18/09/2014

آڻين ڪي چاڙهين، ڏُٿُ ڏهاڙي سومرا

آڻين ڪي چاڙهين، ڏُٿُ ڏهاڙي سومرا
سَٿَا ڪيَو سيد چئي، سَائُون سُڪَائين
مَنجَهان لُنبَ لطيف چئي، چائُرَ ڪيو چاڙهين
پُلاءُ نَه پاڙين، عمر آراڙيءَ سين.

سُرُ مارئي

ڏُٿُ = ٿر جي علائقي جو اهو انُ جيڪو گاهن مان حاصل ٿئي. جهڙوڪ سَائُون، مانڌاڻو، مکڻي، ڀُرٽ وغيره.
سَٿا = ڍڳ ڪري رکڻ، لڻيل پوک کي ميڙي سٿريون ٺاهي گڏا ٻڌي هڪ هنڌ ڍڳُ ڪري رکڻ.
سَائُون = هي گاهه جو قسم آهي جنهن جي سنگن مان اَن جا داڻا نڪرندا آهن مارو پيهين اٽو ڪري ماني پچائيندا آهن.
لُنبَ = هي به گاهه آهي جيڪو وسڪاري کان پوءِ ڄمي ٿو. ڊيگهه ۾ هٿ جيترو پن سنها وارن جهڙا ۽ چوٽين وٽ تکا ٿيندا آهن. سائو گاهه مال نه کائيندو آهي، سڪڻ تي ڀوري رنگ جو ٿيو پئي. هن جي کائڻ سان مال کير به جهجهو ڏئي ۽ مکڻ به سوايو نڪرندو آهي. هن مان سنهڙو اَنُ به نڪرندو آهي جيڪو مارو ڀت رڌي کائيندا آهن.
چَائُرَ = چانور
آراڙي = گاهه جو قسم جيڪو وسڪاري بعد ٿئي ٿو. پن سنها ۽ چوٽيءَ ۾ اڇا گُلَ به ٿينس. مارو گلن سوڌو وڍي ان مان ڀاڄي ٺاهين. ان کي ٽهڪائي ڏڌ ۾ وجهي ان مان رائتو به ٺاهين. آراڙي ذائقي ۾ کٽي ٿيندي آهي، ٿري ان کي ڦوگسي چون. لاڙ ۾ وري ڏئونرن جي ٻج مان ڀت رڌين جنهن کي آراڙو چون ٿا.

بيت جو منظر

او عمر جڏهن منهنجي مارن جي ملڪ تي وسڪارو ٿيندو آهي ته مارو ماڻهون ڏٿُ گڏ ڪري مال کي کارائيندا آهن. انهن گاهن مان حاصل ٿيندڙ اَن کي پيهي ماني به پچائين ۽ ڀت به رڌي کائين.
او عمر ! اهو ماروئڙن جو آراڙي پُلاءُ تنهنجي هنن ڳاڙهن ٻوڙن، ست رڇي طعامن کان وڌيڪ ٿي ڀانئيان.

سمجهاڻي

ڀٽائي دنيا جو عظيم شاعر آهي سندس عظمت جو اهڃاڻ مسڪين، مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ستايل، پيڙهيل ماڻهن جي ڏکن ۽ دردن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻائڻ آهي. هن بيت ۾ ڀٽائيءَ جو مشاهدو ڪمال جو آهي. لڳي ٿو نه رڳو ڀٽائي ٿر ويو هوندو پر مارن جي لباس، ٻولي، ثقافت، ريتن رسمن ۽ مارن جي وطن سان محبت ۽ کاڌي پيتي جو چڱيءَ طرح اڀياس به ڪيو اٿائين.تڏهن ته ڀٽائي مارن جي ڏُٿَ کي امير ماڻهن جي ٻوڙن ۽ پلائن تي ترجيح ڏئي ٿو.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..