20/02/2015

مَوٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کَي ڏِهَو مَ جَيڏِيُون



مَوٽَڻَ جِي مَصلِحَتَ، مُون کَي ڏِهَو مَ جَيڏِيُون
نِهَارِيندِيَسِ نِڪِرِي، آرِيَاڻِي اَلِبَتِ
ڪَندِيَسِ اَوٽَ عَيبَ جَي، لَڪَنِ ڏَيئِي لَتَ
سَرِتِيُون شَرِيڪَتَ، آئُون ڪِنءَ اَگَنِ سِين ڪَرِيَان؟


سُرُ سَسُئِي آبِرِي

مَصلِحَتَ = ٺَاھُ، سمجهوتو
ڏِهَو = ڏيو
مَ = نہ
آرِيَاڻِي = ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جو اولاد _ پنهون
اَوٽَ = پردو، ڍَڪُ، تلافي
اَوٽَ عَيبَ جِي = پنهنجي خامين ۽ خطائن جي
شَرِيڪَتَ = برابري، مائٽي، همعسري
اَگَنِ = سردارن، رئيسن، آقائن _ پنهون سردار جو پٽ هو

بيت جو پس منظر

~ او جيڏيون! واپس موٽي هلڻ جي صلاح مون کي نہ ڏيو.
~ مان تہ ڀنڀور کان ٻاهر نڪري پنهنجي پنهل کي ڳولينديس.
~ لَڪَ لتاڙي پنهنجي خامين ۽ خطائن جي تلافي ڪنديس.
~ او سرتيون! منهنجي ڀلا ڪهڙي مجال جو پنهنجي آقائن سان برابري ڪيان.

سمجهاڻي

سسئيءَ جون سهيليون آسمان جيڏا اوچا پهاڙ ڏِسِي ڪنبي ويون کيس واپس هلڻ جي صلاح ڏنائون. سسئي پنهنجي حوصلي ۽ عزم تي قائم رهندي چيائين اوهين ڀلي وڃو. مان پنهنجي پنهل کي پهاڙن ۾ ڳولينديس.
پنهونءَ جي کنڀجڻ واري رات سسئي غفلت منجهان دير تائين جاڳي تہ هئي پر پوءِ کيس ننڊ نهوڙي وئي هئي. ان عيب جي تلافي ڪرڻ لاءِ هن جبل جهاڳڻ ۽ لڪن لتاڙڻ جو عزم ڪيو آهي. پنهون سردار جو اولاد ۽ سسئي ٻانڀڻ جو، تنهنڪري چئي ٿي پنهنجي آقا سان ڪهڙي برابري ڪنديس؟
پنهون سسئيءَ جو محبوب آهي سو چئي ٿي محبوب سان ڪهڙا ليکا؟ ڪهڙي همعسري؟ ۽ ڪهڙو سينو ساهينديس؟آئون تہ سندس پيرن جي خاڪ آهيان.
سو اچو تہ ڀٽائيءَ جي پيغام تي عمل ڪندي ڪنهن بہ مصلحت ۽ مفاهمت کي ترڪ ڪري ڌرتيءَ جا دودا ۽ جوڌا پٽ ٿي هر ظالم ۽ جابر خلاف مهاڏو اٽڪايون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..