي

اُجاڙا = سڃ کان، ويرانيءَ کان
ڀَنڀورُ = سسئيءَ جو شهر - جتي پنهونءَ سان عشق ڪيائين
سَرَتِيُون = سهيليون
سَکَرُ = سٺو، بهتر
ڀائِيان = سمجهان
آرِياڻي = آري ڄام، آريءَ جو اولاد يعني پنهون
اَتُورُ = اڻلڀ، بي مثال

بيت جو پس منظر

~ اي سرتيون ! هي ويران ۽ سڃو ڀنڀور آهي پر مان ان کي سٺو سمجهان ٿي.
~ هتي ئي مون بيمثال پنهونءَ کي اکڙين سان پسيو هئو.

سمجاڻي

جڏهن ڪنهن سان محبت ٿي ويندي آهي تہ ساڻس لاڳاپيل هر شئي وليون، وڻ، ڳليون، ڳوٺ ۽ شهر پيارو
لڳندو آهي. هر شئي منجهان محبوب جي مهڪ ۽ هٻڪار ايندي آهي.
توڙي جو ڀنڀور جون بازاريون ويران، سڃيون ۽ سنسان بڻجي ويون آهن. هر شئي ڪنهن کنڊر جو ڏيک
ڏئي رهي آهي. جتي هر وقت بازارين ۾ رونقون ۽ ميلا متل هوندا هئا، اتي هاڻي سڃ جو راڪاس واڪا پيو ڪري. هي سڀ پنهونءَ جي سسئيءَ سان بي وفائيءَ يا زبردستي کنڀجي کڄي وڃڻ کٰان پوء تباهي آئي آهي.
پر تڏهن بہ سسئي چئي ٿي :
هن اجڙيل ۽ ويران ڀنڀور شهر کي سڀني شهرن کان ڀلو ۽ اُتم ٿي ڀايان. ڇو تہ مون پنهنجي بي مثال ۽ املھ ماڻڪ محبوب پنهونءَ کي هن ئي ڀنڀور شهر جي بازارين ۾ وٽانئس خوشبو خريد ڪندي پهريون ڀيرو ڏٺو هو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ



ڏاڍِي لُڪَ لَڪَنِ جِي، پَٽَنِ پوءِ پَچاءُ
ڇَپَرَ ڪوسو واءُ، هَرِيا تو نَيڻَ ڪِئا


سُرُ ڪوهِيارِي سَسُئِي

ڏاڍِي = زبردست، گهڻي
لُڪَ = جهولو، گرم هو
لَڪَنِ = لنگهن، رستن، جبل مان گذرڻ جي رستن
پَٽَنِ = ميدانن
پَچاءُ = سوز، گرمي
ڇَپَرِ = جبلن ۾
واءُ = هوا
هَرِيا = آلا
نَيڻَ = اکيون
ڪِئا = ڪيا

بيت جو پس منظر

~ اڄ لڪن ۾ گرم هوائون پيون لڳن، ميدانن ۾ پڻ گرمي آهي.
~ جبلن ۾ ڪوسيون هوائون پيون گُهلن، سسئيءَ جا نيڻ آلا آهن.

سمجهاڻي

جاگرافيائي حوالي سان سنڌ دنيا جي گرم ترين خطن مان هڪ آهي. سياري جي مند جي ڪجھ مهينن کي ڇڏي باقي هتي گرمي پد سدائين بلند ترين سطح تي پهچي وڃي ٿو. بلوچستان جو پڻ گهڻو حصو صحرا ۽ جابلو علائقي جي ڪوهستاني حصن تي مشتمل آهي. جتان جي موسم پڻ سنڌ جيان سانوڻيءَ جي مند ۾ اڪثر گرم رهي ٿي.
ڀنڀور کان ڪيچ مڪران تائين وارو پنڌ جيڪو پنهونءَ جي قافلي ۽ پوءِ سسئيءَ بہ جهاڳيو. سو پڻ اڪثر جبل جي لڪن، لنگهن يا رستن تي مشتمل آهي، جيڪو اڪيلي سسئيءَ پيرين پنڌ جهاڳيو هو.
هن بيت ۾ ڀٽائي سسئيءَ جي پنڌ جا پيرا کڻي ٿو:
اڄ جبلن جي لڪن يا لنگهن ۾ سانوڻي مند جون تيز لُڪُون يا جهولا لڳي رهيا آهن. جنهن سان هٿ، پير، منهن ۽ سڄو بدن سڙيو وڃي ٿو. پٽن ۽ ميدانن ۾ پڻ شديد گرمي آهي. جبلن ۾ گرم ترين هوائون گُهلي رهيون آهن. سسئي اهڙي سخت گرمي ۽ لُڪُنِ ۾ پنهونءَ جي قافلي جا پيرا کنيون ٿي وڃي.
پنهونءَ کي ساريندي سسئيءَ جون اکيون آليون ٿي ويون آهن. سندس ظبط ٽُٽي پيو آهي ۽ اکڙين جا بند ڀڄي پيا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
___