17/03/2015

اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيَين، پَرِچِي پِيَارَا




اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيَين، پَرِچِي پِيَارَا
پَلَڪَ پَرَاهُون نَہ سَهَنءِ، جِيَ جَا جِيَارَا
نِيهَا نَيزَارَا، سَڃِ تَہ مَانَ سُورُ لَهَي


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

اُڪَنڍِيَين = سِڪَايِلُينِ، سِڪَندِيُنِ، واجهائيندڙين، منتظرينِ
پَلَڪَ = گهڙي، ساعت، پَلُ
پَرَاهُون = پَرَي
سَهَنءِ = سهانءِ، سگهان ٿي
نِيهَا = نينهن جا، عشق جا
نَيزَارَا = ڀالا، تير، بڙڇيون
سَڃِ = ڇُھُ، چُٽِ، نشان ڪر، هڻ، لڳاءِ
مَانَ = شل، شال

بيت جو پس منظر

~ او پيارا! جي تولاءِ سِڪَنِ ٿيون تن جي اڱڻ اچ، هي ڪاوڙ ختم ڪر ۽ پرچي پئُہ.
~ او جسم کي جياريندڙ، منهنجا ساھَ، تنهنجو گهڙي بہ پري رهڻ سهي نٿي سگهان.
~ اچي پنهنجي نينهن جا نيزا هڻ تہ هي درد دور ٿئي.

سمجهاڻي

رَاڻَي جي رُسِي وڃڻ کان پوءِ ڪاڪ محل ويران ۽ سنسان بڻجي وئي آهي. مومل اداس آهي، حال کان بي حال آهي. سندس آرام ۽ سڪون ڦٽل آهي. تڏهن تہ لڙڪ لاڙيندي پئي چئي :او راڻا ! هاڻي تہ ڪاوڙ ختم ڪر ۽ معافي ڏي. پرچي هن اڱڻ تي موٽي اچ ۽ هن سڪ جي سڪايل کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي.
او راڻا ! تو ۾ منهنجو ساھ اٽڪيل آهي. ايڏا ڏينهن وڃي لڳايا اٿئي، مان تہ تنهنجي پل جي جدائي بہ سهي نٿي سگهان.
پنهنجي محبت جا تير اچي هن جسم کي هڻ تہ دردَ دور ٿين ۽ چڱي ڀلي ٿيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..