30/08/2015

واقِفِ نه وَڻِڪارَ جِي، اَڳُ نه ڏيهُه ڏِٺومِ



واقِفِ نه وَڻِڪارَ جِي، اَڳُ نه ڏيهُه ڏِٺومِ
ڏونگَرَ ڏوراپَنِ سِين، ڪاتِيءَ رِءِ ڪُٺومِ
جَيلاهُه مُحِبُ مِٺومِ، تَي ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرَين


سُرُ سسئي آبري

وَڻِڪارَ = وڻراھ، ٻيلو، وڻن جا جهڳٽا - بلوچستان جي علائقي لس ٻيلي جَي جهنگ جو نالو جتان پنهون ڳوليندي سسئي لنگهي هئي.
ڏيھُ = وطن، ملڪ
ڏِٺومِ = مون ڏٺو
ڏونگَرَ = جبل
ڏوراپن = ميارن، مهڻن، طعنن
ڪُٺومِ = مون کي ڪُٺو، ماريو
جَيلاھُ = جيڏو، جيترو، جنهنڪري، جنهن صورت ۾
مُحِبُ = پرين، محبوب
مِٺومِ = مون کي مٺو آهي، پيارو آهي.
ڇُلُون = ڇالون، اُڇلون، ڊوڙون، ٽپو ڏيڻ
ڇَپَرَين = جبلن ۾

بيت جو پس منظر

~ مون هي ملڪ نہ ڏٺو هئو، نہ وري وڻراھ جي واقف هيس
~ جبل بہ مون کي مهڻا ڏيئي ڪاتيءَ سوا ٿو ڪُهَي.
~ جيڏو پنهونءَ سان پيار اٿم، جيڪر ڊوڙندي وڃان.

سمجهاڻي

سسئي پنڌ ڪندي پنهون ڳوليندي چئي ٿي :
آئون اڳ ڪڏهن هنن گهاٽن ٻيلن، رستن ۽ ڪيچ مڪران جي واقف نہ هيس۔ هن جبل تہ مون کي طعنن ۽ مهڻن سان ماري وڌو آهي. جيترو نه مون کي پنهل سان پيار آهي، دل چئي ٿي جيڪر وک وک نہ کڻان پر ڊوڙندي وڃي پنهنجي محبوب سان ملان.
دراصل ڀٽائي سسئيءَ کي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۽ قومن جي علامت بڻائي هر ڏاڍ ۽ جبر جو بهادريءَ سان مقابلو ڪري، محبوبَ ۽ منزلن ماڻڻ جو ڏس ڏئي ٿو. جيڪڏهن پنهون علامت آهي محبوب ۽ منزلن جي تہ وري سسئي اهڃاڻ آهي انهن محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولا، جاکوڙ ۽ جدوجهد جي.
جڏهن اڪيلي عورت اڻ واقف رستن، جبلن جي ور وڪڙن ۽ لڪن کي لتاڙي پنهنجي محبوب کي تلاشي ٿي تہ هن ڌرتيءَ جا ڪروڙين مظلوم ماڻهون جاکوڙ ۽ جدوجهد ذريعي پنهنجي منزل ڇونہ ٿا ماڻي سگهن...!!؟

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

29/08/2015

هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو سَي رَسِيُون



هِتان کَڻِي هُتِ، جَنِ رَکِيو سَي رَسِيُون
ساڄَنُ سُونهَه، سُرِتِ، وِکائِي وَيجهو گَهڻو


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

رَسِيُون = پهتيون، ماڻيائون، حاصل ڪيائون، ڪامياب ٿيون
ساڄَنُ = سڄڻ، ڌڻي تعالي'، حقيقي محبوب
سُونھَ = حُسُنُ، جمالُ، حسن ڪمال، حسن مطلق
سُرِتِ = عقل، شعور، ڏاهپ، فهم
وِکائِي = هڪ وک يا هڪ قدم کان

بيت جو پس منظر

~ جن پنهنجو ڌيان دنيا کان هٽائي حقيقي محبوب طرف ڪيو تن منزل ماڻي.
~ محبوب جيڪو حسنِ ڪمال، عقلِ ڪل آهي، سو هڪ وک کان ويجهو آهي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي تصوف ۽ وحدانيت جي رنگ ۾ رڱيل بيت محبوب حقيقي يعني خدا پاڪ جي ڳولا ۽ ساڻس محبت ڪندڙن لاءِ هڪ گَسُ ۽ واٽَ آهي.
محبوب حقيقي پاڻ ئي حسن ڪمال ۽ مطلق جمال آهي، جنهن لاءِ حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي : ” اِنَ اللهُ جَمِيلُ وَ يُحِبُ الجَمالُ “ ؛ خدا حسين آهي ۽ سونهن کي پسند ڪري ٿو.
اسان ماڻهن جو سڄو ڌيان خوبصورت عورتن، اولاد، مال ملڪيت ۽ زمين جي سَڌُنِ ڏانهن آهي. هر وقت ماڻهون نفس جي ناجائز خواهشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ الائي ڪهڙن ڪهڙن غلط ڪمن جي پٺيان رڌل رهي ٿو. جيڪڏهن هنن نفس جي خواهشن ۽ خيالن کي ترڪ ڪري سڄو ڌيان ذات حقيقيءَ ڏانهن ڦيرائجي تہ هو ڪو پري ڪونهي. هو تہ صرف هڪ وک يا هڪ قدم تي آهي بلڪہ پاڻ ۾ موجود آهي.
قرآن ۾ ارشاد آهي : وَ فِي اَنفُسڪُم اَفَلَا تُبِصِرُون ؛ ۽ مان اوهان جي بدن ۾ موجود آهيان پر توهان ڏسو نہ ٿا.

ساڳي وقت لطيف سائين جي شاعريءَ کي هڪ ئي مفهوم ۾ قيد ڪري نه ٿو سگهجي. هن بيت جون سمجهاڻيون ۽ مفهوم ڪيترن ئي رخن ۾ وڃن ٿا. جهڙوڪ محنت ڪندڙ، عاشق جيڪي محبوب کي ماڻڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿا ڪن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

26/08/2015

پَسِي جهاجَهه جَمالَ جِي، جَنِين پِيتِي پِڪَ



پَسِي جهاجَهه جَمالَ جِي، جَنِين پِيتِي پِڪَ
اَپَرِ اَڳانجَهو ٿِئو، اُنِيَنِ کَي سِڪَ
هَڏِ نه ڀَڳِيَنِ هِڪَ، سدا سائِرَ سِيرَ ۾


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

جهاجَهه = جهجهائي، گهڻائي، اُٿاھُ
جَمالَ = حُسُنُ، سُونهَن
پِڪَ = سُرِڪَ، ٿُڪَ، لُعابُ
اَپَرِ = ويتر، اٽلو، بيحد، وڌيڪ
اَڳانجهو = آڳاٽو، اڳڀرو، سخت، اڳرو، جهجهو
اُنِيَنِ = انهن کي
هَڏِ = هرگز
لَڳِيَنِ = لٿن، لهين، لهندن
سائِرَ = ساگر، سمنڊ
سِيرَ = پاڻيءَ جو تيز وهڪرو

بيت جو پس منظر

~ جن محبوب جي حسن جو اُٿاھ ساگر ڏسي ان مان سرڪي ڀري.
~ تن کي ويتر سڪ ۽ سوز وڌي ويو.
~ هو سدائين ساگر جي سير ۾ آهن پر سندن اُساٽ لهي ئي نٿي.

سمجهاڻي

جيئن سمنڊ اونهو، اٿاھ ۽ گهَرو آهي، تيئن سندس گهرائي بہ اوڏي ئي عجيب ۽ پراسرار آهي. اڃان تائين سمنڊ جي مڪمل ڄاڻ ۽ معلومات حاصل ٿي ناهي سگهي.
ايئين ئي محبوب جي حسن ۽ جمالَ جو ڪاٿو ڪرڻ بہ ممڪن ئي ناهي. هن سونهن جي ساگر جِي امرت رَسُ منجهان جنهن بہ هڪ سرڪي چکي، تنهن جي اڃ ۽ اُساٽَ ويتر وڌي وڃي ٿي. سندس اندر ۾ لڳل باھ وڌي هڪ جوالا مکي ۽ ٻرندڙ لاوَي جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿي. جيڪا هن پاڻيءَ سان وسامي ناهي سگهندي.
هن سونهن جي وسيع، وشال ۽ گَهَرَي سمنڊ جي وچ سير ۾ هئڻ باوجود سڪ ۽ اڪير جي هيءَ شديد پياس ڪڏهن ختم ٿيڻي ناهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

25/08/2015

تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سَي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا



تَنَ جَنِين جِي تانگَ، سَي سَڄَڻَ سَفَرِ هَلِئا
لَئِجُ لاتِ لَطِيفُ چَي، ڪَڏِهِن اِيندَمِ؟ ڪانگَ
ڪِنهِن سِٽاڻَي سانگَ، پِرِين پَرِڏَيهِي ڪِئا


سُرُ سامُونڊِي

تَنَ = بدن، جسم، بت، ساھ، سرير
تانگَ = تانگھ، ڇِڪَ، سِڪَ، اُڪِيرَ
سَڄڻَ = پرين، محبوب، دلبر
هَلِئا = هو هليا ويا
لَئِجُ = لاتيون ڪر، ٻول، خبرَ ڏي
لاتِ = تنوارَ
اِيندَمِ = مون وٽ ايندا
سِٽاڻَي = رٿيل, تيار ٿيل
سانگَ = سفر تي، سانگ سان، ضرورت، ڪم، حاجت، اتفاق، سبب، سازش، حيلا، حرفتون، اٽڪل، چُرِچَ
پَرِڏَيهِي = پرديسي، پرڏيھ، ڏيساور يا ٻاهرئين ملڪ رهندڙ
ڪِئا = ڪيا، ڪيا ويا

بيت جو پس منظر

~ هن بدن کي جنهن جي تانگھ آهي سي پرين پرديس هليا ويا آهن.
~ اي ڪانگل ! تون ڪي لاتيون لنوين ٻڌاءِ ڪڏهن موٽي ايندا؟
~ هو پرين تہ ڪنهن ضروري سبب ڪري پرديسي بڻيا آهن.

سمجهاڻي

وڻجاريءَ جو محبوب ٻاهرئين ملڪ ڪمائڻ لاءِ ويل آهي، تنهنکي ياد ڪندي چئي ٿي :
هن سرير ۽ ساھ کي جنهن جي سڪ ۽ اڪير آهي سو محبوب، مون کي اڪيلو ڇڏي پاڻ پرائي ملڪ هليو ويو آهي. جڏهن ڪانوَ کي لَنوَندَي ڏسي ٿي تہ کيس چئي ٿي :
اي ڪانگل ! اڄ اداس آهيان ڪي مٺيون لاتيون لَنوِين ٻڌاءِ ڀلا منهنجو محبوب ڪڏهن ايندو..!!؟
وري پاڻ ئي چئي ٿي :
پرين تہ سڀني جي گڏيل صلاح سان ئي ٻاهرئين ملڪ ڪمائڻ لاءِ ويو آهي. هڪ سوچيل سمجهيل سازش ۽ پنهنجن غدار حاڪمن جي ملي ڀڳت سان سمنڊ ۽ پرڏيهي ملڪن جون وزارتون هميشھ ڌارين ماڻهن جي حوالي هونديون آهن، جيڪي اوليت پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ڏين ٿا.
تنهنڪري سرڪاري سرپرستيءَ کان سواءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ڪمائڻ ويل سنڌي ماڻهون پڪڙ، جيل، سزائن ۽ ٻين تڪليفن جو شڪار ٿين ٿا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

جَيڪرَ اَچَي هاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون



جَيڪرَ اَچَي هاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون
آيَلِ ! ڍولِئَي ساڻُ، هُوندَ ڳَرِ لَڳِي ڳالِيُون ڪَرِيان



سُرُ سامُونڊِي

هاڻِ = هاڻي، هينئر
رُوحَ رُچَندِيُون = روح رهاڻيون، روح ۽ دل کي فرحت ۽ سڪون ڏيندڙ، روح ريجهائيندڙ ڪچهريون
آيَلِ = جيجل ماءُ، امڙ، امان
ڍولِئَي = محبوب، پرين
ڳَرِ = ڳل، ڳل ۾، ڳچيءَ ۾، وٽ، ڀرسان
لَڳِي = ويجهو ويهي، ڀاڪر پائي
ڳَرِ لَڳِي = ڳل ڳل تي رکي، ڳلي سان لائي، ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي
ڳالِيُون = ڳالهيون، احوال

بيت جو پس منظر

~ هو جي موٽي اچي تہ ساڻس روح رهاڻيون ڪريان.
~ او جيجل ! جيڪر پرينءَ سان ڳل لڳي ڳالهيون ڪنديس.

سمجهاڻي

محبوب ڪاوڙجي وڃن، رُسِي وڃن، لڏي شهر ڇڏي وڃن يا روزگار سانگي هليا وڃن تہ پيار ڪندڙ دلين لاءِ هي جدايون ۽ وقتي وڇوڙا بہ جيءُ جهوريندڙ ۽ هنيانءَ ۾ وڍ وجهندڙ هجن ٿا. محبوب جي جدائي هڪ وڏو ڪربناڪ ۽ اذيتناڪ صدمو آهي، جيڪو برداشت ڪرڻ ٽياس تي ٽنگجڻ جهڙو آهي.
هن وڻجاريءَ جو محبوب شايد ڪاوڙجي، رسي هليو ويو آهي يا ڪنهن پراهين ڏيهه ڪمائڻ ويو آهي. وڻجاري چئي ٿي:
جڏهن محبوب موٽي ايندو تہ سندس جدائيءَ ۾ جيڪي راتيون ۽ ڏينهن تڙپي گذاريا اٿم. سي سڀ اندر جا احوال، اوجاڳا، اوسيئڙا، ڏوراپا، ميارون هڪ هڪ ڪري ڏينديس ۽ پوءِ روح رهاڻيون ڪنديس.
او جيجل ماءُ ! پنهنجي پرينءَ جي ڪنڌ ۾ ٻانهون وجهي، ڀاڪر هڻي جيڪا سڪ لڳي اٿم سا لاهينديس.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڏِٺَي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيُنِ سِڙَھَ سَنبَاهِيَا



ڏِٺَي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيُنِ سِڙَھَ سَنبَاهِيَا
وِجِهيَو وَرُ وَنجَهه کَي، رَوئَي وَڻِجَارِي
مَارِيندُئِي مَارِي، پِرِھَ سُورُ پِرِينءَ جَو



سُرُ سَامُونڊِي

ڏِيَارِي = هندن جي عيد، خوشيءَ جو ڏينهن جنهن ۾ ڏيا ٻاريا ويندا آهن
سِڙَھ = ٻيڙيءَ جو کوهي ۾ ٻڌل ڪپڙو جنهن جي کلڻ سان ٻيڙي تيز هلندي آهي
سَنبَاهِيَا = تيار ڪيا
وَرُ = ڀاڪر
وَنجُھ = بانس جي لٺ جنهن سان ٻيڙيءَ کي ڌڪبو آهي
وَڻِجَارِي = سَامونڊي واپاريءَ جي زال
مَارِي = اي مُئي، ماريل، ڏکويل
پِرِھَ = صبح، ڳاڙهاڻ ويل

بيت جو پس منظر

~ ڏياريءَ جون خوشيون ويجهو آهن ته وڻجارن پنهنجي سفر جي تياري به شروع ڪئي آهي.
~ هيءَ وڻجاري ونجھ کي ڀاڪر پايو پئي هنجون هاري.
~ هن مئيءَ کي محبوب جي جدائيءَ ۽ پرھ ڦٽيءَ جي پيار ماري وڌو آهي.

سمجهاڻي

سر سامونڊيءَ ۾ ڀٽائيءَ ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪندڙ وڻجارن جي ونين ۽ محبوبائن جي اندر جي ڪيفيتن، نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن کي فوڪس ڪيو آهي.
عيد تہ نالو ئي آهي مسرتن جو، جنهن ۾ قيمتي ويس وڳا ڍڪي، سينگار ڪري، خوشبووئن سان واسجي، محبوب جو هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪنهن تفريحي ماڳ جو سير ڪبو آهي. سدائين گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جَي اڳ ڪيل واعدن ۽ وچنن کي دهرائبو آهي. پر..! جَي اُهي پرين ئي نہ رهن تہ پوءِ ڪهڙيون عيدون..!!؟
اڄ هن وڻجاريءَ جي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن، سندس ناسي نيڻن مان لڙڪن لارون ڪنهن تيز برسات جيان وسي رهيون آهن.
سندس محبوب ڏياريءَ جي ڏيئن ٻارڻ کان اڳ ئي کيس اڪيلو ڪري پرڏيھ وڃڻ جي تيارين ۾ آهي.
هن بيت ۾ هڪ وڻجاريءَ جي وڇوڙي واري ڪيفيت کي بيان ڪيو ويو آهي.سندس ور سالن پڄاڻان گهر آيو آهي ته وري وڃڻ جون وايون پيو ڪري. اڳئين سال به جڏهن ڏياري ويجهي هئي ته هو هليو ويو هيو. هاڻي به جڏهن ڏياري قريب آهي ته هو کيس اڪيلو ڇڏيون ٿو وڃي. ڪجھ ڏينهن ترسڻ لاءِ کيس گهڻيون ئي ميڙون منٿون ۽ ايلاز ڪيائين ، ٻانهون ٻڌائين پر هن نه مڃيو.
هاڻي هوءَ ٻيڙيءَ جي ونجھ کي ڀاڪر پايو ويٺي روئي. کيس پرھ ڦٽيءَ جا ڪوسا ڀاڪر ۽ پيار جو ياد پيو آهي.


محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

24/08/2015

وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا



وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا
اولِيُون پَسِي اُنِ جِيُون، پِئَڙمِ ڳَچَ ڳَرِي
وِندِيَسِ ماءِ ! مَرِي، سارَي سامُنڊِيَنِ کَي


سُرُ سامُونڊِي

پِرِھ = پرھ ڦٽيءَ ويل، اَسُرَ ويل، باک ڦٽڻ ويل
پَڳَھَ = رسا يا نوڙيون، جنهن سان ٻيڙا ٻَڌِبا آهن.
پَسِي = ڏسي
اُنِ جُون = انهن جون، هنن جون
پِئڙمِ = پيا ٿم
ڳَچَ ڳَرِي = جيءُ جهري، هنيانءُ ڳري
وِندِيَسِ = وينديس، ويندي مانءِ
ماءِ = امان، امڙ، جيجل
سارَي = ياد ڪري
سامُنڊِيَنِ = سامونڊين

بيت جو پس منظر

~ وڻجارن اَسُرَ جو ٻيڙا ڇوڙي ڇڏيا آهن.
~ سندن هٿن ۾ وَنجَھ ڏسي هنيانءُ ڳري پيو آهي.
~ او امان ! هنن سامونڊين کي ساري نيٺ مري وينديس.

سمجهاڻي

جڏهن کان وڻجارو وطن وريو آهي، تڏهن کان سندس وني کيس ايلاز منٿون ڪندي رهي ٿي تہ هاڻي وري ٻاهرئين
ملڪ نہ وڃجان. هتي رهي ڪاروبار ڪجان، مون کان تنهنجي جدائي برداشت نٿي ٿئي.
وڻجارو کيس سمجهائيندي چئي ٿو :
هتي روزگار جا ذريعا اسان لاءِ ناهن ۽ ڌنڌي مان پيٽ پالڻ مشڪل بڻجيو پئي. پرھ ڦٽيءَ ويل وڻجاري هنڌ خالي ڏسي بندر ڏانهن ڊوڙي ٿي، ٻيڙن جا رسا کليل آهن ۽ وڻجارا وڃڻ جي تيارين ۾ آهن. سندن هٿن ۾ ونجھ ڏسي جيءُ جُهري ٿو پويس.
پنهنجي ماءُ کي دانهَن ڏيندي چئي ٿي :
او امان ! تون هنن کي جهل تہ هي هتان نہ وڃن. جي تو ايئين نہ ڪيو تہ محبوب جي جدائيءَ ۾ مان مري ويندي سانءِ.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

22/08/2015

سَرَ نِسرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين



سَرَ نِسرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين
مُون تو ڪارڻَ ڪاندَ، سَهِسِين سُکائُون ڪَيُون


سُرُ سامُونڊِي

سَرَ = ٻُوڙا - واهن يا ڪَسِيُنِ جَي ڀر ۾ ڄمندا آهن، جنهن جي ڪانيءَ ۾ پنج يا ڇھ ڳُريُون ٿينديون آهن. سندس ڪانن مان ڇپريون ٺهنديون آهن جيڪي جاين جي ڇتين ۾ ڪم اينديون آهن.
نِسرِئا = ڦُٽِي پيا، سنگَ ڪڍيائون
پاندَ = چوٽيون، نوڪون
اُتَرَ لَڳا = اتر جون هوائون گُهليون
پِرِين = محبوب، دلبر
ڪارَڻِ = سبب، واسطي، خاطر، لاءِ
ڪاندَ = ڪانڌَ، مڙس، ڀتار، وَرُ
سَهِسِين = سوين
سُکائُون = باسون، مُرادون، مِنَتُون
ڪَيُون = باسيون

بيت جو پس منظر

~ سَرَنِ بہ سنگَ ڪڍيا آهن ۽ اتر جون هوائون گُهلِي رهيون آهن.
~ او منهنجا وَرَ ! هاڻي موٽي آءُ، مون تولاءِ سوين سکائون باسيون آهن.

سمجهاڻي

سانوڻيءَ جي مند پوين پساهن ۾ هوندي آهي تہ مٿان اُتر جون هوائون گُهلڻ شروع ٿي وينديون آهن. وڻن، گلن ۽ ٻوٽن ۾ نيون شاخون، ٽاريون، گونئچ، گل ۽ ڦوٽهڙا شروع ٿين ٿا. هي اهڃاڻ آهن سانوڻ جي ساڙيندڙ لُڪُنِ ۽ جهولن ختم ٿيڻ جا ۽ سياري جي سرد هيرُنِ گُهلَڻَ جا.
هن وڻجاريءَ جو وَرُ اڳئين سال ڏياري ملهائي، اُتَرَ جي هوائن گُهلَڻَ کان پوءِ سفر تي روانو ٿيو هو. جنهن کي اچي سال گذريو آهي پر اڃان واپس ناهي آيو. سندس وني محبوب مڙس جي سڪ ۽ اڪير ۾ بيحال آهي. هوءَ شڪايتون، ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندي چئي ٿي :
او پرين هاڻي تہ مند ڦري وئي آهي. سَرن سَنگ ڪڍيا آهن ۽ اتر جون لُونءَ ڪانڊاريندڙ هِيرُون بہ گُهلَڻ شروع ٿيون آهن. تون اڃان ڇو ڪونہ آيو آهين؟ مون کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي. مون تنهنجي اچڻ لاءِ الائي ڪيتريون سکائون باسيون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙَهه اُپَٽِيا



لاڄُو ٿا لَوَنِ، اَچَنِ سِڙَهه اُپَٽِيا
ڪارَڻِ تَنِ پِرِيَنَ، وَيٺِي واٽَ نِهارِيان


سُرُ سامُونڊِي

لاڄُو = نوڙَ، رَسا
لَوَنِ = لَڏَنِ، ڦڙڪن، جُهولن
سِڙَھ = ٻيڙيءَ جَي کُوهَي ۾ ٻڌل وڏو ڪپڙو، جنهن جي کُلڻَ سان ٻيڙي تيز هلندي آهي.
اُپَٽِيا = کُليا، کوليا
ڪارَڻِ = لاءِ، خاطر، سبب
نِهاريان = تڪيان

بيت جو پس منظر

~ ٻيڙيءَ ۾ ٻڌل رسا لڏن پيا ۽ کُوهَي ۾ ٻڌل ڪپڙو بہ هوا ۾ ڦڙڪندي نظر پيو اچي.
~ انهن پرين لاءِ تہ روز راهون تڪيندي آهيان.

سمجهاڻي

اڳئين سال هن ئي مند ۾ وڻجارا هتي پيدا ٿيندڙ شيون ململ جو ڪپڙو، سوٽِي ڪپڙو، ڪپھ، ڪڻڪ، برٿ ڀريل گجَ، سُوسِيءَ جو ڪپڙو، کَيسَ، لويون، اجرڪ ۽ ٻئي سامان سان ٻيڙا ڀرائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن واپار ڪرڻ ويا هئا. هاڻي جڏهن کين ٻارهن مهينا اچي ٿيا آهن. مند ڦري آهي اتر جون هوائون پيون گُهلن تہ وڻجارن جي واپسي بہ شروع ٿي وئي آهي.
هيءَ وڻجاري جنهن جون اکيون وشال سمنڊ ڏانهن کتل آهن، تنهن پري کان ٻيڙي کي ايندي ڏسي ورتو آهي. سندس چهري تي خوشيءَ جا آثار نمايان آهن، هوءَ ڪپڙن ۾ نٿي ماپي. هٿ جي اشاري سان سرتين کي سڏي پئي چئي :
هو ڏسو مون پري کان سمنڊ اندر ٻيڙي جا رسا لڏندي ۽ کُوهي ۾ ٻڌل ڪپڙا ڦڙڪندي ڏٺا آهن. باوجود ان جي کيس اها پڪ بہ ناهي تہ ان ٻيڙي ۾ سندس پرين موجود آهي الائي ڪونہ . پر پوءِ بہ هوءَ مرڪندي چئي ٿي :
جنهن محبوب جون راهون روز تڪيندي آهيان سو پڪ اٿم تہ پهچڻ وارو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

12/08/2015

ڪَي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪَي ڏُورِ بِہ اوڏا سُپِرِين



ڪَي اوڏا ئِي ڏُورِ، ڪَي ڏُورِ بِہ اوڏا سُپِرِين
ڪَي سَنڀرِجَنِ نہ ڪَڏِهِين، ڪَي وِسِرَنِ نہ مُورِ
جِنءَ مَينهِن ڪُنڍِيءَ پُورِ، تِنءَ دوسَ وَراڪو دِلِ سِين. 



سُرُ بَرِوو سنڌي

اوڏا = ويجها
ڏُورِ = پري، گهڻو پري، تهائين پري
سَنڀرِجَنِ = ياد پون، ياد اچن
مُورِ = بنھ، هرگز، اصل
جِنءَ = جيئن
ڪُنڍِيءَ = وريل سڱن واري مَينهِن
پُورِ = سڱن جو وَرُ - وريل سڱن وارين مَينهُنِ جا سڱ هڪ ٻئي جي سڱن ۾ ڦاسي اٽڪي پوندا آهن ۽ ڇڏائجي ناهن سگهبا.
هتي اهيا محبوب سان دل اٽڪيل هجڻ جي تشبيھ ڏني وئي آهي.
تِنءَ = تيئن
دوسَ = دوست، پرين، محبوب
وَراڪو = وَرُ، پيچ، ڳانڍاپو
دِلِ سِين = دل سان ڳنڍيل، جڙيل، سلهاڙيل هجڻ

بيت جو پس منظر

~ ڪي ماڻهون ويجهو هوندي بہ پري ۽ ڪي پري هوندي بہ ويجهو لڳندا آهن.
~ ڪي ڪڏهن ياد ئي ناهن ايندا تہ ڪي وسرندا ئي ناهن.
~ محبوب سان محبت جو پيچ بہ ڪُنڍِي مَينهِن جي وَرَ جيان اٽڪيل رهي ٿو.

سمجهاڻي

هن دنيا ۾ شين جا معيار، ماڻَ، ماپا ۽ درجا بنديون مختلف ٿينديون آهن. ڪي شيون عام، معمولي ۽ روائتي آهن تہ ڪي وري اوچيون ۽ اعلي' درجي جون آهن. ايئين ئي رشتن، ناتن ۾ بہ ڪي هٿ ملائڻ ۽ ڪي سلام دعا وارا عزيز دوست تہ ڪي وري سر ساھ جا مالڪ ٿين ٿا جن کان سواءِ پل بہ ناهي سرندو. ڪي گهر، پاڙي ۽ شهر ۾ هوندي بہ پراوا ۽ اوپرا لڳندا آهن. ڪي وري اکين کان سوين ڪوهن جي مفاصلي تي هوندي بہ صفا ويجهڙا ، دل ۾ رهندا آهن.
ڪي ڪڏهن ڀلجي بہ ياد ناهن ايندا تہ ڪي وري ڪڏهن وسرندا ئي ناهن. سدائين سندن تصور ۽ تصوير مَنَ جي مندرَ ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ پئي جهلڪندي آهي.
اهي سر ساھ جا مالڪ محبوب، جن جو نالو تسبيح جَي داڻن جيان هر وقت دل ۽ چپن تي رهندو آهي. تن سان جڙيل محبت جو هي ازلي ۽ ابدي پيچ بہ ڪُنڍيءَ مَينهِن جي پُور جيان ڪڏهن ڇڄي ناهي سگهندو.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

هَيرَائَي هَٿِ ڪِئو، هِيَڙو حَبِيبَنِ



هَيرَائَي هَٿِ ڪِئو، هِيَڙو حَبِيبَنِ
ٻَڌِي ڪَچِي تَندُ ۾، سَلِهاڙِيو سَيڻَنِ
وِجِهي پَيچَ پِرِيَنِ، هِيَڙو هَٿِيڪو ڪِئو


سُرُ بَرِوو سنڌي

هَيرَائَي = هرکائي، لالچ ڏيئي
ڪِئو = ڪيو
هِيَڙو = هنئڙو، مَنُ، دل
تَندُ = ڌاڳو، تار
سَلِهاڙِيو = گڏايو، گڏي ٻڌو، ملايو، ڳنڍي ڇڏيو
سَيڻَنِ = محبوبن
پَيچَ = پيار جا، محبت جا ور وڪڙ
هَٿِيڪو = قابو، سوگهو، گرفتار

بيت جو پس منظر

~ محبوبن منهنجي هرکائي نيٺ پنهنجو ڪيو.
~ محبوب محبت جي ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌي ويا آهن.
~ پيار جا ور وڪڙ ڏيئي دل کسي ويا.

سمجهاڻي

مڇيءَ، پکين ۽ سِهَڙن کي هيرائڻ لاءِ گاھ، داڻو چُوڻِ وجهبي آهي. جڏهن هِرِي ويندا آهن تہ سندن سولائيءَ سان شڪار ڪري سگهبو آهي. ساڳي طرح محبوب پنهنجي مٺي گفتار، ريشمي زلفن، ناسي نيڻن ۽ حسين ادائن سان هرکائي، لالچائي دل ڦري وٺندا آهن.
محبت ڪچي ڌاڳي جيان ٿيندي آهي. وهم، وسوسا ۽ شڪ ڪبا تہ هي نازڪ ڌاڳو ڇڄي پوندو آهي. پر هڪٻئي تي ويساھ، سچائي ۽ خلوص هن محبت جي مقدس رشتي کي امر بڻائي ڇڏيندو آهي.
محبوبن پنهنجي پيار، پاٻوھ ۽ پنهنجائپ جَي ورن وڪڙن، نازن اندازن، دلاسن ۽ دلجاين سان دل کسي، سدائين لاءِ پنهنجي پيار جو قيدي بڻائي ڇڏيو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

ڪَڏِهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏِهِن کُلَنِ دَرَ دوسَ جا



ڪَڏِهِن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏِهِن کُلَنِ دَرَ دوسَ جا
ڪَڏِهِن اچان، اچڻُ نہ لَهان، ڪَڏِهِن ڪوٺِيو نِينِ
ڪَڏِهِن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏِهِن ڳُجهاندَرُ ڳَرَهِينِ
اِهِڙائِي آهِين، صاحِبَ ! مُنهِنجا سُپِرِين


سُرُ بَرِوو سنڌي

طاقِيُون = تاڙيون، پٽيون، دريون
دوسَ = محبوب
اچڻ نہ لهان = اچڻ جي اجازت نہ مليم
ڪوٺيو = سڏيو
ڳُجهاندَرُ = راز، دل جون ڳالهيون
ڳَرِهِين = اورين، سلين
صاحِبَ = حاڪم، دل تي حڪومت ڪرڻ وارا

بيت جو پس منظر

~ محبوب گهر جا در، دريون بند ڪيو ڇڏين ۽ ڪڏهن کوليو ڇڏين.
~ ڪڏهن اچڻ جي اجازت ناهي، ڪڏهن سڏي پاڻ سان ويهارين.
~ ڪڏهن ڳالهائڻ لاءِ سڪان، ڪڏهن دل جا راز پيا اورين.
~ منهنجا پرين، دل جا ڌڻي بس اهڙائي آهين.

