مون بابت




رشيد سمون جنهن جو تعارف سنڌ سلامت آهي سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي مفت سڀني ۾ ورهائي هيٺ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪوشان لکڻ به هن جو ئي تعارف آهي. سنڌ سلامت تي ڪيل سندس ڪم ۽ ان جي نتيجي ۾ انهيءَ فورم جو سنڌي ٻولي جي دنيا جي سڀ کان وڏي فورم جي تعارف جي ته اهڙي ڪا ضرورت ناهي. پر هن نوجوان کي ڪراچي جهڙي شهر ۾ غمِ روزگار سان جهيڙيندي گهڙي جي ڪانٽن کي مات ڏيندڙ وقت مان قيمتي گهڙيون ڪڍي جيڪو ڪم ڪرڻو پوي ٿو انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪمال ٿين ٿا. پر هن وڏي ظرف جي وڏي ماڻهو وٽ روائتي لالچ ذري جي به ناهي جنهن جي چڪر ۾ آڱر ڪٽيل شهيدن جي لسٽ ۾ ٽاپ تي رهندڙ ماڻهو ڪيئي حرفتون پيا ڪندا آهن. هن وٽ ته بس هڪ ئي نظريو آهي ته سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اڳڀرائي هُجي پوءِ اها کڻي ڪير به ڪري.
سنڌسلامت تي موجود اڄ اهڙا انيڪ پروجيڪٽ موجود آهن جنهن جي هڪ هڪ پهلو جي الڳ اهميت آهي. جيڪر ڪو ٻيو انهيءَ ڪم ۾ رتي برابر پتي به وجهي ها ته راڄن کي ٻُڌائي ها ۽ پاڻ وڻائي ها پر هن درويش نيڪي ڪري دريا ۾ وجهه وارو ڪم ڪندي پروجيڪٽ پورا ڪري سنڌ سلامت جي نظر ڪيا ۽ پاڻ وري ڪنهن ٻي ڪم جي راهه ورتي. اهڙي ئي پروجيڪٽس مان هڪ سنڌي قران ڳولا هو. جهڙو ساڳيو اردو ٻولي ۾ ٺهيو ته انهيءَ جو خالق ٽي وي شوز تي وڃي پهتو. پر رشيد سمون انهن ڏينهن ۾ قران ڳولا پروجيڪٽ پورو ڪري بُڪ مارڪليٽ پروجيڪٽ ۾ جنبي ويو هو جيڪو پنهنجي طور هڪ منفرد پروجيڪٽ هو.بنا ايم بي سنڌي انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکڻ.
سنڌي بلاگ طرف سندس ان وقت مون جهڙي نادان کان به گهٽ توجه هئي جڏهن ڪنهن دوست بلاگ جي اهميت بيان ڪئي ۽ سنڌ سلامت تي سنڌي بلاگنگ جي سکيا به ڏني وئي. سڀني پنهنجي طور جانٺا هنيا ۽ بلاگ ٺاهيا. پر رشيد اُميدون نالي بلاگ کي هڪ اهڙو ٽيمپليٽ ڏنو جيڪو هڪ ٽريڊ مارڪ بڻجي پيو. سڀني جي منٿ ميڙ تي رشيد انهيءَ ٽيمپليٽ کي اُميدون بلاگ جو نالو ڏيئي رليز به ڪيو. اڄ اُميدون بلاگ استعمال ڪندڙ بلاگ مالڪان جي لسٽ ۾ سنڌ جا وڏا نالا آهن.
رشيد سمون جتي سنڌ سلامت کي ايمبيڊ فونٽ سان سجايو اُتي سندس بلاگ الءِ به ڪوشش آهي ته ايمبيڊ فونٽ هُجن ته جيئن ڪنهن وٽ سنڌي ناهي يا انسٽال ڪرڻ کان ممانعت آهي ته به سنڌي جا دلڪش فونٽ نظر اچن.

سنڌ ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک هجڻ لاءِ ڪوشان هن سهڻي شخص کي ڏيڻ لاءِ اسان فقيرن وٽ ٻيو ڪجهه نه پر دعائون ضرور آهن. دعا آهي ته جڙيو هجي ۽ سلامت هجي هن جهان ۾.




عبدالحفيظ لغاري
پوسٽ ڊاڪٽريٽ رسرچ فيلو۔ ڪرادينيز ٽيڪنيڪل يونيورس
ترابزون، ترڪي