05/10/2015

مَتان ڪا، ٻَڙِي ! ٻولَ ٻاروچَي وِسَهَي



مَتان ڪا، ٻَڙِي ! ٻولَ ٻاروچَي وِسَهَي
هُندَ نه سُتِيَسِ، سَرَتِيُون ! وَيهِي رَهيَسِ وَڙِي
جَتَ پَنهِنجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گَهڙِي
ڪَيچِيَنِ آن نه ڪَڙِي، ڪِنهِن ڏُکِيَ ڏاوَڻُ ڏائِيو


سُرُ دَيسِي سَسُئِي

ٻَڙِي = اي ادي، هڪ عورت جو ٻيءَ عورت سان مخاطب ٿيڻ وقت سڏڻ جيئن ” اڙي “
ٻولَ = واعدا، وچن، اقرار، ڳالهيون
وِسَهَي = اعتبار ڪري، ويساھ ڪري
ٻاروچَي = ٻروچ، جت
هُندَ = هوند، جيڪر
وَڙِي = واڳي، واڻجي، مڙهجي
مانَ = مَنَ
ڪَيچِيَنِ = ڪيچ مڪران مان آيل جت، پنهونءَ جا ڀائر
آن = آئون، مان
ڪَڙِي = ڪوڙِي
ڏاوَڻُ = شاديءَ جا ساٺَ - گهوٽ جي سالي يا ڪا سهاڳڻ گهوٽ جي هٿ ۽ پير جي آڱوٺي کي ڳاڙهي سٽ جي ڌاڳي سان ست ڦيرا ڏيندي آهي. گهوٽ ان ڌاڳن کي ڪيئنچيءَ سان ڪٽي خرچي ڏئي ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ٿيندو آهي. جي ڪنهن اڀاڳيءَ ڏاوڻ ڏائيا تہ گهوٽ ڪنوار ۾ اڻبڻت ٿيندي آهي.
ڏائيو = لائيو، ٻَڌو

بيت جو پس منظر

~ اڙِي ! متان ڪا ٻي ٻروچ جي واعدن تي اعتبار ڪري.
~ جيڪر پنهونءَ کي پاڻ سان واڳيان ها ۽ ننڊ نہ ڪريان ها.
~ شال جت پنهنجي ماڳ تي ڪا گهڙي اچي گڏ گذارين.
~ مان جتن کي ڪوڙِي ڪونہ هيس پر ڪنهن اڀاڳيءَ ڏاوڻ ڏائيا ها.

سمجهاڻي

پنهونءَ جي ڪيل بي وفائيءَ تي هنجون هاريندي سسئي چئي ٿي:
اڙي سرتيون ! جَت بي وفا آهن، سو متان ڪا ٻروچن سان نينهن لائي ۽ ڪُوڙن واعدن تي اعتبار ڪري.
او سرتيون ! مون کان غلطي ٿي وئي، پنهونءَ کي چيلهه ۾ رسو ٻڌي پاڻ سان واڳي پوءِ بي فڪري ٿي ننڊ ڪيان ها.
منهنجي آس آهي تہ جَت وري ڪڏهن موٽي اڱڻ اچن تہ ساڻن ڪي پل گڏ گذاريان. جَتن کي آئون ڪوڙِي ڪونہ هيس پر شاديءَ واري رات شايد ڪنهن اڀاڳيءَ پنهونءَ کي ڏاوڻ ڏائيا ها.
ڀٽائي عوامي شاعر آهي تڏهن تہ سنڌ جي شادين جي ريتن رسمن ۽ وهم وسوسن جي هن بيت ۾ عڪاسي ڪئي اٿائين.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..