سمجهاڻي

پيار جي پهرين ڏهاڙن ۾ محبوب کي پسڻ لاءِ سندس گهر ۽ در جا چڪر لڳائبا آهن تہ شايد در ۽ درين جي وٿين مان جهاتي پائيندي درشن ٿئي. محبوب ڪڏهن گهر جو در ۽ دريون بند ڪريو ڇڏين تہ وري ڪڏهن کوليو ڇڏين. ڪڏهن ملڻ جو چئي نہ ملن ۽ ڪڏهن سڏي ڀر ۾ ويهارين. محبوب سان ڳالهائڻ لاءِ اڪثر ماڻهون سڪندا آهن، ڪڏهن پاڻ گهرائي پيا اندر جا احوالاوري خوش ڪريو ڇڏين.
جيتوڻيڪ اڄ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ واسطا ۽ رابطا سولا ٿي پيا آهن ۽ پيغام رسائڻ جو طريقو بدليو آهي باقي محبوبن جون عادتون ۽ ادائون اڃان تائين ساڳيون آهين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

09/08/2015

اَچِين جَي هَيڪارَ، مُون سارَيندَي سُپِرِين



اَچِين جَي هَيڪارَ، مُون سارَيندَي سُپِرِين
پَيرَين ڌَرِيان پِنبِڻيُون، هَنڌَ وِڇايان وارَ
ساڄَنَ ! سَڀَ ڄَمارَ، هُندَ گولِي ٿِي گذارِيان


سُرُ بَرِوو سنڌي

هَيڪارَ = هڪڙو دفعو
سارَيندِي = ياد ڪندي
پَيرَين = پيرن هيٺان، جنهن رستي تي تون قدم رکين
ڌَرِيان = رکان، وڇائي ڇڏيان
پِنبِڻيُون = اکين جا ڇپر، ڪناريون يا اکيون
ساڄَنَ = سڄڻَ، محبوبَ، پِرين
هَنڌَ = هوند, جيڪر
گولِي = ٻانهي

بيت جو پس منظر

~ او محبوب ! منهنجا سڏ ٻڌي جي هڪ دفعو منهنجي اڱڻ اچين.
~ تہ اکيون دڳن ۾ ۽ وارَ هنڌ ڪري وڇايان.
~ او پرين ! سڄي حياتي تنهنجي ٻانهي ٿي گذاريان.

سمجهاڻي

محبوب جي جدائي بہ نهايت اذيتناڪ ۽ ڪربناڪ هوندي آهي. هڪ هڪ پل صدين جيان روئندي، تڙپندي ۽ محبوب کي ساريندي گذرندو آهي. توڙي جو روزاني ڪيترن ماڻهن سان ملاقاتيون ٿينديون رهنديون آهن، پر جيڪو سڪون ۽ سرور محبوب سان ملڻ ۾ آهي سو مزو ٻين سان ملڻ ۾ ڪٿي آهي.
او محبوب مان توکي پل بہ ناهي وساريو، هر وقت اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ توکي ياد ڪندي ٿو گذري. تون جَي هڪ دفعو منهنجي اڱڻ اچين تہ پنهنجيون اکيون تنهنجي راهن ۾ وڇائي ڇڏيان. وک وک ۽ قدم قدم تي تون پنهنجا پير منهنجي اکين مٿان ڏئي اچجان.
هي ريشمي, ڊگها ۽ ڪارا وار جن کي سنواريندي زلف سڏيندو هئين سي تولاءِ هنڌ ڪري وڇائينديس. سڄي زندگي توکي پنهنجي هنج ۽ ڀاڪر کان پري نہ ڪيان ۽ زندگيءَ جا باقي بچيل ڏينهن تنهنجي ٻانهي ٿي رهان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____


07/08/2015

ساھُ وَٺِي وَيَين سُپِرِين، ڪَرَي قُضاڪِي



ساھُ وَٺِي وَيَين سُپِرِين، ڪَرَي قُضاڪِي
دِلِبرَ دِلِ کَسَي وَيَين، يارَ ٿِيَين پو ياڪِي
جاڙَ مُون ضَعِيفِ سِين، تو جانِبَ ! ڏِسُ جاڪِي
هِتِ بُتُ رَهِيو باقِي، ساھُ وَٺِي وَيَين سُپِرِين


سُرُ بَرِوَو سِنڌِي

بَرِوَو = اصل ۾ هندستاني راڳڻي آهي جنهن کي شاھ لطيف ٿورڙي ڦير گهير سان سنڌي ويس ڍ ڪايو آهي.
ساھُ = روح، دل، مَنُ
وَيَين = تون وئين
قُضاڪِي = ڦرمار، ڌاڙو هڻي، چوري ڪري
ٿِيَين = تون ٿئين
پو = پوءِ
جاڙ = جُٺِ، جفا، زورآوري، تعدي، ڏاڍ مڙسي
ياڪِي = بي وفا
ضَعِيفِ = ڪمزور، نٻل، هيڻي، لاچار، بيوس
جانِبَ = او پرين، او محبوب
جاڪِي = جا ڪئي
بُتُ = بدن، جسم، هڏائون پنڃرو

