ڪِئَن اَڙَايُئِه پَاندُ، پَلَئُه پَرِڏَيهِيُنِ سِين؟
مَتِيُون مُوڙِهِيُئِه سَسُئِي، ڪَيُئِه ڪَوهِيَارَو ڪَاندُ
رُلِي! ڀَانيُئِه رَاندِ !، ٻَانڀَڻ ! عِشقُ ٻَرَوچَ جَو!
سُرُ سَسُئِي حُسَينِي
ڪِئَن = ڪِيئَن
اَڙَيُءِ = اڙايئي، اٽڪايئي
پَاندُ = پلاند
پَلَءُ = پَلَئُہ - شاديءَ وقت گهوٽ ڪنوار کي رئي جو پلئُہ ڏبو آهي.
پَرِڏَيهِيُنِ = پرديسين، ٻئي ملڪ جي ماڻهن
مَتِيُون مُوڙِهِيُءِ = عقل خطا ٿي ويئي
ڪَيُءِ = ڪيئي
ڪَوهِيَارَو = جبل جو رهاڪو _ پنهون
ڪَاندُ = ڪانڌُ، مڙس
رُلِي = اي رليل، اي ڀٽڪيل
ڀَايُنءِ = ڀانيئي، سمجهيئي
رَاندِ = کيل، تماشو
ٻَانڀَڻِ = ٻانڀڻياڻي _ سسئي ٻانڀڻ جي ڌيءُ هئي
بيت جو پس منظر
~ تو ڪيئن پرديسين سان پنهنجو پلاند اٽڪايو ۽ لانئون لڌيون؟
~ تنهنجو عقل خطا ٿي ويو هو ڇا؟ جو ڪوهيارو مڙس وڃي ڪيئي؟
~ او رُلِيَلَ! ٻانڀڻياڻي! تو ٻروچ سان عشق کي تماشو ڀانئيو هو ڇا؟
سمجهاڻي
اڄ ڀٽائي سسئيءَ تي ڪاوڙيل ٿو لڳي تڏهن تہ کيس تنبيھ ڪندي چئي ٿو او ڀٽڪيل ٻانڀڻياڻي! تو هي ڇا ڪيو؟ ڪيئن وڃي پرائي ملڪ جي ماڻهونءَ سان پلئُہ اٽڪايئي ۽ ساڻس شادي ڪيئي. تنهنجو عقل خطا ٿي ويو هو ڇا؟ جو ڳولي وڃي جابلو ماڻهونءَ سان عشق ڪيئي، شادي ڪيئي.تو ٻروچ سان عشق کي تماشو سمجهيو هو.
ڀٽائيءَ جي هن بيت مان درس ٿو ملي زندگيءَ جي فيصلي ڪرڻ کان اڳ سوچجي، غور ڪجي ۽ صلاح ڪجي. خاص ڪري شاديءَ جي معاملي ۾ تڪڙ ۽ اٻهرائي سان روئڻ ۽ پڇتاءَ حاصلٿئي ٿو.
اڄ ڪلھ سنڌ ۾ پريمي جوڙن جو گهران نڪري ڪورٽن ذريعي شادي ڪرڻ جو رجحان وڌي ويو آهي.ڪجھ ئي وقت ۾ ڪنوار کي زهر ڏيئي، تيزاب هاري يا ڪاري ڪري قتل ڪرڻ جا واقعا عام ٿي ويا آهن. تنهنڪري والدين جي رضامندي بہ ضروري آهي.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي