04/02/2015

ڏِٺَي ڏِينهَن ٿِيَامِ، ڪَوھُ ڄَاڻَان ڪَهِڙَا پِرِين



ڏِٺَي ڏِينهَن ٿِيَامِ، ڪَوھُ ڄَاڻَان ڪَهِڙَا پِرِين
سَهَسِين سِجَ اُلَهِي، وَاجَهائِيندَي وِيَامِ
تَنِين سَالَ ٿِيَامِ، جَنِين سَاعَتَ نہ سَهَان

سُرُ سُهِڻِي

ٿِيَامِ = ٿيم، ٿيا آهن، گذري ويا هن، لنگهي ويا هن
ڪَوھُ = ڇو، ڇاجي ڪري، ڪيئن
سَهَسِين = سوين
اُلَهِي = لهي، هيٺ ٿي
وَاجَهائِيندَي = تڪيندي، راهون نهاريندي
وِيَامِ = وِيَمِ، گذري ويا
سَاعَتَ= گهڙي بہ، پل بہ

بيت جو پس منظر

~ محبوبن کي ڏٺي الائي ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن. خبر ئي ڪونهي تہ ڪيئن هوندا.
~ دڳن ۾ ديدون وڇائيندي ڪيئي سج لهيويا هن.
~ جن کان پل پري ٿيڻ بہ عذاب جيان هو، تن کي سال ٿي ويا هن.

سمجهاڻي

منهنجا محبوب خبر ناهي الائي ڪهڙن حالن ۾ هوندا؟ ڪڏهن تہ گڏ کلندا گڏ روئندا هئاسين ۽ گڏ جيئڻ مرڻ جا وچن ڪياسين. هنَ سوا تہ پل بہ نہ گذرندو هيو. اچڻ ۾ دير ٿيندي هئي پيا ليئا ۽ جهاتيون پائيندا هئا. ايندو هيس تہ مُنهَن تي مُرِڪَ آڻي آجيان ٿيندي هئي.پنهنجي ٻانهُنِ جا هار ڪنڌ ۾ وجهي ڀاڪر ۾ بند ڪري ڇڏيندا هئا. منهنجي ٻانهَن تي ڪنڌ رکي هنج ۾ ئي ليٽي پوندا هئا.
هاڻي تہ کين ڏٺي ڏينهن ٿي ويا آهن. ڪيئي سج اڀري لهي ويا سندن راهون نهاريندي.جن کان پل پري ٿيڻ گناھ ۽ عذاب هو تن کي تڪيندي ڪيئي سال لنگهي ويا آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..