14/03/2015

گُجَرِ گَهڻَا گَهائِيَا، پَاڻَا لَڳُسِ گَهاءُ




گُجَرِ گَهڻَا گَهائِيَا، پَاڻَا لَڳُسِ گَهاءُ
مَينڌِرَي مُلَاءُ، لَڳُسِ ڪَانُ ڪَپَارَ ۾


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

گُجَرِ = مومل، مومل ذات جي گجر هئي

ان ۾ شڪ ڪونھي تہ گجر ھڪَ ذات جو نالو پڻ آھي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جامع سنڌي لغات م ڄاڻايو آھي تہ:
گُجَر = (اسم خاص) بلوچن ، چھواڻن ، راجپوتن ۽ سوڍن جي ھڪَ قوم جو نالو.

پر جيئن تہ ھن بيت ۾ مومل جي سونھن ۽ سندس قاتل اکين جو ذڪر آھي سو ان جي معنى ۾ بلوچ صاحب وڌيڪَ لکيو آھي تہ :
گُجَرِ = (جمع) گجريون (صفت) - سھڻي زال، حسين عورت، پَري، اپسراء، حَسين، ماھرو، خوبصورت زائفان، عورت.

گَهائِيَا = گَهائيو، ڦٽيو، زخمي ڪيو
پَاڻَا = پاڻان، پاڻ کي، اُٽِلَو، ويتر
لَڳُسِ = کيس لڳو
گَهاءُ = ڌَڪُ، زخم
مَينڌِرَي = رَاڻَي، راڻو ذات جو مينڌرو هو
مُلَاءُ = کان، وٽان
ڪَانُ = تِيرُ
ڪَپَارَ = ڪنڌ ۾، مٿي ۾ ، ڪاپار ۾

بيت جو پس منظر

~ مومل گهڻن کي گَهايو هيو پر اڄ پاڻ ئي ڦٽجي پئي آهي.
~ مينڌري وٽان جو تِيرُ لڳو ٿس ڪنڌ ۾، جدائيءَ جو.

سمجهاڻي

مومل پنهنجي حُسنَ، ناسي نيڻن، ريشمي زلفن، بخملي ويس وڳن ۽ ڪمال ادائن سان ڪيئي گهوٽ گَهايا هئا. ڪيترائي مير، پير، پنڊت، راجا ۽ شهزادا سندس سُونهَن جا قيدي بڻيا ها. ڪي ئي لٽجي ويا، ڦٽجي ويا، سٽجي ويا، هوش وڃائي ويٺا، ڪي دل ڦُرَائي ويٺا، ڪي سڀ ڪجھ ڦُرَائَي ويٺا ۽ ڪي هميشھ لاءِ دفن ٿي هن دنيا مان هليا ويا.
اڄ مومل جو وارو آهي. هُوءَ اُداس آهي، سندس سڪون، سُرُورُ، راحتون، فرحتون ۽ مسرتون ڪير کڻي ويو آهي پاڻ سان. ڏئي ويو ٿس اوسيئڙا، اوجاڳا، انتظار، عذاب، اذيتون، ڪربناڪيون ۽ لڙڪن لارون، راڻو جو رُسِي ويو ٿَسِ.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..