30/08/2015

واقِفِ نه وَڻِڪارَ جِي، اَڳُ نه ڏيهُه ڏِٺومِ



واقِفِ نه وَڻِڪارَ جِي، اَڳُ نه ڏيهُه ڏِٺومِ
ڏونگَرَ ڏوراپَنِ سِين، ڪاتِيءَ رِءِ ڪُٺومِ
جَيلاهُه مُحِبُ مِٺومِ، تَي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرَين


سُرُ سسئي آبري

وَڻِڪارَ = وڻراھ، ٻيلو، وڻن جا جهڳٽا - بلوچستان جي علائقي لس ٻيلي جَي جهنگ جو نالو جتان پنهون ڳوليندي سسئي لنگهي هئي.
ڏيھُ = وطن، ملڪ
ڏِٺومِ = مون ڏٺو
ڏونگَرَ = جبل
ڏوراپن = ميارن، مهڻن، طعنن
ڪُٺومِ = مون کي ڪُٺو، ماريو
جَيلاھُ = جيڏو، جيترو، جنهنڪري، جنهن صورت ۾
مُحِبُ = پرين، محبوب
مِٺومِ = مون کي مٺو آهي، پيارو آهي.
ڇُلُون = ڇالون، اُڇلون، ڊوڙون، ٽپو ڏيڻ
ڇَپَرَين = جبلن ۾

بيت جو پس منظر

~ مون هي ملڪ نہ ڏٺو هئو، نہ وري وڻراھ جي واقف هيس
~ جبل بہ مون کي مهڻا ڏيئي ڪاتيءَ سوا ٿو ڪُهَي.
~ جيڏو پنهونءَ سان پيار اٿم، جيڪر ڊوڙندي وڃان.

سمجهاڻي

سسئي پنڌ ڪندي پنهون ڳوليندي چئي ٿي :
آئون اڳ ڪڏهن هنن گهاٽن ٻيلن، رستن ۽ ڪيچ مڪران جي واقف نہ هيس۔ هن جبل تہ مون کي طعنن ۽ مهڻن سان ماري وڌو آهي. جيترو نه مون کي پنهل سان پيار آهي، دل چئي ٿي جيڪر وک وک نہ کڻان پر ڊوڙندي وڃي پنهنجي محبوب سان ملان.
دراصل ڀٽائي سسئيءَ کي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۽ قومن جي علامت بڻائي هر ڏاڍ ۽ جبر جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري، محبوبَ ۽ منزلن ماڻڻ جو ڏس ڏئي ٿو. جيڪڏهن پنهون علامت آهي محبوب ۽ منزلن جي تہ وري سسئي اهڃاڻ آهي انهن محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولا، جاکوڙ ۽ جدوجهد جي.
جڏهن اڪيلي عورت اڻ واقف رستن، جبلن جي ور وڪڙن ۽ لڪن کي لتاڙي پنهنجي محبوب کي تلاشي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جا ڪروڙين مظلوم ماڻهون جاکوڙ ۽ جدوجهد ذريعي پنهنجي منزل ڇونہ ٿا ماڻي سگهن...!!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

29/08/2015

هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو سَي رَسِيُون



هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو سَي رَسِيُون
ساڄَنُ سُونهَه، سُرِتِ، وِکائِي وَيجهو گَهڻو


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

رَسِيُون = پهتيون، ماڻيائون، حاصل ڪيائون، ڪامياب ٿيون
ساڄَنُ = سڄڻ، ڌڻي تعالي'، حقيقي محبوب
سُونھَ = حُسُنُ، جمالُ، حسن ڪمال، حسن مطلق
سُرِتِ = عقل، شعور، ڏاهپ، فهم
وِکائِي = هڪ وک يا هڪ قدم کان

