19/03/2015

ڀَيرَو ڀَڃُ مَ، ڪَاپَڙِي ! لَاهَي وِهُه مَ لَاڳَ




ڀَيرَو ڀَڃُ مَ، ڪَاپَڙِي ! لَاهَي وِهُه مَ لَاڳَ
تَان مُون هِيَڙَو مَاڳَ، جَان تُون، جَوڳِي! جُوءِ ۾


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڀَيرَو = اچڻ
ڀَڃُ = بند، ختم
مَ = نہ
ڪَاپَڙِي = جوڳي، مسافر _ ڪاپڙي جوڳين جو هڪ قسم جيڪي گيڙو رتا ڪپڙا اوڍي هنڌ هنڌ مالهائون، جڻيا، ۽ گنگا جل ورهائيندا وتندا آهن. سندن هٿن لٺ ۽ ڪلهي ۾ گودڙيون هونديون آهن.
وِهُ = ويھُ
لَاڳَ = لاڳاپو، واسطو، رشتو، سٻنڌ
هِيَڙَو = هنئڙو، دل، مَنُ
مَاڳَ = جڳھ، هنڌ
جَان تُون = جيستائين تون
جُوءِ = جاءِ، تَرُ، پسگردائي

بيت جو پس منظر

~ او منهنجا جوڳيئڙا ! مون ڏانهن اچڻ بند نہ ڪجان ۽ هي لاڳاپو ڇني نہڇڏجان.
~ او جوڳي ! جيسين تون هن جُوءِ ۾ هوندين تيسين منهنجي دل پنهنجي جاءِ تي هوندي.

سمجهاڻي

مومل پنهنجي محبوب مينڌري کي جوڳي انهيءَ ڪري چيو آهي جو جوڳين جي بہ هڪ جاءِ ناهي هوندي. هو وتندا آهن رلندا ۽ ڀٽڪندا ۽ ساڳي جڳھ تي ٻيهر موٽي اچڻ ۾ دير لڳائيندا آهن. سو تنهنڪري مومل بہ رَاڻَي کي پنهنجي پيار جو واسطو ڏيئي چئي ٿي ؛ او منهنجا جوڳي راڻا ! هي جيڪو تو ۽ منهنجو سڪ جو سٻنڌ آهي تنهن کي ڪڏهن ٽوڙي نہ ڇڏجان.
او منهنجا جوڳي محبوب ! جيستائين تون هن ملڪ، هن جُوءِ، هن شهر ۾ پنهنجي هن مومل سان گڏ هوندين. تيستائين هيءَ دل پنهنجي جاءِ تي هوندي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..