23/10/2014

اَديُون سَڀُ اَندَامَ، چَڙَنِ مُنهنجَا چَورِيَا



اَديُون سَڀُ اَندَامَ، چَڙَنِ مُنهنجَا چَورِيَا
لَارُون جَا لَنءُ لَائِي، سَا ڪِيئَن آڇيَان عَامَ؟
لَڳِيَسِ جَنهن جَي لَامَ، سَو دِلَاسَا دَوستُ مُنجَي

سُرُ سُهُڻي

اَندَامَ = عضوا، اَنگ، لڱ - هي فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي.
چَڙَن = چڙا، چڙيون، گهنڊ – ڀاڳيا، ڌنار پنهنجي مَينهُن جي ڳچيءَ ۾ چڙا يا چڙيون ٻڌندا آهن جنهن جي آواز تي خبر پوندي آهي ته مينهون ڪهڙي طرف آهن.
لَارُن = جمع آهي واحد لَارَ - هڏي يا ڪٺ جي ڪاٺي گهڙي تار سان چڙي اندر ٻڌبي آهي. جڏهن مينهن هلندي ته اها ٽلي ڪنارن سان ٽڪرائجي مڌر آواز پيدا ڪندي آهي. هي سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ لولا مان ورتل آهي.
لَنءُ = پريت، سڪ، اڪير
لَامَ = ٽاري- پر هتي معنى ٿيندي آسرو، ڏڍ، آٿت
مُنجَي = موڪلي

بيت جو پس منظر

او سرتيون ! منهنجي محبوب ميهار جي مَينهُن جي ڳچيءَ ۾ نه جيڪي چڙا ٻڌل آهن انهن جي مڌر آوازن ٻڌڻ سان جسم جو انگ انگ ۽ لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وئي آهي، سڄي جسم ۾ بيقراري ۽ بيچيني وڌي وئي آهي.
لَارُن جي مٺڙي ۽ مڌر آوازن منهنجي جسم ۾ باهه، سرور، تڙپ، لڇ پڇ ۽ آنڌ مانڌ پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان ڪيفيت کي مان ڀلا عام آڏو ڪيئن ۽ ڇو ظاهر ڪيان؟
مان جنهن پنهل جي آهيان، لاري لڳي آهيان، آسري ۾ آهيان سو مون ڏانهن دلاسا ۽ دلجايون پيو موڪلي.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي رومانس سان ڀرپور بيت عورت جي اندر جي نازڪ، نفيس ۽ ڪومل جذبن ۽ احساسن جي عڪاسي ٿو ڪري ۽ دل جو راز ٻين کي نه ٻڌائڻ جي تلقين ٿو ڪري.ميهار سان ملي سهڻيءَ کي ڪيڏو سرور ۽ سڪون ملندو هوندو سو ته هتي لکيل ناهي باقي مينهُن جي چڙن جو مڌر آواز ٻڌي سهڻي ڪيڏو تڙپي پئي ٿي صرف ان جو اظهار آهي.جڏهن محبوب سان پيار ٿئي ٿو ته ان سان منسوب ۽ لاڳاپيل هر شئي سان به محبت ٿي ويندي آهي. ميهار سان ته سهڻيءَ جو پيار آهي ئي پر سندس مَينهُن، چڙن ۽ چڙن جي مڌر آوازن سان به ڪيڏو بي انتها پيار آهي سهڻيءَ کي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..