بيت جو پس منظر

~ او پرين ! تون ڌاڙيلن جيان ڌاڙو هڻي، ساھ ڪڍي ويو آهين.
~ او دلبر ! دل ڦري پوءِ بي وفا ٿي ويو آهين.
~ او محبوب ! مون ڪمزورِ سان ڏس تو ڪيڏي جفا ڪئي آهي.
~ هاڻي مون وٽ صرف بت رهيو آهي، ساھ تون کڻي ويو آهين.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت ٻولي، لهجي، لفظن جي چونڊ، مفهوم ۽ فڪري حوالي سان عام ۽ روائتي شاعري آهي. جنهن کي جيڪڏهن عوامي شاعري چئجي تہ غلط نہ ٿيندو.
شاعري جيتري عام فهم، آسان ۽ سولي هوندي اوترو ئي ماڻهن جِي گهڻائي ان کي سمجهي سگهندي. ان مان هر ماڻهون نہ رڳو مزو، لطف ۽ حِظُ حاصل ڪندو پر نتيجا بہ اخذ ڪري سگهندو.
ڌاڙا، ڦرون ۽ چوريون رڳو مال ملڪيت ۽ سامان جون ناهن ٿينديون. پر جسم، روح، ساھ ۽ دليون بہ چوري ٿينديون
آهن. وري مزي جي ڳالھ اِها تہ چوري ڪرڻ وارو ايڏي حرفت سان لٽي ۽ ڦري ويندو آهي، جو بعد ۾ خبر پوندي آهي تہ مان پنهنجي دل ۽ سڀ ڪجھ ڦرائي ويٺو آهيان.
محبوب پنهنجي سونهن سندرتا ۽ حسين ادائن سان عاشق کي ڌاڙو هڻي دل کسي هميشھ جي لاءِ پنهنجي پيار جو قيدي بڻائي ٿو ڇڏي. جڏهن ساھ ۽ دل ڦرجي وڃي ٿي تہ باقي هڏائون پنڃرو نہ مري سگهندو آهي ۽ نہ وري جِي سگهندو آهي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

نَيڻَ نِهائين جئان، سُتَي لَوڪَ ڍَڪِيان



نَيڻَ نِهائين جئان، سُتَي لَوڪَ ڍَڪِيان
اُجهامِيو ٻَرَان، توکَي سارِيو سُپِرِين


سُرُ رِپَ

نَيڻَ = اکيون
نِهائِينءَ = ڪنڀر جَي آوِيءَ جيان
لَوڪَ = ماڻهن، عوام، خلق
ڍِڪِيان = ٻوٽيان، بند ڪيان
اُجهامِيو = وِسامِيو
ٻَران = ٻري پوان، جلي سڙي پوان، جاڳي پوان
سارِيو = ياد ڪيو
سُپِرِين = او محبوب

بيت جو پس منظر

~ جڏهن لوڪُ سمهي ٿو، ڪنڀر جَي آويءَ جيان اکيون بند ڪري ٿي ڇڏيان.
~ او پرين ! توکي ياد ڪندي آويءَ جيان ڪڏهن وِسامِي ڪڏهن ٻري جلي ٿي وڃان.

سمجهاڻي

ڪنڀر جا سڀ ڪچا ٿانوَ جڏهن اُسَ ۾ سُڪِي ويندا آهن تہ آويءَ لاءِ مخصوص جڳھ تي ترتيب سان وڏا ۽ پوءِ ننڍا ٿانوَ، هڪٻئي جَي مٿان سَٿَي رکندو ويندو آهي. ٿانون جي جَي وچ ۽ پاسن ۾ ٻارَڻَ طور سڪل ڪک پن، گند گاھ ۽ وٿاڻ جو ڀاڻُ بہ رکندو ويندو آهي. آخر ۾ چئني پاسن ۽ مٿان مِٽِي ۽ خاڪ جو تَھُ ڏئي آوي مڪمل طور بند ڪري باھ لڳائيندو آهي. هيءَ باھ ڪڏهن ٿڌي ڪڏهن تيز ٿي ٻرندي رهندي آهي.
رات جَي وقت جڏهن سارو لوڪ سمهي پئي ٿو، مان بہ پنهنجيون اکيون آويءَ جيان بند ڪري ٻوٽيندي آهيان.
او محبوب ! آويءَ جَي اندر ٻرندڙ باھ جيان تنهنجي عشق جي باھ، منهنجي اندر ۾ بہ ٻرندي رهندي آهي. جيڪا ڪڏهن ٿڌي ٿي وِسامي وڃي ٿي تہ وري ڪڏهن ڀڙڪو کائي آڙاھ ٻري ٿا پون، جن ۾ جلندي پچندي رهندي
آهيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي



پَرَ وَسِ ٿِيُمِ پِراڻُ، پِرِين وَسِ نہ پانهِنجَي
لَڳو ڪِنءَ لَطِيفُ چَي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ
پِرِين ڏَيکارَي پاڻُ، خوشِ ڪَرَي وِئا خُوابَ ۾



سُرُ بَرِ وو سِنڌِي

پَرَ وَسِ = پرائي وس، ٻئي جي هَٿِ
ٿِيُمِ = ٿيو
پِراڻُ = ساھ, دل
ڪِنءَ = ڪيئن
ڇَپَرُ = جبل، جبل جيڏو غم
ڇاتِيءَ ساڻُ = ڇاتيءَ تي برداشت ڪيو ويٺي آهيان
وِئا = ويا

بيت جو پس منظر

~ هي ساھ ۽ دل پرائي وس آهي، پرين بہ منهنجي وس ۾ ناهي.
~ هي جبل منهنجي ڇاتيءَ مٿان ڪيئن اچي ڪريو آهي.
~ محبوب پاڻ ڏيکاري خواب ۾، خوش ڪري هليا ويا.

سمجهاڻي

هي دل جون ڪيفيتون بہ عجيب آهن، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ڪڏهن ڀاڪر ۾. هونئن هجڻ ايئين گهرجي ها تہ دل ماڻهونءَ جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ هجي ها پر هتي ڳالھ ابتي آهي.
دل ۽ ساھ ماڻهونءَ جَي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ نہ پر ماڻهو پاڻ هنن ٻنهي جَي اڳيان بيوس، لاچار ۽ مجبور آهي. وري مٿان ظلم اهيو آهي تہ پرين بہ پنهنجي وسَ ۽ مرضيءَ جا مالڪ آهن.
سڄي دنيا جا ظلم، ستم، ڏاڍ ۽ جبر تہ ماڻهون سهي ويندو پر محبوب جَي جدائيءَ جو جبل جيڏو غم برداشت ٿي سگهي سو ممڪن ئي ناهي.
هر ڏينهن هر رات ۽ هر پل محبوب جون راهون تڪيندي، اوجاڳا ۽ انتظار ڪندي گذري ٿو. پر هن سڪ جي سڪايل دل کي محبوب ملي سو مشڪل آهي.
پرين تہ ڪڏهن ڪڏهن اوجاڳيل اکين ۾ خواب بڻجي گهڙي پل لاءِ پاڻ پسائن ٿا ۽ خوش سمجهي هليا وڃن ٿا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

05/08/2015

سَڄَڻَ سان نه ڀَيٽَ، ڳُجُهه ڳَرهِيان ڪَنِ سِين



سَڄَڻَ سان نه ڀَيٽَ، ڳُجُهه ڳَرهِيان ڪَنِ سِين
ڳالِيون اِنِهيءَ رَيٽَ ، سَلا ٻَڌِي مُورِيُون


سر رِپَ

ڀَيٽَ = ملاقات، گڏجاڻي
ڳُجُھ = لڪل راز، دل جون ڳالهيون
ڳَرهِيان = اوريان، سليان
ڪَنِ سِين = ڪنهن سان
ڳالِيُون = ڳالهيون
رَيٽَ = درياھ جو لَٽُ، واري
سَلا = گوشا، گونئچ
مُورِيُون = اُڀريون، ڦٽيون

بيت جو پس منظر

~ محبوب سان ملاقات ٿئي ئي نٿي، هي دل جون ڳالهيون ڪنهن سان ڪريان.
~ هي ڳالهيون درياھ جي لَٽَ تي ڄمندڙ گاهن، گلن ۽ ٻوٽن جيان ڦٽي پيون آهن.

