12/11/2014

ڪَو جَو وَرِيَو وَاءُ، جِيئَن ٻَانهُنِ ٻَرُ ڇَڏِيَو




ڪَو جَو وَرِيَو وَاءُ، جِيئَن ٻَانهُنِ ٻَرُ ڇَڏِيَو
اَڳَي اِنَ تَڙَاءُ، اُوندَاهِيَان ئي اُڪِرَان

سُرُ سُهُڻي

وَاءُ = هوا - اهڙي ڪا هوا گهلي، ڪو سبب ٿيو، ڪو غضب ٿيو، ڪا بدنصيبي چئبي
ٻَرُ = ٻَلُ، طاقت، قؤت، شڪتي، Energy
تَڙَاءُ = تڙ تان، ان هنڌان، ان گهير تان
اُوندَاهيَان = اونداهي رات ۾
اُڪرَان = تري ويندي هيس، تري پار پهچندي هيس

بيت جو پس منظر

~ سهڻي چئي ٿي ته اڄ الائي ڪهڙو سبب ٿيو، ڪا بدنصيبي چئبي يا شايد منهنجي مقدر ۾ ايئين هو جو منهنجو جسم ساڻو ٿي پيو. ٻانهُن مان طاقت ۽ سَتُ نڪري ويو.

~ جي نه ته اڳ ۾ ته مان اونداهين راتين ۾ بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ ڊاءَ جي درياهه تري ويندي هيس پنهنجي محبوب ميهار سان ملڻ لاءِ.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو ته مايوسيون، نراسائيون، نااميديون، شڪستون ۽ ناڪاميون به زندگيءَ جو حصو، حقيقت ۽ سچ آهن. ضروري ناهي ته انسان سدائين ڪاميابيون ماڻي.
عظيم انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ مائوزي تنگ چيو ته شڪست ملڻ کان پوءِ مايوس نه ٿيو، پوئتي هٽو، وري پنهنجي قؤت گڏ ڪيو ۽ ڀرپور طاقت سان حملو ڪيو.
مايوسي ڪفر ۽ گناه آهي. بزدل ماڻهون هڪ دفعو ناڪام ٿيڻ کان پوءِ همٿ هاري ويهندا آهن. پر دلير ۽ بهادر ماڻهون ناڪام ٿيڻ کان پوءِ به شڪست تسليم ناهن ڪندا.
سنڌ جي تاريخ ۾ پڻ سنڌين کي جي ناڪاميون ۽ شڪستون مليون به آهن ته وري هنن ٻاهرين حملي آورن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور به ڪيو آهي۽ وري ڪاميابيون ماڻيون آهن.
تنهنڪري اچو ته پنهنجي ناڪامين تي پڇتائڻ جي بجاءِ قومي جذبي ۽ قومي ٻڌيءَ سان اڳتي وڌون ۽ محبوب ۽ منزلن تي پهچڻ جا ڪي نوان گس ۽ رستا ڳوليون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

08/11/2014

سَهَسينِ سَائِرَ گَجَنِ، تَوءِ سَهَجَ نَه مَٽَي سُهُڻي



سَهَسينِ سَائِرَ گَجَنِ، تَوءِ سَهَجَ نَه مَٽَي سُهُڻي
تَه ڪَي نِينهَن ڇِڄَنِ، پَرِتَهِين پِرِيُن جَي ؟

سُرُ سُهُڻي

سَهَسين = سوين، هزارين، ڪيترائي
سَائرَ = درياهه، سمنڊ، ساگر
گَجَن = رڙن، گجگوڙون ڪن، ڌڌڪا ڪن، دهشت ۽ خوف ڦهلائين
تَوءِ = تنهن هوندي به، تڏهن به
سَهَجَ = ريت، ڪار، طريقو، واٽ
پَرتَهين = انهيءَ ريت، ان سان، اهڙي طريقي

بيت جو پس منظر

~ جي سوين، هزارين درياهه گڏجي به رڙن، گجگوڙون ڪن، ته به سهڻي ميهار سان رات جو ملڻ کان هرگز نه مڙندي.
~ ڀلا هن ننڍڙي ۽ خسيس ڳالهه جي ڪري ڪي پيار ۽ محبتون ڇني ۽ ختم ڪبيون ڇا؟

