31/03/2015

هِي هَنڌَ، ڀَيڻِيُون هَاڻِ، سَاڙِيَان سَڀِ ڏَيهِيُنِ رِيَ

هِي هَنڌَ، ڀَيڻِيُون هَاڻِ، سَاڙِيَان سَڀِ ڏَيهِيُنِ رِيَ



هِي هَنڌَ، ڀَيڻِيُون هَاڻِ، سَاڙِيَان سَڀِ ڏَيهِيُنِ رِيَ
ڪُلُ شَيءِِ يَرجِعُ اِلَي' اَصلِه، ٿِي جِهڄَان جَهانگِيُنِ ڪَاڻِ
ڀِرِي پَهِجَي ڀَاڻِ، پَسَان مُلڪُ مَلِيرَ جَو


سُرُ مَارُئِي

هَنڌَ = جڳهون
ڀَيڻِيُون = ماڳ، رهڻ جون جايون، عمر جا محل ماڙيون
ڏَيهِيُنِ = پنهنجي وطن جي ماڻهن، ملير جي ملڪ جي ماڻهن
رِيَ = کان سواءِ
ڪُلُ شَيءِِ يَرجِعُ اِلَي' اَصلِه = سڀ شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽي ٿي _ عربي چوڻي
جِهڄَان = ڳران
جَهانگِيُنِ = اباڻن، مارن
ڀِرِي = موٽي، واپس ٿي
پَهِجَي = پنهنجي
ڀَاڻِ = وٿاڻ، ماڳ، وطن
پَسَان = ڏسان

بيت جو پس منظر

~ پنهنجي وطن جي ماڻهن کان سواءِ، هي سڀ ماڳ، مڪان باھ ڏئي ساڙي ڇڏيان.
~ جيئن هر شئي پنهنجي اصل ڏانهن موٽندي آهي، ايئين ئي آئون بہ پنهنجي اباڻن ڏانهن موٽي وڃڻ لاءِ ڳڻتين ۾
پئي ڳران.
~ شال موٽي پنهنجي گهر، پنهنجي اکين سان وڃي ملير جو ملڪ ڏسان.

سمجهاڻي

مارئي پنهنجي اباڻن ڪکن کي عمر جي محلن، ماڙين تي ترجيح ڏيندي ٿي چئي :
عمر جا هي محل، ماڙيون ۽ بنگلا جيڪر باھ ۾ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيان. مارئي پنهنجي مارن جَي ڳڻتين ۾ پئي رات ڏينهن ڳري، کيس پڪ آهي تہ جيئن هر شئي پنهنجي اصلوڪي ماڳ ڏانهن ٿي موٽي وڃي ايئين ئي هوءَ بہ ضرور هڪ ڏينهن پنهنجي مارن ڏانهن ويندي. هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽنديس ۽ اکين سان ملير ڏسنديس.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

30/03/2015

رِيَ اِعرَابِيُنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گَهارَڻُ مُون ٿِئَو

رِيَ اِعرَابِيُنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گَهارَڻُ مُون ٿِئَو


رِيَ اِعرَابِيُنِ هِتِ، گَهنگَهرُ گَهارَڻُ مُون ٿِئَو
بَڪَتِ الِعَينَانِ فِي هَوَاڪَ دَمَا، پُڄَان سَاڻُ پِرِتِ
مَنُ، اَکِيُون، تَنُ تِتِ، جِتَي جَنَبُ جَيڏِيَين


سُرُ مَارُئِي

رِيَ = کان سواءِ
اِعرَابِيُنِ = جهانگين، ماروئڙن _ اعرابين لفظ عربي ٻوليءَ جو آهي. عربستان جا اُهي بدوي جيڪي جبلن، جهنگلن، ريگستانن ۽ صحرائن ۾ رهن ٿا. ٿر بہ هڪ صحرا آهي تنهنڪري ڀٽائيءَ هي لفظ استعمال ڪيو آهي.
گَهنگَهرُ = جنجال، مونجهارو، پريشاني، اذيت، عذاب
بَڪَتِ الِعَينَانِ فِي هَوَاڪَ دَمَا = تنهنجي عشق ۾ منهنجي ٻنهي اکين رت رنو _ عربي ٻوليءَ جو شعر
پِرِتِ = پريت، سڪ، اڪير
مَنُ = دل
تِتِ = تتي، اُتي
جَنَبُ = جنم، حياتي
جَيڏِيَين = هڪ جيڏين، سرتين، سهيلين

بيت جو پس منظر

~ پنهنجي جهانگين کان سواءِ هن قيد ۾ آئون جنجال ۾ آهيان.
~ منهنجون ٻئي اکيون رت ٿيون روئن، شال محبت ساڻ مارن سان ملان.
~ منهنجي دل، اکيون ۽ جسم اُتي آهي جتي منهنجون سرتيون آهن.

سمجهاڻي

مارئي عمر بادشاھ جي قيد ۾ پنهنجي ماروئڙن لاءِ هنجون هاريندي چئي ٿي :
پنهنجي جهانگين کان سواءِ جيئڻ مون لاءِ وڏي اذيت ۽ عذاب آهي. مارن جون ساروڻيون ساريندي منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا آهن ۽ هاڻي تہ نيڻن مان رت جا ڳوڙها پيا ٽمن، شال سڪ سان اُتي پهچان.
منهنجو روح، بدن ۽ اکيون اُتي اٽڪيل آهن جتي آئون ڄائي، نپني ۽ وڏي ٿي آهيان. جتي منهنجون هڪ جيڏيون، سرتيون ۽ سهيليون آهن.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

29/03/2015

چَئِي ڪُن فَيَڪُونُ، جَڏِه خَلِقِيَا رُوحَ خُدَاءِ

چَئِي ڪُن فَيَڪُونُ، جَڏِه خَلِقِيَا رُوحَ خُدَاءِ



چَئِي ڪُن فَيَڪُونُ، جَڏِه خَلِقِيَا رُوحَ خُدَاءِ
گَڏُ جِتِ گُذِرَانُ هُئَو، جَڙَ لَڳِي تِهِ جَاءِ
مُون تَوهِين سِين آهِ، اُهَا سَاڃَاءَ سُپَرِين


سُرُ مَارُئِي

چَئِي = امرُ ڪيائين
ڪُن فَيَڪُونُ = ٿيءُ، تہ ٿي پئي _ قران جي آيت
جڏِه = جڏهن
خَلِقِيَا = پيدا ڪيا
جَڙَ = ميخون، محبت جون، سٻنڌ
تِهِ جَاءِ = تنهن جاءِ يعني عالمِ ارواح ۾
تَوهِين سِين = توساڻ ئي
سَاڃَاءَ = معرفت، واقفيت، ڏيٺ ويٺ، سڃاڻپ
سُپَرِين = محبوب يعني کيت سين، جو مارئيءَ جو مڱيندو هو

بيت جو پس منظر

~ ٿيءُ، جو اَمُرُ ڪري مولا پاڪ جڏهن بني آدم جا رُوحَ پيدا ڪيا هئا.
~ اُتي عالمِ ارواح ۾ توسان محبت جون ميخون مليون جتي گڏ گذاريوهئوسين.
~ او پرين ! منهنجي اهيا سڃاڻپ رڳو توساڻ ئي آهي.

سمجهاڻي

هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان اڳي جڏهن مولا پاڪ “ٿيءُ” جو اَمُرُ ڪري بني آدم جي سمورن انسانن جا رُوح خلقيا هئا اُتي عالمِ ارواح ۾ سڀئي روح پنهنجي پنهنجي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، گڏ رهايا ويا هئا. تنهن ويل توسان رهاڻيون ڪندي جيءَ اندر محبت جون ميخون جڙجي ۽ اڙجي ويون هون ۽ هڪ ٻئي جا ٿي ويا هئاسين.
او محبوب ! هن سڄي سنسار ۾ منهنجو اهو پيار ۽ اقرار صرف تو هڪڙي سان ئي آهي، ڪنهن ٻئي کي آئون سڃاڻان ئي ڪونہ ٿي.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

28/03/2015

جَڏهِ ڪُن فَيَڪُون، مَنُ تَڏَاهَڪُون مَارُئَين

جَڏهِ ڪُن فَيَڪُون، مَنُ تَڏَاهَڪُون مَارُئَين



جَڏهِ ڪُن فَيَڪُون، مَنُ تَڏَاهَڪُون مَارُئَين
تُون ڪِنءِ وِجِهين تَنَ کَي، سُومِرَا شَڪُون
هَمِيرَنِ هَڪُون، جَاڙَ جُسَي کَي پَاتِيُون


سُرُ مَارُئِي
جَڏهِ = جڏهن
ڪُن فَيَڪُون = ٿيءُ، پوءِ اُها ٿي پئي.جڏهن خدا تعالي' ڪنهن ڳالھ جو ارادو ڪري ٿو تڏهن فقط چئي ٿو ”ٿيءُ“ تہ اُها ٿي پئي ٿي.

مَنُ = دل
تَڏَاهَڪُون = تنهن وقت کان وٺي
مَارُئَين = مارن سان جڙيل آهي
ڪِنءِ = ڪيئن

سُومِرَا = هتي سومرا مان مراد عمر سومرو بادشاھ آهي.جنهن 1355ع کان 1390ع تائين حڪومت ڪئي. عمر سومرو کي رعيت جي ننگن ۾ هٿ وجهڻ جي علت هئي.
حوالو : تاريخ طاهري ليکڪ مير طاهر محمد ۽ تحفتہ الڪرام ليکڪ مير علي شير قانع،
ورتل شاھ جو رسالو مرتب ڊاڪٽر گربخشاڻي صفحو 559 .

شَڪُون = ڪِلِيُون، بند
هَمِيرَنِ = اميرن، بادشاهن
هَڪُون = زنجيرون
جَاڙَ = اجايو، هروڀرو، بي فائده
جُسَي = جسم ۾

بيت جو پس منظر

~ جڏهن کان خدا تعالي' اَمُرُ ڪيو ٿيءُ تہ ڪائنات جي تخليق ٿي پئي، تڏهن کان منهنجي دل پنهنجي مارن سان جڙيل آهي.
~ او سومرا ! تون ڪيئن ٿو منهنجي جسم کي ڪِلِيُون هڻي بند ڪرين.
~ هنن اميرن تہ اجايو منهنجي جسم کي زنجيرون پارايون آهن.

سمجهاڻي

مارئي چئي ٿي :
جڏهن کان مولا پاڪ هن ڪائنات جي تخليق ڪئي آهي. زمين آسمان، سج چنڊ، درياھ سمنڊ ۽ ٻيون سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. تنهن وقت کان ئي منهنجي دل پنهنجي ماروئڙن سان جڙيل هئي.
او عمر سومرا ! جيڪا دل ۽ جسم اڳيئي مارن جي قبضي ۾ آهي ان کي ويتر ڪوٺن ۾ بند ڇا جي لاءِ ٿو ڪرين.
عمر بادشاھ ! هن جسم کي تو اجايو زنجيرن ۾ قيد ڪيو آهي. هي اصل کان ئي مارن جي هئي، آهي ۽ رهندي.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

27/03/2015

اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِ ڪَنِ پِيَومِ

اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِ ڪَنِ پِيَومِ


اَلَستُ بِرَبڪُم، جَڏهِ ڪَنِ پِيَومِ
قَالُو بَلَي' قَلِبَ سِين، تَڏهِ تِتِ چَيَومِ
تِهِين وَيرَ ڪِئَومِ، وَچَنُ وَيڙِيچَنِ سِين


سُرُ مَارُئِي

اَلَستُ بِرَبڪُم = ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب؟ ، قران جي آيتجڏهن خدا بني نوع انسان جا روح خلقيا تڏهن سڀني کي گڏ ڪري فرمايو :ڇا مان ناهيان توهان جو رب؟ان کي عهد الست يا ميثاق بہ چوندا آهن.
جَڏهِ = جڏهن
پِيَومِ = پيم
قَالُو بَلَي' = چيو هائو ، قران جي آيت
سڀني روحن اقرار ڪيو، ها مولا تون ئي اسان جو رب آهين.
قَلِبَ = دل
تَڏهِ = تڏهن
تِتِ = اُتَي ، عالمِ ارواح ۾ ، هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ
چَيَومِ = چيم ، اقرار ڪيم
تِهِين = تَنهَن
وَيرَ = ويل، وقت، ان گهڙي، ان مهل
ڪِيَومِ = ڪيم
وَچَنُ = واعدو، اقرار، قول
وَيڙِيچَنِ = مارو ماڻهن، جهنگل، برپٽ، بيابان ۽ صحرا ۾ رهندڙ ماڻهو

بيت جو پس منظر

~ جڏهن منهنجي ڪن تي اهو آواز پيو تہ ڇا مان ناهيان توهان جو رب؟
~ تڏهن اُتي ئي مون دل سان اقرار ڪيو ؛ هائو.
~ ان ويل مون مارن سان وفاداريءَ جو واعدو ڪيو هو.

سمجهاڻي

هن ڪائنات جي تخليق کان اڳ ئي مولا پاڪ جي ذات سڀ کان پهرين بني آدم جي سڀني روحن کي خلقيو هو. پوءِ سڀني کي پاڻ وٽ گهرائي پنهنجي ذات اعلي' جي سڃاڻ ڪرائي ۽ فرمايو :
ڇا مان نہ آهيان توهان جو رب؟
سڀني روحن هڪ آواز ٿي چيو : هائو مولا تون ئي اسان جو رب آهين.
هي عهد الست يا ميثاق جو واعدو ان لاءِ هو تہ متان دنيا جي لذتن ۾ ڦاسي اسان پنهنجي رب کي وساري نہ ويهون.
مارئي چئي ٿي : عالمِ ارواح ۾ جڏهن ٻين روحن مولا پاڪ سان وافاداريءَ جو وچن پئي ڪيو.تنهن ويل منهنجي روح پنهنجي ماروئڙن سان گڏ رهڻ ۽ وفادار رهڻ جو واعدوڪيو هو.ان ويل ئي منهنجي دل ۽ مَنَ ۾ ماروئڙن جي سِڪَ ۽ اُڪِيرَ جاڳيل هئي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو مارئيءَ جَي ڪيل وچن کي نڀائيندي پنهنجي جيجل ماءُ، سنڌ وطن سان ازلي ۽ ابدي عشق ڪن ٿا.


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
____

23/03/2015

شاهه جو رسالو : الف ب وار (ترتيب : شبير ڪنڀار)

شاهه جو رسالو : الف ب وار (ترتيب : شبير ڪنڀار)


محترم شبير ڪنڀار جا ٿورائتا آهيون جو پاڻ سدائين سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء تعميري ڪم ڪندا رهن ٿا۔ سندس ڪاوشن سان ڪلياڻ آڏواڻي جي شاهه جي رسالي جو الف ب وار ترتيب ڏنل رسالو پيش ڪجي ٿو۔ هي ڪم گهڻو وقت وٺندڙ ۽ ڌيان طلب آهي، يقينن هن ڪم ۾ تمام گهڻو وقت لڳو هوندو۔ اسان شبير ڪنڀار، سندس فرزند سپرين شبير ڪنڀار سميت سوکڙي جي سٿ کي واڌايون پيش ڪيون ٿا جن هي ناياب ڪتاب ڪمپوز ڪري ڊجيٽل ڪتاب طور سڀني سان شيئر ڪيو آهي۔

وڏي ڳالهه ته هن ڪتاب جي ارپنا سنڌي ٻوليء کي بنا اجوري ڪمپيوٽر تي عام ڪرڻ وارن دوستن جي نانء ڪئي اٿن۔

ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام تي پيش ڪيل هي ناياب ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي اسان سوکڙي سٿ ۽ شبير ڪنڀار جا ٿورائتا آهيون۔


19/03/2015

ڍَٽِ مَ وَڃِجُ ڍَولَ ! ، ڪَاڻِيَارِي ڪَرَي !

ڍَٽِ مَ وَڃِجُ ڍَولَ ! ، ڪَاڻِيَارِي ڪَرَي !


ڍَٽِ مَ وَڃِجُ ڍَولَ ! ، ڪَاڻِيَارِي ڪَرَي !
آئُون اَڳَهِين آهِيَان، ٻَڌِي تُنهِنجِي ٻَولَ
تَوکَي سَارَي سُپَرِين ! ، رُنَمِ مَنجِھ رَتَولَ
ٽِڪَاڻَا ۽ ٽُولَ، وِسِهُ مُون وِھُ ٿِئَا


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڍَٽِ = ڍٽ ڏي، ٿر جي وچ واري حصي کي ڍٽ چوندا آهن.جنهن ۾ امرڪوٽ بہ شامل آهي جنهنجو همير سومرو حاڪم هو. امرڪوٽ لڊاڻي کان 150 ميل پري آهي.
مَ = نہ
وَڃِجُ = وڃجان
ڍَولَ = محبوب، پرين، جانب
ڪَاڻِيَارِي = عيبدار، بدنام، مهڻي هاب
اَڳَهِين = اصل کان
رَتَولَ = محل، محلاتون
ٽِڪَاڻَا = ٽڪڻ جون جايون، ماڳ، مڪان، عمارتون، آستان
ٽُولَ = شيون، مال متاع، اسباب، سامان سڙو
وِسِهُ = اعتبار، ويساھ، يقين ڪر
وِهُ = زهر

بيت جو پس منظر

~ اي جانب ! تون هن مهڻي هاب مومل کي ڪاڪ ۾ اڪيلي ڇڏي پنهنجي ملڪ ڍٽ نہ هليو وڃ.
~ آئون تہ اصل کان ئي ڪيل واعدي ۽ وچن مطابق توسان ٻڌل آهيان.
~ هنن محلاتن کان پڇي ڏس توکي ياد ڪري هنجون هاريندي آهيان.
~ او راڻا ! اعتبار ڪر هي مال متاع ۽ محل ماڙيون مون کي زهر ٿا لڳن.

سمجهاڻي

او محبوب ! هي ماڻهون مون کي ڏاڍا طعنا هڻندا، مهڻا ڏيندا جي تون اڪيلي ڇڏي پاڻ پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويندين.
او راڻا ! مان تنهنجي نڪاح ٻڌي زال آهيان ۽ ڪيل وچن مطابق مرندي تائين تنهنجيئي رهنديس.
او پرين ! هي محل ماڙيون ۽ بنگلا شاهد آهن تہ مان رات ڏينهن تولاءِ روئندي آهيان.
هي محلاتون، هي بيڊ روم، نرم بسترا، طول وهاڻا، عطر عنبير جون خوشبووئون، هي رابيل، چنبيلي ۽ موتيي جون مهڪارون، طعام، عيش عشرتون ۽ هي مسرتون او راڻا! تو سوا سڀ زهر ٿا لڳن مونکي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

ڀَيرَو ڀَڃُ مَ، ڪَاپَڙِي ! لَاهَي وِهُه مَ لَاڳَ

ڀَيرَو ڀَڃُ مَ، ڪَاپَڙِي ! لَاهَي وِهُه مَ لَاڳَ



ڀَيرَو ڀَڃُ مَ، ڪَاپَڙِي ! لَاهَي وِهُه مَ لَاڳَ
تَان مُون هِيَڙَو مَاڳَ، جَان تُون، جَوڳِي! جُوءِ ۾


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڀَيرَو = اچڻ
ڀَڃُ = بند، ختم
مَ = نہ
ڪَاپَڙِي = جوڳي، مسافر _ ڪاپڙي جوڳين جو هڪ قسم جيڪي گيڙو رتا ڪپڙا اوڍي هنڌ هنڌ مالهائون، جڻيا، ۽ گنگا جل ورهائيندا وتندا آهن. سندن هٿن لٺ ۽ ڪلهي ۾ گودڙيون هونديون آهن.
وِهُ = ويھُ
لَاڳَ = لاڳاپو، واسطو، رشتو، سٻنڌ
هِيَڙَو = هنئڙو، دل، مَنُ
مَاڳَ = جڳھ، هنڌ
جَان تُون = جيستائين تون
جُوءِ = جاءِ، تَرُ، پسگردائي

بيت جو پس منظر

~ او منهنجا جوڳيئڙا ! مون ڏانهن اچڻ بند نہ ڪجان ۽ هي لاڳاپو ڇني نہڇڏجان.
~ او جوڳي ! جيسين تون هن جُوءِ ۾ هوندين تيسين منهنجي دل پنهنجي جاءِ تي هوندي.