سمجهاڻي

محبوبَ ۽ منزلون نالو ئي آهي جاکوڙ، جدوجهد، اذيتن، اوسيئڙن ۽ لڙڪن لارن جو. محبوب ۽ منزلون ماڻڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ ناهي. خوشنصيب چئبا اُهي ماڻهون جن کي محبوب ملاقات جو شرف بخشين ٿا. اڪثر ماڻهون محبوب لاءِ سڪندي ۽ تڙپندي رهجي وڃن ٿا.
جيڪڏهن محبوب ملندا ئي ڪونہ تہ هي دل ۾ سانڍيل سور ۽ لڪل راز آخر ڪنهن سان وڃي سلبا؟
هي درياھ جَي لَٽَ ۽ واريءَ جي مقدار جيتريون ڳالهيون هاڻي تہ ويتر وڌي، انهيءَ لَٽَ تي ڦٽندڙ گاهن، ولين، وڻن، گلن ۽ ٻوٽن کان بہ وڌي ويون آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

03/08/2015

چَيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نَہ وِسِرَي



چَيتارِيان چُڻِڪَنِ، وِسارِيان نَہ وِسِرَي
وَيرَوُتارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳَي هَڏَ جِنءَ


سُرُ رِپَ

چَيتارِيان = دل سان ياد ڪيان، روح سان ساريان، دل چيري ياد ڪيان
چُڻِڪَنِ = هُرَنِ، ياد پون
وَيرَوُتارَ = هميشهه، سدائين هر پل
ڏُکَنِ = ڏک ڏين، درد، عذاب ۽ سور ڏين

بيت جو پس منظر

~ محبوب کي دل سان ياد ڪيان ٿي، کيس وساريان بہ گهڻو ٿي پر وسري سگهي ئي نٿو.
~ محبوب جسم جي ڪنهن ڀڳل هڏي جيان، هميشهه عذاب ڏيندو رهي ٿو.

سمجهاڻي

هن بيت ۾ ڀٽائي محبوب جي ساروڻين کي، بدن جي ڪنهن ڀڳل هڏي جي ايذائن ۽ اذيتن سان تشبيهه ڏئي ٿو.
انسان جي جسم ۾ ڪل 206 هڏا آهن، جن جو جسم ۾ مکيو ڪردار آهي. جيڪڏهن هڏا نہ هجن تہ صرف گوشت ڪهڙي ڪم جو؟
هي هڏا جسم کي اڳتي پوئتي، هيٺ مٿي ڪرڻ، ڦيرائڻ ۽ وزن کڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿا. بدن ۾ دماغ ۽ ڪرنگهي جَي هڏي جِي خاص اهميت آهي.
اڪثر حادثن ۾ جڏهن جسم جو ڪو هڏو ڀڄي پئي ٿو تہ شديد قسم جو سور ۽ اذيت محسوس ٿيندي رهندي آهي. جيستائين ڀڳل هڏو پنهنجي اصلوڪي هنڌ تي لڳي نہ وڃي.
مان تہ محبوب کي وسارڻ گهڻي ڪوشش ڪيان ٿي پر سندس يادون ۽ سارون، دل کي چيري، اندر اڌ ڪري وسري سگهن ئي نٿيون.
هيءَ پرينءَ جي ياد بہ جسم جي ڪنهن ڀڳل هڏي جي اهنجن ۽ شديد ايذائن جيان، هميشهه پيڙائون ۽ اذيتون ڏيندي رهي ٿي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

02/08/2015

چورَي چورَي چِتُ، مان وَيئِيءَ وِهاڻِيءَ نِڪِران



چورَي چورَي چِتُ، مان وَيئِيءَ وِهاڻِيءَ نِڪِران
نِينهُن گُهرَائَي نِتُ, پِرِيان سَندَي پَيرَ ۾


سُرُ رِپَ

چوري چوري = ريجهائي، پرڀائي، دلاسا ڏيئي
چِتُ = دل
وَيئِيءَ = مس مس وڃي
وِهاڻِيءَ نِڪِرَان = رات گذاري ڏينهن ڪيان، پرڀات ڪيان، صبح ڪيان
نِينهُن = عشق، محبت
نِتُ = هرهر، روزروز، وري وري
پِرِيان = پرين، محبوبن
پَيرَ ۾ = گس تي، واٽ، دڳ، لنگهه، رستي تي

بيت جو پس منظر

~ دل کي دلاسا ڏيئي، مس مس وڃي رات گذاري صبح ٿي ڪيان.
~ عشق هر روز گِهلَي وڃي پرينءَ جي پيچري تي ٿو بيهاري.

****

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ واري رسالي ۾ هي بيت هن طرح آهي:

چوري چوري چِتُ، جان نئي وِهاڻِيءَ نِڪِران
نِينهُن خرائي نِتُ, پِرِيان سَندَي پَيرَ ۾


نئي : نميل
خرائي : ٻڪريءَ کي پير ۾ ٻڌڻ واري رسي.

****

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ دل جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي نهايت شاندار عڪاسي ڪئي آهي. شايد دنيا جو سولو ۽ آسان ڪم ڪنهن سان دل لڳائڻ آهي ۽ ڏکيو ڪم دل کي اُتان پلڻ آهي.
محبوب کان سواءِ جا رات لُڇندي، ڦٿڪندي، لڙڪ لاڙيندي ۽ محبوب کي ساريندي گذري. سا سڄي رات چريءَ دل کي سمجهائيندي، ڏڍ، آٿت، دلاسا ۽ دلجايون ڏيندي. ريجهائيندي مس مس وڃي پوري ٿي ۽ صبح ٿيو.
پر عشق مون کي هر روز گِهِلَي، ڇڪي اُتي بيهاري ٿو، جتي محبوبن جو لنگهه آهي، دڳ آهي، رستو آهي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____