سمجهاڻي

درياه جڏهن موج، مستيءَ ۽ چاڙهه ۾ هوندو آهي ته وڏا خوفناڪ ۽ هيبتناڪ آواز ايندا آهن.پاڻيءَ ۾ لهڻ جي ڪنهن ۾ همٿ ناهي هوندي. پر سهڻيءَ جو عزم ۽ حوصلو ته ڏسو چئي ٿي هي ته هڪ درياهه آهي پر سوين درياهه گڏجي پون مان ميهار سان ملڻ کان ڪونهمُڙندس.هن ٿوري ۽ خسيس ڳالهه جي ڪري ڪي واعدا، وچن، عهد، اقرار ۽ محبتون ڇني ڇڏبيون ڇا؟
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي ته سهڻي عورت آهي اڪيلي سر درياهه جي دهشت ۽ خوف جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي محبوب ميهار سان روز رات جو ملڻ ٿي وڃي پنهنجو واعدو ۽ وچننٿي ڀڃي. تنهنڪري محبوب, ڌرتي ۽ قوم سان ڪيلcommitment اسان کي به پاڙڻ گهرجي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

06/11/2014

لَهَرِ مِڙَوئِي لَالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيَان وِتِرَو



لَهَرِ مِڙَوئِي لَالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيَان وِتِرَو
اَوٻَهَارَا عَبِيرَ جَا، جَرَ مَان اَچَنِ جَالَ
ڪُنَنِ گهِڙِي ڪَالَ، سِڪَ پِرِيَان جَي سُهُڻِي

سُرُ سُهُڻي

لَالَ = هيرا، موتي، لعل جواهر
وَهَڻُ = درياهه، واهڙ
کَٿُوريَان = مشڪ، خوشبووئون، مهڪارون، هٻڪارون
وِترَو = سرس، جهجهو، گهڻو، زياده، پُر، ڀريل، ٽٻٽار
اَوٻَهَارَا = ٻاڦ، بخارات - پر هتي معنى ٿيندي هُٻڪار
عَبيرُ = عنبير، عطر
جَرَ = پاڻي
جَالَ = زياده، گهڻي تعداد ۾
ڪَالَ = ڪالهه، گذري ويل ڏينهن

بيت جو پس منظر

~ سهڻي چئي ٿي ته درياهه جي هڪ هڪ ڇولي مون لاءِ هيرن، موتين، لعل جواهرن سان ٽمٽار آهي ۽ درياهه مون لاءِ مُشڪ، کٿورين، خوشبووئن، هٻڪارن ۽ مهڪارن سان ڀريل آهي.
~ مون کي درياهه جي پاڻيءَ مان عطرن، عنبيرن جي خوشبوءِ ٿي اچي. سڄو درياهه هُٻڪارن سان واسجي ويو آ، هر طرف هر پاسي رڳو خوشبو ۽ خوشبو ڦهليل آهي.
~ سو تنهنڪري ته سهڻي ميهار جي سڪ ۾ هي درياهه جا خطرناڪ ڪُنَ تري هن پار ٿي وڃي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي پيار، پاٻوهه، محبتن، خوشبووئن، مهڪارن، هُٻڪارن ۽ رومانس سان ڀريل بيت سهڻيءَ جي ميهار سان محبت جي عڪاسيٿو ڪري. محبوب سان پيار جي ڪري سندس سان لاڳاپيل هر شئي سان به پيار ٿيندو آهي.
سهڻيءَ جو ميهار سان هي ازلي ۽ ابدي عشق ڪيڏو سگهارو، سمنڊن ۽ درياهن جي گهراين کان به کان گهرو، وسيع ۽ وشال آهي. ميهار جي پيار سان لاڳاپي ۽ نسبت جي ڪري هر اها شئي جيڪا ميهار سان طعلق ۽ واسطو ٿي رکي سا ڪيڏي سهڻيءَ کي سهڻي ۽ سندرٿي لڳي.
جيتوڻيڪ درياهه ۾ بظاهر ڪي به هيرا، لعل، جواهر موجود ڪونه هئا ۽ ڪا خوشبوءِ به نظر ٿي آئي پر سهڻيءَ جي ميهار سان اٿاهه محبت جي ڪري سهڻيءَ کي درياهه جي هرهڪ لهر لهر ۽ ڇولي ڇوليءَ ۾ لعل، جواهر ۽ موتي ٿي نظر آيا.
هي ميهار جي ئي پيار جو خمار هو جو سهڻيءَ کي درياهه سمورو ڪنهن پرفيوم ۾ ٻڏل ٿي نظر آيو. هر طرف هر پاسي رڳو خوشبووئون، مهڪارون ۽ هٻڪارون ٿي سهڻيءَ کي نظر آيون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

25/10/2014

سَندَو ڏَمَ ڏَهَڪَارُ، هَڏهِين ڪَونهَي هِنَ کَي



سَندَو ڏَمَ ڏَهَڪَارُ، هَڏهِين ڪَونهَي هِنَ کَي
هِيءَ پَاڻيءَ سِين پَانهجَو، پُسَائي نَه سِينگارُ
ڪَارَڻِ مُنڌ مَيهَارُ، ڪَارِيءَ رَاتِ ڪُنَ تَرَي

سُرُ سُهُڻي

ڏَمُ = سهڻيءَ جي مڙس جو نالو
ڏَهَڪَارُ = ڏهڪاءُ ڏر، خوف، خطرو، ڊڄ، ڀئه، پرواهه
هڏهين = هرگز
ڪَارَڻ = جي لاءِ، جي ڪري
مُنڌَ = عورت - پر هتي معنى ٿيندي سهڻي

بيت جو پس منظر

سهڻيءَ کي پنهنجي مڙس ڏَمَ جو ذرو به ڪو ڊڄ، خوف، خطرو ۽ ڀَئه ناهي. سهڻي ڏم کان نفرت ڪندي آهي ڇو ته سهڻيءَ جي ڏم سان زبردستي شادي ڪرائي وئي هئي.
سهڻي پنهنجي مڙس ڏم سان سمهڻ ته پري جي ڳالهه کيس ويجهو اچڻ به نٿي ڏئي، هوءَ پاڻ کي ميهار جي امانت جو سمجهي ٿي.
باقي پنهنجي محبوب لاءِ اونداهي رات ۾ ڪُنَنَ مان تري به درياهه پار ڪري ميهار سان روز ملڻ ٿي وڃي.

سمجهاڻي

ڀٽائي عورت جي آزاديءَ جو علمبردار آهي، حامي آهي. ڀٽائي هن وڏيرڪي، جاگيرداري، قبائلي، سرداري ۽ جرڳائي نظام جو سخت مخالف آهي.ڀٽائيءَ سڄي رسالي ۾ عورت کي ئي ڳايو آهي ۽ اهميت ڏني اٿس ۽ عورت جا ئي درد ۽ سور ڳايا اٿس. سندس هيرا ۽ مڙس ماڻهون ڪردار ڪي مرد نه پر عورتون ئي سورميون آهن.ڀٽائي هڪ اهڙي سماج جو حامي آهي جنهن ۾ عورت ۽ مرد کي هڪ جيترا ۽ هڪ جهڙا حَقَ ۽ اختيارَ هجن. جيڪڏهن مرد پنهنجي پسند تي شادي ڪري ٿو ته اهو ساڳيو حق عورت گي به هجڻ گهرجي.جيتوڻيڪ ڏم سهڻيءَ جو مڙس هيو پر ڇو ته ميهار سان عشق ٿي وڃڻ ۽ درياهه پار ڪري ميهار سان ملڻ جي سزا طور سهڻيءَ جي ڏم سان زبردستي شادي ڪرائي وئي هئي ۽ سهڻيءَ کان پڇيو به ڪين ويو هيو.سو اچو ته اسان به پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي پنهنجو پاڻ کان پڇون ته اسان پنهنجي گهر جي نياڻين کي اها آزادي ڪڏهن ڏينداسين...!!؟هن گندي، ڌپ ڪري ويل، مدي خارج ۽ سڙيل سماج جي جاءِ تي امن، انصاف ۽ برابريءَ وارو سماج ڪڏهن اڏينداسين...!!؟ جنهن ۾ وري ڪنهن سهڻيءَ کي ميهار سان ملڻ لاءِ درياهه پار ڪرڻو نه پئي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

23/10/2014

اَديُون سَڀُ اَندَامَ، چَڙَنِ مُنهنجَا چَورِيَا



اَديُون سَڀُ اَندَامَ، چَڙَنِ مُنهنجَا چَورِيَا
لَارُون جَا لَنءُ لَائِي، سَا ڪِيئَن آڇيَان عَامَ؟
لَڳِيَسِ جَنهن جَي لَامَ، سَو دِلَاسَا دَوستُ مُنجَي

سُرُ سُهُڻي

اَندَامَ = عضوا، اَنگ، لڱ - هي فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي.
چَڙَن = چڙا، چڙيون، گهنڊ – ڀاڳيا، ڌنار پنهنجي مَينهُن جي ڳچيءَ ۾ چڙا يا چڙيون ٻڌندا آهن جنهن جي آواز تي خبر پوندي آهي ته مينهون ڪهڙي طرف آهن.
لَارُن = جمع آهي واحد لَارَ - هڏي يا ڪٺ جي ڪاٺي گهڙي تار سان چڙي اندر ٻڌبي آهي. جڏهن مينهن هلندي ته اها ٽلي ڪنارن سان ٽڪرائجي مڌر آواز پيدا ڪندي آهي. هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ لولا مان ورتل آهي.
لَنءُ = پريت، سڪ، اڪير
لَامَ = ٽاري- پر هتي معنى ٿيندي آسرو، ڏڍ، آٿت
مُنجَي = موڪلي

بيت جو پس منظر

او سرتيون ! منهنجي محبوب ميهار جي مَينهُن جي ڳچيءَ ۾ نه جيڪي چڙا ٻڌل آهن انهن جي مڌر آوازن ٻڌڻ سان جسم جو انگ انگ ۽ لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي آهي، سڄي جسم ۾ بيقراري ۽ بيچيني وڌي وئي آهي.
لَارُن جي مٺڙي ۽ مڌر آوازن منهنجي جسم ۾ باهه، سرور، تڙپ، لڇ پڇ ۽ آنڌ مانڌ پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان ڪيفيت کي مان ڀلا عام آڏو ڪيئن ۽ ڇو ظاهر ڪيان؟
مان جنهن پنهل جي آهيان، لاري لڳي آهيان، آسري ۾ آهيان سو مون ڏانهن دلاسا ۽ دلجايون پيو موڪلي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي رومانس سان ڀرپور بيت عورت جي اندر جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ٿو ڪري ۽ دل جو راز ٻين کي نه ٻڌائڻ جي تلقين ٿو ڪري.ميهار سان ملي سهڻيءَ کي ڪيڏو سرور ۽ سڪون ملندو هوندو سو ته هتي لکيل ناهي باقي مينهُن جي چڙن جو مڌر آواز ٻڌي سهڻي ڪيڏو تڙپي پئي ٿي صرف ان جو اظهار آهي.جڏهن محبوب سان پيار ٿئي ٿو ته ان سان منسوب ۽ لاڳاپيل هر شئي سان به محبت ٿي ويندي آهي. ميهار سان ته سهڻيءَ جو پيار آهي ئي پر سندس مَينهُن، چڙن ۽ چڙن جي مڌر آوازن سان به ڪيڏو بي انتها پيار آهي سهڻيءَ کي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

28/09/2014

چَيتَارَي چَوَنديَاسِ، ڳالهيُون سَڀَوئي سَڄَڻَين

چَيتَارَي چَوَنديَاسِ، ڳالهيُون سَڀَوئي سَڄَڻَين
جُه مُقَابِلِ ٿِيَاسِ، تَه سَڀُ وَڃَنِمِ وِسِرِي

سُرُ رِپَ

چيتاري = دل سان، مَنَ سان- چتُ جي معنى آهي دل يا مَنُ. چيتاري لفظ به چتُ مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنى ٿيندي جيڪي ڳالهيون دل ۾ سانڍيل آهن سي ڳڻي ڳڻي، هڪ هڪ ڪري.
چَوَنديَاس = چوندي مانس
جُه = جڏهن، جنهن گهڙي، جنهن پل، جنهن وقت، جنهن ويل، جنهن مهل
مُقَابل = مُنهَن تي، آمهون سامهون
ٿيَاس = ٿينديس
وَڃَنِمِ = وڃن ٿيون

بيت جو منظر

مون جيڪي ڳالهيون دل ۾ سانڍي رکيون آهن ته تون مون کي صفا وساري ڇڏيو آهي، دل تان لاهي ڇڏيو آهي، منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو جواب نٿو ڏين، تنهنجي آڏو منهنجي ڪا حيثيت ڪانهي، اهميت ڪانهي، تون شايد ڪٿي ٻئي هنڌ لنئون لڳائي آهي ۽ اڃان ٻيون به الائي ڪيتريون ڳالهيون چوندي مانس جڏهنمحبوب ملندا.
پر جڏهن گهڻي عرصي بعد محبوب سان ملاقات ٿي ته الائي ڇو؟ ڪهڙي سبب؟ ڇا جي ڪري؟ سڀ وسري ويون، چپ رهيس، هڪ به چئي نه سگهيس.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جي هن بيت ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي سا اها ته نه ڄاڻ ڪهڙو سبب آهي جو ماڻهو پنهنجي محبوب جي آڏو اظهار ناهي ڪري سگهندو. سبب ته الائي ڪهڙو آهي؟ جو مان، توهان ۽ اسان سڀ هونئن ته سڀني جي سامهون پنهنجي خيالن جو ڀرپور اظهار ڪندا آهيون، پر اها هستي جيڪا محبوب جو درجو رکي ٿي ان جي سامهون الائي ڇو چپ سبيل رهجي ويندا آهن، بُتَ بڻجي ويندا آهيون.
شايد ان ڪري جو هو محبوب آهي ۽ ان جو تصور ۽ تصوير رات ڏينهن دل ۾، اکين ۾ ۽ هر شئي ۾ هر پل رهي ٿي. تنهنڪري جڏهن محبوب سامهون ٿو اچي ته سڀ وسري ٿو وڃي. اها شايد پيار جي انتها آهي.

_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

25/09/2014

ڪَو جَو قَهَرُ ڪَلَاچَ ۾، جَو گهڙي سَو نئَي

ڪَو جَو قَهَرُ ڪَلَاچَ ۾، جَو گهڙي سَو نئَي
خَبَرَ ڪَو نَه ڏئَي، رَڇَ ڪُڄَاڙي رَنڊيَا !!؟

رَڇَ = ڄَارَ
ڪُڄَاڙَي = ڇو؟ ، ڇا لاءِ؟ ، ڇا جي ڪري؟
رَنڊيَا = روڪيا ويا، ڦاسي پيا، جهلجي پيا

بيت جو منظر

اڄ ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ ڪو ته ڪيسُ, قهرُ , ظلم ٿئي پيو جو جيڪو گهڙي ٿو سو ڳوليو نٿو لڀي.
آخر ڪهڙو سبب آهي؟ نيٺ ڇو؟ ڇا لاءِ ؟ ۽ ڇا جي ڪري؟ ,اهڙو ڪو به ناهي ڇا؟ جيڪو اهيا خبر ڏئي ته هن اوڙاهه اندر ڄارَ ڇو ڦاسي ٿا پون؟ ڪو ته سبب هوندو..!!؟