سمجهاڻي

مومل پنهنجي محبوب مينڌري کي جوڳي انهيءَ ڪري چيو آهي جو جوڳين جي بہ هڪ جاءِ ناهي هوندي. هو وتندا آهن رلندا ۽ ڀٽڪندا ۽ ساڳي جڳھ تي ٻيهر موٽي اچڻ ۾ دير لڳائيندا آهن. سو تنهنڪري مومل بہ رَاڻَي کي پنهنجي پيار جو واسطو ڏيئي چئي ٿي ؛ او منهنجا جوڳي راڻا ! هي جيڪو تو ۽ منهنجو سڪ جو سٻنڌ آهي تنهن کي ڪڏهن ٽوڙي نہ ڇڏجان.
او منهنجا جوڳي محبوب ! جيستائين تون هن ملڪ، هن جُوءِ، هن شهر ۾ پنهنجي هن مومل سان گڏ هوندين. تيستائين هيءَ دل پنهنجي جاءِ تي هوندي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

17/03/2015

اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيَين، پَرِچِي پِيَارَا

اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيَين، پَرِچِي پِيَارَا



اَڱڻِ آءُ اُڪَنڍِيَين، پَرِچِي پِيَارَا
پَلَڪَ پَرَاهُون نَہ سَهَنءِ، جِيَ جَا جِيَارَا
نِيهَا نَيزَارَا، سَڃِ تَہ مَانَ سُورُ لَهَي


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

اُڪَنڍِيَين = سِڪَايِلُينِ، سِڪَندِيُنِ، واجهائيندڙين، منتظرينِ
پَلَڪَ = گهڙي، ساعت، پَلُ
پَرَاهُون = پَرَي
سَهَنءِ = سهانءِ، سگهان ٿي
نِيهَا = نينهن جا، عشق جا
نَيزَارَا = ڀالا، تير، بڙڇيون
سَڃِ = ڇُھُ، چُٽِ، نشان ڪر، هڻ، لڳاءِ
مَانَ = شل، شال

بيت جو پس منظر

~ او پيارا! جي تولاءِ سِڪَنِ ٿيون تن جي اڱڻ اچ، هي ڪاوڙ ختم ڪر ۽ پرچي پئُہ.
~ او جسم کي جياريندڙ، منهنجا ساھَ، تنهنجو گهڙي بہ پري رهڻ سهي نٿي سگهان.
~ اچي پنهنجي نينهن جا نيزا هڻ تہ هي درد دور ٿئي.

سمجهاڻي

رَاڻَي جي رُسِي وڃڻ کان پوءِ ڪاڪ محل ويران ۽ سنسان بڻجي وئي آهي. مومل اداس آهي، حال کان بي حال آهي. سندس آرام ۽ سڪون ڦٽل آهي. تڏهن تہ لڙڪ لاڙيندي پئي چئي :او راڻا ! هاڻي تہ ڪاوڙ ختم ڪر ۽ معافي ڏي. پرچي هن اڱڻ تي موٽي اچ ۽ هن سڪ جي سڪايل کي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آهي.
او راڻا ! تو ۾ منهنجو ساھ اٽڪيل آهي. ايڏا ڏينهن وڃي لڳايا اٿئي، مان تہ تنهنجي پل جي جدائي بہ سهي نٿي سگهان.
پنهنجي محبت جا تير اچي هن جسم کي هڻ تہ دردَ دور ٿين ۽ چڱي ڀلي ٿيان.

چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

16/03/2015

ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا، ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ

ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا، ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ



ڪَاڪِ ڪَڙهِي وَڻَ وِئَا، ٻَرِئَا رَنگَ رَتَولَ
تَو پُڄَاڻَا سُپَرِين ! ، هِيَڙَي اَچَنِ هَولَ
جَي مُون سِين ڪِيَءِ قَولَ، سَي سِگَها پَارِجُ سُپَرِين


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڪَڙهِي = پچي، جلي
وِئَا = ويا
ٻَرِئَا = جليا، سڙيا
رَنگَ رَتَولَ = محلات، رنگين محل، بنگلا، ماڙيون
هِيَڙَي = هنئڙي کي، دل ۽ مَنَ کي
هَولَ = هيبت، ڊپ، دهشت، ڏهڪاءُ، خطرا، ڳڻتيون، وهم وسوسا
ڪِيَءِ = ڪيئي
قَولَ = اقرار، واعدا، وچن
سِگَها = جلد

بيت جو پس منظر

~ ڪاڪ جلي وئي آهي، وڻ سُڪِي سڙي ويا آهن ۽ محل ماڙيون پڻ سڙن پيون.
~ او پرين! تنهنجي وئي کان پوءِ منهنجي دل کي الائي ڪيترا خوف ۽ خطرا ورائي ويا آهن.
~ او محبوب! جيڪي مون سان واعدا ڪيا هيئي سي اچي پورا ڪر.

سمجهاڻي

جڏهن محبوب رُسِي ويندو آهي تہ عاشق پاڻ کي وڇوڙي جي باھ ۾ پچندي، پڄرندي ۽ جلندي محسوس ڪندو آهي ۽ اها باھ هر طرف لڳل ڏِسِبِي آهي.
اڄ راڻو رُسِي ويو آهي تنهنڪري مومل کي ڪاڪ ۽ ان جا وڻ، گل ٻوٽا، دلڪش منظر ۽ محل ماڙيون سڀ سڙندي پڄرندي محسوس ٿي رهيا آهن.
مومل چئي ٿي ؛ او راڻا ! تون هاڻي ڪڏهن بہ واپس ڪونہ ايندين، مون کي ڦٽي ڪري ڇڏيندين، مون سان سڀ سڱ ٽوڙي ڇڏيندين اهي ۽ ان کانسواءِ الائي ڪيترا ٻيا بہ خوف، خطرا، ڊپ، وهم، وسوسا منهنجي دل کي وڪوڙي ويا هن.
او پرين ! جلد موٽي اچ تون تہ مون سان سڄي زندگي گڏ جيئڻ ۽ مرڻ جا واعدا ۽ وچن ڪيا ها، سي سڀ توکان وسري ويا ڇا؟


چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
_____

15/03/2015

ڪَڪَورِي ڪَاڪِ وَهَي، رَاڻَا ! ڀَانءِ مَ رَتُ

ڪَڪَورِي ڪَاڪِ وَهَي، رَاڻَا ! ڀَانءِ مَ رَتُ



ڪَڪَورِي ڪَاڪِ وَهَي، رَاڻَا ! ڀَانءِ مَ رَتُ
سَوڍَا ! اِيُ شَرِبَتُ، نِسَورَو ئِي نِينهَن جَو


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

ڪَڪَورِي = ڳاڙهي، رت هاڻي
ڪَاڪِ = ڪاڪ ندي، جنهن جي ڪپ تي مومل ڪاڪ محل جوڙايو هو.
ڀَانءِ = متان سمجهين
مَ = نَہ
سَوڍَا = او راڻا_ راڻو ،حاڪم همير سومري جو وزير ۽ سندس سالو بہ هيو.
اِيُ = هيءُ
نِسَورَو = نجو، رڳو، خالص
نِينهَن = عشق، محبت

بيت جو پس منظر

~ ڪاڪ نديءَ ۾ ڳاڙهي رنگ جو پاڻي ٿو وَهَي، او راڻا ! هن کي متان رتسمجهين.
~ سوڍا ! هيءُ تہ عشق جو شربت آهي.

سمجهاڻي

تاريخي حوالي سان اها ڳالھ چئي وڃي ٿي تہ ڪاڪ نديءَ جي آس پاس جَي مٽيءَ جو رنگ ڳاڙهسُرَو هيو، تنهنڪري پاڻيءَ جو رنگ بہ ڳاڙهو هيو. هڪ ڀيري جڏهن راڻي کي اُڃ لڳي تہ مومل هٿان مليل پاڻي کيس ڳاڙهي رنگ جو نظر آيو تہ راڻو سوچ ۾ پئجي ويو. مومل پنهنجا خماريل نيڻ کڻي پاٻوھ مان نهاريندي چيس ؛ او راڻا ! هي جيڪو توکي ڳاڙهو پاڻي نظر ٿو اچي، سو دراصل عشق جو شراب آهي.جنهن مان الائي ڪيترا عاشق پِڪُون پي، سُرِڪِيُون ڀري مدهوش ٿي چڪا آهن.
ڀٽائي هن بيت ذريعي حق جي ذات، محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولائن کي خبردار ٿو ڪري تہ، شهادت جي جام کان سواءِ مشاهدو، محبوبَ ۽ منزلون ناهن ملنديون.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

14/03/2015

گُجَرِ گَهڻَا گَهائِيَا، پَاڻَا لَڳُسِ گَهاءُ

گُجَرِ گَهڻَا گَهائِيَا، پَاڻَا لَڳُسِ گَهاءُ



گُجَرِ گَهڻَا گَهائِيَا، پَاڻَا لَڳُسِ گَهاءُ
مَينڌِرَي مُلَاءُ، لَڳُسِ ڪَانُ ڪَپَارَ ۾


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

گُجَرِ = مومل، مومل ذات جي گجر هئي

ان ۾ شڪ ڪونھي تہ گجر ھڪَ ذات جو نالو پڻ آھي جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جامع سنڌي لغات م ڄاڻايو آھي تہ:
گُجَر = (اسم خاص) بلوچن ، چھواڻن ، راجپوتن ۽ سوڍن جي ھڪَ قوم جو نالو.

پر جيئن تہ ھن بيت ۾ مومل جي سونھن ۽ سندس قاتل اکين جو ذڪر آھي سو ان جي معنى ۾ بلوچ صاحب وڌيڪَ لکيو آھي تہ :
گُجَرِ = (جمع) گجريون (صفت) - سھڻي زال، حسين عورت، پَري، اپسراء، حَسين، ماھرو، خوبصورت زائفان، عورت.

گَهائِيَا = گَهائيو، ڦٽيو، زخمي ڪيو
پَاڻَا = پاڻان، پاڻ کي، اُٽِلَو، ويتر
لَڳُسِ = کيس لڳو
گَهاءُ = ڌَڪُ، زخم
مَينڌِرَي = رَاڻَي، راڻو ذات جو مينڌرو هو
مُلَاءُ = کان، وٽان
ڪَانُ = تِيرُ
ڪَپَارَ = ڪنڌ ۾، مٿي ۾ ، ڪاپار ۾

بيت جو پس منظر

~ مومل گهڻن کي گَهايو هيو پر اڄ پاڻ ئي ڦٽجي پئي آهي.
~ مينڌري وٽان جو تِيرُ لڳو ٿس ڪنڌ ۾، جدائيءَ جو.

سمجهاڻي

مومل پنهنجي حُسنَ، ناسي نيڻن، ريشمي زلفن، بخملي ويس وڳن ۽ ڪمال ادائن سان ڪيئي گهوٽ گَهايا هئا. ڪيترائي مير، پير، پنڊت، راجا ۽ شهزادا سندس سُونهَن جا قيدي بڻيا ها. ڪي ئي لٽجي ويا، ڦٽجي ويا، سٽجي ويا، هوش وڃائي ويٺا، ڪي دل ڦُرَائي ويٺا، ڪي سڀ ڪجھ ڦُرَائَي ويٺا ۽ ڪي هميشھ لاءِ دفن ٿي هن دنيا مان هليا ويا.
اڄ مومل جو وارو آهي. هُوءَ اُداس آهي، سندس سڪون، سُرُورُ، راحتون، فرحتون ۽ مسرتون ڪير کڻي ويو آهي پاڻ سان. ڏئي ويو ٿس اوسيئڙا، اوجاڳا، انتظار، عذاب، اذيتون، ڪربناڪيون ۽ لڙڪن لارون، راڻو جو رُسِي ويو ٿَسِ.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

09/03/2015

مُومَلَ مَارَي مِيرَ، آهَيڙِيُنِ کَي آڪِرِي

مُومَلَ مَارَي مِيرَ، آهَيڙِيُنِ کَي آڪِرِي



مُومَلَ مَارَي مِيرَ، آهَيڙِيُنِ کَي آڪِرِي
سَوڍِيَ گَهڻَا سَڪَائِيَا، پَڙِهِيَا پَڻِتَ پِيرَ
هَڻَي تَنِ کَي تِيرَ، مَڻِيَو جَنِ مَٿَنِ ۾


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

آهَيڙِيُنِ = شڪاريُنِ
آڪِرِي = کَهُرِي، تُندُ، هيڪاري وڌيڪ سخت، اُتامري
سَوڍِي = مومل، مومل جو نالو
سَڪَائِيَا = ڪنبايا، ڏڪايا
پَڙِهيَا = ڏاها، عقلمند، پڙهيل ماڻهون، سلجهيل ماڻهون
پَڻِتَ = پنڊت
مَڻِيَو = ڇَٽُ، تاج، ڪلنگيون

بيت جو پس منظر

~ شوخ ۽ چنچل مومل پنهنجي حسين ادائن سان اميرن توڙي شڪارين کي ماريو فنا ڪريو ڇڏي.
~ مومل پنهنجي دلڪش ادائن جا تير انهن تي وسائي ٿي جيڪي بادشاھ ڪلنگيون ۽ تاج پهري ٿا اچن.

سمجهاڻي

مومل جيڪا سونهن ۽ حُسنَ جو مجسمو آهي، سا پنهنجي هار سينگار، بخملي ويس وڳن ۽ قاتل ادائن سان هر ڪنهن کي ماري فنا ڪريو ٿي ڇڏي. سندس سونهن جي جلون ۽ ادائن جي آڏو شڪاري، مير، پير ۽ پنڊت بہ مات کائي ٿا وڃن.
هوڏانهن وري ڪلنگيون ۽ تاج پهريل بادشاھ ۽ شهزادا بہ سندس نظرن جي طلسمي تيرن کان محفوظ ناهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

مُومَلَ کَي مَجَازَ جَا، اَکِنِ ۾ اَنبُورَ

مُومَلَ کَي مَجَازَ جَا، اَکِنِ ۾ اَنبُورَ



مُومَلَ کَي مَجَازَ جَا، اَکِنِ ۾ اَنبُورَ
هَڻَي حَاڪِمَنِ کَي، پَٽِ نِهَارَي پُورَ
گَهوٽَ پَهِرِيَ گُهورَ، جَي وِئَا سَي وِڍِيَا


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

مَجَازَ = عشق، محبت، شوخي، نازانداز، ادائون
اَکِنِ = اکين
اَنبُورَ = انبوريون، ڪوڪن ۽ ڪِلِيُنِ کي ڇڪي ڪڍڻ جو اوزار
پَٽِ = پَٽَي، کولَي، ڇنڀي
پُورَ = بند ڪري، ٻُوٽَي ٿي
گَهوٽُ = مومل سان لانئون لهڻ جا خواهشمند شهزادا.
پَهَرِيَ = پهرينءَ
گُهورَ = چتائي ڏسڻ
وِئَا = ويا
وَڍِيَا = ڪپجي پيا، ڪٽجي پيا، ڪُسِي ويا.

بيت جو پس منظر

~ مومل کي عشق جون اکين ۾ انبوريون آهن.
~ انهن انبوري اکين کي عاشقن تي اولاري وري ٻوٽي ٿي ڇڏي.
~ جي گهوٽ مومل پسڻ ويا سي پهرئين گهور ۾ گهائجي ٿا وڃن.

سمجهاڻي

فطرت جو حسن، ڌرتي، دريائن، جبلن، آسمان، چنڊ، سج، ستارن، بهار، گلن جي مکڙين ۽ حسين انسانن جي اکين ۾بکندو آهي. ڀٽائيءَ جو ڪردار مومل بہ جماليات جو هڪ حسين شاهڪار آهي. جنهن جي ظاهري سونهن سندرتا هڪ پاسي آهي، پر هن بيت ۾ صرف سندس اکين جي ڪمال ادائن ۽ لازوال حسن جو انداز بيان ڪيل آهي.
جيئن ڪو ڪاريگر انبوريءَ سان ڪوڪا ڇڪي ڪڍندو آهي ايئين ئي مومل پنهنجي خماريل، عاشقياڻين اکين جي پهرين گهور سان عاشقن جي دل، جسم ڇڪي ۽ کسي ٿي وٺي. سندس گهور سان اُهي سڀ گهوٽ گهائجن ٿا جيڪي مومل سان ملڻ ۽ لانئون لهڻ جا خواهشمند آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

06/03/2015

گُجَرِ کَي گَجَمَيلَ جُون، تَارَنِ ۾ تَبَرُون

گُجَرِ کَي گَجَمَيلَ جُون، تَارَنِ ۾ تَبَرُون



گُجَرِ کَي گَجَمَيلَ جُون، تَارَنِ ۾ تَبَرُون
هَڻَي حَاڪِمَنِ کَي، زَورَ ڀَرِيُون زَبَرُون
ڪَاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسَو پَرَڏَيهِيُنِ جُون


سُرُ مُومَلَ رَاڻَو

گُجَرِ = گجر ذات واري مومل_ گجر قوم جا ماڻهو 6 صدي عيسويءَ ڌاري وچ ايشيا مان لڏي هندستان آيا. اُتي پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون.
گَجَمَيلَ = شهر جو نالو_ جتان جون رُڪَ ۽ فولاد جون ڪهاڙيون مشهور هيون.
تَارَنِ = اکين ۾، ماڻڪين ۾
تَبَرُون = ڪهاڙيون
حَاڪِمَنِ = حڪمرانن، وڏن ماڻهن، راجائن
زَورَ = زور سان، زبردستيءَ سان
زَبَرُون = ضربون، ڌَڪَ، زخم، گهاءَ
ڪَاڪِ = راجستان جي نَيئِن، نديءَ جو نالو _ ڪاڪ ندي يا نيئن لڊاڻي ٽڪر تان هڪ چشمي مان مُنهُن ڪڍي ٿي. اُتي هڪ مشهور جوڳي ڪاگ يا ڪاڪ نالي رهندو هو، جنهن تان انهيءَ نديءَ جو نالو ڪاڪ مشهور ٿيو.
ڪَنڌِيءَ = ڪناري، ڪپ تي
پَسَو = ڏِسَو
پَرَڏَيهِيُنِ = پرديسين

بيت جو پس منظر

~ مومل جي اکين ۾، ماڻڪين ۾ ڄڻ ڪي رُڪَ جون، فولاد جون ڪهاڙيونرکيل آهن.
~ هوءَ انهن اکين سان حاڪمن تي زوردار حملا ٿي ڪري.
~ ڪاڪ ڪنڌيءَ تي جي قبرون ڏسو ٿا انهن پرديسين جون آهن جيڪي مومل جَي عشق جو کاڄ بڻيا.

سمجهاڻي

مومل تائين پهچڻ کان اڳ هڪ جوڳي جيڪو بہ مومل جي گُهورَ جو گهايل هو، سو حاڪم همير سومري، راڻي مينڌري ۽ سندن ساٿين کي ٻڌائي ٿو تہ :
هي جيڪا ڪاڪ محل ۾ گجر ذات جي مومل آهي. ان جي اکين ۾، ماڻڪين ۾ رُڪَ جون، فولاد جون ڪهاڙيون رکيل آهن. جن سان هوءَ حاڪمن تي حملا ڪري، ڌڪ هڻي، ڪهيو، ماريو ڇڏي.
هي جيڪي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي هزارين قبرون ٿا ڏسو سي سڀ انهن پرديسين جون آهن. جيڪي مومل جي ڪارين ڪجلين اکڙين، ناسي نيڻن، سونهن سندرتا، حسن جي جلون، ادائن ۽ گهور سان گهايل ٿي فنا ٿي ويا.
ڀٽائيءَ جو هي بيت مومل جي صرف هڪ ادا گُهورَ سان گهائي قتل ڪرڻ جي باري ۾ آهي.دنيا جي هن عظيم شاعر محبوب جي اکين کي ڪهاڙين سان جيڪا تشبيھ ڏني آهي سا ڏاڍي عجيب، انوکي ۽ نرالي آهي. واقعي محبوب جي گُهورَ سان گهايل ٿيڻ وارا پاڻي ناهن گهرندا.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

05/03/2015

ڇِپُنِ ڇِنَا پَيرَ، هَلِي هَلِي مَاءِ

ڇِپُنِ ڇِنَا پَيرَ، هَلِي هَلِي مَاءِ


ڇِپُنِ ڇِنَا پَيرَ، هَلِي هَلِي مَاءِ
ڪَوهِيَارَي جِي ڪَاءِ، ڳِنِيَو ڀُوڻَان ڳَالَڙِي


سُرُ سَسُئِي حُسَينِي

ڇِپُنِ = وڏن پهڻن
ڇِنَا = ڦٽيا، زخمي ڪيا، رتو رت ڪيا
مَاءِ = او جيجل ماءُ
ڪَوهِيَارَي = جبل جي رهاڪوءَ، پنهونءَ
ڪَاءِ = ڪائي
ڳِنِيَو = وَٺِيُون، کنيون
ڀُوڻَان = گهمان، هلان
ڳَالَڙِي = ڳالهڙي، سَارَ، يادگيري

بيت جو پس منظر

~ او جيجل ماءُ! هنن پهڻن تہ منهنجا پير رتو رت ڪري ڇڏيا آهن.
~ پوءِ بہ محبوب پنهونءَ جي ڪا ڳالھ سانڍيون اڳتي هلندي پئي وڃان.

سمجهاڻي

او منهنجي جيجل ماءُ! جبل جو پنڌ ڏاڍو ڏکيو، اذيت ۽ عذاب ڏيندڙ آهي. هنن اوچن پهاڙن ۽ پهڻن تہ منھنجا پير زخمي ڪري، ڦٽي ڇڏيا آهن. منهنجي رتو رت ٿيل پيرن مان رت ٽمي رهيو آهي، پر مان پنهنجي پرينءَ جي يادگيرين ۽ ساروڻين سهاري جبل جهاڳيندي اڳتي وڌندي پئي وڃان.
ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي سيکاري ٿو تہ محبوبَ ۽ منزلون ماڻڻ ڪو سولو ۽ آسان ڪم ناهي. هن راھ ۾ ڪيئي مصيبتون، مشڪلاتون، رنڊڪون، رڪاوٽون، اذيتون ۽ عذابڀوڳڻا پوندا آهن. پر سسئيءَ جيڏو عزم ۽ حوصلو پيدا ڪري، سڀ خطرا سر تي کڻبا تڏهن ئي ڪاميابيون ماڻبيون آهن.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

ڪُه ڄَاڻَان؟ ڪُه ٿِئَو؟، ڪَيڏَاهُ ٿِي وَڃَان؟

ڪُه ڄَاڻَان؟ ڪُه ٿِئَو؟، ڪَيڏَاهُ ٿِي وَڃَان؟


ڪُه ڄَاڻَان؟ ڪُه ٿِئَو؟، ڪَيڏَاهُ ٿِي وَڃَان؟
هَٿَ ڪَرَايُون؛ آڱِرِيُون، مَوڙِئَو سَڀِ ڀَڃَان
ٻِيَنِ گَهرِ گَهڃَان، مُون هَارِيَ هَوتُ وڃَايَو!


سُرُ سَسُئِي حُسَينِي

ڪُه ڄَاڻَان = ڇا ڄاڻان، خبر ئي نٿي پئي
ڪُه ٿِئَو = ڇاٿيو آهي
ڪِڏَاهُ = ڪيڏانهن، ڪهڙي پاسي
مَوڙِئَو = مروڙيو
ڀَڃَان = جدا ڪريانسِ، جيڪر ڀڃي ڇڏيان
گَهڃَان = گهنڊ، دهل ڌمام، شرنايون، جهمريون، خوشيون. گهڃان جمع آهي واحد اٿس گهڃو جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ گَهنَ مان ورتو ويو آهي.
هَارِيَ = هار کاڌل، نادان
هَوتُ = پنهون

بيت جو پس منظر

~ ڇو ٿيو آهي؟ ڇا ٿيو آهي؟ ۽ مان ڪيڏانهن پئي وڃان؟ ڪا خبر ئي نٿي پئي.
~ دل تہ چئي ٿي جيڪر هٿ، ڪرايون، آڱريون ۽ سڀئي عضوا مروڙي ڀڃي اڇلائي ڇڏيان.
~ ٻين جي گهرن ۾ خوشيون آهن پر مون پنهنجو محبوب هارائي ڇڏيو، وڃائي ڇڏيو.

سمجهاڻي

ڪڏهن ڪڏهن ايئين ٿيندو آهي جو پاڻ کان، دنيا کان ۽ ٻي هر شئي کان نفرت ۽ بيزاري ٿيڻ لڳندي آهي. ڪا ڳالھ سمجھ ۾ ناهي ايندي تہ ڇا ڪجي؟ ڇو ڪجي؟ ۽ جي ڀلا ڪجي تہ آخر ڪهڙوڪم ڪجي؟
اندر ۾ ناڪاميءَ جو احساس شدت سان لڇ پڇ، آنڌ مانڌ، بي چيني، بيقراري ماڳهين وڌائي ڇڏي ٿو. سک، چين ۽ آرام ڦٽي پوندو آهي. ڪا پيڙا، ڪو عذاب ۽ ڪو ايذاءُ اندر ڪپيندو، ڪوريندو ۽ جهوريندورهندو آهي. ماڻهون فيصلو ناهي ڪري سگهندو تہآخر ڇا ڪجي؟
پنهونءَ جي کنڀجي وڃڻ کان پوءِ سسئيءَ جي حالت بہ اهڙي ٿي وئي آهي. دل چويسِ ٿي جيڪر هٿ، ڪرايون، آڱريون ۽ سڀئي عضوا ڀڃي اڇلائي ڇڏيان، ڇو تہ پنهونءَ کان پوءِ ڪهڙو جيئڻ؟ محبوب ئي تہ زندگي آهي جي اهو نہ رهيو پوءِ ڪنهن لاءِ جيئجي؟ پاڙي ۽ شهر جي ٻين گهرن ۾ خوشيون، شادمانيون، جهمريون ۽ هوجمالا پيا ڳائجن پر سسئي اڄ پنهنجو سڀ ڪجھ لٽائي، برباد ڪري ۽ وڃائي ويٺي آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

03/03/2015

ڏُنگَرَ ڏَنَا لُوڻِ، مُون پَارِکُو پُڇِئَا

ڏُنگَرَ ڏَنَا لُوڻِ، مُون پَارِکُو پُڇِئَا



ڏُنگَرَ ڏَنَا لُوڻِ، مُون پَارِکُو پُڇِئَا
هِيڪِلِيُون هَلَنِ جَي، سَي تَاڪُنِ سَندِي تُوڻِ
اِي اُهَکِي ڀُوڻِ، سُونهَنِ رِيءَ نَہ سُٿِرِي

سُرُ سَسُئِي حُسَينِي

ڏُنگَرَ = ڏونگر، جبل، پهاڙ
ڏَنَا = جبل جون چوٽيون، مٿاهيون زمينون، مٿاهان پٽ
لُوڻِ = هيٺاهيون زمينون ۽ پٽ، لاهيون، ميدان
پَارِکُو = ڄاڻو، واقف
تَاڪُنِ = تڪيندڙن، رهزنن، ڦورن، لٽيرن، لڪي حملو ڪندڙن
تُوڻِ = شڪار، کاڄ
اُهُکِي = اڻانگي، ڏکي، مشڪل
ڀُوڻِ = زمين، سفر، پنڌ واري پٽي
سُونهَنِ = رهبرن، رهنمائي ڪندڙن
سُٿِرِي = سَوِلِي، آسانُ

بيت جو پس منظر

~ مون جبلن جي ڄاڻ رکندڙ ماڻهن کان، جبلن جي ور وڪڙن، لاهين چاڙهين ۽ هيٺاهين مٿاهين بابت پڇائون ڪيون.
~ جيڪي هن ڏکئي سفر ۾ اڪيلي سر جبل ٿيون جهاڳن سي رهزنن جي ور چڙهي ٿيون وڃن.
~ هي زمين ۽ سفر ڏاڍو اڻانگو، اوکو ۽ خطرناڪ آهي، انهن لاءِ جيڪي ڄاڻ رکندڙ ۽ رهنمائيءَ کان سواءِ اڪيلي سر جبل جهاڳن ٿا.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ خبردار ٿو ڪري تہ جبل جا پنڌ اڻانگا، اوکا ۽ اذيت ناڪ هجن ٿا. تنهنڪري ڪنهن ڄاڻ، معلومات ۽ رهنما بغير اڪيلي سر پنڌ ڪرڻ انتهائي خطرناڪ آهي.
چون ٿا سسئيءَ کي جبل جهاڳيندي هڪ ٻڪرار سامهون آيو هو. جنهن سمجهو تہ منهنجي ماءُ جي دعا قبول ٿي آهي جو جهنگ ۾ ڳاڙهي ڪنوار ملي آهي.
ڀٽائي هن علامتي بيت ذريعي درس ٿو ڏئي تہ محبوب ۽ منزلن جي ڳولا ڪرڻ کان اڳ ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جي صلاح ۽ رهبري ضروري آهي.
اڄ ڪلھ سنڌ ۾ ڪيترائي رهبر آزادي، آجپي ۽ انقلاب جي دعوي' ڪري رهيا آهن پر هن ننڌڻڪي سنڌ جو ڪو وارث ڪونهي ڪو، ڪير به هن ڌرتيءَ جي مالڪي ڪرڻ وارو ڪونهي.
ڪنهن انقلابي اڳواڻ، انقلابي تنظيم ۽ انقلابي نظريي کانسواءِ انقلاب هڪ خواب آهي جنهن جي تعبير ڏاڍي اڻانگي ۽ اوکي آهي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل

02/03/2015

ڪَو جَو اُٺُسِ مِيهُه، آرِيءَ جَي اُڪِيرَ جَو

ڪَو جَو اُٺُسِ مِيهُه، آرِيءَ جَي اُڪِيرَ جَو



ڪَو جَو اُٺُسِ مِيهُه، آرِيءَ جَي اُڪِيرَ جَو
ٻَارَوچَاڻَو نِيهُه، مَنَاءَ مَاٺَو نَہ ٿِئَي


سُرُ سَسُئِي حُسَينِي

ڪَو = اهڙو
اُٺُسِ = وَسِيُسِ
مِيهُ = مِينهُن، برسات
آرِيءَ = ڪيچ مڪران جي حاڪم آري ڄام جو اولاد _ پنهون
اُڪِيرَ = سِڪَ، تانگھ
ٻَارَوچَاڻَون = ٻروچڪو، ٻروچن جو
نِيهُ = نِينهُن، عشق
مَنَاءَ = دل تان، من تان
مَاٺَو = ٿڌو، جَهڪَو

بيت جو پس منظر

~ آري ڄام پنهونءَ جي ڪا اهڙي سسئيءَ کي سڪ لڳي آهي، جو اکڙين منجهان مينهن پيو وسيس.
~ هي جيڪو ٻروچ سان عشق لڳو ٿس سو من تان ماٺو ئي نٿو ٿئيس.

سمجهاڻي

جنهن سان روح جا رشتا هجن اُهو جڏهن بنا موڪلائڻ جي ڪنهن اڻ ڄاتل سفر تي هليو وڃي، تہ روح رهڙجي پئي ٿو، اکين مان لڙڪن لارون بس ئي ناهن ڪنديون. سسئيءَ کي بہ اڄ پنهونءَ جي سڪ ۽ اڪير بي حال ڪري ڇڏيو آهي. سندس اکڙين جا بند ڀڄي پيا آهن. لڙڪ لارون ڪري ڪنهن شديد برسات جيان وسي رهيا آهن. پنهونءَ سوا ڪير آهي جيڪو کيس آٿت ڏئي ۽ پرچائي. ٻروچ جي عشق اندر ۾ باھ لڳائي اٿس جيڪا ٿڌي ٿئي ئي نٿي.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
© 2014 Designed & Translated by Rasheed Samo