بيت جو پس منظر

~ جن پنهنجو ڌيان دنيا کان هٽائي حقيقي محبوب طرف ڪيو تن منزل ماڻي.
~ محبوب جيڪو حسنِ ڪمال، عقلِ ڪل آهي، سو هڪ وک کان ويجهو آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل بيت محبوب حقيقي يعني خدا پاڪ جي ڳولا ۽ ساڻس محبت ڪندڙن لاءِ هڪ گَسُ ۽ واٽَ آهي.
محبوب حقيقي پاڻ ئي حسن ڪمال ۽ مطلق جمال آهي، جنهن لاءِ حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي : ” اِنَ اللهُ جَمِيلُ وَ يُحِبُ الجَمالُ “ ؛ خدا حسين آهي ۽ سونهن کي پسند ڪري ٿو.
اسان ماڻهن جو سڄو ڌيان خوبصورت عورتن، اولاد، مال ملڪيت ۽ زمين جي سَڌُنِ ڏانهن آهي. هر وقت ماڻهون نفس جي ناجائز خواهشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ الائي ڪهڙن ڪهڙن غلط ڪمن جي پٺيان رڌل رهي ٿو. جيڪڏهن هنن نفس جي خواهشن ۽ خيالن کي ترڪ ڪري سڄو ڌيان ذات حقيقيءَ ڏانهن ڦيرائجي تہ هو ڪو پري ڪونهي. هو تہ صرف هڪ وک يا هڪ قدم تي آهي بلڪہ پاڻ ۾ موجود آهي.
قرآن ۾ ارشاد آهي : وَ فِي اَنفُسڪُم اَفَلَا تُبِصِرُون ؛ ۽ مان اوهان جي بدن ۾ موجود آهيان پر توهان ڏسو نہ ٿا.

ساڳي وقت لطيف سائين جي شاعريءَ کي هڪ ئي مفهوم ۾ قيد ڪري نه ٿو سگهجي. هن بيت جون سمجهاڻيون ۽ مفهوم ڪيترن ئي رخن ۾ وڃن ٿا. جهڙوڪ محنت ڪندڙ، عاشق جيڪي محبوب کي ماڻڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿا ڪن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

26/08/2015

پَسِي جهاجَهه جَمالَ جِي، جَنِين پِيتِي پِڪَ



پَسِي جهاجَهه جَمالَ جِي، جَنِين پِيتِي پِڪَ
اَپَرِ اَڳانجَهو ٿِئو، اُنِيَنِ کَي سِڪَ
هَڏِ نه ڀَڳِيَنِ هِڪَ، سدا سائِرَ سِيرَ ۾


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

جهاجَهه = جهجهائي، گهڻائي، اُٿاھُ
جَمالَ = حُسُنُ، سُونهَن
پِڪَ = سُرِڪَ، ٿُڪَ، لُعابُ
اَپَرِ = ويتر، اٽلو، بيحد، وڌيڪ
اَڳانجهو = آڳاٽو، اڳڀرو، سخت، اڳرو، جهجهو
اُنِيَنِ = انهن کي
هَڏِ = هرگز
لَڳِيَنِ = لٿن، لهين، لهندن
سائِرَ = ساگر، سمنڊ
سِيرَ = پاڻيءَ جو تيز وهڪرو

بيت جو پس منظر

~ جن محبوب جي حسن جو اُٿاھ ساگر ڏسي ان مان سرڪي ڀري.
~ تن کي ويتر سڪ ۽ سوز وڌي ويو.
~ هو سدائين ساگر جي سير ۾ آهن پر سندن اُساٽ لهي ئي نٿي.

سمجهاڻي

جيئن سمنڊ اونهو، اٿاھ ۽ گهَرو آهي، تيئن سندس گهرائي بہ اوڏي ئي عجيب ۽ پراسرار آهي. اڃان تائين سمنڊ جي مڪمل ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ٿي ناهي سگهي.
ايئين ئي محبوب جي حسن ۽ جمالَ جو ڪاٿو ڪرڻ بہ ممڪن ئي ناهي. هن سونهن جي ساگر جِي امرت رَسُ منجهان جنهن بہ هڪ سرڪي چکي، تنهن جي اڃ ۽ اُساٽَ ويتر وڌي وڃي ٿي. سندس اندر ۾ لڳل باھ وڌي هڪ جوالا مکي ۽ ٻرندڙ لاوَي جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿي. جيڪا هن پاڻيءَ سان وسامي ناهي سگهندي.
هن سونهن جي وسيع، وشال ۽ گَهَرَي سمنڊ جي وچ سير ۾ هئڻ باوجود سڪ ۽ اڪير جي هيءَ شديد پياس ڪڏهن ختم ٿيڻي ناهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

25/08/2015

تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سَي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا



تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سَي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا
لَئِجُ لاتِ لَطِيفُ چَي، ڪَڏِهِن اِيندَمِ؟ ڪانگَ
ڪِنهِن سِٽاڻَي سانگَ، پِرِين پَرِڏَيهِي ڪِئا


سُرُ سامُونڊِي

تَنَ = بدن، جسم، بت، ساھ، سرير
تانگَ = تانگھ، ڇِڪَ، سِڪَ، اُڪِيرَ
سَڄڻَ = پرين، محبوب، دلبر
هَلِئا = هو هليا ويا
لَئِجُ = لاتيون ڪر، ٻول، خبرَ ڏي
لاتِ = تنوارَ
اِيندَمِ = مون وٽ ايندا
سِٽاڻَي = رٿيل, تيار ٿيل
سانگَ = سفر تي، سانگ سان، ضرورت، ڪم، حاجت، اتفاق، سبب، سازش، حيلا، حرفتون، اٽڪل، چُرِچَ
پَرِڏَيهِي = پرديسي، پرڏيھ، ڏيساور يا ٻاهرئين ملڪ رهندڙ
ڪِئا = ڪيا، ڪيا ويا

بيت جو پس منظر

~ هن بدن کي جنهن جي تانگھ آهي سي پرين پرديس هليا ويا آهن.
~ اي ڪانگل ! تون ڪي لاتيون لنوين ٻڌاءِ ڪڏهن موٽي ايندا؟
~ هو پرين تہ ڪنهن ضروري سبب ڪري پرديسي بڻيا آهن.

سمجهاڻي

وڻجاريءَ جو محبوب ٻاهرئين ملڪ ڪمائڻ لاءِ ويل آهي، تنهنکي ياد ڪندي چئي ٿي :
هن سرير ۽ ساھ کي جنهن جي سڪ ۽ اڪير آهي سو محبوب، مون کي اڪيلو ڇڏي پاڻ پرائي ملڪ هليو ويو آهي. جڏهن ڪانوَ کي لَنوَندَي ڏسي ٿي تہ کيس چئي ٿي :
اي ڪانگل ! اڄ اداس آهيان ڪي مٺيون لاتيون لَنوِين ٻڌاءِ ڀلا منهنجو محبوب ڪڏهن ايندو..!!؟
وري پاڻ ئي چئي ٿي :
پرين تہ سڀني جي گڏيل صلاح سان ئي ٻاهرئين ملڪ ڪمائڻ لاءِ ويو آهي. هڪ سوچيل سمجهيل سازش ۽ پنهنجن غدار حاڪمن جي ملي ڀڳت سان سمنڊ ۽ پرڏيهي ملڪن جون وزارتون هميشھ ڌارين ماڻهن جي حوالي هونديون آهن، جيڪي اوليت پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ڏين ٿا.
تنهنڪري سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪمائڻ ويل سنڌي ماڻهون پڪڙ، جيل، سزائن ۽ ٻين تڪليفن جو شڪار ٿين ٿا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جَيڪرَ اَچَي هاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون



جَيڪرَ اَچَي هاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون
آيَلِ ! ڍولِئَي ساڻُ، هُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِيُون ڪَرِيان



سُرُ سامُونڊِي

هاڻِ = هاڻي، هينئر
رُوحَ رُچَندِيُون = روح رهاڻيون، روح ۽ دل کي فرحت ۽ سڪون ڏيندڙ، روح ريجهائيندڙ ڪچهريون
آيَلِ = جيجل ماءُ، امڙ، امان
ڍولِئَي = محبوب، پرين
ڳَرِ = ڳل، ڳل ۾، ڳچيءَ ۾، وٽ، ڀرسان
لَڳِي = ويجهو ويهي، ڀاڪر پائي
ڳَرِ لَڳِي = ڳل ڳل تي رکي، ڳلي سان لائي، ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي
ڳالِيُون = ڳالهيون، احوال

بيت جو پس منظر

~ هو جي موٽي اچي تہ ساڻس روح رهاڻيون ڪريان.
~ او جيجل ! جيڪر پرينءَ سان ڳل لڳي ڳالهيون ڪنديس.

سمجهاڻي

محبوب ڪاوڙجي وڃن، رُسِي وڃن، لڏي شهر ڇڏي وڃن يا روزگار سانگي هليا وڃن تہ پيار ڪندڙ دلين لاءِ هي جدايون ۽ وقتي وڇوڙا بہ جيءُ جهوريندڙ ۽ هنيانءَ ۾ وڍ وجهندڙ هجن ٿا. محبوب جي جدائي هڪ وڏو ڪربناڪ ۽ اذيتناڪ صدمو آهي، جيڪو برداشت ڪرڻ ٽياس تي ٽنگجڻ جهڙو آهي.
هن وڻجاريءَ جو محبوب شايد ڪاوڙجي، رسي هليو ويو آهي يا ڪنهن پراهين ڏيهه ڪمائڻ ويو آهي. وڻجاري چئي ٿي:
جڏهن محبوب موٽي ايندو تہ سندس جدائيءَ ۾ جيڪي راتيون ۽ ڏينهن تڙپي گذاريا اٿم. سي سڀ اندر جا احوال، اوجاڳا، اوسيئڙا، ڏوراپا، ميارون هڪ هڪ ڪري ڏينديس ۽ پوءِ روح رهاڻيون ڪنديس.
او جيجل ماءُ ! پنهنجي پرينءَ جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي، ڀاڪر هڻي جيڪا سڪ لڳي اٿم سا لاهينديس.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڏِٺَي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيُنِ سِڙَھَ سَنبَاهِيَا



ڏِٺَي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيُنِ سِڙَھَ سَنبَاهِيَا
وِجِهيَو وَرُ وَنجَهه کَي، رَوئَي وَڻِجَارِي
مَارِيندُئِي مَارِي، پِرِھَ سُورُ پِرِينءَ جَو



سُرُ سَامُونڊِي

ڏِيَارِي = هندن جي عيد، خوشيءَ جو ڏينهن جنهن ۾ ڏيا ٻاريا ويندا آهن
سِڙَھ = ٻيڙيءَ جو کوهي ۾ ٻڌل ڪپڙو جنهن جي کلڻ سان ٻيڙي تيز هلندي آهي
سَنبَاهِيَا = تيار ڪيا
وَرُ = ڀاڪر
وَنجُھ = بانس جي لٺ جنهن سان ٻيڙيءَ کي ڌڪبو آهي
وَڻِجَارِي = سَامونڊي واپاريءَ جي زال
مَارِي = اي مُئي، ماريل، ڏکويل
پِرِھَ = صبح، ڳاڙهاڻ ويل

بيت جو پس منظر

~ ڏياريءَ جون خوشيون ويجهو آهن ته وڻجارن پنهنجي سفر جي تياري به شروع ڪئي آهي.
~ هيءَ وڻجاري ونجھ کي ڀاڪر پايو پئي هنجون هاري.
~ هن مئيءَ کي محبوب جي جدائيءَ ۽ پرھ ڦٽيءَ جي پيار ماري وڌو آهي.

سمجهاڻي

سر سامونڊيءَ ۾ ڀٽائيءَ ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندڙ وڻجارن جي ونين ۽ محبوبائن جي اندر جي ڪيفيتن، نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن کي فوڪس ڪيو آهي.
عيد تہ نالو ئي آهي مسرتن جو، جنهن ۾ قيمتي ويس وڳا ڍڪي، سينگار ڪري، خوشبووئن سان واسجي، محبوب جو هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪنهن تفريحي ماڳ جو سير ڪبو آهي. سدائين گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جَي اڳ ڪيل واعدن ۽ وچنن کي دهرائبو آهي. پر..! جَي اُهي پرين ئي نہ رهن تہ پوءِ ڪهڙيون عيدون..!!؟
اڄ هن وڻجاريءَ جي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن، سندس ناسي نيڻن مان لڙڪن لارون ڪنهن تيز برسات جيان وسي رهيون آهن.
سندس محبوب ڏياريءَ جي ڏيئن ٻارڻ کان اڳ ئي کيس اڪيلو ڪري پرڏيھ وڃڻ جي تيارين ۾ آهي.
هن بيت ۾ هڪ وڻجاريءَ جي وڇوڙي واري ڪيفيت کي بيان ڪيو ويو آهي.سندس ور سالن پڄاڻان گهر آيو آهي ته وري وڃڻ جون وايون پيو ڪري. اڳئين سال به جڏهن ڏياري ويجهي هئي ته هو هليو ويو هيو. هاڻي به جڏهن ڏياري قريب آهي ته هو کيس اڪيلو ڇڏيون ٿو وڃي. ڪجھ ڏينهن ترسڻ لاءِ کيس گهڻيون ئي ميڙون منٿون ۽ ايلاز ڪيائين ، ٻانهون ٻڌائين پر هن نه مڃيو.
هاڻي هوءَ ٻيڙيءَ جي ونجھ کي ڀاڪر پايو ويٺي روئي. کيس پرھ ڦٽيءَ جا ڪوسا ڀاڪر ۽ پيار جو ياد پيو آهي.


محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

24/08/2015

وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا



وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا
اولِيُون پَسِي اُنِ جِيُون، پِئَڙمِ ڳَچَ ڳَرِي
وِندِيَسِ ماءِ ! مَرِي، سارَي سامُنڊِيَنِ کَي


سُرُ سامُونڊِي

پِرِھ = پرھ ڦٽيءَ ويل، اَسُرَ ويل، باک ڦٽڻ ويل
پَڳَھَ = رسا يا نوڙيون، جنهن سان ٻيڙا ٻَڌِبا آهن.
پَسِي = ڏسي
اُنِ جُون = انهن جون، هنن جون
پِئڙمِ = پيا ٿم
ڳَچَ ڳَرِي = جيءُ جهري، هنيانءُ ڳري
وِندِيَسِ = وينديس، ويندي مانءِ
ماءِ = امان، امڙ، جيجل
سارَي = ياد ڪري
سامُنڊِيَنِ = سامونڊين

بيت جو پس منظر

~ وڻجارن اَسُرَ جو ٻيڙا ڇوڙي ڇڏيا آهن.
~ سندن هٿن ۾ وَنجَھ ڏسي هنيانءُ ڳري پيو آهي.
~ او امان ! هنن سامونڊين کي ساري نيٺ مري وينديس.

