14/06/2015

اَڱڻَ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُهَنِ



اَڱڻَ تازِي، ٻَهَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُهَنِ
سُرَهِي سَيجَ، پاسَي پِرِين، مَرُ پِيا مِيهَ وَسَنِ
اَسان ۽ پِرِيُنِ، شالَ هُونِ بَرَابَرِ ڏِيهَڙا


سُرُ سارَنگُ

تازِي = گهوڙي جو اعلي' قِسِمُ، عربي گهوڙو
ٻَهَرِ = ٻاهر
ڪُنڍِيُون = سڱ وريل ڪُنڍيدار مَينهُون، آسودگيءَ جي علامت
سُهَنِ = سُونهَنِ
سَيجَ = پلنگ، ٽُڪَ جي رلهين، برٿ ڀريل وهاڻن ۽ ڇُريلَ چادرن وارو خاص هنڌُ
مَرُ = ڀلي، سدا
مِيهَ = مِينهَن
ڏِيهَڙا = ڏينهڙا

بيت جو پس منظر

~ اڱڻ تي تازي گهوڙا، ٻاهر ڪُنڍيُون مَينهُون ۽ ميدان تي پکا پيا سُونهَنِ.
~ سرهي سيج تي پرين ستل آهي ۽ مينهن پيا وسن.
~ محبوب ۽ اسان شال زندگيءَ جا هي ڏينهن هڪجيترا ماڻيون.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت هڪ حَسِينُ خواب آهي. ٿر جَي ماروئڙن جِي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جِي نهايت دلڪش عڪاسي آهي.
اڱڻ ۾ تازي گهوڙن جي سونهن پئي جهلڪي، ٻاهر ڪُنڍِيُنِ مَينهِنِ جو حُسنُ ڏسڻ وٽان آهي. وشال ۽ وسيع ميدانن تي ماروئڙن جا پکا ڪيڏا نہ سھڻا پيا لڳن. وايو منڊل ۾ مِينهَن وسڻ کان پوءِ ڀنل مٽيءَ جي مهڪ ڦهلجي وئي آهي. سرهي سيج تي، پاسي ۾ پرين ستل آهي ۽ مِينهَن اڃان بس ناهي ڪئي. هڪ دعا دل مان نڪتي آهي، مولا پاڪ اسان ۽ محبوب شال هڪجيتري زندگي ماڻيون.
ڀٽائيءَ جَي هن خواب جِي ساڀيان هڪ ڏينهن ضرور ٿيندي ۽ ڪاري سون جَي ڌرتيءَ جا اڃايل ۽ بکايل ماروئڙا آسودگي ۽ خوشحاليءَ واري زندگي نيٺ ماڻيندا.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

"" بابت

رشيد سمون مشهور سنڌي فورم سنڌ سلامت جو باني ۽ منتظمِ اعليٰ آهي. پان هر وقت سنڌي ٻولي سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ تي عام ڪرڻ جي جستجو ۾ رهي ٿو..