09/03/2015

مُومَلَ کَي مَجَازَ جَا، اَکِنِ ۾ اَنبُورَ




مُومَلَ کَي مَجَازَ جَا، اَکِنِ ۾ اَنبُورَ
هَڻَي حَاڪِمَنِ کَي، پَٽِ نِهَارَي پُورَ
گَهوٽَ پَهِرِيَ گُهورَ، جَي وِئَا سَي وِڍِيَا


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

مَجَازَ = عشق، محبت، شوخي، نازانداز، ادائون
اَکِنِ = اکين
اَنبُورَ = انبوريون، ڪوڪن ۽ ڪِلِيُنِ کي ڇڪي ڪڍڻ جو اوزار
پَٽِ = پَٽَي، کولَي، ڇنڀي
پُورَ = بند ڪري، ٻُوٽَي ٿي
گَهوٽُ = مومل سان لانئون لهڻ جا خواهشمند شهزادا.
پَهَرِيَ = پهرينءَ
گُهورَ = چتائي ڏسڻ
وِئَا = ويا
وَڍِيَا = ڪپجي پيا، ڪٽجي پيا، ڪُسِي ويا.

بيت جو پس منظر

~ مومل کي عشق جون اکين ۾ انبوريون آهن.
~ انهن انبوري اکين کي عاشقن تي اولاري وري ٻوٽي ٿي ڇڏي.
~ جي گهوٽ مومل پسڻ ويا سي پهرئين گهور ۾ گهائجي ٿا وڃن.

سمجهاڻي

فطرت جو حسن، ڌرتي، دريائن، جبلن، آسمان، چنڊ، سج، ستارن، بهار، گلن جي مکڙين ۽ حسين انسانن جي اکين ۾بکندو آهي. ڀٽائيءَ جو ڪردار مومل بہ جماليات جو هڪ حسين شاهڪار آهي. جنهن جي ظاهري سونهن سندرتا هڪ پاسي آهي، پر هن بيت ۾ صرف سندس اکين جي ڪمال ادائن ۽ لازوال حسن جو انداز بيان ڪيل آهي.
جيئن ڪو ڪاريگر انبوريءَ سان ڪوڪا ڇڪي ڪڍندو آهي ايئين ئي مومل پنهنجي خماريل، عاشقياڻين اکين جي پهرين گهور سان عاشقن جي دل، جسم ڇڪي ۽ کسي ٿي وٺي. سندس گهور سان اُهي سڀ گهوٽ گهائجن ٿا جيڪي مومل سان ملڻ ۽ لانئون لهڻ جا خواهشمند آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..