سَاهَڙَ ڌَارَان سُهِڻِي، نِسَورِي نَاپَاڪَ
نِجَاسَتَ نَاھِ ڪَرَي، اُنِيَنِ جَي اَوطَاقَ
هُوءِ جَي کِيرَ پِيَاڪَ، پَاسَي تَنهِين پَاڪُ ٿِئَي
سُرُ سُهِڻِي
ڌَارَان = کانسواءِ
نِسَورِي = ماڳهين، رُڳِي، نِجِي
نَاپَاڪَ = مِيرِي، مَيرَي مٿي سان، تڙ سان
نِجَاسَتَ = پليتائي، ناپاڪائي
نَاھِ = وڃائي، وڃائيندي
اُنِيَنِ = انهن
اَوطَاقَ = آستان، وٿاڻ، بيٺڪ، ڪچهري گاھ
کِيرَ پِيَاڪَ = کير پيئندڙ
پَاسَي = ڀر ۾، هنج ۾، ڀاڪر ۾
بيت جو پس منظر
~ ساهڙ کانسواءِ سهڻي ماڳهين ناپاڪ آهي.
~ هُوءَ جڏهن ميهار جي آستان تي ويندي تہ پنهنجي ناپاڪائي ڌوئي صاف ڪندي.
~ هو جيڪي مَينهُنِ جو کير پيئندڙ آهن جڏهن انهن جي ڀر ۾ ويندي تڏهن پاڪ ٿيندي.
سمجهاڻي
ڀٽائي عورت جي آزاديءَ جو حامي ۽ علمبردار آهي. ڀٽائي سهڻيءَ جي ڏم سان غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير شرعي، ڏاڍ، جبر ۽ زبردستيءَ سان ڪرايل شاديءَ جي خلاف حق جو آواز بلند ڪيو آهي.
دنيا جا سڀ قانون ۽ مذهب عورت کي اهو حق ڏين ٿا تہ عورت کي انسان سمجهي سندس جذبن ۽ احساسن جو احترام ڪندي شاديءَ جي معاملي ۾ پڇيو وڃي تہ هُوءَ زندگي ڪنهن سان گڏ گذاريندي؟
سڀني کي خبر هئي تہ سهڻيءَ جو ميهار سان پيار آهي پر سندس شادي ڏاڍ ۽ زبردستي ڏم سان ڪرائي وئي. تنهنڪري ڀٽائي سهڻيءَ جي ڏم سان شاديءَ کي ناجائز ۽ حرام سمجهي ٿو.
ڀٽائي چئي ٿو ساهڙ کانسواءِ سهڻي جڏهن ڏم سان سمهي ٿي تہ ماڳهين ناپاڪ ٿي پئي ٿي. سندس اها پليتي تڏهن دور ٿئي ٿي جڏهن ميهار جي وٿاڻ تي وڃي ٿي. هو جيڪو مَينهُنِ جو ميهار ساهڙ آهي سهڻي جڏهن ان جي پاسي، هنج يا ڀاڪر ۾ سمهي ٿي تڏهن پاڪ ٿئي ٿي.
ڇو تہ ميهار ئي سندس پيار آهي ۽ سندس جسم تي صرف ان جو ئي حق آهي ڏم جو نہ.
_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي