هِيَڙَي سَڄَڻَ سَارِئَا، ڪِٿَي هُندَمِ هَيرَ؟
اَچِي لَالَنَ ! نه ڏِيَين، مَٿَي پَلَنگَنِ پَيرَ؟
ٿِي وِرُوهَڻَ وَيرَ، ڳُجُهه ڳَرِهيَان ڪِنِ سِين؟
سُرُ کَنڀَات
هيَڙَي = هنئڙي، دل، مَنَ، ساهَه
سَڄَڻَ = پرين، محبوب
سَارئَا = ياد ڪيا، سنڀاريا
هُندَم = هوندا
هَيرَ = هينئر
لَالَنَ = او پرين، او محبوب
پَلَنگَن = کَٽُن - هي خاص قسم جون کٽون آهن جن جا پاوا جنڊيءَ تي لٿل ۽ رنگين ٿيندا آهن. هي کتون مختلف رنگن جي سنهڙي واڻَ سان واڻجن ٿيون.
ورُوهَڻَ = رهاڻ، روح رهاڻيون ڪرڻ
وَيرَ = مهل، گهڙي، وقت، وَيلَ
ڳُجُهه = راز، اندر جون ڳالهيون
ڳَرهيَان = اوريان، سليان، ٻڌايان
ڪن سين = ڪنهن سان
بيت جو پس منظر
~ منهنجيءَ دل محبوب کي ياد ڪيو آهي، پر هينئر هو الائي ڪٿي هوندا؟
~ او پرين ! پنهنجا پير منهنجي پلنگن تي ڇونه ٿو اچي ڏين؟
~ هي وقت ته محبوب سان رهاڻيون ڪرڻ جو آهي، پوءِ ڀلا مان ڪنهن سان اندر جا احوال ڪيان؟
سمجهاڻي
هونئن ته ڪڏهن اهڙو ڏينهن ناهي گذريو جو محبوب وسري ويو هجي، پر اڄ الائي ڇو کيس منهنجي دل ڏاڍو ياد
پئي ڪري. محبوب سان گهاريل اُهي پلَ، رهاڻيون ۽ ساروڻيون اڄ شدت سان ياد پيون اچن. پر خبر ناهي هو هينئر الائي ڪٿي آهي؟ هي جيڪي جنڊيءَ تي لٿل ۽ مختلف رنگن جي واڻَ سان سندس لاءِ پلنگ جوڙايا اٿم انهن تي پنهنجا نازڪ، نرم، پدمڙا، پاڪ پَير الائي ڪڏهن اچي ڏيندو؟
هي ويلَ ته محبوب سان ملاقات جي هوندي آهي، پر هو اڃان نه آيو آهي. مان پنهنجي سيني اندر جيڪي راز ۽ ڳجهيون ڳالهيون سانڍيو ويٺي آهيان، سي ڀلا هن سوا ڪنهن سان سليان؟
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي