محترم مظفر منگي جو تعارف سندس زباني

محترم مظفر منگي جو تعارف سندس زباني




تون پردو رکج پاڪ
آئون حرف نه ڄاڻان
شاه

منهنجو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. بابا سائين استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. ڳوٺ بگي جيڪو پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي، بدلي ٿيڻ ڪري بابا اتي لڏي آيو. جوان ٿيس ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو منهنجو وڏو ڀاءُ ٿئي منهنجي تعليم ۽ تربيت ڪئي.

هاڻي ڏوڪري شهر ۾ رهان ٿو ۽ اتي ننڍڙو بزنيس آهي. آئون سنڌي ادب ۾ ايم اي آهيان. شاعري ۽ ڪهاڻيون لکي پنهنجي اندر جي اڃ اجهائيندو آهيان.سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل هجڻ ڪري منهنجي تربيت به ٿيندي رهي ٿي ۽ پنهنجون لکڻيون پيش ڪري تنقيد وڌيڪ ۽ داد گهٽ ماڻيندو آهيان.آئون صوفين جي پيرن جي خاڪ آهيان، ڀٽائي منهنجو روحاني مرشد آهي. اڪثر سندس درگاه تي حاضريون ڀرينديون آهيان ۽ رهنمائي به حاصل ڪندو آهيان. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جنهن جو آئون مستقل ميمبر آهيان ان ۾ هر مهيني جي پهرئين آچر تي ڀٽائي پڙهيو ويندو آهي. مون سوچيو ته دنيا جي عظيم ڏاهي، مفڪر، دانشور ۽ شاعر شاهه لطيف کي سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ ذريعي عام ماڻهن تائين پهچايان. گذريل ٻن سالن کان ”اديون عبد اللطيف چئي“ سلسلو هلائي رهيو آهيان. هن ڪم ۾ سنڌ سلامت سٿ ۽ محمد سليمان وساڻ صاحب منهنجي تمام گهڻي همٿ افزائي ۽ عزت افزائي ڪئي آهي. آئون سنڌ سلامت سٿ ۽ محمد سليمان وساڻ صاحب جو نهايت ٿورائتو آهيان.

محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن
تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهايو.

شاهه لطيف