19/03/2015

ڍَٽِ مَ وَڃِجُ ڍَولَ ! ، ڪَاڻِيَارِي ڪَرَي !



ڍَٽِ مَ وَڃِجُ ڍَولَ ! ، ڪَاڻِيَارِي ڪَرَي !
آئُون اَڳَهِين آهِيَان، ٻَڌِي تُنهِنجِي ٻَولَ
تَوکَي سَارَي سُپَرِين ! ، رُنَمِ مَنجِھ رَتَولَ
ٽِڪَاڻَا ۽ ٽُولَ، وِسِهُ مُون وِھُ ٿِئَا


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڍَٽِ = ڍٽ ڏي، ٿر جي وچ واري حصي کي ڍٽ چوندا آهن.جنهن ۾ امرڪوٽ بہ شامل آهي جنهنجو همير سومرو حاڪم هو. امرڪوٽ لڊاڻي کان 150 ميل پري آهي.
مَ = نہ
وَڃِجُ = وڃجان
ڍَولَ = محبوب، پرين، جانب
ڪَاڻِيَارِي = عيبدار، بدنام، مهڻي هاب
اَڳَهِين = اصل کان
رَتَولَ = محل، محلاتون
ٽِڪَاڻَا = ٽڪڻ جون جايون، ماڳ، مڪان، عمارتون، آستان
ٽُولَ = شيون، مال متاع، اسباب، سامان سڙو
وِسِهُ = اعتبار، ويساھ، يقين ڪر
وِهُ = زهر

بيت جو پس منظر

~ اي جانب ! تون هن مهڻي هاب مومل کي ڪاڪ ۾ اڪيلي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڍٽ نہ هليو وڃ.
~ آئون تہ اصل کان ئي ڪيل واعدي ۽ وچن مطابق توسان ٻڌل آهيان.
~ هنن محلاتن کان پڇي ڏس توکي ياد ڪري هنجون هاريندي آهيان.
~ او راڻا ! اعتبار ڪر هي مال متاع ۽ محل ماڙيون مون کي زهر ٿا لڳن.

سمجهاڻي

او محبوب ! هي ماڻهون مون کي ڏاڍا طعنا هڻندا، مهڻا ڏيندا جي تون اڪيلي ڇڏي پاڻ پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويندين.
او راڻا ! مان تنهنجي نڪاح ٻڌي زال آهيان ۽ ڪيل وچن مطابق مرندي تائين تنهنجيئي رهنديس.
او پرين ! هي محل ماڙيون ۽ بنگلا شاهد آهن تہ مان رات ڏينهن تولاءِ روئندي آهيان.
هي محلاتون، هي بيڊ روم، نرم بسترا، طول وهاڻا، عطر عنبير جون خوشبووئون، هي رابيل، چنبيلي ۽ موتيي جون مهڪارون، طعام، عيش عشرتون ۽ هي مسرتون او راڻا! تو سوا سڀ زهر ٿا لڳن مونکي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..