سمجهاڻي

ڀٽائي هر دور جو شاعر آهي. سندس شاعريءَ ۾ ايڏي وسعت آهي جيڏي هيءَ ڪائنات وشال آهي. هي بيت بظاهر ته مورڙي جي ڀائرن کي مانگر مڇَ جي کائي وڃڻ واري پس منظر ۾ لکيل آهي . جڏهن ڪلاچيءَ جي ڪُنَ ۾ رهندڙ مانگر مَڇَ مورڙي جي ڀائرن کي ڳڙڪائي ويو هو.
پر ڀٽائي اصل ۾ سنڌي قوم کي سمورن مانگر مڇن پوءِ اهي سنڌي دلال وڏيرا، پير، مير، ڪامورا ۽ وقت جا غدار حڪمران هجن يا پنجابي، پناهگير هجن انهن سڀني جي ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف قوم کي خبردارڪيو آهي. اڄ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ روزاني بيگناه ماڻهن جو قتل عام جاري آهي. وري ظلم هي آهي ته جن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيوسين، سي سنڌ کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ جا سانباهاپيا ڪن.اچو ته ڀٽائيءَ جي هن عظيم فڪر کي سمجهون، پروڙيون ۽ پوءِ ان تي عمل به ڪيون.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

گُوندَرَ هَٿ نَه پَيرَ، وِرِهُ مَنجهينِ وَهَڻَو

گُوندَرَ هَٿ نَه پَيرَ، وِرِهُ مَنجهينِ وَهَڻَو
ڪُڙِه ۾ قَطَارُون ڪَرَي، سُورَن لَايَا سَيرَ
مُون جيئَن گهارَي ڪَيرَ، هَيڪلي ريءَ سَڄَڻَين

سُرُ رپَ

گُوندَرَ = غم، ڏک، پريشانيون، اذيتون، ڀوڳنائون، پيڙائون
ورهُ = عشق
مَنجهين = اندر، اندر ۾
وَهَڻَو = جاري، سنڌوءَ جي تيز وهڪري جيان پيو وهي
ڪُڙه = قلب، ڪُک، سرير
سَيرَ = واٽون، دڳ، پيچرا، لنگهه، چارا، گس، رستا

بيت جو منظر

غمن، ڏکن، ڀوڳنائن، پيڙائن ۽ اذيتن کي ڪي هٿ ۽ پير ته ڀلا ناهن ٿيندا نه، جو ايندي ويندي، اٿندي، ويهندي، لُڇندي ڦٿڪندي، پاسا ورائيندي ڪنهن کي ڏسڻ ۾ اچن. هوڏانهن اندر ۾ محبوب جو عشق وري الڳ سنڌوءَ جي تيز وهڪري جان پيو وهي، ساهه ڪڍي، ٻوڙي ماري، چيچلائي ۽ چيڀاٽي ٿو.
قلب ۾، جيءَ ۾، ڪک ۾، سڄيءَ جان ۾، سورن ته ڄڻ دڳ، رستا، واٽون، پيچرا، ۽ لنگهه ٺاهي ڇڏيا آهن. هڪڙا اڃان ويا ئي ناهن ته مٿان وري ٻيا اچيو ٿا ڪڙڪن.
محبوبن کان سواءِ هينئن مون جيان ڪا اڪيلي ته هيڏي جبل جيڏي اذيتن واري زندگي گذاري ڏيکاري.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جا انيڪ موضوع آهن، جيترا به هن ڪائنات ۾ لقاءَ، مظهر، ڏيک، حسناڪيون، دلڪشيون، پيڙائون ۽ اذيتون آهن سي سڀ ڀٽائيءَ جا موضوع آهن. ڀٽائيءَ جي مشاهدي جو ڪو انت ناهي. هو سيلاني هيو ۽ سندس اک هر عڪس، هر اولڙي، هر منظر ۽ هر مظهر کي فلمبند پي ڪيو. سندس فوٽوگرافي ۽ منظرنگاري ڪمال جي آهي. سندس ڏات ۽ ڏانءُ بي مثال، شاندار ۽ شاهڪار آهي.
مٿئين بيت ۾ ڀٽائيءَ جنهن انداز م غمن، پيڙائن ۽ اذيتن کي اظهاريو آهي سي پڙهي جيءُ جهري ٿو پئي ۽ اکيون لڙڪ لاڙي ٿيون ويهن.

_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل