سَرَ نِسرِئا پاندَ، اُتَرَ لَڳا آءُ پِرِين
مُون تو ڪارڻَ ڪاندَ، سَهِسِين سُکائُون ڪَيُون
سُرُ سامُونڊِي
سَرَ = ٻُوڙا - واهن يا ڪَسِيُنِ جَي ڀر ۾ ڄمندا آهن، جنهن جي ڪانيءَ ۾ پنج يا ڇھ ڳُريُون ٿينديون آهن. سندس ڪانن مان ڇپريون ٺهنديون آهن جيڪي جاين جي ڇتين ۾ ڪم اينديون آهن.
نِسرِئا = ڦُٽِي پيا، سنگَ ڪڍيائون
پاندَ = چوٽيون، نوڪون
اُتَرَ لَڳا = اتر جون هوائون گُهليون
پِرِين = محبوب، دلبر
ڪارَڻِ = سبب، واسطي، خاطر، لاءِ
ڪاندَ = ڪانڌَ، مڙس، ڀتار، وَرُ
سَهِسِين = سوين
سُکائُون = باسون، مُرادون، مِنَتُون
ڪَيُون = باسيون
بيت جو پس منظر
~ سَرَنِ بہ سنگَ ڪڍيا آهن ۽ اتر جون هوائون گُهلِي رهيون آهن.
~ او منهنجا وَرَ ! هاڻي موٽي آءُ، مون تولاءِ سوين سکائون باسيون آهن.
سمجهاڻي
سانوڻيءَ جي مند پوين پساهن ۾ هوندي آهي تہ مٿان اُتر جون هوائون گُهلڻ شروع ٿي وينديون آهن. وڻن، گلن ۽ ٻوٽن ۾ نيون شاخون، ٽاريون، گونئچ، گل ۽ ڦوٽهڙا شروع ٿين ٿا. هي اهڃاڻ آهن سانوڻ جي ساڙيندڙ لُڪُنِ ۽ جهولن ختم ٿيڻ جا ۽ سياري جي سرد هيرُنِ گُهلَڻَ جا.
هن وڻجاريءَ جو وَرُ اڳئين سال ڏياري ملهائي، اُتَرَ جي هوائن گُهلَڻَ کان پوءِ سفر تي روانو ٿيو هو. جنهن کي اچي سال گذريو آهي پر اڃان واپس ناهي آيو. سندس وني محبوب مڙس جي سڪ ۽ اڪير ۾ بيحال آهي. هوءَ شڪايتون، ميارون ۽ ڏوراپا ڏيندي چئي ٿي :
او پرين هاڻي تہ مند ڦري وئي آهي. سَرن سَنگ ڪڍيا آهن ۽ اتر جون لُونءَ ڪانڊاريندڙ هِيرُون بہ گُهلَڻ شروع ٿيون آهن. تون اڃان ڇو ڪونہ آيو آهين؟ مون کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي. مون تنهنجي اچڻ لاءِ الائي ڪيتريون سکائون باسيون آهن.
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

مظفر منگي جو جنم عظيم تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ مهين جي دڙي جي ڪک ۾ اڏيل ٻلهڙيجيءَ جي مهڪ واري چيڪي مٽيءَ ۾ ٿيو. سندن والد محترم استاد سان گڏ لطيف شناس، ليکڪ ۽ ڊرامه نويس هيو. پاڻ جڏهن جوان ٿيو ته بيباڪ صحافي، شاعر، اديب، محقق ۽ ڀٽائيءَ جي پارکو مرحوم هدايت منگيءَ جيڪو سندن وڏو ڀاءُ ٿئي سندن تعليم ۽ تربيت ڪئي.
رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي