08/05/2015

سِپَ سَمُنڊيُن سَپَڄي، اَبرُ آساروس



سِپَ سَمُنڊيُن سَپَڄي، اَبرُ آساروس
ٻاڙو پيَي نه ٻِپُڙي، مِٺَو مُنهن لَڳوس
ماڻڪُ تَي مڙيَوس، جِنءَ تَنگُ ڪڍيائين تار ۾


سُرُ مَارُئي

سپَ = سمنڊ جو ڪُميءَ جهڙو جانور
سَمُنڊيُن ۾ = سمنڊن ۾
سَپَڄي = ڄمي، پيدا ٿئي
اَبرُ = ڪڪر، بادل
آساروس = کيس آسرو آهي
ٻاڙو = کارو، سمنڊ جو لوڻاٺيو پاڻي
ٻپُڙي = ٻن پڙن واري، سپَ
مٺو = درياهه، نديءَ جو مٺو پاڻي
مُنهن لَڳوس = مُنهَان پيس، نفرت اٿس، نه وڻيس، ڪراهت ٿيس
ماڻڪُ = موتي، هيرو
تَي = تنهنڪري
مڙيوس = حاصل ٿيس
جنءَ = جيئن
تَنگُ = ڪشالو، سختي، محنت، فاقو، لنگهڻ
تار ۾ = اونهي پاڻيءَ ۾، گهري پاڻيءَ ۾

بيت جو پس منظر

~ سِپ جيتوڻيڪ سمنڊ ۾ پيدا ٿيندي آهي پر سندس آسرو بادل آهي.
~ هي ٻن پڙن واري سِپَ کارو يا مٺو پاڻي ناهي پيئندي.
~ تڏهن ئي ته کيس موتي ملي ٿو جڏهن ڪشالا ڪڍي ٿي.

سمجهاڻي

سِپَ سمنڊ ۾ ڄمي ٿي، سمنڊ ۾ پلجي وڏي ٿيندي آهي پر حيرت جي ڳالهه آهي جو هوءَ ڪڏهن ڀلجي به سمنڊ جو کارو ۽ لوڻياٺو پاڻي ناهي پيئندي. کيس درياهه جو مٺو پاڻي به ناهي وڻندو. سِپَ سدائين ان اميد تي زندگي گهاري ٿي ته آسمان تي ڪي ڪارا ڪڪر ڇانئجن، وِڄن ۽ کنوڻين جا چمڪاٽ ٿين ۽ بادل برسي پون، ڪي وسڪارا ٿين. مينهَن ته پنهنجي مند تي وسندا آهن تيسين سِپَ اُڃَاري رهندي آهي, پوءِ ڀلي ڪيترو به عرصو ڇونه لڳي وڃي. ايڏين تڪليفن ۽ ڪشالن بعد ئي کيس تڏهن ته موتي حاصل ٿيندو آهي.
ڀٽائي اسان کي سيکاري ٿو ته محبوبَ ۽ منزلون انهن کي ملنديون آهن جيڪي لاڳيتو جفاڪشي ۽ جدوجهدون ڪندا رهن ٿا. جيڪي مسلسل عذاب، اوجاڳا، انتظار، اوسيئڙا ۽ اذيتون برداشت ڪندا سي ئي محبوبَ ماڻيندا آهن.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..