سمجهاڻي

جڏهن کان وڻجارو وطن وريو آهي، تڏهن کان سندس وني کيس ايلاز منٿون ڪندي رهي ٿي تہ هاڻي وري ٻاهرئين
ملڪ نہ وڃجان. هتي رهي ڪاروبار ڪجان، مون کان تنهنجي جدائي برداشت نٿي ٿئي.
وڻجارو کيس سمجهائيندي چئي ٿو :
هتي روزگار جا ذريعا اسان لاءِ ناهن ۽ ڌنڌي مان پيٽ پالڻ مشڪل بڻجيو پئي. پرھ ڦٽيءَ ويل وڻجاري هنڌ خالي ڏسي بندر ڏانهن ڊوڙي ٿي، ٻيڙن جا رسا کليل آهن ۽ وڻجارا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن. سندن هٿن ۾ ونجھ ڏسي جيءُ جُهري ٿو پويس.
پنهنجي ماءُ کي دانهَن ڏيندي چئي ٿي :
او امان ! تون هنن کي جهل تہ هي هتان نہ وڃن. جي تو ايئين نہ ڪيو تہ محبوب جي جدائيءَ ۾ مان مري ويندي سانءِ.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

22/08/2015

سَرَ نِسرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين



سَرَ نِسرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين
مُون تو ڪارڻَ ڪاندَ، سَهِسِين سُکائُون ڪَيُون


سُرُ سامُونڊِي

سَرَ = ٻُوڙا - واهن يا ڪَسِيُنِ جَي ڀر ۾ ڄمندا آهن، جنهن جي ڪانيءَ ۾ پنج يا ڇھ ڳُريُون ٿينديون آهن. سندس ڪانن مان ڇپريون ٺهنديون آهن جيڪي جاين جي ڇتين ۾ ڪم اينديون آهن.
نِسرِئا = ڦُٽِي پيا، سنگَ ڪڍيائون
پاندَ = چوٽيون، نوڪون
اُتَرَ لَڳا = اتر جون هوائون گُهليون
پِرِين = محبوب، دلبر
ڪارَڻِ = سبب، واسطي، خاطر، لاءِ
ڪاندَ = ڪانڌَ، مڙس، ڀتار، وَرُ
سَهِسِين = سوين
سُکائُون = باسون، مُرادون، مِنَتُون
ڪَيُون = باسيون

بيت جو پس منظر

~ سَرَنِ بہ سنگَ ڪڍيا آهن ۽ اتر جون هوائون گُهلِي رهيون آهن.
~ او منهنجا وَرَ ! هاڻي موٽي آءُ، مون تولاءِ سوين سکائون باسيون آهن.

سمجهاڻي

سانوڻيءَ جي مند پوين پساهن ۾ هوندي آهي تہ مٿان اُتر جون هوائون گُهلڻ شروع ٿي وينديون آهن. وڻن، گلن ۽ ٻوٽن ۾ نيون شاخون، ٽاريون، گونئچ، گل ۽ ڦوٽهڙا شروع ٿين ٿا. هي اهڃاڻ آهن سانوڻ جي ساڙيندڙ لُڪُنِ ۽ جهولن ختم ٿيڻ جا ۽ سياري جي سرد هيرُنِ گُهلَڻَ جا.
هن وڻجاريءَ جو وَرُ اڳئين سال ڏياري ملهائي، اُتَرَ جي هوائن گُهلَڻَ کان پوءِ سفر تي روانو ٿيو هو. جنهن کي اچي سال گذريو آهي پر اڃان واپس ناهي آيو. سندس وني محبوب مڙس جي سڪ ۽ اڪير ۾ بيحال آهي. هوءَ شڪايتون، ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندي چئي ٿي :
او پرين هاڻي تہ مند ڦري وئي آهي. سَرن سَنگ ڪڍيا آهن ۽ اتر جون لُونءَ ڪانڊاريندڙ هِيرُون بہ گُهلَڻ شروع ٿيون آهن. تون اڃان ڇو ڪونہ آيو آهين؟ مون کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي. مون تنهنجي اچڻ لاءِ الائي ڪيتريون سکائون باسيون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____