01/02/2015

تَرَان تَان مَرَان، وَرَان تَان وَھَ وِتِرَو




تَرَان تَان مَرَان، وَرَان تَان وَھَ وِتِرَو
هِنئَڙَي ۾ هَوتَنِ جَا، اَچَنِ گُهؤرُ گَهڻَا
پَسِيَو پَاڙَي وَارِيُون، ڏِسِيَو ڏَوھَ ڏَرَان
وِچَان ڪِيئَن وَرَان، ڪَنڌِيءَ مُنهِنجو ڪَارَڻِي


سُرُ سُهِڻِي

تَان = تہ
وَرَان = موٽي وڃان، واپس ٿيان
وَھَ = وهڪرو، نينهن، لاڙو
وِتِرَو = گهڻو، وڌيڪ، جهجهو
هِنئَڙَي = دل ۾، مَنَ ۾
هَوتَنِ = مجبوبن
گُهؤرُ = خيالَ ، پُورَ
ڏَرَان = ڊڄان، خوف ٿو ٿئيمِ
ڪَنڌِيءَ = ڪناري تي، ڪپرَ تي
ڪَارِڻِي = وسيلو، سبب (ميهار)

بيت جو پس منظر

~ جي اڃان ترنديس تہ مرنديس ۽ جي واپس ٿينديس تہ وري پاڻيءَ جو وهڪروتيز آهي.
~ دل ۾ محبوب ميهار جا خيال بہ پيا اچن.
~ منهنجا تہ پاڙي وارين کي ڏسي خوف ۾ ڏوھ بہ ڏڪيو وڃن.
~ اڌ مان پوئتي ڪيئن موٽي وڃان، هي ڪناري تي تہ منهنجي محبوب جووٿاڻ آهي.

سمجهاڻي

خيال مثبت ۽ منفي هر وقت هر انسان کي ايندا رهندا آهن. ننڊ ۾ وري خوابن جي صورت ۾ سلسلو جاري رهندو آهي.
اڄ سهڻي جڏهن درياھ ترندي پئي وڃي تہ کيس بہ مختلف خيالن ۽ سوچن اچي گهيرو ڪيو آهي. اڄ درياھ بہ پنهنجي پوري آب تاب سان موج مستيءَ ۾ آهي. تيز ڇوليون ۽ تکو وهڪرو ويتر ماحول کي خوفائتو بڻائي رهيا آهن. سهڻي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي ٿي چئي تہ اڃان اڳتي وڌيڪ ترنديس تہ ٻڏي پونديس ۽ جي پوئتي موٽنديس تہ پاڻيءَ جو وهڪرو نهايت تيز آهي.مٿان وري محبوب ميهار سان رهاڻ رچائڻ جا خيال بہ پيا ٿا اچن. پاڙي وارين ماين جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌي منهنجا خوف ۾ ڏوھ ڏڪي ٿا وڃن. پر هاڻي سهڻي پاڻ سنڀالي وئي آهي. سندس عزم، حوصلي ۽ همٿن ۽ ميهار سان ڪيل وچن کيس سهارو ۽ آٿت جو ڏني آهي.
سو هاڻي چئي ٿي ڪين موٽنديس هي ڀرسان ڪناري تي ئي تہ محبوب ميهار جو وٿاڻ ڏسڻ ۾ پيو اچي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..